ڇا پ پ پ حڪومت سنڌين کي به ڪجهه ڏيندي؟
جيتوڻيڪ اها به هڪ حقيقت آهي ته هن ملڪ جي اقتدار پرست اسٽيبلشمينٽ کي جمهوريت ته پري جي ڳالهه پر ٺلهيون عوام جي ووٽ سان چونڊيل حڪومتون به دل سان قبول ۽ ڀانءِ نه پونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جي جمهوريت ۽ عوام سان ازلي دشمني آهي ۽ اها جنگ ظاهر آهي ته مفادن، اختيار ۽ اقتدار تي حق ۽ طاقت جي توازن جي آهي. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان جنهن اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ کي هڪ ڪالونيءَ طور پئي هلايو آهي ۽ هن ملڪ کي غنيمت جي مال طور لُٽيو ۽ ڦُريو آهي، ظاهر آهي ته اُها ڪيئن ملڪي وهنوار مان هٿ ڪڍندي؟ ۽ پنهنجي متضاد مفادن واري ڌر يعني عوام کي ڪنهن به صورت ۾ Space ڏيندي، نتيجي ۾ هڪ طرف هن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن کي حقيقي معنيٰ ڪڏهن به اقتدار ۽ اختيار منتقل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف انهن کي سدائين نان-اِشوز ۾ ڦاسائي، سندن خلاف ڳُجهيون سازشون ڪيون وڃن ٿيون. اهو ئي ڪجهه پ پ پ جي موجوده حڪومت سان به ٿي رهيو آهي، جنهن جو سربراهه آصف علي زرداري آهي. اهو اقتداري راند جي سِڪي جو هڪ پاسو آهي، پر ان جو ٻيو پاسو اِهو آهي ته ڇا عوام جي ووٽ سان چونڊجي ايندڙ سياسي حڪومتون پاڻ به عوام کي ڪجهه ڊِليور ڪرڻ چاهين ٿيون يا اُهي رڳو عوام جي ووٽ کي ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پاور گيم ۾ بارگين ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون. جيئن ته پ پ پ جي حڪومت کي ٻه سال گذري چڪا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته ان جو ان حوالي سان به تنقيدي جائزو ورتو وڃي.
سنڌ ۾ ڪمزور ۽ سطحي سياسي سوچ رکندڙ مڊل ڪلاس جي بظاهر پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ اهڙو به حلقو موجود آهي، جيڪو پ پ پ حڪومت خلاف اسٽيبلشمينٽ جي سازشن ۽ پنجاب جي ڪجهه ڌرين جي تعصب جي مذمت ڪندي اِهو فرض سمجهي ٿو ته جمهوريت ۽ پ پ پ ٻه لازم ملزوم شيون آهن ۽ پ پ پ جو هر صورت ۾ نه رڳو بچاءُ ڪرڻ گهرجي، پر ان تي ڪابه تنقيد به پس و پيش جمهوريت دشمنيءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. نتيجي ۾ سنڌ جي باشعور سياسي ۽ دانشور حلقن وٽ ٻه ڌارائون موجود آهن. هڪڙا پ پ پ کي سنڌ سان هميشه غداري ڪندڙ هڪ مڪمل طرح موقعي پرست ۽ ڄڻ ته سنڌ دشمن پارٽي سمجهن ٿا ۽ ٻيا ان تي ڪا جائز تنقيد به سهڻ لاءِ تيار نه آهن. دراصل اهي ٻئي رويا انتهائي متعصب ۽ عقيده پرست موضوعيت جا علمبردار ۽ درست نه آهن. سياسي پارٽين، اِشوز ۽ حقيقتن کي رڳو ٺلهي موضوعيت نه پر معروضيت جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي.
اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پ پ پ جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو ذڪر هتي کڻي نه به ڪجي، تڏهن به گذريل ٻن سالن اندر سندس مجموعي ڪارڪردگي خاص طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حوالي سان اُن جي ڪردار جو جائزو هيٺين نُقطن جي حوالي سان ضرور وٺڻ گهرجي:
(1) 1996ع ۾ پ پ پ جي گذريل حڪومت جي خاتمي کانپوءِ سنڌ عملي ۽ مڪمل طور وفاق کان ڪٽجي وئي هئي. پ پ پ جي اڳوڻي حڪومت کانپوءِ نواز شريف به جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هو ڪنهن وفاقي پارٽيءَ جو سربراهه يا ملڪ جو حڪمران نه پر پنجاب جي هڪ شائونسٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. نواز شريف کان پوءِ مشرف حڪومت جا نَوَ سال ڄڻ ته سنڌ سان بدترين تعصب، ٻه اکيائيءَ، ڏاڍ ۽ ڦُرلٽ جو دؤر هو. پرويز مشرف جا نوَ سال مرڪز چوويهه ئي ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سندرو ٻڌيو بيٺو هو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ واڪ اوور ڏنو ويو هو. مشرف جا نوَ سال نه رڳو مرڪز سنڌ سان هر معاملي ۾ ٻه اکيائي ڪندو رهيو پر ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ زمينن، نوڪرين، شهرن، معاشي وسيلن ۽ سنڌين جي تاريخي حڪمرانيءَ جي حق تي جيڪي رڪارڊ ٽوڙ راتاها هنيا، اُن جو اڳ ڪوبه مثال نٿو ملي. ان سڄيءَ صورتحال ۾ گذريل چونڊن دوران سنڌي ماڻهن جي اڪثريت اها خود فريب اُميد کڻي پ پ پ کي هر قيمت تي اڪثريتي مينڊيٽ سان کٽرايو ته جيئن اُها سنڌين سان ٿيل ان بدترين ٻه اکيائيءَ ۽ ظلم جو ڪنهن حد تائين سدِباب ڪري سگهي، يعني هن ڀيري پ پ پ کي مليل حڪومت سنڌي ماڻهن جي نظر ۾ هڪ اهڙو تاريخي موقعو هو، جنهن ذريعي هو ويجهي ماضيءَ جو هڪ حد تائين سدِباب ۽ موجوده توڙي ايندڙ وقت جي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهن ها، پر پ پ پ جي موجوده حڪومت هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ مان اڪثريتي مينڊيٽ کڻڻ باوجود پ پ پ ۽ سنڌ توڙي سنڌي عوام جا مقصد، مفاد ۽ ترجيحون ساڳيون نه آهن. پ پ پ سنڌين کي وفاق توڙي سنڌ ۾ مليل هيءُ موقعو به اڳ جيان نهايت سستي اگهه تي وڃائي ڇڏيو ۽ وڃائي رهي آهي.
(2) پاڪستان ۾ هونئن به شروع کان وٺي صوبن ۽ اُنهن ۾ وسندڙ تاريخي قومن جو نمائنده جمهوري وفاق ڪڏهن به موجود نه رهيو آهي. پوءِ چاهي اُهي سڌيون مارشلائون هجن يا اليڪٽوڪريسيءَ تحت چونڊيل سياسي حڪومتون هجن. پرويز مشرف جي نَون سالن دوران نالي ماتر وفاق جو به وجود عملي طرح مجروح ۽ مسخ ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍن صوبن جي مظلوم قومن ته پري جي ڳالهه پر خود پنجاب جي به روشن خيال حلقن اهو شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته ملڪي تاريخ جي چوٿين مارشل لا ۽ مشرف جي آپيشاهي راڄ پاڪستان ۾ وفاق جي وحدت ۽ وجود کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پ پ پ جي موجوده حڪومت کي هڪ اهڙي پس منظر ۾ حڪومت جون واڳون مليون، جنهن ۾ جيڪڏهن اُها چاهي ها ۽ چاهي ته هڪ حد تائين ملڪ ۾ هڪ جمهوري وفاق جي قيام ڏانهن ڪا بنيادي وِک کڻي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري خود پنجاب جا روشن خيال حلقا به اهو محسوس ڪرڻ تي مجبور آهن ته موجوده وحداني طرز جو وفاق (Unitary Federation) ملڪ جي بقا جي ضمانت نٿو ٿي سگهي. اُن ڪري موجوده پ پ پ حڪومت جنهن سان هونئن به حڪومتي الحاق ۾ ٻيون به گهڻيون ڌريون گڏ آهن، پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياريءَ ۽ آئيني سڌارن ڏانهن ڪا بنيادي وِک کڻي سگهِي ٿي. جيتوڻيڪ پ پ پ حڪومت ميان رضا ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني سڌارن جي هڪ ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ ته آندو آهي، پر اُن جي ترجيحن، ڪم جي رفتار ۽ حڪومت جي مجموعي رويي مان ڪنهن طور به اهو نظر نٿو اچي ته ڪو اها ڪميٽي حقيقي صوبائي خودمختياريءَ، عدم مرڪزيت ۽ بنيادي آئيني سڌارن ڏانهن ڪا بهتر پيش رفت ڪندي يا ڪرڻ چاهي ٿي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ جيستائين نئين آئين ساز اسيمبليءَ ذريعي ۽ 1940ع جي ٺهراءَ جي روح جي مطابق نئون آئين نٿو جوڙيو وڃي، تيسين ملڪ ۾ حقيقي وفاق جو بنياد ڪڏهن به پئجي نه سگهندو، پر موجوده حڪومت ته موجوده آئين تحت به جيڪي سڌارا ۽ خودمختياري ڏئي سگهي ٿي، اُن ڏانهن به گهربل سنجيدگي ۽ ڪمٽمينٽ ڏيکاريندي نظر نٿي اچي. مشرف دؤر جي خوفناڪ ۽ بدترين نتيجن کان پوءِ ان ڳالهه لاءِ وڏي عرصي کان پوءِ ماحول جُڙيو هو ته جيڪڏهن پ پ پ جي سياسي حڪومت گهربل سنجيدگيءَ ۽ اثرائتي بارگين سان صوبائي خودمختياريءَ ۽ آئيني سڌارن ڏانهن ڪا اثرائتي وِک کڻڻ چاهي ها ته اهو ان لاءِ سولو ته نه هو پر ممڪن ضرور هو. جيتوڻيڪ ماڻهو اڃان به انتظار ۾ آهن ته ميان رضا ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهيل آئيني سڌارن جي ڪميٽي ڪهڙا سڌارا ٿي تجويز ڪري، پر نظر اهو پيو اچي ته اُن سان به ڪي بنيادي ۽ بهتر تبديليون نه اچي سگهنديون، جو حڪومت جي ميز تي عدم مرڪزيت لاءِ اُها گهربل سنجيدگي ۽ ڪمٽمينٽ نظر نٿي اچي.
(3) پاڻيءَ جو تڪرار ۽ ناڻي جي ورهاست پاڪستان جي وفاق جا ٻه وڏي ۾ وڏا بين الصوبائي تڪراري معاملا آهن. ٻين معاملن جيان پاڻيءَ ۽ ناڻي جي تڪرار جي حوالي سان به پرويز مشرف جو دؤر بدترين ثابت ٿيو. اهو سمورو دؤر سنڌ مٿان ڪالاباغ ڊيم جو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍي لامارا ڏيندو رهيو ته ٻئي طرف گريٽر ٿل ڪئنال جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت جو عمل شروع ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ اُن دؤر ۾ واپڊا جي ”ويزن -2025ع“ جي نالي سان پاڻيءَ جي وڏين رٿائن جو هڪ وڏو منصوبو پڻ جوڙيو ويو، جنهن تي اُن دؤر کان ئي عمل شروع ڪيو ويو. ساڳي صورتحال ناڻي جي ورهاست جي حوالي سان پڻ قائم رهي. پرويز مشرف جيئن ته ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ هو ۽ هن کي اهو احساس هو ته جيڪڏهن هن پنجاب جي استحصالي مفادن جو پورائو نه ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ کانئس ڪنهن وقت به هٿ ڪڍي سگهي ٿي. ان ڪري هن جتي هڪ طرف سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي اڻ اعلانيه طور سنڌ جي حڪمرانيءَ جون مڪمل طور واڳون ڏئي ڇڏيون، ته ٻئي طرف نالي ماتر وفاق کي به پنجاب جي ناجائز مفادن جي هڪ هٿيار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهو سڄو دؤر وفاقي بيوروڪريسيءَ ۾ توڙي سنڌ اندر وڏن انتظامي عهدن تي سنڌين جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هئي. گذريل چونڊن ۾ سنڌي ماڻهن طرفان اڳتي وڌي هر صورت ۾ پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ جو اصل سبب اهو ئي هو ته ماڻهو ان حوالي سان بنيادي تبديلي ٿي چاهي ۽ چاهيو ٿي ته سنڌين کي رڳو سياسي نه پر انتظامي معاملن ۾ پڻ گهربل نمائندگي ملي. جيتوڻيڪ پ پ پ حڪومت بظاهر ڪالاباغ ڊيم کي رڳو پريس ڪانفرنس ذريعي رد ته ڪري ڇڏيو آهي پر اُن کي اڃان تائين حتمي طور رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو آهي ۽ نه وري پيش ڪرڻ جو ڪو ارادو رکي ٿي. ظاهر آهي ته جي ان ڊيم کي پارليامينٽ مان رد نه ڪرايو ويو ته پوءِ سڀاڻي وري ڪو حڪمران اهو نانگ سازشن جي ٽِٻڻيءَ مان ڪڍي ايندو. پرويز مشرف دؤر جيان گريٽر ٿل ڪئنال جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت اڄ به جاري آهي ۽ واپڊا جي ملڪ دشمن ۽ درياهه دشمن ”منصوبي ويزن 2025ع“ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابه پيشقدمي نه ڪئي وئي آهي. اڄ به وفاق اندر انتظامي حوالي سان سنڌين جي نمائندگي ساڳيءَ طرح اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جيتوڻيڪ ڇهين اين ايف سي ايوارڊ جي ڀيٽ ۾ ستون ايوارڊ نسبتن گهٽ نقصانڪار آهي، پر اُن جي باوجود هن ايوارڊ کي حقيقي معنيٰ ۾ مالياتي وسيلن جي ورڇ جو انصاف پسند نبيرو نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت کي ساليانو چوڏهن سئو ارب مان اَٺ کان نَوَ سئو ارب ڏيندڙ سنڌ صوبو وري به ڀُڳڙن مُٺ کان وڌيڪ نه کڻي سگهندو. پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي پيداوار جي رائلٽيءَ طور صوبن کي اڄ به صرف 12.5 سيڪڙو حصو ملي ٿو ۽ باقي سڀ مرڪز کنيو وڃي، پر گذريل ٻن سالن دوران ان ڏس ۾ ڪابه بنيادي پيش رفت نه ٿي آهي ۽ نه وري اڳتي ٿيندي نظر اچي ٿي. سوال اهو آهي ته جي انهن پيچيده ۽ تڪراري مسئلن جو نبيرو هاڻي به نه ٿيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ ته ظاهر آهي ته جيڪو به نبيرو ٿيو، اُهو پس و پيش سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد ۾ نه هوندو.
(4) سنڌ انگريزن جي فتح کان پوءِ بمبئي سرڪار ۾ جبري طور شامل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عملي طور خود مختياريءَ جو هڪ ڏينهن به نه ڏٺو آهي، ۽ ظاهر آهي ته پاڪستان جي موجوده رياستي، وفاقي ۽ سياسي ڍانچي توڙي طاقت جي توازن ۾ سنڌ کي گهربل حقيقي قومي خود مختياري ملي سگهي به نٿي ۽ نه وري پ پ پ جهڙين اسٽيٽسڪو جي ڳيجهو پارٽين منجهان اهڙي ڪا اُميد رکي سگهجي ٿي، پر ساڳئي وقت موجوده نظام اندر ئي نسبتن بهتر، عوام ڏانهن ذميوار ۽ سُٺي اندازِ حڪمرانيءَ واريون سياسي حڪومتون عوام کي هڪ حد تائين ڏئي سگهجن ٿيون. سنڌي عوام هميشه اها خواهش رکي آهي ته جنهن پارٽيءَ کي اُهي گهڻي ۾ گهڻا ووٽ ۽ سياسي مدد ڏين ٿا، ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ اُها کين هڪ مضبوط ۽ بهتر حڪومت آڇي. هن ڀيري به سنڌ جي عوام جو اهو خواب اڳ جيان ئي اڻپورو رهجي ويو. جيتوڻيڪ سيد قائم علي شاهه به هڪ تجربيڪار سياستدان آهي، پر هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي ڪو/ ڪا مضبوط، جوان ۽ نتيجه خيز وزيراعليٰ ڏنو وڃي ها ته حالتون شايد گهڻيون مختلف هجن ها. جيڪڏهن سيد قائم علي شاهه جي خاندان منجهان ئي ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي هئي ته سندس ڌيءَ ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه جهڙي قابل، ذميوار ۽ مضبوط وزير اعليٰ هڪ بهتر اندازِ حڪمرانيءَ جو مظاهرو ڪري ها. موجوده حڪومت ۾ ميرٽ جو حال اهو ئي آهي، جيڪو اڳ رهيو آهي، اندازِ حڪمراني جو اهو عالم آهي جو حڪومت جو ڪنٽرول نه شهرن ۾ نظر اچي ٿو ۽ نه ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾. حڪومت عوام کي ڪجهه به بهتر ڊليور ڪرڻ جي نه پوزيشن ۾ آهي ۽ نه سندس اهڙو ڪو ارادو نظر اچي ٿو. سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ترقياتي صورتحال جيئن اڳ بدتر هئي، اُن ۾ ڪو ذري جيترو به فرق نظر نٿو اچي. ان لاءِ حڪومت اهو بهانو پيش ڪري سگهي ٿي ته ترقياتي ڪم لوڪل گورنمينٽ وٽ آهن، ته پوءِ سوال اهو آهي ته جڏهن ٻين ٽن صوبن ۾ مشرف جي ڏنل نام نهاد اختيارن جي ورڇ واري لوڪل گورنمينٽ نظام جو خاتمو ٿي رهيو آهي ته آخر سنڌ ۾ پ پ پ ايم ڪيو ايم آڏو ايترو ڇو مجبور آهي؟ سنڌ ۾ مشرف جي دؤر ۾ حيدرآباد سميت جن ضلعن کي بدنيتيءَ سان سياسي مقصدن خاطر ورهايو ويو، اُهي موجوده حڪومت واپس بحال نه ڪري سگهي آهي ۽ نه وري اُن جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. هن ڀيري اها توقع ڪئي پئي وئي ته حڪومت ڪراچيءَ ۾ سنڌي وسندين کي ريگيولرائيز ڪري سگهارو ڪندي، کين گهربل شهري سهولتون فراهم ڪندي، سنڌين جا ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل ڪرائيندي ۽ سندن شناختي ڪارڊ ٺاهڻ تي گهربل ڌيان ڏنو ويندو، پر ان ڏس ۾ ڪابه پيش رفت ٿيندي نظر نٿي اچي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي اُبتڙ اڄ به گورنر وٽ يونيورسٽين جي چانلسرشپ کان وٺي ڪيترائي غير ضروري اختيار آهن. موجوده حڪومت نه رڳو مشرف جي سنڌ مٿان ٿاڦيل گورنر کي هٽائي نه سگهي آهي، پر کانئس پنهنجي ئي سياسي حڪومت ڏانهن اُهي سياسي اختيار به منتقل نه ڪرائي سگهي آهي، جيڪي سندن ئي سياسي حڪومت جو جمهوري حق آهن. سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ٿيڻ باوجود موجوده حڪومت سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي ٻوليءَ طور عملي طور لاڳو نه ڪرائي سگهي آهي. صوبي جا وڏا پرائيويٽ اسڪول ۽ تعليمي ادارا سنڌيءَ کي لازمي ٻوليءَ طور پڙهائڻ کان اڻ اعلانيه طور انڪار ڪيو بيٺا آهن، پر حڪومت جو ان ڏس ۾ ڪوبه گهربل ڪردار نظر نٿو اچي.
مٿي بيان ڪيل ان سموريءَ صورتحال مان اهو واضح نتيجو سامهون اچي ٿو ته هڪ طرف پ پ پ جي موجوده حڪومت خلاف سازشون چوٽ چڙهيل آهن ۽ سندس خلاف مخصوص ڌرين طرفان مسلسل سياسي تعصب جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو، پر ٻئي طرف اها پڻ حقيقت آهي ته حڪومت پاڻ به ملڪ ۾ عام طور ۽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌين کي حقيقي معنيٰ ۾ عملي طور ڪجهه به ڏيڻ ۽ ڊليور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سوال آهي ته هن ملڪ ۾ جتي سياسي حڪومتن جون پاڙون هونئن به ٺڪريءَ تي هونديون آهن، اتي غير يقينيت، عدم سلامتيءَ ۽ خوف جو شڪار هيءَ حڪومت پنهنجي اصل سگهه يعني عوام ۽ خاص طور تي سنڌي عوام کي هن ڀيري به رڳو ٺلهن آسرن، لفاظيءَ، سَکڻن نعرن، خود فريب بهانن ۽ مستقبل جي ڪوڙين اُميدن تي هلايو ته ڇا اڳتي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي عوام پ پ پ کي گهربل موٽ ڏيندو؟ يا ڏئي سگهندو؟ ان سوال تي غور ڪرڻ هاڻي عوام جو نه پر پ پ پ جي قيادت ۽ حڪومت جو ڪم آهي.
پندرهن روزه افيئر، 15 فيبروري 2010ع