پ پ سياسي آپگهات جي واٽ ڏانهن وڌي رهي آهي؟
اهو صحيح آهي ته جمهوريت ۾ جزوي ڪمپرومائيز ٿيندا آهن، وسيع تر گڏيل مفادن لاءِ مفاهمت به ٿيندي آهي ۽ ڪن حالتن ۾ عوام جي حق ۽ اصولن جي پاسداريءَ خاطر ڪي اڻ وڻندڙ فيصلا به ڪرڻا پوندا آهن، پر ڇا پنهنجي مينڊيٽ جي توهين کي به جمهوريت چئجي؟ ڇا پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام جي تاريخي ۽ مستقل مفادن جو سودو به جمهوريت سڏبو؟ جمهوريت جو مطلب ۽ بنياد ئي سوچ ۽ اظهار جي آزادي آهي، پر جيڪڏهن مفاهمت جي نالي ۾ ڪيل بدترين ڪمپرومائيز جي نتيجي ۾ گورنر ذريعي جاري ڪيل آرڊيننس کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ لاءِ پنهنجي چونڊيل ميمبرن تي ڳالهائڻ جي بندش وجهي کين رڳو ڪنڌ ڌوئڻ جو فرمان جاري ڪيو وڃي ته انکي جمهوريت سڏجي؟ عوام کي جمهوريت جا اهڙا جلوا ڏيکاربا ته پوءِ ڇو نه رياست وڌيڪ غير جمهوري ٿيندي ۽ عوام جو ڪوڙا آسرا ڏئي ٽارڻ واري جمهوريت مان ويساهه کڄندو!
ڇا هي سڀ ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ وري چونڊن ۾ جمهوريت جون جهمريون هنيون وينديون؟ قربانين جا واسطا ڏبا، وري فريبي ۽ چلڪڻا نرگسي نعرا ڏبا ۽ عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جا ڪوڙا آسرا ڏبا، ڇا وري ٺلهي ۽ عوام دشمن جذباتيت جو طوفان بدتميزي اُٿندو ۽ جهمرين، نعرن ۽ پنهنجي قائدين جي عظمتن جا ترانا ڳائڻ جي لُڙ ۽ گوڙ ۾ حساب ڪتاب نه ٿيندو!
جڏهن آمر مشرف جو ٺڳيءَ تي مبني مڪاني حڪومتن جو نظام نه بيٺو ته هي نظام وري ڪهڙو جٽاءُ ڪندو؟ هنن ڏيکارڻ عوام کي سندن مينڊيٽ جي اوقات پئي گهري پر حقيقت اها آهي ته هنن اصل ۾ عوام کي پنهنجي اوقات ڏيکاري آهي. اقتدار جي چاهه ۾ حڪمران ايترا ته اڳتي وڌي ويا آهن، جو کين اهو ادراڪ به نه رهيو ته عوام کي پٺي ڏئي سياست ۾ ڪير آهي، جيڪو جٽاءُ ڪري سگهي ٿو ۽ ”نائن زيرو“ اڄ تائين ڪنهن سان وفا ڪئي آهي، جو کين خوش ڪرڻ خاطر پنهنجو عوام ۽ سنڌ جو الهه تلهه وڃائي، تين وال ڪري رهيا آهن. فاشزم سان مفاهمت جي ڪاروبار ۾ توهان ڪيئن واپس عوام وٽ ايندوء؟ پر شايد هاڻي هنن کي ان جي پرواهه نه رهي آهي. ساک هوندي ته ويندي. هو سمجهن ٿا ته ڌرتيءَ سان ويساهه گهاتي ڪندڙن کي اڳ ڇا ٿيو آهي، جو هاڻ ٿيندو! هنن کي شايد اندازو آهي ته هي بنگال ناهي، سنڌ آهي. هڪڙو بنگال هو، جتي هر بنگالي ڪاموري کي خبر هئي ته جي هنن پنهنجي وطن ۽ عوام سان وفا نه ڪئي ته نه رڳو ڍاڪا ايئرپورٽ تي لهي نه سگهندا پر سندن گهر به سلامت نه رهندا. سنڌ ۾ غداريءَ موجون ڪيون آهن. غدارن جي نسلن جاوا ڪيا آهن، ٻيو ته ٺهيو پر کين سياسي سزا به نه ٿي ملي. جي اهو سڀ سنڌ ۾ ٿيندو هجي ها ته سنڌ ۾ وطن فروشي ۽ قوم دشمنيءَ جو ڌنڌو ايترو سولو نه هجي ها. هتي هر ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڦٻي ٿو وڃي. انڪري سنڌ ۾ ڪُرسيءَ خاطر سڀ حلال آهي.
منهنجي نظر ۾ اهڙا فيصلا عوام جي سياسي تربيت به ڪن ٿا ۽ سنڌي عوام کي به هاڻي سوچڻو پوندو ته سندن قومي ۽ عوامي حقن جي بازار جو لٽجڻ سنڌ ۾ ايڏو سولو ڇو ٿي پيو آهي؟ سنڌ جي عوام کي به هاڻي غير مشروط محبتن جو باب بند ڪرڻو پوندو. هي سڀ ڪجهه انهن غير مشروط محبتن جو لازمي نتيجو آهي. سياست، وطن، قوم ۽ عوام جي مفادن جي حساس معاملن ۾ ڇا جي غير مشروط محبت؟ دنيا ۾ اُهي قومون تبديل ٿيون ۽ تاريخ جي اڳين صفن ۾ آيون، جن انڪار ڪرڻ سکيو. تبديليءَ جي مخالف هر ڌارا ۽ ”اسٽيٽس ڪو“ جي هر مفاد ۽ انجي ترجمان ڌر، رويي، پاليسيءَ، پارٽيءَ کان انڪار، چٽو انڪار، حساب ڪتاب! سياست ۾ مائٽي ڪنهن سان به نه هئڻ گهرجي، مائٽي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ سندن جائز مفادن سان هئڻ گهرجي. شخصيت پرستي ۽ غير مشروط محبتون عوام سان ئي سهي پر در اصل اهي عوام دشمن لاڙا آهن، جن جي قيمت به پس و پيش عوام ئي چڪائي ٿو. ٽين دنيا جا اڪثر معاشرا غلام، پسمانده ۽ ڪمزور انڪري به آهن، جو هتي گهڻي ڀاڱي حساب ڪتاب جي روايت ڪمزور آهي. جتي حساب ڪتاب جي روايت ڪمزور هوندي، اُتي عوام جو گڏيل حافظو به ڪمزور هوندو. انڪري سنڌ جي عوام کي هاڻي هڪ نئين سياسي دور ۾ داخل ٿيڻو پوندو، جنهن ۾ ڪنهن سان به غير مشروط محبت نه هجي، ڪنهن جي به انڌي تقليد ۽ پوئواري نه هجي، ڪنهن به فرد جي شخصيت پرستيءَ جي نرگسيت نه هجي ۽ ڪنهن سان به مستقل وفاداري نه هجي. پوءِ اها پ پ هجي يا قومپرست پارٽيون، فنڪشنل ليگ هجي يا ڪا ٻي ڌر، سنڌ جي سياست ۾ معياري تبديلي فقط تڏهن ئي ايندي.
مان سمجهان ٿو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سنڌي عوام ۾ هڪ حد تائين تبديلي آئي آهي، پر ماڻهو پنهنجو شعور کڻي ڪيڏانهن وڃن؟ آهي ڪو فضيلت ڀريو متبادل سرزمين تي؟ قومپرست جماعتن جا نعرا ۽ ڳالهيون توڙي جدوجهد تمام ڀلي پر ڪٿي آهي معياري اڳواڻي، تنظيمي صلاحيت، وسيع تر عوامي رابطي ڪاري ۽ واضح پروگرام ۽ ان سان ٺهڪندڙ سگهه، ڪردار ۽ عمل؟! خدشو اهو آهي ته پ پ پ جي امڪاني زوال جو گهڻو فائدو وري به ايم ڪيو ايم يا فنڪشنل ليگ کڻنديون، جو قومپرست جماعتن ۾ ساک ۽ صلاحيت جو وڏو بحران آهي. اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل آرڊيننس جو ٻٽو فائدو به متحده کي ٿيو ۽ ٿيندو. يعني هڪ ته کين پنهنجي مرضيءَ جو مڪاني نظام ملي ويو ۽ ٻيو ته جي ان سان پ پ ڪمزور ٿيندي، تڏهن به سندن ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون. قومپرست جماعتن کي عوام موٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ جدوجهد جي ميدان تي ڏئي به ٿو پر ان لاءِ کين ساک بهتر ڪرڻي پوندي، تنظيمي ۽ سياسي صلاحيت وڌائڻي پوندي، عوام سان سڌي رابطي ڪاريءَ جو عمل وسيع ۽ تيز ڪرڻو پوندو، حالتن آهر ٺهڪندڙ پاليسيون ۽ سياسي حڪمت عمليون اختيار ڪرڻيون پونديون، شهرن ۽ ٻهراڙين تي گهڻو تنظيمي ۽ سياسي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ جي سياست ۾ معياري تبديليءَ لاءِ رڳو هڙتالون، ڌرڻا، احتجاج، جلوس، لانگ مارچون ۽ بيان اهم ته آهن پر ناڪافي آهن. سنڌ ۾ 2010ع ۽ 2011ع ۾ جيڪي وڏيون ٻوڏون آيون، اُهي تباهيءَ سان گڏ سياسي تبديليءَ جو ذريعو ۽ بهانو به بڻجي پئي سگهيون پر اسانجي روشن خيال قومپرست جماعتن ان جو گهربل فائدو نه ورتو.
پ پ اقتدار جي سرور ۾ مسرور ٿي سياسي آپگهات جي واٽ تي تيزيءَ سان هلي رهي آهي. اُها ”عوام طاقت جو سرچشمو آهي“ جي تصور تان هٿ کڻي با اثر وڏيرڪن سياسي خاندانن کي پنهنجي ويجهو آڻڻ جي چڪر ۾ آهي. سندس ڪالهوڪي فيصلي جهڙا فيصلا سندس سياسي آپگهات جي رفتار کي تيز ڪندا پر اصل سوال اهو آهي ته انجو سياسي فائدو ڪير وٺندو ۽ ڪيئن وٺندو ۽ ان کان به وڏو سوال ته ڪنهن لاءِ وٺندو؟ ان سوال تي اسانکي گڏجي ويچار ڪرڻو آهي ۽ ان جو سائنسي، حقيقت پسند ۽ معروضي جواب ئي سنڌ ۾ بهتر سياسي تبديليءَ جا بنياد رکندو.
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 2 آڪٽوبر 2012ع