سنڌ ۾ ”مفاهمت“ جي سياست ۽ ”چٻڙاٽو“ ڪلچر!
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پارٽيءَ ۽ آصف علي زرداريءَ سان تڪرار کي کڻي پاسي تي به رکجي پر آصف علي زرداريءَ ۽ موجوده پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي اصل چارج شيٽ ته سنڌي عوام جي آهي، جن هن پارٽيءَ سان گذريل پنجن ڏهاڪن کان پنهنجون سياسي ۽ جذباتي وفاداريون نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڇا پلئه پيو آهي اِهو موجوده تاريخ جو اهم ۽ بنيادي سوال آهي. پرويز مشرف جا 9 آمريتي سال سنڌ ۾ رياست جو بدترين ۽ شديد تعصب ۽ ٻه اکيائيءَ ۽ ڦُرلٽ جو چهرو سامهون آيو. مٿي سنڌين سان شديد نفرت ڪندڙ ۽ نسل پرست آمر ويٺو هو ۽ هيٺ سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ متحده هئي. سنڌي ماڻهن سان رياست جو رويو هڪ ڏانئڻ وارو رهيو، 2009ع ۾ جڏهن چونڊون ٿيون ته سنڌي ماڻهن اهو سمجهي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن ۾ کٽرايو ته متان سندن جمهوري حڪومت معرفت رياست مٿن مهربان ٿئي، جو چيو ويندو آهي ته جمهوريتن ۾ رياستيون عوام لاءِ ماءُ جيان مهربان ٿي پونديون آهن. ساده دل ۽ معصوم سڀاءُ جي سنڌي عوام کي ڪهڙي خبر ته هن ڀيري جمهوريت عوام دشمن قوتن سان ٽڪر کائڻ بجاءِ کانئن سندن وفاداريءَ جو ”انتقام“ وٺڻ جو ٻيو نالو هوندو. اڄ ان جمهوريت کي اٺ سال پورا ٿيڻ تي آهن ۽ سنڌي عوام ساڻن ٿيل دوکي ۽ دولاب جي چواٽي تي بيهي سوچي ٿو ته اهو ”انتقام“ دراصل ڪنهن کان هو، جنهن لاءِ وڏي واڪ اِهو چيو ويو هو ته جمهوريت بهترين ”انتقام“ آهي.
آصف علي زرداريءَ جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مبينه وصيت جي بنياد تي پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليون هيون ته ان تي سڄي ملڪ ۾ وڏو بحث مباحثو ٿيو هو ۽ هڪ راءِ اِها هئي ته جيئن ته ان کان اڳ آصف علي زرداريءَ ڪڏهن به ڪنهن چڱي ساک جو مالڪ نه رهيو آهي، ان ڪري تاريخ هن کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو نه رڳو پنهنجي دامن تي لڳل اڳوڻا چُٽا ڌوئي پر هڪ نئين ڪردار سان سامهون اچي پر حقيقت اِها آهي ته اهڙيون خواهشون ڪندڙ سادن ماڻهن جي من ۾ هڪڙي هئي ۽ آصف علي زرداريءَ جي من ۾ ٻِي هئي. هن سوچيو ته عوام، سنڌ ۽ حقيقي جمهوريت اچڻيون وڃڻيون شيون آهن، هن ڀيري مليل مينڊيٽ ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ کي هن پنهنجي ان پراڻي خواب جي ساڀيان لاءِ ڏاڪڻ سمجهيو، جنهن ۾ هن پاڻ کي دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو. دنيا ۾ امير ترين ماڻهو ٿيڻ جا دنيا ۾ ٻه طريقا آهن، هڪڙا سرمائيدار دنيا ۾ بل گيٽس ۽ ٻين جيان ٽيڪنالاجيءَ ۽ مارڪيٽ ۾ ڌاڪو ڄمائڻ ذريعي امير ترين ٿيندا آهن ۽ ٻيو رستو ٽين دنيا ۾ ٺڳيون ۽ دولاب ڪري، حڪومتن ۾ اچي، عوام جو رت چُوسي، سياسي ۽ معاشي ڄئورون بڻجي امير ٿيڻ جو آهي. آصف علي زرداري نه ته ڪو ٽيڪنيڪل ماهر هو ۽ نه وري جديد سرمائيدار ۽ نه وري جدوجهد جي مرحلن مان گذري آيل ڪو عوامي سياستدان، سو هن پنهنجي ان خواب جي ساڀيان لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ سندس ملڪ ۽ سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز جا گذريل اَٺ سال ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. اچوته آصف علي زرداريءَ جي سياست جي انداز ۽ حڪمرانيءَ جي ماڊل جي ڪجهه پاسن تي نظر وجهون ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.
(1) محترمه شهيد بينظير ڀٽو جيڪا ”مفاهمت“ (Reconciliation) جو تصور کڻي آئي هئي، ان جا ٻه پاسا هئا. هڪ ان جو عالمي تناظر هو، جنهن ۾ هن اولهه جي تهذيب ۽ مسلمان معاشرن وچ ۾ وڌندڙ تضاد کي سامهون رکي وچون گَس ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ هن جو ٻيو پاسو ملڪي تناظر ۾ اهو هو، جنهن جو اظهار ”ميثاقِ جمهوريت“ هو، جيڪو ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين وچ ۾ لنڊن ۾ ٿيو هو، جنهن تحت ملڪ ۾ آمريتن جي هميشه لاءِ رستا روڪ آئين ذريعي ڪرڻي هئي ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن کي گڏجي منهن ڏيڻو هو. آصف علي زرداري ان کي پنهنجي ”خواب“ جي ساڀيان سان سلهاڙي هڪ نئين معنيٰ ڏني، جنهن جو تَتُ هو ”اچو ته گڏجي کائون!“
(2) پرويز مشرف جي 9 ساله آمريتي دور جي پُڄاڻيءَ تي متحده نه رڳو سنڌ ۾ پر پوري ملڪ ۾ پاسيري ٿي چڪي هئي ۽ شايد اهو واحد موقعو هو، جنهن ۾ ان جماعت کي ٻيو کڻي ڪجهه نه به ڪجي ها پر ڇڏجي ها ته اُها پنهنجا ڪِيتا پاڻ لوڙي پر آصف علي زرداريءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ لازم هو ته متحده کي وري ڪُلهو ڏئي جيئدان ڏجي ۽ پوءِ سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن ڏٺو ته گذريل اٺن سالن ۾ متحده تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو آهي ته آصف علي زرادريءَ کين نه رڳو حڪومتن ۾ ڀائيواري آڇي پر حقيقت ۾ جيئدان به ڏنو. اڳ پرويز مشرف کي متحده جو وڏو محسن سمجهيو ويندو هو پر حقيقت ۾ ضياءُ الحق کانپوءِ متحده جو وڏي ۾ وڏو محسن آصف علي زرداري آهي. حد ته اِها آهي ته تازو سنڌ ۾ ته اسپيڪر صاحب متحده خلاف ٺهراءُ آڻڻ نه ڏنو پر جڏهن مرڪزي پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ (ن) اهڙو ٺهراءُ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته به بقول سيد خورشيد شاهه جي ته هن وزيراعظم کي جهليو ته اِهو ”جمهوريت“ لاءِ سٺو سنئوڻ نه ٿيندو.
(3) آصف علي زرداري صاحب ملڪ ۽ دنيا جو اُهو واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن کي ڪنهن سان به ڪو اختلاف نه آهي. نه فوج سان، نه مسلم ليگ (ن) سان، نه (ق) ۽ (ف) ليگ سان، نه متحده ۽ تحريڪ انصاف سان، نه مولوين سان ۽ نه عوامي نيشنل پارٽيءَ سان. هو نظرياتي طور وچين، ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياست جي ”اجائي“ درجه بنديءَ کان بالاتر آهي. الميو رڳو اِهو آهي ته جيڪو به اختلاف آهي اُهو ٻين کي آهي ۽ ظلم ته اِهو آهي ته ٻين کي اڃا به ساڻس اختلاف آهي. اِهو شايد سياسي سائٿ جو مسئلو آهي، نه ته آصف علي زرداري هن ملڪ ۾ سمورين ڌرين لاءِ قابلِ قبول اڳواڻ ٿيڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. ان لاءِ هن ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي پارٽيءَ کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ مان سُسائي هڪ صوبي سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.
(4) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ”چونڊيل“ عيوضين جي وڏي گهڻائي آصف علي زرداريءَ مان بيحد خوش آهي، حقيقت اِها آهي ته ايترو خوش هو محترمه شهيد بينظير ڀٽو مان به نه هئا. سبب اِهو آهي ته سندس حڪمرانيءَ جي انداز ڪرپشن کي جمهوري طريقي سان هيٺين سطح تائين لاٿو آهي. ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي وڏي انگ کي ترقياتي فنڊن کان سواءِ ”ٽي ايم اوز“ ذريعي ڏانداريون کڻي مال ميڙڻ جا جمهوري موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، جنهن کي ”چٻڙاٽو“ ڪلچر چيو وڃي ٿو. چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن کي مڪمل ڇوٽ مليل آهي ته پٽيوالي جي نوڪري ۽ ناليءَ جو ٺيڪو به نه ڇڏيو، چٻڙاٽو پاڻ به ڪريو ۽ ”مٿي“ به ڪرايو، زبان بند ڪري پارٽيءَ سان ”وفادار“ رهو ۽ هر قيمت تي چونڊن ۾ ”کٽڻ“کي يقيني بڻايو. نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي. رستا، روڊ، تعليم، صحت، ميرٽ جي لتاڙ، ماحولياتي تباهي، عوامي ٽرانسپورٽ، ادارا، پيئڻ جو صاف پاڻي، پاڻيءَ جي نيڪالي، زمينن تي قبضا، لاقانونيت، بدامني- اڄوڪي سنڌ جا اُهي بڇڙا عڪس آهن، جيڪي دبئيءَ ۾ ويٺل آصف علي زرداريءَ کي ڪيئن ۽ ڇو نظر ايندا، جڏهن هن کي هتي نه رهڻو آهي ۽ نه عوام سان ڪو رابطو رکڻو آهي. سندس سوين ۽ هزارين کاٽائو پُٽ آهن، جيڪي جمهوري طور مڪمل طور آزاد ڇڏيا ويا آهن ته ”چٻڙاٽو ڪلچر“کي عروج تي پُڄايو. هنن لاءِ جمهوريت نوٽن سان سهڪندڙ ٽِجوڙين جو ٻيو نالو آهي ۽ هنن لاءِ سنڌ سون جي کاڻ آهي، جنهن جي 638 ارب روپين جي بجيٽ مان عوام کي ڪاريءَ وارا ڪَکَ ملندا ۽ هنن لاءِ عوام اُهي چاٻيون آهن، جن سان خزانن جون ٽِجوڙيون کُلنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو پارٽيءَ اندر ڪوبه هن عوام دشمن حڪمرانيءَ خلاف ڪُڇڻ ۽ اُٿي بيهڻ لاءِ تيار ناهي.
(5) بيوروڪريسي ته هونئن به ڪڏهن سنڌ يا ملڪ ۾ عوام دوست نه رهي آهي (سواءِ ڪجهه فردن جي)، ڇاڪاڻ ته اُها اڄ به بيٺڪيتي طرز تي هلي ٿي، جنهن ۾ ڪامورا عوام جا خادم نه پر آقا تصور ڪيا ويندا آهن پر آصف علي زرداريءَ جي متعارف ڪرايل طرزِ حڪمرانيءَ ۾ ڪامورن کي جيترو ناجائز سياسي مقصدن ۽ مفادن لاءِ بي دريغ استعمال ڪيو ويو آهي، ان جو مثال ته آمريتن ۾ به نه ٿو ملي. سنڌ ۾ ته هر شعبي ۾ ”پنهنجو ماڻهو“ ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي پنهنجا، ڊي آءِ جي پنهنجا، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر پنهنجا، ٽي ايم او کان وٺي سيڪريٽري تائين هر جاءِ تي ”پنهنجو ماڻهو“. ان روِش سنڌ ۾ ڪاموراشاهيءَ کي (سواءِ چند بهتر مثالن جي) هڪ بدترين عوام دشمن ڪاروبار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي چند ساک وارن آفيسرن کي ڇڏي ڪري باقي هر آفيسر ڪنهن نه ڪنهن ڀوتار، ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير جو ”ماڻهو“آهي. هتي به ساڳيو ”چٻڙاٽو ڪلچر“- پاڻ به دل کولي کائو ۽ مٿي به ايترو پُڄايو جو دنيا جي امير ترين ماڻهو بڻجڻ واري خواب جي ساڀيان ٿي سگهي. جنهن صوبي ۾ پٽيوالي ۽ چوڪيداري به لکن ۾ وڪامندي هجي، اُتي پٽيوالي کان اعليٰ عهدن تي ويٺل ڪامورن تائين سواءِ ڪجهه ”مٿي ڦِرين“جي ڪير هوندو، جيڪو عوام لاءِ آفيسن ۾ اچي ويهندو! سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو انداز اِهو آهي جو آفيسون عوام لاءِ نه پر عوام جو معاشي ۽ احساساتي رتُ پيئڻ لاءِ کُليل هونديون آهن.
(6) ميرٽ جي لتاڙ جيتري سنڌ ۾ آهي، ايتري ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ناهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ هڪ ته ساڳي ”چٻڙاٽو ڪلچر“تحت ڪئي وئي آهي پر ان جي پٺيان هڪ شرمناڪ حڪمت عملي به نظر اچي ٿي. عوام کي مجبور ڪرڻو آهي ته اِهو ووٽ ڏئي ۽ رياست جا سمورا وسيلا، ادارا ۽ شعبا، عوام کي محتاج بڻائڻ، در در جا ڌِڪا کارائڻ ۽ کين ڪسمپرسيءَ وچان ڀوتارن ۽ پوءِ ڍاول پيٽ جي پوڄارين آڏو سياسي طور ”سربسجود“ ٿيڻ لاءِ استعمال ڪرڻا آهن. ميرٽ جي لتاڙ نه رڳو بي انصافيءَ ۽ اقرباپروريءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن پر نااهل ماڻهن جا لشڪر ادارن ۾ ڀرتي ڪري، ادارن کي مرڻينگ بڻائي، گورننس کي هيٺين سطح تائين تباهه ڪيو ويو آهي. نوجوانن ۽ سندن مسڪين والدين کي اهو چِٽو نياپو ڏنو ويوآهي ته نوجوانن کي اهليت جي بنياد تي نه پر يا ته ڏوڪڙن تي روزگار ملندو يا سياسي وفادارين جي بنياد تي. ان پاليسيءَ سڄي معاشري کي اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻائي، ناجائز مفادن جي ڊوڙ ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هاڻي ڪوبه ڪم ميرٽ تي ٿيڻ جو تصور ئي نه رهيو آهي، جنهن جا بدترين نتيجا نسل ڀوڳيندا. ميرٽ سان هميشه قابل ۽ ذميوار ماڻهو ادارن ۾ ايندا آهن ۽ اُهي سماج جي اڏاوت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن، ٻين لاءِ رول ماڊل بڻبا آهن، ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي نتيجي ۾ نااهل ۽ جُڳاڙي ماڻهو اچي ادارن ۽ معاشري جي ڀينگ ڪندا آهن.
(7) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي عام طور وڏيرڪي پارٽي چيو ويندو آهي پر حقيقت اِها آهي ته هن پارٽيءَ جي اڳواڻ صفن ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن جو به وڏو انگ آهي پر اصل مسئلو اِهو آهي ته پارٽيءَ جي موجوده ڪلچر پارٽيءَ کي وچولي طبقي کي ڪرپٽ ڪري، پوءِ ڍاول نئين وڏيرڪي طبقي (غلام نبي مغل جي لفظن ۾ Neo-Feudal) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جمهوريت کي سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو نظام سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ وچولو طبقو اڳواڻ صفن ۾ اچي معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي پر ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪرپٽ بڻايل وچولو طبقو پنهنجي اڄوڪي سنڌي سماج جي ٿنڀ ۽ ٿوڻي ٿيڻ بجاءِ ان جي سڀ طرفي ڀينگ ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. سنڌ مان انيڪ وچولي طبقي جا ماڻهو پارٽيءَ معرفت اسيمبلين، حڪومتن ۽ اهم ادارن ۾ پهتا پر اڄ اُهي هن ڪرپٽ ڪلچر سبب سنڌ جي اڏاوت جو نه پر ان جي تباهه حاليءَ جو ذريعو بڻجي چڪا آهن. جيڪي چار چڱا ماڻهو اُتي موجود به آهن ته مصلحت پسنديءَ سبب پنهنجا چَپَ سِبيو ويٺا آهن.
(8) سنڌ مرڪز هٿان جيترو معاشي طور لُٽجي ٿي، ان جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ سنڌ حڪومت گذريل اَٺن سالن ۾ ڪو هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته سنڌ مرڪز کان گهربل حصو ۽ مالياتي خودمختياري وٺي سگهي هجي. هن سال اٺون مالياتي ايوارڊ اچڻو آهي پر گذريل چار سال سنڌ جو ان ۾ ڪو مستقل نمائندو موجود نه هو، ارڙهين ترميم کي هن سال پنج سال پورا ٿيندا پر اڃا تائين سنڌ حڪومت مرڪز کان قدرتي وسيلن مان اڌو اڌ اُپت جو حصو نه وٺي سگهي آهي، جيڪو هاڻي صوبن ۽ سنڌ جو آئيني حق آهي. پاڻيءَ تي ڌاڙا حڪومت بند نه ٿي ڪرائي سگهي، ٻيو ته ٺهيو پر سُپر هاءِ وي جو ٽيڪس مرڪز کان واپس نه ٿي وٺي سگهي. سوال آهي ته آصف علي زرداريءَ واري ”مفاهمتي“ پاليسيءَ موجب ته اهو ٿيندو ڪونه. هر ڪنهن کي آزاد ڇڏڻو آهي ته جيئن کين به سنڌ ۾ ”چٻڙاٽو“ ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجي. سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون ڀُڳڙن مُٺِ تي تعميراتي ڪمپنين کي ڏنيون ويون آهن- آهي ڪو حساب ڪتاب؟ سڄي سنڌ ۾ ڌوڙ پئي اُڏامي پر زرداري صاحب کي اصل فڪر ذوالفقار آباد جي تعمير جو آهي- سبب اِهو ئي آهي ته اهڙيون اسڪيمون ئي سندس خواب جي ساڀيان کي ممڪن بڻائينديون.
هڪ خواب آصف علي زرداريءَ جو آهي ۽ ٻيو خواب سنڌ جي عوام جو آهي، جنهن ۾ سنڌ کي خودمختيار، خوشحال، روشن خيال، تعليم يافته ۽ باوقار هئڻ گهرجي. هي ٻن متضاد خوابن جو معاملو آهي. جي هڪ فرد ۽ گروهه جي ناجائز خواب ساڀيان ماڻي ته سنڌ ڏينهون ڏينهن زوال جي ڪُنَ ۾ ڪِرندي ۽ جي سنڌ جي حقيقي خواب جي ساڀيان گهرجي ته سنڌ کي هن ڪرپٽ حڪمرانيءَ جو حتمي ۽ اجتماعي انڪار ڪرڻو پوندو!
روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 12 مئي 2015ع