تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

سنڌ فيسٽيول کانپوءِ سنڌ جي مالڪيءَ جو سوال!

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جڏهن کان پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سرگرميون شروع ڪيون آهن، تڏهن کان هن شعوري ڪوشش ڪري پنهنجو مختلف ۽ منفرد تاثر اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ بهادري، روشن خياليءَ ۽ سنڌيت جو جذبو شامل آهن. ان ئي پس منظر ۾ هن ٻن هفتن جي ”سنڌ فيسٽيول“ جي سرواڻي ڪئي. جيتوڻيڪ ”سنڌ فيسٽيول“ جو خيال تمام وقتائتو ۽ سٺو هو پر ان جي رٿابندي نه رڳو سخت ناقص ۽ غير سنجيده پر موهن جي دڙي جي حوالي سان نقصانڪار پڻ ثابت ٿي، جنهن مان صاف نظر آيو ته بلاول جا ويجها صلاحڪار نهايت غير سنجيده ۽ قديم آثارن جي بچاءَ جي حساسيت کان وانجهيل هئا. انهن سمورين ڪمزورين باوجود ”سنڌ فيسٽيول“ ۾ بلاول پنهنجو ۽ سنڌ جو روشن خيال خاڪو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا هڪ مثبت ڳالهه آهي.
وڏيءَ لاڳت سان منعقد ڪيل ”سنڌ فيسٽيول“ جڏهن پڄاڻيءَ تي رسي چڪو آهي ته ان ڏس ۾ ڪجهه بنيادي سوالن تي گفتگو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ بهتر ٿيندو جي بلاول جي حلقي مان ڪو سنجيده ۽ سنڌ دوست ماڻهو اهي ڳالهيون هن تائين به پڄائي ته شايد ان جو ڪو نتيجو به سامهون اچي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڪنهن به قوم يا معاشري جي ثقافت رڳو ان جي لباس، راڳ ۽ جهمرين تائين محدود نه آهي. ثقافت جو بنيادي جوهر سماج جي سوچ، ان جا قدر، لاڙا، رويا، رهڻي ڪهڻي ۽ اجتماعي شعور به هوندو آهي. اڄوڪي سنڌي سماج کي ڏسجي ته اهو پنهنجيءَ انفرادي ۽ اجتماعي سوچ، روين، لاڙن، تمدني انداز ۽ قدرن جي حوالي سان زوال جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي ۽ هن سموري سماجي ڏيوالپڻي ڄو بنيادي محرڪ هيءَ رياست آهي، جنهن بدترين حڪمرانيءَ جي انداز، مثالي ڪرپشن، اقربا پروريءَ، نا اهليءَ، لاقانونيت ۽ بدانتظاميءَ ذريعي سنڌي سماج مٿان اهو ڏيوالپڻو مڙهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏيوالپڻو سنڌ جي سماج کي پنهنجي تاريخي ۽ فطري ارتقا جي نتيجي ۾ نه مليو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتي دورن جو به وڏو عمل دخل آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي به ان ڏوهه جي الزام کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪرپشن، بدانتظامي، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن پڻ رڪارڊ قائم ڪيا آهن. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو گذريل پنج سال حڪومتي دور ان حوالي سان بدترين هو، ڄڻ ته سنڌ جي ماڻهن کي مينڊيٽ ڏيڻ جي ڪا سزا هئي، جيڪا پنج سال هلي.
هاڻي جڏهن بلاول سنڌ جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندي روشن خيال سياست ڪرڻ جي هام هنئي آهي، ته پوءِ هن جي سچائيءَ ۽ روشن خياليءَ جو امتحان سندس جوشيليون تقريرون نه پر عملي ميدان آهي، جنهن مان خبر پوندي ته هو دراصل ساڳي مروج اقتدار پرست ۽ موقعي پرست سياست جو تسلسل آهي يا هو سچ پچ روشن خيال آهي ۽ سنڌ سان محبت ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هيٺيان نقطا نهايت اهم آهن؛
(1) سيد قائم علي شاهه صاحب هڪ احترام لائق بزرگ سياستدان آهي پر اها حقيقت آهي ته هو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آهي، ڇا سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وٽ ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو ناهي، جيڪو جوان به هجي ۽ سنڌ کي بهتر حڪمرانيءَ جو نظام ڏيئي سگهي، جي نه ته پوءِ اهو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو الميو آهي. اهو استحقاق وري به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو آهي ته ڪهڙي ماڻهوءَ کي ٿي وڏي وزير طور اڳيان آڻي پر شرط اهو آهي ته اهو ماڻهو ڪرپٽ ۽ نا اهل نه هجي ۽ نه رڳو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏئي سگهي پر سنڌکي وفاق کان به گهربل حق وٺي ڏيئي سگهي، سنڌ جي پاڻي ۽ مالياتي ايوارڊ ۾ ناڻي جو حصو وٺي ڏيئي سگهي.
(2) سنڌ ۾ سٺن سول ۽ پوليس آفيسرن جي کوٽ ناهي، ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ايماندار ۽ سٺا آفيسر رکيا وڃن ۽ کين سخت هدايتون ڪيون وڃن ته هيٺين سطح تي انتظامي سرشتو ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته جي حڪومت جو ارادو هجي، انتظامي ڪم کي سياسي دٻاءَ کان مڪمل طور آجو ڪيو وڃي، آفيسرن کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ بااختيار به ڪيو وڃي ۽ کين سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ۽ مٿن نظر به رکي وڃي ته سنڌ ۾ تباهه حال انتظامي سرشتو بحال ٿي سگهي ٿو.
(3) سنڌ جي سالياني بجيٽ 617 ارب رپيا آهي، جنهن جو حساب ڪتاب ناهي ته اها خرچ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿي ٿئي؟ جي اها رقم گهڻي ناهي ته بنهه ٿوري به ناهي، اهو سنڌ جي عوام جي پگهر ۽ رت ولوڙ ۽ ان جي وسيلن جي آمدني آهي، جنهن جي بيدرديءَ سان ڀيل هڪ سنگين ڏوهه آهي. ڇا سنڌ ۾ ساک واري ۽ قابل توڙي ايماندار ماڻهن تي ٻڌل رٿابندي ڪميشن ٺهي نه ٿي سگهي، جيڪا سنڌ جي بجيٽ کي سنڌ ۽ ان جي عوام جي ڀلي لاءِ خرچ ڪري ۽ جنهن جا نتيجا ڏسڻ ۾ اچن.
(4) سنڌ جو ترقياتي ڍانچو (Infra structure) ۽ انساني ترقيءَ (Human Development) جي صورتحال بدترين حال ۾ آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته تعليم، صحت، رستا، پليون ۽ سرڪاري عمارتون وغيره نهايت خراب حالت ۾ آهن. 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن نه رڳو سنڌ جي ان صورتحال کي وائکو ڪيو پر رهيل کهيل حالت کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پري پري تائين نه ٿو ڏسجي ته ڪو انهن شعبن ۾ ڪا بهتري ايندي. ساڳيو حالت سنڌ ۾ واٽر سپلاءِ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جي سرشتي جو آهي. آهي ڪو حڪومت وٽ منصوبو، جنهن مان نظر اچي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ان ڏس ۾ ڪا بهتري ايندي؟
(5) سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقربا پروريءَ سڄي سماج جي عزت نفس کي مجروح ڪري عوام کي وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. بلاول پاڻ هڪ نوجوان آهي، کيس خبر ناهي ته سنڌ جا لکين نوجوان بيروزگاريءَ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقربا پروريءَ سبب پنهنجيون زندگيون ساڙي ۽ ڳاري رهيا آهن ۽ جنهن نسل کي سنڌ جي اڏاوت ڪرڻ گهرجي، اهو منشيات، انتهاپسنديءَ، انارڪيءَ ۽ مذهبي شدت پسنديءَ جي لاڙن جو شڪار ٿي سنڌ جي آئندي جي امڪانن جا ڏيئا اجهائي رهيو آهي. هي ڪرپٽ ۽ اقربا پروريءَ تي ٻڌل سرشتو سنڌ جي غريب ۽ قابل نوجوانن کي ڪوبه آسرو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪو سندن قابليت ۽ محنت لاءِ به هن نظام ۾ ڪا گنجائش آهي. سوال آهي ته روشن خيال سنڌ جي وارثيءَ جون دعوائون ڪندڙ بلاول هن سياسي طورلاوارث نسل جو ڌڻي ٿيندو؟
(6) ڪابه حڪومت سمورن ماڻهن کي روزگار نه ٿي ڏيئي سگهي، ڇا سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٻاهر ننڍيون وڏيون صنعتون نٿيون لڳي سگهن؟ سنڌ جي هر ضلعي ۾ زراعت ۽ پيداوار سان ٺهندڙ صنعتون لڳن ته نه رڳو سنڌ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا پر سنڌ جي سماج ۾ به معياري تبديلي ايندي. شهيد ڀُٽي سنڌ ۾ تعليمي ادارا ۽ وڏيون اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ صنعتون هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو پر پوءِ اهو بيهجي ويو. پاڻيءَ جي سخت کوٽ، موسمياتي تبديلين ۽ هن 21هين صديءَ ۾ زرعي معشيت اڪيلي سر سنڌ جون گهرجون پوريون نه ٿي ڪري سگهي پر آهي ڪا سنڌ حڪومت وٽ جامع رٿا ان ڏس ۾؟ سنڌ ۾ جيڪي اربين ۽ کربين رپيا وظيفن جي صورت ۾ سياسي مفادن تي ضايع ٿي وڃن ٿا، اهي سنڌ ۾ ادارا ٺاهي ۽ صنعتون هڻڻ تي خرچ نه ٿا ٿي سگهن؟
(7) 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ميونسپل جا ادارا مڪمل طور صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن پر سڄي سنڌ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آهي. ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي هاڻي سنڌ ۾ ڪو ديواني جو خواب لڳي ٿو. ڇا ان لاءِ به ڪي افلاطون گهرجن، جو سنڌ ۾ ٽن مهينن جي ڪا صفائيءَ جي مهم هلي ۽ پوءِ ميونسپل نظام کي پابند ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ روزانو صفائي ٿئي. سڄي دنيا ۾ ”سائي انقلاب“ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا سنڌ ۾ لکين ۽ ڪروڙين وڻ نه ٿا پوکي سگهجن؟ رڳو هڪ سال جي نظر گهرجي پوءِ فطرت پاڻ انهن کي پاليندي.
(8) سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن کي بلاول پنهنجي تقرير ۾ للڪاريو به آهي، پر ان لاءِ گهربل حڪمت عملي ڪٿي آهي؟ عملي تدبيرون ڪٿي آهن؟ ڇا مذهبي انتهاپسندي ۽ منظم جنونيت رڳو تقريرن سان ويندي يا ان لاءِ ڪي منصوبا گهرجن، ڪا ڊگهي مدي واري رٿابندي گهرجي ۽ عملي تدبيرون گهرجن؟ آهي ڪو سنڌ حڪومت وٽ منصوبو؟ ڪا ايجنڊا؟
(9) بلاول، جنهن سنڌ لاءِ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا ٿو هڻي، ان جا شهر عملي طور اسان کان کسجي چڪا آهن، حڪومت ۽ بلاول جو والد نسلي ۽ لساني دهشتگردن سان مفاهمت ۾ پورو آهي. ڇا سنڌ جا شهر انهن نعرن سان واپس موٽندا؟ اهڙا نعرا ته قومپرستن به گذريل چئن ڏهاڪن کان هنيا آهن، پوءِ ڇا اهي شهر موٽيا؟ وري به ان لاءِ عملي تدبيرون گهرجن، سنڌين جا ووٽ شهرن ۾ داخل نه آهن، سندن ڊوميسائل اتي ٺهن نه ٿا، کين تحفظ ناهي، روزگار جا موقعا ۽ رهائشي سوسائٽيون نه آهن، اهي سياسي طور نڌڻڪا ۽ غير منظم آهن، پوءِ ڇا رڳو ”مرسون مرسون“ سان سنڌ جي مالڪي ٿيندي؟
(10) آخري ڳالهه اها ته، سنڌ جا سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون تعليمي زوال جو شڪار آهن، سبب اهو جو اتي ميرٽ تي وائيس چانسلر نه ٿا اچن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ئي مثال وٺو، بلاول جي ٽهيءَ جو نوجوان انهن تعليمي ادارن ۾ تباهه ٿي رهيو آهي، ڪو حڪومت وٽ ارادو، ڪا رٿا ۽ ڪو اُلڪو؟ ڇا بلاول پاڻ ان ڪم جي نگراني نه ٿو ڪري سگهي؟ ۽ ان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچائي نٿو سگهي، جنهن سان هن جو پنهنجو به تعلق آهي.
ڳالهيون ته گهڻيون ٿي سگهن ٿيون پر مٿي مون اهي ڏهه نڪتا رکيا آهن. سنڌ فيسٽيول به ٿي ويو، ناچ گانا به ٿي ويا، واهه واهه به ٿي وئي، اجرڪ جا لغڙ به اُڏائجي ويا، پر سنڌ ان فيسٽيول کان پوءِ به اها ساڳي آهي، جنهن کي ”مرسون مرسون“ جا ٺلها نعرا نه پر عملي تدبيرون ۽ مالڪيءَ جو رويو ۽ احساس گهرجي! ڇا بلاول اها مالڪي ڪري سگهندو؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 18 فيبروري 2014ع