تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

هن ”مفاهمت” جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟

2008ع جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ پ کي سنڌي ماڻهن جي مليل زبردست موٽ جا ٻه مکيه سبب هئا، جنهن مان هڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هو ۽ ٻيو شايد ان کان به وڌيڪ سگهارو سياسي سبب پرويز مشرف جي 9 سالن جي آپيشاهي دور ۾ سنڌ ۾ متحده جو راڄ هو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ شهري نسل پرست فاشٽ سياست جو ٻج ته ضياءُ الحق ڇٽيو هو پر ان کي جيترو سگهارو پرويز مشرف ڪيو، ان جو گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٻيو ڪوبه مثال نه ٿو ملي. مشرف جي دور ۾ ان ڌر سنڌ ۾ جيڪا ڀيل ڪئي ۽ جنهن بيدرديءَ سان طاقت جو غلط استعمال ڪيو ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي زمينن ۽ وسيلن کي ”مالِ غنيمت“ سمجهي ڦريو ۽ لُٽيو. اهو رڪارڊ گهڻو پراڻو ناهي. سنڌي ماڻهن ان ڦرلٽ ۽ ظلم جو تدارڪ چاهيو ٿي ۽ ان خيال ۽ خواهش تحت پ پ کي ووٽ ۽ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ ڪا اهڙي پاڻ ڀري ۽ مضبوط حڪومت جڙي سگهي، جيڪا نام نهاد اتحادي ڌرين آڏو هيڻي، يرغمال ۽ محتاج نه هجي.
سنڌ ۾ پ پ جو اڪثريتي مينڊيٽ ۽ حڪومت ٺاهڻ سنڌي ماڻهن جي ان موٽ جو ئي نتيجو هو. پ پ پ جي ميمبرن ۽ وزيرن کي اها غلط فهمي قطعي طور نه هئڻ گهرجي ته ڪو سنڌي ماڻهن سندن مثبت ڪردار ۽ نيڪ نامي کي ڏسي کين ووٽ ڏنا هئا. 2008ع ۾ پ پ پ کي سياسي مينڊيٽ مليو، جنهن جا سبب اُهي ٻه ئي هئا، جن جي مون مٿي ڳالهه ڪئي. پر ٿيو ڇا؟ اهو ئي، جنهن جو خدشو هو، يعني ”مفاهمت“ جي نالي ۾ انوکو سياسي نظريو آندو ويو، جنهن جو عملي مطلب هو ”اچو ته گڏجي کائون!“ ۽ هڪ ٻئي جي کائڻ جي ”حق ۽ اختيار“ جو تحفظ ڪريون. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته مشرف دور ۾ سنڌ جي ٿيل ڀيل جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي ها. ڀڳڙن مُٺ تي سنڌ جي لکين ايڪڙ ڦٻايل زمين واپس ورتي وڃي ها، جيڪي ناجائز ڀرتيون ٿيون ۽ ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي سٽي پوليس ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڀرتي ڪيل ويڙهاڪن کي نه رڳو واپس ڪيو وڃي ها پر جن مٿان ڪيس هئا، اُهي هلايا وڃن ها. مشرف دور جي ان گورنر، جنهن مٿان ڪيس داخل هئا، ان کي هٽائي سندس جاءِ تي رنگ، نسل، ٻوليءَ ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ ڪنهن معتبر ماڻهوءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي ها. پر سنڌ جي مينڊيٽ جي بدنصيبي اها هئي ته ايئن ڪجهه نه ٿيو. ”مفاهمت“ جي نالي ۾ جيڪو نظريو آندو ويو، ان جو عملي مطلب اهو هو ته ”اسٽيٽسڪو“ کي قائم رکيو وڃي، جائز مفادن جي تاڃي پيٽي کي نه ڇيڙيو وڃي ته ڪٿي عوام جي ستل خواهشن ۽ تبديلي جو شينهن جاڳي نه پوي. ”مفاهمت“ جو مطلب هو ته توهانکي ڪنهن سان ڪوبه اختلاف ناهي رکڻو، ڪنهن به عوامي مفاد ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تضادن کي ناهي ڏسڻو ۽ مفاهمت جي نالي ۾ پنهنجا چپ سبي ڇڏڻا آهن. ڪابه مزاحمت، ڪوبه اختلاف ناهي ڪرڻو. مفاهمت جو اهڙو نظريو سياسي علم (Political Science) جي ڪنهن به ڌارا ۾ نظر نه ٿو اچي. سياسي نظريا ساڄيءَ ڌر جا هجن يا کاٻيءَ ڌر جا ۽ ويندي وچٿرن لبرل نظرين جي - ڪٿي به اهڙو مفاهمتي فلسفو نظر نه ٿو اچي. ملڪ جي نامور دانشور صفدر محمود هڪ ڀيري چيو هو ته، آصف علي زرداريءَ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري گهرجي. پر پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ ماڻهوءَ کي به سياست جي علم ۾ ڪٿي به اهڙو نظريو نه ملندو، جنهن جو مطلب اهو هجي ته عوام جي مينڊيٽ جي محرڪن کي پٺي ڏئي ”کائو ۽ کائڻ ڏيو!“ جي اصول تحت هر ڪنهن کي پاڻ سان گڏ کڻو.
پ پ پ جي ان مفاهمتي سياست ۽ پاليسيءَ جي نتيجي ۾ پارٽيءَ جي حڪمران طبقي کي ته حڪومت ڪرڻ لاءِ چار سال مليا ۽ ڦٻي ويا پر ان جي ڳري قيمت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ادا ڪئي ۽ بدستور ڪري رهيا آهن ۽ امڪان ان ڳالهه جا آهن ته هيءَ مفاهمتي فلسفي جي حامل حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين اهو ئي سلسلو جاري رکي. پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگهات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري. اچو ته انهن مان چند اهم نقطن کي وڌيڪ واضح ڪريون.
.سڀ کان پهرين ڳالهه ته مفاهمت جي نالي ۾ مشرف دور جا سنڌ دشمن فيصلا واپس نه ٿيا. جنهن ڌر کي مشرف پنهنجي نون سالن جي آپيشاهي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ۽ کين سنڌ جي شهري زمينن ۽ وسيلن جي ڀيل ڪرڻ جو رياستي اختيارن جو پروانو ڏنو، ان جو ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪيو. پرويز مشرف کي ته رياستي ۽ سرڪاري اعزاز سان ٻاهر روانو ڪيو ويو پر سنڌ ۾ سندس پاليسين يا ڌرين کي به جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو. سوال آهي ته ڇا پ پ پ پنهنجي چونڊ منشور ۾ اهو واضح ڪيو ته اها مشرف جي من پسند ڌر کي سنڌ ۾ اکين جو تارو ڪري رکندي؟ ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ گورنر به ساڳيو آهي. سوال هي آهي ته سيد قائم علي شاهه صاحب جهڙي بي اختيار وڏي وزير ۽ عشرت العباد جهڙي با اختيار گورنر کي سنڌ جو نصيب ٺاهڻ ڪو اتفاق آهي؟ هرگز نه... اهو مفاهمت جي نظريي جو لازمي نتيجو آهي.
.ملڪ جي بدترين آمر پرويز مشرف پنهنجي ضلعي نظام جي نالي ۾ ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن کي گڏائي هڪ شهري ضلعي حڪومت ان ڪري بڻايو ۽ اٺاويهن لکن جي ضلعي حيدرآباد کي پنجن ضلعن ۾ ورهائڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اهو هو ته هن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي من پسند لساني ڌر جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ئي گهري. پ پ پ کي سنڌي ماڻهن وڏي اتساهه سان ان اميد تحت اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو هو ته جيئن اها ڪنهن به محتاجيءَ کانسواءِ آزاديءَ سان ڪي بنيادي فيصلا ڪري سگهي. پ پ پ جي مفاهمتي پاليسي تحت اهو فيصلو واپس ٿي نه سگهيو ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا پيش قدمي ٿيندي نظر اچي ٿي. جڏهن ته حقيقت ۾ نه رڳو پ پ پ کي ان ورهاڱي ۽ ڪراچيءَ جي صورتحال جو نقصان ٿيو آهي ۽ ان هن فيصلي جي واضح مخالفت به ڪئي هئي پر مفاهمت جي ڌاڳي سان پ پ جي قيادت پارٽيءَ جا چپ سبي ڇڏيا آهن. حد ته اڃا اها آهي ته پارٽي جا ذميوار ۽ ڪميٽيڊ ڪارڪن به هاڻي ان تي نه ٿا ڪڇن!
.نظام اهو نظر ٿو اچي ۽ چيو به اهو ويندو آهي ته پ پ پ، متحده سان ان ڪري مفاهمت جي پاليسي جاري رکي آهي، جو اها چاهي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ امن کي يقيني بڻائي سگهجي. پوءِ سوال اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن آهي؟ ڪوبه دهشتگرد اڄ تائين پنهنجي عدالتي انجام کي رسيو آهي؟ سڄي جهان کي خبر آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون مافيائون سرگرم آهن ۽ ڪير ڪير آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد سياست ڪري ٿو پر حڪومت ان بابت ڪابه اڳڀرائي ڪئي آهي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي ثبوت پيش ڪيا، انهن جو ڪوبه نوٽيس ورتو ويو؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پيش ڪيل حقيقتن کي کڻي پاسيرو به رکجي، تڏهن به ڇا حڪومت وٽ معلومات جي کوٽ آهي؟ سندن سويلين جاسوس نيٽ ورڪ وٽ ڇا ثبوت ناهن؟ هيءَ عجيب سياسي مفاهمت آهي، جنهن ۾ مجرمن، قاتلن، ڏوهارين کي نه رڳو جهليو يا پنهنجي انجام تائين نٿو پهچايو وڃي پر کين اقتدار جي مسند تي ويهاريو وڃي ٿو. حد ته اها آهي ته نام نهاد مهاجر صوبي لاءِ مظاهرا ڪندڙن کي ته ريڊ زون ۾ به ڇڏيو وڃي ٿو پر ”محبت سنڌ“ ريلي کي تحفظ فراهم نه ٿو ٿي سگهي ۽ دهشتگرد آسانيءَ سان اچي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪن ٿا ۽ آسانيءَ توڙي ڪاميابي سان ڀڄي وڃن ٿا. آهي ڪا جاچ ۽ نڪتو ڪو نتيجو؟ جهليو ڪو قاتل؟ مٿان وري محبتِ سنڌ ريلي جي شهيدن جي چاليهي لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون. سبب؟ آپريشن ٿيندو ته به لياريءَ ۾ پر اهو عزيز آباد، لالو کيت ۽ رنڇوڙ لائين ۾ ڪڏهن به نه ٿيندو! انڪري اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته ڪو ڪراچيءَ ۾ امن امان لاءِ ”مفاهمت“ ضروري آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اها نام نهاد مفاهمت ئي ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بي لغام هئڻ جو سبب آهي. جيستائين ڪراچيءَ کي هٿيارن کان پاڪ نه ڪبو ۽ ڏوهارين ۽ قاتلن کي بنا ڪنهن فرق جي انجام تائين نه رسائبو، تيسين ڇا ڪراچيءَ ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن آهي؟ ٽارگيٽ ڪلرز ڪراچيءَ ۾ روز ڪارروايون ڪن ٿا. سوال آهي ته جهلجن ڇو نه ٿا؟ ۽ جيڪي جهليا، اُهي ڪٿي آهن؟ ۽ انهن جو ڇا ٿيو؟ سوال اهو به آهي ته پ پ پ جي اقتدار پرست مفاهمت جي ڪا حد به آهي يا نه؟
.ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت انهيءَ مفاهمت سبب سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ يا ميونسپل نظام بابت ڪوبه فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. سڄو ملڪ ۽ ٽي صوبا مشرف جو نظام رد ڪري چُڪا آهن پر سنڌ ۾ مفاهمت سبب ائين نه ٿو ٿي سگهي. پنجاهه کان مٿي اجلاس ٿيا آهن ۽ اهي به گورنر هائوس ۾، ته سنڌ ۾ لوڪل حڪومت يا ميونسپل نظام ڪيئن هجي؟ 18هين ترميم کانپوءِ گورنر جو ڪوبه سياسي ڪردار نه ٿو جڙي. صوبي جو سياسي ۽ انتظامي سربراهه وڏو وزير آهي پر اهم ۽ حساس اجلاس گورنر هائوس ۾ ٿيندا! سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ وڏي وزير جي ماتحت آهن، ڇاڪاڻ ته چونڊيل وڏو وزير ئي صوبي جو سربراهه آهي پر سنڌ ۾ يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ اڃا تائين گورنر وٽ آهن. معنيٰ ته هيءَ حڪومت پنهنجي وڏي وزير کي به سندس حق نه ٿي وٺي ڏئي سگهي ۽ اها سنڌ کي ڇا حق وٺي ڏيندي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ فيصلا ڏئي چُڪيون آهن ته ڪراچي ۾ تڪ بنديون نئين سر ڪيون وڃن پر ان ڏس م ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ نه ڏسجي ٿي. ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي مطابق ڪراچيءَ کان سنڌ جي ٻين ٻاويهن ضلعن جا شاگرد اتي ٽيهن سيٽن جي ڪوٽا کان وڌيڪ داخلا نه ٿا وٺي سگهن. شاگرد ۽ والدين دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن پر ڪنهن به وزير ۽ ميمبر جي زبان چُري ٿي؟ سبب ..... مفاهمت!
اصولي طور پ پ کي پنهنجي چونڊ منشور ۾ اها مفاهمتي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي ها ته پوءِ ڏسجي ها ته سنڌي ماڻهو پ پ پ جي عشق ۾ ڪيترو مبتلا آهن! حقيقت اها آهي ته مفاهمت جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن سان وڏي ويساهه گهاتي ٿي آهي. جمهوريتن ۾ سياسي اتحاد ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻندڙ اتحاد به ٿيندا آهن پر ڇا اُهي ائين ٿيندا آهن؟ مفاهمت ته عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ٿيندي آهي ۽ ان جا ڪي اصول ۽ ضابطا به ٿيندا آهن پر ڇا مڪمل ڪمپرومائيز ۽ سڀ ٽپڙ سستي سياسي اگهه تي وڪڻي ڇڏڻ به مفاهمت هوندي آهي؟ مفاهمت جو وڏي ۾ وڏو جواز ”امن“ جو ڏنو ويندو آهي، جيڪو قائم هونئن به ڪونه ٿو ٿئي. سوال آهي ته ڇا امن رڳو اسانجي مٿي جي ڀري آهي؟ ڇا اهو رڳو سنڌي ماڻهن کي گهرجي ۽ هر قيمت تي گهرجي؟ ڇا اهو ٻين جي ضرورت ناهي ۽ ان لاءِ کين تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري سگهجي؟ ستر جي ڏهاڪي ۾ جڳ مشهور صحافي اوريانا فلاسيءَ ياسر عرفات کان هڪ يادگار انٽرويو ورتو هو ۽ اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن نسل پرست يهودي فاشٽ فلسطينن کي ماري رهيا هئا. اوريانا فلاسيءَ جڏهن عرفات کان پڇيو ته امن هن لاءِ ڪيئن آهي؟ ته هن چيو هو ته، ”انصاف ۽ برابريءَ کانسواءِ امن هڪ لعنت آهي“ ۽ هن بلڪل صحيح چيو هو. (اهو انٽرويو ڪتاب Interview With History ۾ موجود آهي).
امن اسانجي ترجيح ٿي سگهي ٿي پر ڪمزوري ۽ مجبوري هرگز نه! اسانکي ان احساس ڪمتري، بليڪ ميلنگ ۽ ڪمزور شڪست خورده نفسيات کي تبديل ڪرڻو پوندو پر سوال هي آهي ته ان شڪست خورده مفاهمت جو ڪو ڇيهه به آهي يا نه؟ پ پ پ جي قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته سندن پارٽيءَ کي ايترو نقصان ضياءُ الحق ۽ مشرف به نه رسايو هو، جيترو سياسي نقصان ان کي هن نام نهاد ”مفاهمت“ جي پاليسيءَ رسايو آهي. سوال هي آهي ته ڇا کين ان جو احساس به آهي؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 24 جولاءِ 2012ع