ڇا هيل به سنڌ ۾ بدترين حڪمراني عوام جا وسيلا ڳڙڪائي ويندي؟
هونئن به جيڪڏهن پ پ پ جي حڪومتي انداز کي گذريل ڪيترين ئي حڪومتن جي تجربي جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته اها هڪ حقيقت آهي ته ان ۾ ويساهه گهاتين، نااهلي، ايڊهاڪ ازم، ڪرپشن، بدانتظامي، اقرباپروري ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سائنسي رٿابنديءَ جي کوٽ ان جا لازمي عنصر هوندا آهن ۽ ظاهر آهي ته جنهن حڪومت ۾ اهي عنصر هجن ته اُتي بدترين حڪمراني لازمي منطقي نتيجو هوندي آهي. ان ڪري خراب حڪمراني (Bad Governance) پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي هميشه سڃاڻپ رهي آهي. دنيا ۾ سموريون سياسي حڪومتون غلطيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنگين سياسي غلطيون به ڪنديون آهن پر جيڪڏهن ان سياسي ڪلچر ۾ جمهوري احتساب يا پاڻمرادو پنهنجين غلطين جي تدارڪ ڪرڻ جي روايت سگهاري هوندي آهي ته پوءِ هڪ لڳاتار عمل ۽ تجربي ۾ سياسي پارٽيون خراب حڪمرانيءَ کان سُٺي حڪمرانيءَ ڏانهن سفر شروع ڪنديون آهن. پ پ پ 11هين مئي جي چونڊن کانپوءِ ان سفر جي شروعات ڪيئن ڪئي آهي، ان جو هڪ اندازو ته ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٻه ڀيرا مڪمل طرح ناڪام ٿيل سيد قائم علي شاهه کي وري ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏ وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.
سوال آهي ته هاڻي جڏهن ان بدترين حڪمرانيءَ جي انداز جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ جي حيثيت جي آسمان تان ڪِري اچي ”اندرون سنڌ“ جي پارٽيءَ جي حيثيت جي کجيءَ ۾ اٽڪي آهي، تڏهن ڇا توقع ڪجي ته پ پ پ جي سنڌ بابت سوچ، رويي، عمل ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ڪو فرق ايندو ۽ ظاهر آهي ته اهي سمورا فرق تڏهن ايندا جڏهن سندن سنڌ سان ڪمٽمينٽ، معيار ۽ سطح ۾ فرق ايندو. جيستائين پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ هڪ سياسي ڪارڊ بدران ڪو وطن، قوم ۽ تاريخي وجود جو درجو نه ماڻيندي، تيسين سندن سنڌ بابت سوچ، رويي، عمل ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ڪو بنيادي فرق اچي، اهو ممڪن نه آهي.
هونئن ته سڄي سنڌ جو هر شعبو تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪِري زوال پذير ٿي چڪو آهي. سنڌ جي وحدت، سنڌ ۾ ٻاهرين آبادڪاري، ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي وڏي انگ، شهرن تي دهشتگرد مافيائن جي قبضي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سواليه نشان بڻيل حيثيت، سنڌ جي مرڻينگ تعليم، تباهه حال ترقياتي ڍانچي، وڌندڙ غربت، بيروزگاري، ڏوهن جي شرح ۾ وڌا، نارين جي نه کُٽندڙ قتلام، قبيلائي دهشتگرديءَ، زرعي معيشٽ جي ڏيوالپڻي، امن امان جي سنگين صورتحال جهڙا انيڪ مسئلا سنڌ لاءِ مستقل چئلينج بڻيل آهن، جنهن ۾ معياري تبديليءَ لاءِ حڪومتي سطح تي گهربل سوچ، رويي، عمل ۽ رٿابنديءَ جو پري پري تائين ڪو آثار ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. پاڪستان ۾ ظاهر آهي ته سنڌ جو مقابلو بلوچستان يا خيبرپختونخواه سان نه آهي، جو سنڌ جي ڀيٽ انهن صوبن جي ترقياتي اهڃاڻن سان ڪجي، سنڌ جو معاشي ۽ ترقياتي مقابلو ۽ تضاد پنجاب سان آهي ۽ جنهن تيز رفتاريءَ سان پنجاب اڳتي وڌيو آهي ۽ وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ مرحلي وار جنهن تيزيءَ سان زوال پذير ٿي آهي، ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته جي اها صورتحال ايئن اُبتڙ ڏسائن ۾ تيزيءَ سان وڌندي رهي ته پوءِ چئي سگهبو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقيءَ جي حوالي سان هڪ سئو سالن جي وِٿي آهي. ڪنهن به شعبي ۾ هاڻي سنڌ کي پنجاب سان ڀيٽي نٿو سگهجي. اهو دليل هاڻي مُدي خارج ٿي چڪو آهي ته جيئن ته پنجاب ملڪ جو آقا آهي، رڳو ان ڪري اهو ترقي ڪري ويو آهي. سنڌ کي 617 ارب روپيا فضيلت، شفافيت ۽ ايمانداريءَ سان استعمال ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ 1988ع ۽ 2008ع ۾ ته پ پ پ جي مرڪز توڙي سنڌ ۾ حڪومت رهي پر ڇا ان دوران پ پ پ جي سنڌ حڪومت مرڪز کان سنڌ جا گهربل وٺي سگهي؟ يا کين ڪنهن جهليو ته اُهي سنڌ جي ترقيءَ جو سوال هٿ ۾ نه کڻن؟ مسئلو اهو آهي ته سنڌ ۾ سڄو مقابلو ڦٽائڻ جو آهي ۽ پنجاب ۾ اهو مقابلو ٺاهڻ جو آهي. پنجاب ۾ جي مسلم ليگ (ق) جهڙي پارٽيءَ جي حڪومت اچي ٿي ته به اِهي سياسي مخالف پارٽين سان مقابلو پنجاب کي وڌيڪ ٺاهڻ جي صورت ۾ ڪن ٿا.
رڳو موجوده بجيٽ ۾ مختلف شعبن لاءِ رکيل رقمن ۽ انهن جي استعمال جي شفافيت جي سوال تي ئي غور ڪجي ته گهڻا سوال اُڀرن ٿا.
مثال طور:
(1) سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو سنڌ ۾ تعليم لاءِ 21.7 سيڪڙو رقم رکي آهي، جيڪا 134.2 ارب روپيا ٿئي ٿي. ڏٺو وڃي ته تعليم لاءِ لڳ ڀڳ 22 سيڪڙو رقم ۽ اها به 134.2 ارب رکڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو حال ڇا آهي، اهو هاڻي ڪو راز نه آهي. استادن جي اهليت، اسڪولن جي وقت تي ۽ باقائدگيءَ سان هلڻ، اسڪولن ۾ سهولتن جي صورتحال يعني مجموعي طور سنڌ ۾ هيٺين سطح جي بنيادي تعليمي ڍانچي ۽ سرشتي جو جيڪو زوال گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٿيو آهي، ان جو پاڪستان ۾ ٻيو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. ظاهر آهي ته اهو بگڙيل نظام رات وچ ۾ ٺيڪ نه ٿيندو پر بهرحال پنج سال ڪو ٿورو وقت به ناهي، جنهن ۾ ان ۾ معياري تبديليءَ جا بنياد نه وجهي سگهجن. 2008ع کان 2013ع تائين جا 5 سال سنڌ جي اڳ ئي مرڻينگ تعليم وڌيڪ تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڪِري. هن ڀيري 134.2 ارب تعليم لاءِ رکيا ويا آهن ۽ ان اهم وزارت جو قلمدان نثار کهڙي کي مليو آهي. سوال آهي ته ڇا اِها رقم هن ڀيري حقيقي طور تعليم جي بنيادي سڌاري لاءِ استعمال ٿيندي يا وري 2018ع ۾ گذريل حڪومتي دور وانگر ڪاريءَ وارا ڪَکَ هوندا؟
(2) سنڌ ۾ صحت جو ڍانچو پڻ بدترين حالت ۾ آهي. ملڪي ۽ عالمي ادارن جي نتيجن مان سامهون آيل حقيقتن کي ڏسجي ٿو ته سنڌ جا ٻهراڙيءَ جا علائقا صحت جي حوالي سان خطرناڪ حد تائين تباهه حاليءَ جو شڪار آهن ۽ پاڪستان ۾ سڀني کان پٺتي پيل آهن. هن ڀيري سنڌ جي بجيٽ ۾ صحت لاءِ 53.4 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪا رقم جي گهڻي ناهي ته گهٽ به ناهي. سوال آهي ته ڇا ان رقم منجهان بنيادي صحت مرڪز ٺيڪ ٿيندا؟ اتي دوائون ۽ ڊاڪٽر ميسر ٿيندا؟ سنڌ حڪومت وٽ ته ڪا جامع صحت پاليسي به ناهي. جيڪا حڪومت ۽ سندس صحت کاتو سنڌ ۾ رڳو ارڙيءَ جي بيماريءَ جو سدباب نه ٿو ڪري سگهي ۽ سوين معصوم ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا، اها هن ڀيري ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪندي؟ اها وزارت گذريل دور ۾ متحده وٽ هئي ۽ مجال هئي پيپلز پارٽيءَ وارن جي جو کانئن ڪو پڇاڻو ڪري سگهن؟
(3) سنڌ ۾ عوام جي حفاظت لاءِ 57 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي اُترين ڇهن ضلعن ۾ شام جو ستين کانپوءِ زندگيءَ جو سڄو وهنوار ٺپ آهي، ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بازار گرم آهي ۽ جيڪي ان لاءِ ذميوار آهن، انهن وٽ اڄ به رحمان ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جون سياسي گيسيون جاري آهن. سنڌ حڪومت هر سال لڳ ڀڳ 13 ارب روپيا رينجرس تي خرچ ڪري ٿي ۽ سنڌ پوليس جا ذميوار آفيسر بار بار اها صلاح ڏئي چڪا آهن ته اها رقم سنڌ پوليس جي معيار کي سُڌارڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. ڇا هن ڀيري اهي 57 ارب سنڌ جي عوام کي پائيدار امن ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندا يا هن دفعي وري اهي پئسا وزيرن ۽ ڪامورن جو سڻڀو گرهه ٿي ويندا؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ پوليس سرشتي کي ڪجهه بهتر ڪيو هو پر هو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. گهٽ ۾ گهٽ هن مٿين سطح تي پوليس کاتي ۾ ڪرپشن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڪئي هئي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها ايماندار ۽ لائق پوليس آفيسرن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ساک وارن ماڻهن تي مشتمل عوامي تحفظ جي هڪ جامع رٿا جوڙي، تڏهن ئي انهن وسيلن جو صحيح استعمال ۽ سرزمين تي صورتحال ۾ ڪو ڦيرو ايندو.
(5) سنڌ شايد دنيا جو واحد خِطو آهي جتي هر سال روڊ ٺهن ٿا. سبب سولو آهي ته اهو ڪمائيءَ ۽ ڪميشن خوريءَ جو سڀ کان آسان ذريعو آهي. هن ڀيري وري سنڌ ۾ روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ 23.4 ارب روپيا رکيا ويا آهن. معنيٰ لڳ ڀڳ هر ضلعي لاءِ هڪ ارب روپيا، جيڪا رقم ڪا گهٽ نه آهي. دنيا ۾ روڊ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ ٺهندا آهن. سنڌ ته اهو علائقو آهي جتي مينهن به تمام گهٽ پون ٿا پر ان باوجود روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي عمل ۾ مثالي ڪرپشن جي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ روڊ تباهه حال آهن. رڳو اوٻاوڙو ٽپي پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿجي ٿو ته خبر پئجيو وڃي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقياتي ڍانچي ۽ روڊن جي صورتحال ۾ ڪيترو نه زمين آسمان جو فرق آهي. ان جو هڪ ئي حل آهي ته اِهي ٺيڪا ٻاهرين ڪمپنين کي ڏنا وڃن ۽ جيڪڏهن اهي ڪم مقامي ٺيڪيدارن کي ملن تڏهن به ان جي جاچ جو عمل تمام سخت ۽ شفاف هجي. ٻي صورت ۾ هر سال اربين روپيا روڊن جي ناقص تعمير ۽ سندن نالي ماتر مرمت جي نالي ۾ سنڌ جي عوام جي پگهر جي ڪمائيءَ تي اهو سِڌو ڌاڙو آهي.
(6) زراعت ۽ آبپاشي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا پر سنڌ ۾ زراعت نڌڻڪي آهي ته آبپاشي کاتو رڳو ”ڌنڌي“ جو ذريعو آهي. هن ڀيري بجيٽ ۾ زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن لاءِ 72.7 ارب روپيا رکيا ويا آهن. جيتوڻيڪ اها رقم ته سُٺي آهي پر سوال وري به اهو آهي ته ان جو استعمال ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ ٿيندو؟ ڏٺو وڃي ته زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي ۽ اِهي ٽئي شعبا هڪ ٻئي کانسواءِ بچي ۽ جيئرا رهي يا اُسري نه ٿا سگهن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت ۾ جيڪو طبقو بار بار اچي ٿو ان جو وڏو حصو پڻ زرعي معيشت سان واسطو رکندڙ آهي پر دراصل انهن وڏن زميندارن کي پنهنجي سياسي اثر سبب پاڻي مليو وڃي، باقي سنڌ جو وچولو ۽ هيٺيون آبادگار ۽ هاري زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جي تباهيءَ جي صورت ۾ ڇا ٿا ڀوڳين ۽ ان جو سنڌ جي مجموعي معيشت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو، ان سان سندن ڪو تعلق ئي نه آهي. انهن ٽنهي کاتن جي ڪرپشن سنڌ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. سوال وري به ساڳيو آهي ته ڇا هن ڀيري اهي 72.7 ارب روپيا سنڌ جي مرڻينگ زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جي نسل ڪشي بچائڻ تي استعمال ٿيندا يا انهن سان انهن کاتن جي وزيرن ۽ عملدارن جون نيون گاڏيون اينديون، محل جُڙندا ۽ سندن بئنڪ بيلنس وڌندا؟ مجموعي طور هن ڀيري سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 185 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪا رقم گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي آهي پر سوال رقم جي رکڻ يا ان کي ٻيڻو ڪرڻ جو ناهي، سوال اهو آهي ته اِهي پئسا ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيندا؟
هن ڀيري اهو به چيو ويو آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ڏيڍ لک نوان ملازم ڀرتي ڪيا ويندا. گذريل ڀيري پنجن سالن ۾ سرڪاري سطح تي نوڪرين جي ”پِڙي“ کُليل هئي ۽ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين جي باقي سڀ وڪيون ويون. ميرٽ جي ان مثالي لتاڙ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ وڏيرڪي ڪلچر کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو سندن درن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿين ٿا. ڇا هن ڀيري وري انهن ڏيڍ لک نوڪرين لاءِ ”پِڙي“ لڳندي ۽ سنڌ جا اهل نوجوان وڏيرن جي درن تي ٿاٻا کائيندا يا ڪو فضيلت ڀريو ميرٽ جو سرشتو قائم ٿيندو؟
اهي مٿي بيان ڪيل ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال آهن، جيڪي سنڌ ۾ حڪومتي انداز سان واڳيل آهن. هن ڀيري چونڊن ۾ هڪ حد تائين نظر آيو ته ٻين صوبن ۾ ماڻهن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏنا، سنڌ ۾ به ان روايت جو بنياد پوڻ گهرجي، پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياسي پارٽين، عوام دوست اسيمبلي ميمبرن، ميڊيا، سول سوسائٽي، ليکڪن ۽ دانشورن جي ايجنڊا تي به سنڌ ۾ گورننس جو سوال گهربل اهميت ماڻيندو. سنڌ ۾ وسيلن جي استعمال تي گهربل نظر رکي ويندي ۽ دعوائن ۾ نه پر نتيجن جي بنياد تي سياسي حڪومت جو مسلسل احتساب ڪرڻ جو سياسي ڪلچر پختو ٿيندو. سنڌ ۾ حڪومت پاڻ ۾ ڪيتري تبديلي آڻيندي اهو ته ايندڙ وقت ٻُڌائيندو پر ان ڏس ۾ اسان جو ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي، اهو پڻ اوترو ئي اهم سوال آهي. سنڌ جي بجيٽ ۾ رکيل پئسا سنڌ جي عوام جي پورهيي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جا آهن ۽ انهن جي صحيح استعمال لاءِ اسان جو ڪردار پڻ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ ان کي ئي جمهوري دنيا ۾ سياسي آڊٽ چئبو آهي. اچو ته ايندڙ پنج سال سنڌ ۾ هر سطح تي سياسي آڊٽ جي ڪلچر کي سگهارو ڪري پنهنجن وسيلن جي خيالي نه پر عملي مالڪي ڪجي.
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 26 جون 2013ع