تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

آصف زرداريءَ ڏانهن کُليل خط

آصف صاحب! تاريخ جو بال
توهان جي ڪورٽ ۾ آهي!

جناب آصف علي زرداري صاحب،
ڪو-چيئرمين، پاڪستان پيپلز پارٽي.
اهو ڄاڻندي به ته اڄ ڪلهه توهان جون مصروفيتون تمام گهڻيون وڌيل آهن پر تنهن هوندي به مان توهان کي تڪليف ڏئي توهان جي ڌيان تي ڪجهه بنيادي ڳالهيون آڻي رهيو آهيان. اُميد ته اُهي اوهان جو ڌيان لهنديون، ٻيءَ صورت ۾ ظاهر آهي اهو تخاطب عوام سان به آهي.
ملڪ جون مجموعي سياسي حالتون اهڙيون آهن، جن ۾ تاريخ جي اتفاق ۽ حادثن توهان کي هڪ اهڙي حساس ۽ اهم منصب ۽ ذميواريءَ جي مسند تي ويهاريو آهي، جنهن ۾ توهان سان بنيادي معاملن تي سڌي تخاطب ۽ ڊائلاگ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هونئن ته توهان جي خاندان سان منهنجو اهڙو قرب وارو تعلق رهيو آهي جو اِهي سموريون ڳالهيون توهان سان روبرو به ڪري سگهجن ٿيون پر جيئن ته گفتگو ۽ ڳالهيون سياسي ۽ عوامي نوعيت جون آهن، ان ڪري اهو ئي مناسب آهي ته اُهي عوامي سطح تي رکجن ۽ بحث هيٺ آڻجن. ڇاڪاڻ ته عوامي سياست ۾ ڳالهيون جيتريون عوام کان لڪل هونديون اوترو عوام دشمن انهن جو فائدو وٺندا ۽ پاليسي معاملا جيترا واضح، کليل ۽ عوام آڏو پڌرا هوندا اوترو اُهي عوام جي حق ۾ جُڙندا يا ٻيءَ صورت ۾ وائکا ٿيندا.
جيتوڻيڪ اها هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ ان ۾ به ڪوبه شڪ نه آهي ته ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام سمورا رياستي ۽ سياسي توڙي سماجي دٻاءَ سهي ۽ پنهنجون سموريون توانايون استعمال ڪري نيٺ پ پ پ کي هڪ اڪثريتي پارٽيءَ طور چونڊيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ مرڪز ۽ ٻن صوبن ۾ پ پ پ جون حڪومتون قائم آهن. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ کي اهڙي اڪثريتي مينڊيٽ ملڻ جا هيٺيان سبب آهن:
(1) پ پ پ کي ملڪ اندر ۽ خاص طور سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ملڻ جو پهريون بنيادي محرڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هو. جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سياست، سوچ ۽ پاليسين توڙي حڪمت عملين سان ملڪ ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي بااُصول ماڻهن جا بنيادي اختلاف هئا، پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هوءَ هڪ نهايت اعليٰ پايي جي عوامي ۽ دانشور سياستدان هئي ۽ هن جي موجودگي عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام لاءِ وڏو سياسي، ذهني ۽ روحاني ڏَڍُ هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت عوام ۽ خاص طور سنڌين کي بلڪل ويڳاڻو ڪري ڇڏيو پر اها وري به عوام جي سياسي سجاڳي ۽ سگهه هئي جو انهن هن عظيم سانحي کي پختي شعور، سياسي مزاحمت توڙي مايوسيءَ بدران هڪ نئين اُتساهه ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. 2008ع جي چونڊن جا نتيجا پرويز مشرف جي سمورين سازشن باوجود عوام جي ان رويي جو ئي مظهر هئا. ان ڪري هن ڀيري پ پ پ کي مليل مينڊيٽ رڳو ڪنهن ٺلهي شخصيت پرستيءَ يا روايتي ووٽ جو مظهر نه هو ۽ نه ئي اها ڪا گلن جي سيج آهي پر دراصل هيءُ مينڊيٽ پ پ پ لاءِ تاريخ جو ڳرو بار ۽ ڪنڊن جي سيج مثل آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو هن مينڊيٽ جي نتيجي ۾ هڪ ذميوار، جرئتمند ۽ سگهاري عوامي حڪومت جي صورت ۾ پنهجي نجات ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سياسي بدلو عملي طور ڏسڻ چاهين ٿا.
(2) هونئن ته ملڪ جي تاريخ ۾ هر آمر ملڪ، عوام، سياست ۽ جمهوريت کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي، پر پرويز مشرف ان جا جيڪي نوان رڪارڊ قائم ڪيا اُهي ”بي مثال“ آهن. سنڌ جي حوالي سان ڏسجي ته جيترو تعصب هن آمر سنڌي عوام ۽ ان جي قومي مفادن سان ڪيو ۽ عملي طور سنڌ ۽ سنڌين کي سنڌائتا ڪاپاري ڌڪ هنيا، ان جا به اهڙا مثال اڳ نٿا ملن. ان ڪري هن ڀيري چونڊن جي نتيجي ۾ دراصل پ پ پ سميت سمورين جمهوريت پسند پارٽين کي مشرف مخالف ووٽ مليو آهي، جو دراصل عوام مشرف جي عوام دشمن ۽ سنڌي دشمن راڄ کان نجات حاصل ڪرڻ ٿي گهُري.
(3) جيتوڻيڪ ملڪ ۾ ڪڏهن به حقيقي طور بااختيار جمهوريت نه رهي آهي، پر هن ڀيري جيئن ته سول- ملٽري تضاد تمام وڌيل هو ۽ اخلاقي توڙي سياسي طور مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪا هئا، ان ڪري عوام جي خواهش اِها هئي ته هن ڀيري اهو نبيرو حتمي طور ٿيڻ گهرجي ۽ دراصل چونڊن جا نتيجا عوام جي ان ئي خواهش جو مظهر هئا. عوام چاهيو ٿي ته هن ڪرندڙ ديوار کي آخري ڌِڪو ڏجي ۽ پارليامينٽ، جمهوري نظام ۽ عوامي سياست کي اهڙو سگهارو ڪجي جو ملڪ ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ جمهوري راڄ جا بنياد ئي پون ته به اها هڪ وڏي ڳالهه ۽ سوڀ آهي. عوام هيستائين ان خواهش ۽ خواب جي تعبير ان ڪري به نه ڪري سگهيو آهي جو وڏيون سياسي پارٽيون هاڻي عوامي مزاحمت جي راهه تان هٿ کڻي چڪيون آهن ۽ اهي عوام کي بنيادي جدوجهد جي ميدان تي لاهڻ لاءِ تيار نه آهن، پر هن ڀيري چونڊن ۽ ووٽ کي عوام ان خواهش ۽ خواب جي تعبير جي پس منظر ۾ ئي استعمال ڪيو آهي.
(4) چوٿون ۽ آخري محرڪ اهو آهي جو عام ماڻهوءَ لاءِ ۽ خاص طور پورهيت عوام لاءِ جياپي جا سڀ گَسَ بند ٿيندا پيا وڃن. ماڻهو گهڻ طرفي ظلم جي مُنهن ۾ آهي. غربت، مهانگائي، بيروزگاري، معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻ هوند، لاقانونيت، وڏيرا شاهي، وحشت، بربريت، قتل و غارت ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نڌڻڪائي- ان ڪري ماڻهو هن موجوده رياستي نظام مان مڪمل طور مايوس ۽ بدظن هجڻ باوجود اهو سمجهي چونڊن ۾ سرگرم ٿيا ۽ جمهوريت پسند ڌرين کي ووٽ ڏنو ته جيئن من ڪو سندن زندگين ۾ چڱو ڦيرو اچي سگهي.
ان پس منظر ۾ عوام سمورين رڪاوٽن جا سڀ بَندَ ڀڃي پ پ پ کي ملڪ اندر ۽ خاص طور سنڌ ۾ اڪثريتي ووٽ ڏنو ته جيئن ٻيو نه ته ڀلا سندن خوابن جي ساڀيان جو رڳو فضيلت ڀريو آغاز ٿي سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سندس موجوده حڪومت ان ڏس ۾ تڏهن ئي ڪو اثرائتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جڏهن اُها هيٺين ڳالهين تي نه رڳو واضح هجي پر ان ڏس ۾ ڪو سگهارو ڪردار به ادا ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي. اهي بنيادي نقطا ڪجهه هي آهن:
(1) پاڪستان بنيادي طور هڪ ڳيجهو رياست (Client State) آهي، جنهن کي پنهنجي قيام کان وٺي خودمختياري نصيب نه ٿي. هاڻي ته ملڪ جي سموري اڇي ڪاري جي مالڪي عالمي طور آمريڪا وٽ آهي ۽ ملڪ اندر اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجابي- پناهگير حڪمران طبقي وٽ آهي. عالمي سامراجي مفادن ۽ سندن مقامي جوڙيوالن کي ڪنهن طور به اهو نٿو آئڙي ته ملڪ ۾ عوامي راڄ هجي، جمهوريت مضبوط، سياسي پارٽيون سگهاريون، پارليامينٽ خود مختيار، عدليه آزاد ۽ سول سوسائٽي سرگرم هجي. پاڪستان هن خطي ۾ عالمي سامراج جي هڪ جديد بيٺڪيت آهي ۽ اها حقيقت هاڻي عالم آشڪار آهي ۽ ملڪ جي ٻار ٻار کي ان جي سمجهه ۽ خبر آهي پر ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ خاص طور پ پ پ ان کي هاڻي عوام جو مقدر سمجهي قبول ڪيو ويٺيون آهن ۽ ڪوبه اهڙو موقف اختيار ڪرڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن سان مزاحمت ته ٺهيو پر رڳو اهو تاثر به ملي ته اهي پارٽيون سامراجي ڇوٽڪاري ۽ هن ملڪ جي خودمختياريءَ لاءِ سنجيده آهن. دراصل عوام جي بنيادي ۽ دائمي مفادن ۽ هن ملڪ تي قابض عالمي سامراجي مفادن وچ ۾ هڪ بنيادي ٽڪر آهي ۽ ان ۾ پس و پيش هڪ پاسي بيهڻ کانسواءِ اهڙين سياسي ڌرين وٽ ٻي ڪا واهه نه آهي، جيڪي عوامي هجڻ جون دعويدار آهن. پ پ پ جيئن ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي سياسي ڌر آهي، ان ڪري ان لاءِ ته اهو بلڪل ممڪن نه آهي ته اُها پس و پيش هن تضاد ۾ هڪ پاسي بيهي نه سگهي يا ان کان اکيون ٻوٽي سگهي.
(2) ان ۾ ته هاڻي ڪوبه ابهام نه آهي ته اندروني طور ملڪ ملٽري- سول بيورو ڪريسيءَ ۽ پنجابي- پناهگير حڪمران طبقي جي بيٺڪيت بڻيل آهي ۽ هن ملڪ ۾ سنڌين، بلوچن ۽ سرائيڪين جي حيثيت غلامن واري آهي. ملڪ اندر طاقت جي توازن ۾ اسٽيبلشمينٽ ان ناجائز مفاد جي مُهندار آهي. جڏهن هڪ ملڪ مڪمل طور هڪ ڦورو طبقي ۽ مفاد وٽ يرغمال هجي ۽ عوام کي پنهنجن وسيلن، وطن ۽ خود مختياريءَ تي ڪوبه اختيار نه هجي ته پوءِ محدود اختيارن واريون ڳيجهو حڪومتون عوام کي ڇا ڏئي سگهنديون؟ سياسي پارٽيون ۽ سياسي حڪومتون عوام جي خدمت تڏهن ئي ڪري سگهن ٿيون، جڏهن اُهي طاقت جي توازن ۾ تبديليءَ لاءِ سنجيده هجن ۽ ان لاءِ عوام جي طاقت تي ڀاڙين ۽ پاڻ به مهم جوئيءَ بجاءِ سمجهه ڀري جرئت جو مظاهرو ڪن. ڏٺو اهو ويو آهي ته ڄڻ ملڪ کي ان طبقي جي مڪمل طور قابض هجڻ واري اڻ وڻندڙ ۽ عوام دشمن ”حقيقت“ کي به وڏيون سياسي پارٽيون ۽ خاص طور پ پ پ عملي طور قبول ڪري چڪي آهي. مان نٿو چوان ته ڪو پ پ پ ڪا انقلابي پارٽي آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ خلاف بغاوت ڪري پر بغاوت ڪرڻ ۽ بلڪل اسٽيٽسڪو جي اندر رهڻ وچ ۾ به ڪو ڪردار آهي، جيڪو پ پ پ جهڙيون وڏيون سياسي پارٽيون ادا ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانسواءِ پوءِ چاهي اُهي حڪومت ۾ هجن يا ان کان ٻاهر، ڪو وڏو ڪردار ادا نه ڪري سگهنديون.
(3) ملڪ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن سياسي ۽ انتظامي نظام سبب رڳو مٿين سطح تي ئي نه پر هيٺين سطح تي به عوام دشمن روايتي وڏيرن، پوءَ ڍاون مڊل ڪلاسي وڏيرن (جن کي نيو فيوڊل به چئي سگهجي ٿو)، فرعون صفت ڪامورن، سماجي ڏوهارين- مطلب ته مختلف شڪلين ۾ اهڙن فردن، گروهن ۽ مفادن عوام جي زندگيءَ کي زهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته جتي اهي مفاد ڪرپٽ رياستي سرشتي مان جيئدان وٺن ٿا، اُتي انهن کي وڏيون اقتداري سياست ڪندڙ ڌريون پڻ سگهارو ڪن ٿيون. هر ڀيري عوام انهن کي سياسي طور دفن ڪرڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ٿو ۽ وڏيون سياسي پارٽيون انهن جا پناهه گهر ثابت ٿين ٿيون. رڳو ويجهو ئي مثال وٺجي ته 1988ع جون چونڊون هڪ خاموش انقلاب جو پيش خيمو هيون پر اهو پُرامن عوامي انقلاب ”سستي اگهه“ تي ضايع ڪيو ويو ۽ عوام کي ڌِڪي ديوار سان لڳايو ويو. هنن تازين چونڊن ۾ وري عوام هڪ تبديليءَ لاءِ هڪ قدم اڳتي سُريو آهي ۽ ڏسجي ته اها تبديلي جٽاءَ ڪري اڳتي ٿي وڃي يا وري وڏيرا ملڪ جا مالڪ ٿي ويندا؟
(4) سڀني کان اهم ڳالهه ته سياسي پارٽيون تڏهن ئي عوام جي حقيقي واهر ڪري سگهن ٿيون جڏهن اُهي اندروني طور سگهاريون هجن، جڏهن منجهن اندروني طور جمهوريت هجي، وٽن گڏيل فيصلي سازيءَ جو سگهارو ۽ شراڪتي سرشتو هجي، جڏهن ڪارڪنن ۽ عوام جي راءِ جو احترام ۽ انهن جو اثرائتو ڪردار هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجو ڪو واضح نظريو، پاليسيون ۽ عوام دوست حڪمت عمليون هجن. مون گذريل پنجن سالن کان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ اين ڊي آءِ (NDI) جي پليٽ فارم تان پ پ پ سميت ملڪ جي لڳ ڀڳ سمورين وڏين سياسي پارٽين جي سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سياسي تربيت پئي ڏني آهي ۽ مون کي ذاتي طور تجربو آهي ته ان حوالي سان پارٽين جي هيٺ سرزمين تي ڇا صورتحال آهي؟ يعني پارٽين ۾ اندروني طور طاقت جو توازن ڪيئن ۽ ڪنهن جي حق ۾ آهي؟
جناب آصف علي زرداري صاحب!
ان سموري پسمنظر ۾ ملڪي سياست جو پيش منظر هيءُ آهي ته پ پ پ نه رڳو ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي اهي پر اها حڪومت ۾ به هڪ وڏي ڌر آهي ۽ اهو به تاريخ جو اتفاق آهي جو ان جي سرواڻيءَ جو منصب توهان جي هٿن ۾ آهي. مٿي بيان ڪيل سمورين تلخ حقيقتن باوجود اها بهرحال هڪ حقيقت آهي ته هن وقت توهان هڪ اهڙي حساس ۽ اهم منصب تي آهيو، جتي جي چاهيو ته تاريخي ڪردار ادا ڪري طاقت جي توازن کي عوام جي حق ۾ تبديل ڪرڻ جا بنياد وجهي سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته عوام جي اُميدن تي ذاتي ۽ سياسي مصلحت پسنديءَ جو پاڻي ڦيري عوام جي جدوجهد، پورهيي ۽ قربانين جو الهه تلهه وڃائي سگهو ٿا. هن وقت نظر اهو پيو اچي ته پارٽيءَ اندر توهان سان ڪوبه ”کڙڪي“ سان ڳالهائڻ وارو اڳواڻ موجود نه آهي. چونڊن کانپوءِ عوام جي هونئن ئي ٻُڌي نه ويندي آهي ۽ اُهو زمانو به هليو ويو جڏهن پارٽيءَ اندر ذوالفقار قادري ۽ مولا بخش چانڊيي جهڙن نظرياتي يا دورانديش سياسي ڪارڪنن جي راءِ جي وڏي اهميت هوندي هئي. اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه پر اها حقيقت آهي ته في الوقت ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ۽ اقتدار جي وڏي ڀاڱيوار پارٽي مڪمل طور توهان جي هَٿَ وَس آهي ۽ اتفاق سان ملڪ جون معروضي حالتون به اهڙيون آهن، جنهن ۾ في الحال حساس ۽ اهم ترين حيثيت پارٽيءَ جي ڪري توهان جي آهي. چاهيو ته حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي راند ڦٽايو ۽ جي چاهيو ته عوام جي مفادن جي راند ڦٽايو. مطلب ته ٻنهيءَ مان هڪ راند ڦٽائڻ جي حيثيت ۽ پوزيشن ۾ توهان في الوقت ضرور آهيو. چاهيو ته تاريخ جو اهو مليل اهم ترين موقعو توهان پنهنجي مڪمل Capacity ۾ عوام جي حق ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته ذاتي ۽ سياسي مصلحت خاطر اهو موقعو حڪمران طبقي ۽ اسٽيٽسڪو جي حق ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته رڳو اجايو ۽ غير ضروري طور شيون اينگهائي ۽ رڳو فوٽو سيشن ۾ وقت وڃائي اهو تاريخي موقعو ضايع به ڪري سگهو ٿا، جنهن مان نه دشمن کي ڀؤ هجي ۽ نه سڄڻن کي آسرو.
اسان کي اندازو آهي ته توهان جنهن منصب تي آهيو، اُتي اوهان تي نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ ڪيترا دٻاءَ هوندا ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪو توهان ڪاسترو يا احمدي نجاد ناهيو جو وڏا رسڪ کڻي سڌي ليڪ ڪڍي بيهي رهو پر ان باوجود به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ ڪري سگهجي ٿو، رڳو سوال اهو آهي ته ان لاءِ اسان جو Vision ڪهڙو آهي، اسان کي تبديليءَ جي سياسي وِل (Will) ڪيتري آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان جا اصل مفاد ۽ محرڪ ڪهڙا آهن.
جيتوڻيڪ اڃا ايترو وقت نه گذريو آهي جو توهان جي نئين سياسي ڪردار بابت ڪا حتمي راءِ ڏئي سگهجي پر ان باوجود توهان جي ڪجهه روين بنيادي خدشن کي جنم ضرور ڏنو آهي، جن کي به رڳو توهان ئي پنهنجي زبان يا ڪردار ۽ نتيجن سان واضح ڪري سگهو ٿا. انهن مان ڪجهه اهم هي آهن:
(1) محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پارٽيءَ وٽ اهڙو ڪوبه اڳواڻ موجود نه آهي جيڪو اڪيلي سر هن جو خال ڀري سگهي ۽ پارٽي، سياست ۽ هاڻي ته حڪومت جو وهنوار هلائي سگهي. عام تاثر ۽ خواهش هئي ته هاڻي پ پ پ ان جو حل گڏيل ليڊرشپ جي صورت ۾ ڪڍندي ۽ اوهان لاءِ اهو تاثر جڙيو ته اوهان ئي سڀني کي گڏ کڻي اڳتي هلي سگهو ٿا. هيستائين نظر اهو پيو اچي ته توهان اڪيلي سر ئي سڀ معاملا هلائڻ چاهيو ٿا. اڄ پارٽيءَ اندر بنيادي ۽ حساس معاملن تي ڪو کليل ڊسڪورس نظر نٿو اچي ۽ عوام ته ڇا پر پارٽيءَ اندر به هر ماڻهو اهم پاليسي معاملن تي غير يقينيت جو شڪار آهي. ڪنهن کي خبر ناهي ته توهان جي من ۾ ڇا آهي؟ ممڪن آهي ته توهان جون نيتون غلط نه هجن پر ڪڏهن ڪڏهن غلط طريقه ڪار به وڏا نقصان ڏيندا آهن. پ پ پ ۾ توهان سميت ڪوبه اهڙو ماڻهو يا اڳواڻ موجود نه آهي، جيڪو هن هيڏي وڏي بحران ۾ اڪيلي سر ڪو وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي. اڪيلي سر شيون ڦٽائي ته سگهجن ٿيون پر ٺاهي نٿيون سگهجن. ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي سوال گردش ۾ آهن ته اڄ پارٽيءَ ۾ رحمان ملڪ جهڙا ماڻهو ايترا اهم ڇو آهن ۽ جن ڪارڪنن يا اڳواڻن پنهنجون عمريون پارٽيءَ کي ڏنيون آهن- اُهي ڇو اڄ ايترا غير اهم بڻيل آهن؟ ماڻهن جي ذهن ۾ سوال آهن ته توهان سان اختلاف رکندڙ ڪارڪن يا اڳواڻ پارٽيءَ اندر سياسي ۽ تنظيمي طور ايترا غير محفوظ ۽ پاسيرا ڇو آهن؟
(2) جيتوڻيڪ پرويز مشرف چونڊن کان اڳ به سخت ڪمزور ٿي چڪو هو پر چونڊن جي نتيجن ته پرويز مشرف کي بنهه ڪمزور بڻائي ڇڏيو. عوام به چاهيو ٿي ته اهو هاڻي وڃي ۽ ملڪ جي اڪثريتي سياسي پارٽين (سواءِ مسلم ليگ (ق) ۽ متحده جي) به ساڳيو مطالبو ٿي ڪيو پر اهو صاف نظر پيو اچي ته پ پ پ مشرف کي اندروني طور نه رڳو بچائي رهي آهي پر ان جي اڻ اعلانيه مدد پڻ ڪري رهي آهي ۽ جيئن ته پارٽيءَ جي سمورن فيصلن ڪرڻ جا مجاز توهان آهيو ته پوءِ ظاهر آهي ته ان جو الزام به توهان تي ايندو. جيتوڻيڪ توهان بظاهر ان خلاف ڪڏهن ڪڏهن سخت لهجي ۾ ڳالهايو به ٿا پر ان جو ڪوبه گهربل نتيجو سامهون نٿو اچي، جنهن جي نتيجي ۾ شڪ اُڀرڻ هڪ فطري ڳالهه آهي ۽ توهان ان جي ڪابه وضاحت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيو.
(3) ججن جي بحاليءَ جو اشو هاڻي موجوده حالتن ۾ ملڪ جو اهم ترين اشو آهي ۽ ان اِشوءَ تي غير ضروري اينگهه پڻ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو آهي ۽ ان جو سمورو ذميواريءَ جو بار پ پ پ ۽ توهان تي اچي رهيو آهي. اهو بحران هاڻي اتي پهتو آهي جو توهان جي وڏي اتحادي ڌر مسلم ليگ (ن) حڪومت کان ڌار ٿي بيٺي آهي ۽ توهان طرفان ان ڏس ۾ مونجهارو گهٽجڻ بجاءِ اڃا وڌي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته پوئين ميارَ کان پهرين ميار چڱي هوندي آهي پر توهان ٻئي ميارون نه کڻڻ جي چڪر ۾ ان اشوءَ جي حوالي سان ڪٿي به بيٺل نه آهيو. ماڻهن جو ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي تان پڻ ويساهه کڄي رهيو آهي ۽ ان جي ذميواري توهان تي اچي رهي آهي. ماڻهو آئيني پيڪيج بابت به هاڻي غير يقينيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن، خاص طور جڏهن ان ۾ 3 نومبر جي قدمن کي آئيني حيثيت ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل ڪئي وئي آهي.
(4) سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ باوجود متحده کي غير ضروري طور سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ۽ نائن زيرو يا ”شهيدن جي قبرستان“ وڃڻ جو عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام تمام سخت نوٽيس ورتو آهي. عوام جي چونڊيل وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ کي نائن زيرو تي وڃي الطاف حسين جا نعرا هڻڻ وقت سئو ڀيرا ان جي پس منظر، پيش منظر ۽ نتيجن تي سوچڻ گهرجي ها، ٻيو نه ته انهن سوين ۽ هزارين پ پ پ جي ڪارڪنن بابت ئي سوچڻ گهرجي ها جن کي گذريل پنجويهن سالن کان دهشتگردن ڪراچيءَ ۾ ڳولي ڳولي پئي ماريو آهي. خبر ناهي توهان کي ان ڳالهه جو ڪيترو احساس ۽ ادراڪ آهي ته ان هڪ واقعي توهان جي سياسي ساک کي ناقابلِ تلافي نقصان رسايو آهي.
جناب آصف علي زرداري صاحب!
سياست ڏاڍي بي رحم شيءِ آهي. هي اهو شعبو آهي، جتي ماڻهو پنهنجا سالن جا ميرا هڪ لمحي ۾ ڌوئي صاف ڪندو آهي ۽ سڄيءَ عمر جي ڪمائي هڪ ڌَڪَ ۾ وڃائي ويهندو آهي. توهان کي به تاريخ اتفاق سان هڪ زبردست موقعو ڏنو آهي. چاهيو ته هڪ نئين روشن دؤر جا بنياد وجهي جمهوريت جي راهه جي هزارين شهيدن جو خون سجايو ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته ان جي اُبتڙ ڪا ”ٻي“ تاريخ به رقم ڪري سگهو ٿا. هاڻي بال توهان جي ڪورٽ ۾ آهي. ڪوبه ماڻهو هميشه ساڳي حيثيت ۾ نٿو رهي، پر سوال اهو آهي ته ماڻهو سڀ ڪجهه وڃائي پوءِ ٿو وڃي يا ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ڪري ٿو وڃي. اهو ايندڙ وقت ٻُڌائيندو ته توهان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙي رستي جي چونڊ ڪئي هئي! ياد رکو ته عيسو، موسو ۽ خميسو پل پل جو حساب پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رهيو آهي ۽ هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي، پر خدا جي خلق يعني عيسو، موسو ۽ خميسو هميشه رهڻو آهي ۽ پس و پيش اهو ئي طاقت جو حقيقي سرچشمو آهي ۽ جمهوري سياست ان سان ئي وفاداريءَ جو ٻيو نالو آهي.

روزاني عبرت حيدرآباد 2008ع


سنڌ ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهي آهي؟

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هاڻي چونڊن ۽ ان جي نتيجن جو چوٻول ٿڌو ٿي چڪو آهي پر جيئن ته ان جا ڏينهن جي تارن جهڙا ”نتيجا“ سنڌ ۽ ان جي نڌڻڪي ۽ بي آواز عوام کي اڃا ڀوڳڻا آهن. ان ڪري سڌي توڻي اڻ سڌيءَ ريت انهن کان لاتعلق رهي نٿو سگهجي. سنڌ کي جيڪڏهن غير چونڊيل ۽ آپيشاهي حڪومتن ۾ وڌيڪ هاڃا رسندا آهن ته ان کي فائدو چونڊيل حڪومتن ۾ به نه ٿيندو آهي پر هن دفعي جنهن انداز سان ۽ جنهن ”ماحول“ ۾ چونڊون ڪرايون ويون، جنهن انداز سان ان جا نتيجا سامهون آندا ويا ۽ پوءِ ان بنياد تي جنهن ”رٿابنديءَ“ سان سنڌ ۾ ”حڪومت“ جوڙي وئي آهي، ان مان سنڌ سان ”ڪاري ڏاند“ جي مالڪن جي روش ۽ سوچ به پروڙي سگهجي ٿي ته ساڳئي وقت سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ايندڙ ڏکين ڏينهن جو به تصور ڪري سگهجي ٿو.
هن ملڪ ۾ چونڊون ته هونئن به هاڻي پنهنجو ويساهه ۽ وقار وڃائي چڪيون آهن ۽ عام ماڻهن کي چونڊن مان هونئن به ڪا اُميد نه هوندي آهي پر هن دفعي ته چونڊن ۾ سنڌ سان جيڪا روش اختيار ڪئي وئي، ان ۾ ته ڌانڌلي به فضيلت سان نه ڪئي وئي آهي. مان ته ذاتي طور ان راءِ جو آهيان ته سنڌ کي اڃا تائين 1983ع جي تحريڪ جي سزا پئي ملي. شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جا بي لغام ڪٽڪ پيدا ڪرڻ ته ان جو سڌو جواب هو، پر اسٽيبلشمينٽ ان جو سڀني کان حساس ۽ خطرناڪ جواب سنڌ کي سياسي ميدان ۾ ڏنو. 1983ع ۾ سنڌ جي عوام اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي ڪندڙ وڏيرن، سردارن، پيرن ۽ جاگيردارن کي پوئتي اُڇلائي، سنڌ جي سياسي نمائندگي سڌيءَ ريت ڪئي ۽ دنيا کي اهو نياپو ڏنو ته سنڌ پنهنجو سماجي مزاج ۽ سياسي سفر تبديل ڪري رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ هيستائين رڳو گهڻي ڀاڱي پنهنجي ئي اشاري تي هلندڙ ”سورمن“ جا ناٽڪي نعرا ٻُڌا هئا پر جڏهن ان عوام جي اکين ۾ واقعي اها ڪاوڙ ۽ نفرت ڏٺي، جيڪا قومن جا مزاج ۽ ڪردار تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ته ان کي بيحد سنجيدگيءَ سان ورتو ويو. سنڌ ۽ سنڌ جو عوام اڄ تائين خاص طور ان جي ئي سزا ڀوڳي رهيا آهن. سنڌ جي تاريخي طور مرندڙ ۽ زوال ڏانهن ويندڙ وڏيرڪي ۽ جاگيردار طبقي جي رڳن ۾ نئون سماجي، معاشي ۽ سياسي رت وجهي ان کي هڪ نئين زندگي ڏيڻ ۽ عوام کي هر لحاظ کان نڌڻڪو ڪري، صديون پوئتي ڌڪڻ، ان ئي رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ جو حصو هو. سنڌ ۾ وڏيرڪي طبقي جو نه رڳو مضبوط هجڻ پر اڇي ڪاري جو مالڪ هجڻ ئي اسٽيبلشمينٽ جي مفاد ۾ آهي. سنڌ جي عوام تي اها تهمت اجائي آهي ته اهو ڪو وڏيرڪي مُدي خارج سرشتي سان گڏ آهي. تاريخي طور سنڌي عوام ان طبقي کي نه رڳو لتاڙي اڳيان نڪري چڪو هو پر ان ڏانهن پوئتي مُڙي نهارڻ لاءِ به تيار نه هو. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت 1988ع جون چونڊون ۽ سنڌ ۾ ان جا نتيجا هئا. سنڌ جو ڪهڙو نواب، سردار، پير ۽ مير هو، جنهن کي ماڻهن، مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي مقابلي ۾ تاريخي شڪست نه ڏني هئي؟ يعني 1983ع ۾ ماڻهن کي موقعو مليو ته اُهي وڙهيا ۽ وڏيرن نه پر پنهنجي زور تي وڙهيا. 1988ع ۾ کين موقعو مليو ته هنن وڏيرڪي طبقي کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه ڇڏيو، پر اڄ سنڌ جي ڇا صورتحال آهي؟ سنڌ کي مڪمل طور ان طبقي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي عوام 1988ع ۾ تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري چڪو هو. سوال آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ايئن پاڻ مرادو ٿيو آهي؟ ڇا ان جي پٺيان اعليٰ سطح جي رٿابندي ۽ وڏا ناجائز مفاد نه آهن؟ مثال طور، سنڌ جا شهر آهن، جن ماڻهن نفرت ۽ تعصب جي سياست ڪئي ۽ سياست جي نالي تي پنهنجن مفادن جي بازار گرم ڪئي، جن ماڻهن تي سوين سنگين نوعيت جي ڏوهن جا اڻ ڳڻيا ڪيس داخل آهن، ڇا انهن منجهان اڄ تائين ڪنهن هڪ کي به ان جي سزا ملي؟ ظاهر آهي ته جڏهن فقط ڪنهن هڪ ڏوهه يا قتل جي به ڪنهن کي سزا نه ملندي ۽ اسٽيبلشمينٽ کين پنهنجو دادلو ٻار ڪري هلائيندي ته پوءِ اهي اڇي ڪاري جا مالڪ ڇو ڪونه ٿيندا؟ ڇو ووٽ نه کڻندا؟ ۽ ڇو نه اها سگهه حاصل ڪندا، جيڪا سدائين سنڌ جي سياسي ۽ معاشي ساهه نپوڙڻ لاءِ استعمال ٿي آهي؟ بينظير ۽ نواز شريف واپس نه ٿا اچي سگهن، پر ڊاڪٽر عشرت العباد تان سمورا ڪيس هڪ ڌڪ سان نه رڳو واپس ٿي سگهن ٿا پر صدر ۽ وزيراعظم کان وٺي ويندي سنڌ جي وڏي وزير تائين سڀ ساڻس ملاقاتون به ڪن ٿا ته ان جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت مطلب ڇا؟ ساڳيءَ ريت سنڌ جي عوام سان اسٽيبلشمينٽ جو اهڙو رويو ڇو آهي؟ ۽ سنڌ جا سردار، پير، مير، وڏيرا ۽ جاگيردار ان کي ايڏا پيارا ڇو آهن؟ جو کين سنڌ ڄڻ ته سياسي جاگير طور انهن ”خدمتن“ جي انعام طور ڏني وئي آهي، جيڪي خدمتون اهو طبقو صدين کان پنهنجي پنهنجي هم عصر دؤر جي اسٽيبلشمينٽ کي آڇيندو رهيو آهي؟ جواب سولو آهي. اهو طبقو ”نه“ ڪرڻ سکيو ئي نه آهي. ان طبقي کي آقائن جي رڳو جُتين ۾ جاءِ ملي، اهو سڀ ڪجهه وڪڻي سگهي ٿو، سڀ ڪجهه! وڪڻي سگهي ٿو ڇا؟ ان ته هيستائين سڀ ڪجهه وڪيو آهي. اهو طبقو اسان جي سادن ماڻهن کان داٻي ۽ اٽڪلن سان ووٽ وٺندو آهي ۽ پوءِ سياسي بازار ۾ هو نه رڳو ان ووٽ کي وڪڻندو آهي پر ڄڻ ته سنڌ جي مفادن جو به سودو ڪندو آهي ۽ نهايت ئي سستي اگهه تي سودو ڪندو آهي. سنڌ جي ان طبقي جو بس اهو ئي هڪڙو خواب هوندو آهي ته ان جي گاڏيءَ تي اقتدار جو جهنڊو لڳل هجي، پوءِ ان جهنڊي جهولڻ جي عيوض کيس ڪيترو هيٺ جهُڪڻو پوي ٿو، ان جي پرواهه ڪير ٿو ڪري؟ هو رڳو اقتدار جو جهنڊو چاهي ٿو، اختيار ڪيترا هجن ان جي کيس ڪابه پرواهه ناهي. سنڌ ۾ حڪومت ۽ وڏ وزارت جو فيصلو لاهور جا چوڌري اچي ڪن ۽ ايوان صدر جي هڪ آفيسر کي اهڙن فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ موڪليو وڃي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟
مان جڏهن ان طبقي جي ڳالهه ٿو ڪريان ته پ پ پ کي ان کان ڌار نه ٿو سمجهان. پ پ پ به هاڻي اسٽيٽسڪو جي پارٽي آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پ پ پ کان خائف رهي آهي يا ان کي ٽوڙڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي رهي آهي ته ان جو اهو مطلب ڪو ٿورو ئي آهي ته پ پ پ ۾ ڪي شينهن مڙس ويٺا آهن، جن کان اسٽيبلشمينٽ جا لڱ ٿا ڏڪن. مون هڪ دفعي ڪراچيءَ جي هڪ سيمينار ۾ آفتاب شعبان ميراڻي، سيد خورشيد شاهه، اعتزاز احسن ۽ نثار کهڙي سميت پ پ پ جي سڄي ليڊرشپ کي روبرو چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ پ پ پ کان هرگز نه ٿي ڊڄي. اها عوام کان ٿي ڊڄي، جنهن جي گهڻائي اڳ محبت ۽ هاڻي مجبوريءَ ۾ پ پ پ سان گڏ رهي آهي. دراصل پ پ سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي، پنهنجيءَ حڪمت عمليءَ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڄو ميدان تيار ڪري ڏنو. 1988ع جون چونڊون ۽ ان جا نتيجا سنڌ ۾ هڪ خاموش انقلاب هو، جيڪو پ پ پ وڏيءَ فرض شناسيءَ سان وڃائي ڇڏيو. پ پ 1988ع کان پوءِ سنڌ ۾ روشن خيال ۽ محب وطن مڊل ڪلاس کي مٿي آڻي سگهي پئي ۽ وڏيرڪي طبقي جي تاريخي طور ڊهندڙ ديوار کي آخري ڌڪو ڏئي سگهي پئي، پر پ پ ان جي اُبتڙ ڪيو ۽ اڄ اسين ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. جن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن 1983ع جي تحريڪ ۾ پنهنجو الهه تلهه وڃايو ۽ خوشيءَ سان وڃايو، اڄ انهن جي اڪثريت ڪٿي آهي؟ انهن مان گهڻا پ پ جي اڳواڻن وارين صفن ۾ موجود آهن؟ اڳواڻن جي صفن ۾ وڃڻ جي ته ڪابه ضرورت ناهي پر حالت اها آهي جو اهي ڳالهيون به رپورٽ ٿيون ته ايم آر ڊي جي جيل ڀريو تحريڪ جا ڪجهه اسير بينظير ڀٽو جي ٻئي حڪومتي دؤر ۾ به جيل جون هوائون کائي رهيا هئا!!
ذوالفقار علي ڀُٽي جون هونئن ڀل ته ڪيتريون به ڪمزوريون ۽ غلطيون هجن پر اهو هن جو سچ پچ به وڏو ڪارنامو هو ته هن سياست کي محلن ۽ ڊرائينگ رومن مان ٻاهر ڪڍي سوڙهين گهٽين ۽ عوامي ميدانن ۾ آندو هو پر پ پ پنهنجين پاليسين ۽ روين سان اهي ٽپڙ ”ڌڻين“ کي موٽائي ڏنا ۽ جيڪي چار وڃي بچيا آهن، اهي کانئن هاڻي زوريءَ کسجي رهيا آهن. هنن چونڊن جي نتيجن مان ڇا ظاهر هو؟ سنڌ جي ماڻهن کي وري برادرين، سردارن، پيرن ۽ وڏيرن ڏي ڌڪيو ويو. هن دفعي ته ضلعا ورهايل هئا. ٿر اربابن جو آهي، ٺٽو شيرازين جو آهي، سانگهڙ پير صاحب جي ماڻهن جو آهي، نوشهروفيروز جتوئين جو آهي، گهوٽڪي مهر سردارن جو آهي ۽ ڪهڙو ضلعو هو، جيڪو برادرين ۽ وڏيرن ڏي موٽايو نه ويو؟ ڇا هيءَ سنڌ جي عوام کي 1988ع جي چونڊن جي نتيجن جي سزا نه آهي ته هن اها گستاخي ڪيئن ۽ ڇو ڪئي هئي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ جي ان راند کي ميدان سولو ڪري ڏيڻ ۾ پ پ پ جو ڪردار نه آهي؟ چونڊن کان پوءِ پ پ پ ڇا ڪيو؟ مرڪز ۾ توڙي سنڌ ۾؟ سنڌ ۾ ٻه مهينا گذري وڃڻ ۽ اسپيڪر جي چونڊن بعد به پ پ پ سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ پنهنجو اميدوار واضح نه ڪري سگهي هئي ۽ ٻيو ته ان سڄيءَ ڊيل ۾ ذاتي مفادن کانسواءِ جمهوريت ۽ سنڌ سان لاڳاپيل بنيادي پاليسي اشوز ڪٿي هئا؟ پاڻيءَ جو سوال ڪٿي هو؟ ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪرائڻ لاءِ دٻاءُ ۽ شرط ڪٿي هئا؟ سبب ڇا به هجن، پر نتيجو اهو هو جو پ پ هڪ نهايت غير ذميوار پارٽيءَ طور ڊيل ڪيو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي توڙي سنڌ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهي. اهو درست آهي ته اهو سڄو ڪم اسٽيبلشمينٽ وڏيءَ رٿابنديءَ سان ڪيو پر سوال آهي ته سندن ڪم کي سولو ڪنهن بڻايو؟
هنن چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن سنڌ جو مينڊيٽ ورهائجي ويو آهي ته اهو ڪنهن وڌيڪ بهتر متبادل ڏانهن وڃڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ۽ ڳيجهو رهندڙ ننڍين ڌرين وٽ ئي ويو آهي ۽ اهو ئي ”اسلام آباد“ چاهيو ٿي. ڄام صادق جي حڪومت ان ڏس ۾ پهريون ڪامياب تجربو هو، يعني سنڌ ۾ اڪثريتي وڏي پارٽيءَ کي پاسيرو ڪري ايم ڪيو ايم ۽ ننڍن گروپن تي مشتمل سنڌ حڪومت. سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ”مفادن“ جي لحاظ کان اهو ڪامياب ترين ماڊل هو. ان کانپوءِ مظفر شاهه، لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ان ئي ماڊل جو تسلسل هئا. علي محمد مهر جي وڏ وزارت به ساڳيو ئي تسلسل آهي. ارباب يا امتياز شيخ اچن ها ته به ڪو خاص فرق نه پوي ها. ماڊل ۽ مفاد ساڳيا هجن ها. متحده جيڪا سڄو ڏينهن چوويهه ڪلاڪ جاگيردارن جون زباني طور ڪچيون ٻوٽيون پئي کائيندي آهي، اها به ”روحاني سڪون“ انهن ئي جاگيردارن ۽ سردارن سان اقتدار ۾ گڏ ويهڻ ۾ محسوس ڪندي آهي. يعني ته سڀ ٽپڙ به کڻبا ۽ ڦُرئي واڻئي واريون دانهون به ڪبيون، مان ان لاءِ به پ پ پ کي گهڻيءَ حد تائين ذميوار سمجهان ٿو، ڇو ته متحده ڪجهه سيٽون کڻي به سڀني پاليسين تي اثرانداز ٿئي ٿي، پر پ پ جون وائڙيون پاليسيون ۽ رويا سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جو وزن ٺهڻ ئي نٿا ڏين. ”جي تون ڏيندين ته من واهه واهه، جي نه ڏيندين ته به واهه واهه“ جي پاليسي سنڌ جي سياسي ووٽ کي پ پ معرفت بي وزن ڪري ڇڏيو آهي. متحده جي سياست ڪهڙي به هجي ۽ ڇا به هجي پر هنن وٽ پنهنجن مفادن جا واضح پاليسي اشوز آهن. پ پ وٽ ملڪ توڙي سنڌ جي حوالي سان ڪهڙا چٽا پاليسي اشوز آهن؟ سياست ۾ عوام ۽ قومي مفادن جا پاليسي اشوز نه رهن ته پوءِ اها ڇا وڃي بچندي ۽ ڪنهن جي ڪم جي هوندي؟ حقيقت اها آهي ته پ پ سنڌ جي عوام کي هن دفعي اڳ کان به وڌيڪ مايوس ڪيو آهي.
متحده جيتوڻيڪ وڏ وزارت جي ڪرسي سنڌ جي ”عظيم مفادن“ ۾ ڇڏي ڏني پر ڪير نٿو ڄاڻي ته سنڌ ۾ حڪومت جون اصل ۽ مڪمل واڳون ۽ اختيار عملي طور متحده وٽ ئي هوندا. سنڌ ۾ وڏي وزير جي حوالي سان علي قاضيءَ جي هڪ پيش ڪيل آئيڊيا تي وڏو بحث ٿيو هو. سنڌ ۾ وڏي وزير جي چونڊ ٿي ته مون علي قاضيءَ کي چيو ته اسٽيبلشمينٽ توهان کي ”شعر“ جو جواب ”شعر“ ۾ ڏنو آهي. توهان سنڌ لاءِ باصلاحيت وڏو وزير گهريو هو. توهان کي هاڻي نه رڳو ”باصلاحيت“ پر نوجوان وڏو وزير ڏنو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير نائن زيرو تي وڃي متحده کي پنهنجي وفاداريءَ جي پڪ ڏياري ۽ سنڌ جي ٿيندڙ گورنر اسلام آباد مان ئي چيو آهي ته اهو متحده جي قيادت کي مايوس نه ڪندو. يعني هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌ جو وڏو وزير توڙي گورنر سنڌ جي عوام بدران بنيادي طور متحده ڏانهن ذميوار هوندا ۽ متحده ڪنهن ڏانهن ذميوار آهي؟ اهو هاڻي ڪو لڪل سوال نه آهي. متحده اسٽيبلشمينٽ جي ڪيترو خلاف آهي، ان جو اندازو اهڙن ئي سياسي موقعن تي وڌيڪ ٿيندو آهي. متحده گذريل ٻن سالن کان سنڌ دوستيءَ جون دعوائون ڪندي رهي آهي ۽ ان پاڻ کي سنڌين جي اڳواڻ قومپرست پارٽيءَ طور مڃرائڻ لاءِ به وڏيون ڪوششون پئي ڪيون آهن. متحده جي ”قومي جذبي“ جي عشق ۾ سنڌ جي ڏسڻن وائسڻن ماڻهن جون هنبوڇيون اڃا جاري آهن پر هاڻي جڏهن متحده سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي گهڻن اختيارن جي مالڪ هوندي، تڏهن انهن دعوائن جي پرک جو وقت هوندو، جيڪي متحده گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي عوام آڏو هر سطح تي ڪندي رهي آهي.
اڄ جي سنڌ جو پيش منظر ڇا آهي؟ سنڌ ۾ اڪثريتي پارٽي حڪومت کان ٻاهر، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، سياست وڏيرن، پيرن ۽ سردارن حوالي، پ پ جي وائڙي ليڊرشپ ۽ عوام جي ساهه جي رڳن ۾ سوين معاشي، سماجي ۽ سياسي ڪوڙڪيون وڌل، ڇا اهو سڀ سنڌي عوام کي 1983ع جي ارڏائيءَ جو جواب ۽ مسلسل ملندڙ سزا نه آهي!

روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد، 29 ڊسمبر 2002ع