تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

بلاول جي سياسي جذباتيت سنڌ کي ڇا ڏيندي؟

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ حڪمراني ملڪ جي قيام کان وٺي ڪنهن به دور ۾ بهتر نه رهي آهي، هر حڪومت وَسَ پُڳي سنڌ کي ڏَنگيو ۽ سنڌي سماج جي فطري اوسر کي روڪيو ۽ ان جي وسيلن کي ڀيليو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو هڪ مختصر دور اهڙو ضرور هو، جنهن ۾ سنڌين کي ڪجهه ساهه کڻڻ جو موقعو مليو، کين روزگار جا موقعا مليا، ڪجهه ادارن جا بنياد پيا ۽ شهرن ۾ سنڌين کي پير کوڙڻ جا ڪجهه موقعا مليا. جيتوڻيڪ سندس دور ۾ سنڌ ۾ مخالف اديبن، دانشورن ۽ قومپرست ڪارڪنن سان جيڪي عقوبتون ٿيون، اُهو به تاريخ جو هڪ اونداهون باب آهي. 1988ع کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو هيءُ چوٿون ڀيرو موقعو مليو آهي، جنهن جو ڪُل وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي کان مٿي آهي.
ان سڄي پس منظر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جي بدترين انداز، مثالي ڪرپشن، غيرسنجيدگيءَ، ايڊهاڪزم، اقربا پرور ڪلچر ۽ متحده آڏو سندن شرطن تي گوڏا کوڙڻ بابت هاڻ ڪجهه به راز ناهي، جو سنڌ جي عوام ان کي مسلسل ڀوڳيو آهي ۽ نه رڳو ماضيءَ ۾ ڀوڳيو آهي ۽ بدستور ڀوڳي رهي آهي، پر اُها زمانن تائين ان بدترين حڪمرانيءَ ۽ ڪرپٽ ڪلچر جا نتيجا ڀوڳيندي. ان سموري صورتحال بابت سنڌ جي وطن دوست ۽ عوام دوست فردن ۽ گروهن مسلسل ڳالهايو، لکيو ۽ احتجاج ڪيو آهي پر نظر اهو ٿو اچي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ ليڊرشپ ان طرف سنجيدگيءَ ۽ فضليت سان ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ظاهر آهي ته ان جا ٿوري ۽ ڊگهي مُدي وارا نتيجا سنڌ سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻ به ڀوڳيندي.
جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڪيترن سالن کان مختلف موقعن تي سياسي طور سامهون ايندو رهيو آهي، پر تازو ڪراچيءَ جي جلسي دوران کيس رسمي طور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ طور سامهون آندو ويو آهي ته هن مختلف معاملن تي موقف پيش ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تازو هن ڪجهه اخباري رپورٽن جي بنياد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن. سوال آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو اخبارن يا ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن جو ايترو نوٽيس وٺي ٿو ته پوءِ 2008ع کان وٺي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت بابت جيڪو ڪجهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندو رهيو آهي، ان جو هيستائين ڪوبه نوٽيس ڇو نه ورتو ويو آهي؟ ماضيءَ ۾ يا مشرف جي 9 ساله آمريتي دور ۾ جيڪا سنڌ جي ڀينگ ٿي، اُها ته پنهنجي جاءِ تي پر 2008ع کان وٺي سنڌ ۾ خود پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، ان جو حساب ڪتاب ڪير ۽ ڪڏهن ڏيندو؟ مثال طور:
(1) سيد قائم علي شاهه 1988ع کان وٺي وزير اعليٰ رهيو آهي، آخر ڪهڙو راز آهي جو 2008ع کان وٺي وري شاهه صاحب ساڳئي منصب تي ويٺل آهي ۽ سندس حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو بدترين عڪس اڄوڪي سنڌ آهي، جنهن جو ڪو شعبو سنئون نه آهي. ترقياتي صورتحال تباهه ڪن آهي ۽ ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ جي بازار گرم آهي. بلاول جي شوڪاز سان هڪ رسمي جوابي رپورٽ سامهون ايندي پر ان سان سنڌ اندر معياري تبديلي ڪهڙي ايندي؟
(2) ٿوري مُدي واري مفاهمتي سياست جي سڀنيءَ کي خبر آهي ۽ سنڌ جي موجوده تباهه حاليءَ ۽ بدترين حڪمرانيءَ ۾ هن سوچ، اوليتن، حڪمت عملين ۽ گروهي مفاد پرستيءَ جو بنيادي هٿ آهي. سوال آهي ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري هن کان ڪا مختلف سوچ رکي ٿو؟ جي ها ته ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هو خودمختيار آهي يا نه؟
(3) ماڻهن سمجهيو پئي يا اميد پئي ڪئي ته بلاول هڪ اعليٰ تعليم يافته، پنهنجي عظيم ماءُ جي تربيت هيٺ رهيل 21 هين صديءَ جو نوجوان اڳواڻ آهي ته هو ضرور ڪنهن بهتر وِييَن (Vision) سان سامهون ايندو، پر بلاول جي تقرير ۾ سواءِ ساڳي سطحي جذباتيت، لفاظي ۽ ٻين جي ڪردارڪشيءَ جي ٻيو ڪجهه نه هو. ڇا هن ڪراچيءَ جي جلسي ۾ پاڪستان سان گڏ سنڌ بابت ڪو موقف، خاڪو، ارادو پيش ڪيو؟ هن جي تقرير ۾ ته سنڌ بابت ڪجهه به سامهون نه آيو. رهندو اِهو تاثر پختو ٿيو ته هو به ساڳئي ڪلچر تحت سطحي جذباتيت ذريعي ۽ سنڌين کي وظيفا ڏئي پينو ۽ ڳيجهو بڻائڻ ذريعي ڪم ٽپائڻ چاهي ٿو. ڇا سنڌ کي هن گهڻ- طرفي بحران مان رڳو هڪ ٺلهي نعري ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ سان ڪڍي سگهجي ٿو؟ اهڙو نعرو ته هو پنجاب ۾ به هڻي ٿو، جڏهن هو ”مرسون مرسون پنجاب نه ڏيسون“ چوي ٿو. سنڌ کي هن گهڻ طرفي بحران مان ڪڍڻ لاءِ جيڪو تدبر ۽ تدبيرون گهرجن، ان جو ته پ پ پ جي سياست ۾ رڳو پاڇو به نظر نه ٿو اچي. ٻيو ته ٺهيو پر بلاول جي چوڌاري جيڪو ٽولو آهي، ان جو آهي ڪو تعلق سنڌي سماج سان؟ يا انهن کي اڄوڪي سنڌ ۽ ان جي عوام جي تاريخي، سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ترقياتي توڙي ذهني ۽ احساساتي صورتحال ۽ حقن بابت ڪو ادراڪ آهي؟ ان سوال جو جواب موهن جي دڙي وارو ميلو آهي، جنهن ۾ ٻيو سڀ ڪجهه هو پر ”سنڌ“ نه هئي.
(4) 2008ع کان 2013ع جي پنج ساله حڪومتي دور ۾ بلاول جي پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي وحدت، تعليم، يونيورسٽين، وسيلن جي استعمال، ٻوڏ ستايلن جي واهر، مطلب ته هر شعبي ۾ جيڪا مثالي موقعي پرستي، نااهلي، ڪرپشن ۽ اقرباپروري ڪئي- هيستائين ان جو ڪو حساب ڪتاب ٿيو آهي؟ يا ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي؟ رڳو تعليم جي شعبي جو ئي مثال وٺو. نوڪريون جيئن بازار جي وَکر طور وِڪيون ويون، جيئن سنڌ ۾ تعليم جو گراف مٿي چڙهڻ بدران هيٺ ڪِريو- ان جو ڪو سدِباب ٿيو؟ سنڌ يونيورسٽي آصف علي زرداريءَ جي ويهاريل وائيس چانسلر جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن سبب سالن جا سال عملي طور بند رهي جنهن تباهه حاليءَ کي رَسي- ان جو ڪو سدِباب ته نه ٿيو پر اڄ سوڌو سنڌ يونيورسٽيءَ کي ميرِٽ تي ڪو مستقل وائيس چانسلر ملي نه سگهيو آهي.
ماضيءَ جا داستان ته تمام طويل آهن پر سنڌ کي درپيش موجوده چئلينج ۽ ايندڙ اجگر بلائن جهڙا مسئلا ڏسي ڪجهه سوالن تي غور ڪجي- مثال طور:
(1) آصف علي زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ جو ئي منطقي نتيجو آهي، جو اڄ متحده سنڌ ۾ سنڌ جي ورهاڱي جا کُليل مطالبا ڪري رهي آهي. ڇا متحده جو مَنُ وڌائڻ ۾ آصف علي زرداريءَ ۽ پ پ پ جي حڪومت جو بنيادي هٿ ناهي؟ جي پ پ پ سنڌ جي مفادن تي ساڻن سوديبازي نه ڪري ها ته ڇا اڄ متحده کي ايتري جرئت ٿئي ها؟ ڀلا هاڻي جڏهن متحده چِٽو مطالبو ڪيو آهي ته پ پ پ، ان جي قيادت ۽ حڪومت وٽ ان جي جواب ۾ سواءِ ساڳي لفاظيءَ جي آهي ڪا واضح ۽ سنجيده حڪمت عملي؟ ڇا سنڌ جي وحدت خلاف گهڻ طرفيون سازشون رڳو سَکڻي لفاظيءَ ۽ نعريبازيءَ سان ناڪام ٿينديون؟ ان لاءِ جيڪا گهربل قانونسازي گهرجي، ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي جيڪا سڀ طرفي مالڪي گهرجي، ان بابت آهي ڪو حڪومت وٽ منصوبو۽ گهربل سنجيدگي؟
(2) ڇا سنڌ ۾ 2008ع کان 2013ع جي مُدي دوران پ پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ جيڪي سنگين غلطيون ڪيون، نااهليءَ جو مظاهرو ڪيو، سنڌ جي وحدت تي سوديبازي ڪئي ۽ وسيلن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي- اُن مان ڪوبه سبق حاصل ڪيو ويو آهي؟ انهن جي ازالي لاءِ ڪا سنجيدگي آهي؟ جي آهي ته پوءِ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي نظر ڇو نه ٿي اچي؟ نظر ته اهو پيو اچي ته سندن حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪوبه بنيادي فرق نه آيو آهي. رڳو تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي دانهن اوتري ڪونه ٿي ٻُڌجي، جيڪا گذريل دور ۾ هئي پر ان ۾ به ڪا معياري تبديلي ته نه اچي سگهي آهي.
(3) سنڌ جا هڪڙا اندروني مسئلا آهن پر سنڌ جا ٻيا معاملا ملڪ جي وفاقي ڍانچي اندر وفاق سان لاڳاپيل آهن، جن جي حوالي سان به وهنوار لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. 18هين آئيني ترميم تحت سنڌ کي 43 نوان کاتا ۽ 17 وزارتون منتقل ٿيون پر سرزمين تي ان سان ڪهڙو فرق پيو؟ ستين مالياتي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم سبب سنڌ جي سالياني بجيٽ ۾ 208 ارب روپين جو اضافو ٿيو- سنڌ جي عوام کي ان جو ڪو لاڀ نصيب ٿيو؟ 18هين آئيني ترميم تحت قدرتي وسيلا هاڻي نه رڳو صوبائي شعبو آهن پر انهن جي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو 50 سيڪڙو آهي پر چار سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين وفاق عملي طور اُهي وسيلا ۽ اختيار صوبن کي منتقل نه ڪيا آهن ۽ ان جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو آهي، جو سنڌ ملڪي پيداوار ۾ 72 سيڪڙو گيس، 57 سيڪڙو تيل ۽ 95 سيڪڙو ڪوئلو ڏئي ٿي پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪوبه گهربل ڪردار ادا نه ڪيو آهي. هڪ اندازي مطابق اِها رقم لڳ ڀڳ 500 ارب روپيا سالياني ٿيندي پر ان لاءِ سنڌ حڪومت جي نااهليءَ ۽ مجرماڻي لاپرواهي مثالي آهي.
(4) 2015ع ۾ اٺون وفاقي مالياتي ايوارڊ ايندو ۽ سنڌ جو نمائندو ان اهم ترين فورم تي گذريل ٽن سالن کان ايڊهاڪ تي آهي. قيصر بنگاليءَ جون خدمتون هاڻي بلوچستان حڪومت حاصل ڪري رهي آهي. ڇا پ پ پ جي سنڌ حڪومت کي سنڌ ۾ هڪ به قابل ماڻهو نه ٿو ملي، جنهن کي ان فورم تي سنڌ جو ميمبر نامزد ڪيو وڃي؟ مراد علي شاهه ان فورم تي گذريل ٽن سالن کان ايڊهاڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي، پر هن جي ڪارڪردگي ڪجهه به ناهي. انهن افعالن سان 2015ع ۾ سنڌ حڪومت مرڪز کان پنهنجو گهربل مالياتي حصو وٺي سگهندي؟ 18هين آئيني ترميم تحت صوبن ۾ هاڻي صوبائي مالياتي ايوارڊ به لازمي آهن پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي، جڏهن ته 1 جولاءِ 2011ع کان صوبن کي اهي اختيار منتقل ٿي چڪا هئا. جيڪڏهن مختلف اُصولن جهڙوڪ ايراضي، غربت، پسماندگي ۽ ضرورتن آڌار صوبائي مالياتي ايوارڊ آيو ته ان جو سنڌ جي پوئتي پيل علائقن کي وڏو فائدو ٿيندو پر اڃا تائين سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي ئي اهو مسئلو ناهي آيو ته نتيجا وري ڪڏهن ايندا!
ان سموري صورتحال ۾ ڇا بلاول جا ٽُوئِيٽر تي پيغامَ ۽ ڇهين ٻارهين مهيني ڀڙڪيدار تقريرون ڪرڻ سان سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪا معياري تبديلي ايندي؟ شوڪاز نوٽيس رڳو قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي ڇو؟ هتي ته کوڙِيءَ کي ئي گُهمرو آهي. بلاول کي سمجهڻ گهرجي ته اڄوڪي سنڌ جي شعور سان پ پ پ جو تعلق مڪمل طور ڪَٽجي چڪو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو پارٽيءَ جي قيادتَ جو سنڌ بابت نه رڳو ڪو ارادو ناهي پر کين ان جو ادراڪ به ناهي. مان سمجهان ٿو ته بلاول ڀُٽو زرداريءَ کي سنڌي ميڊيا، سنڌ جي سول سوسائٽيءَ، سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن توڙي قومپرست پارٽين سان الڳ الڳ سنجيده ويهڪون ڪرڻ گهرجن ته جيئن کيس اندازو ٿي سگهي ته جنهن سنڌ کي بنياد بڻائي هو پنهنجي سياست جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اُها کانئس عملي طور ڪيترو نه ڪَٽجي ۽ بيزار ٿي چڪي آهي ۽ انهن جي اندر ۾ ڪهڙو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوڻ لاءِ آتو آهي.

روزاني ڪاوش حيدرآباد، آچر 09 نومبر 2014ع