تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جو ڇا ٿيندو؟

هاڻي جڏهن چونڊن جو چوٻول ۽ حڪومتن ٺهڻ جو لُڙ لٿو آهي، ته ملڪ جي حقيقي مسئلن ۽ چئلينجز وري منهن ڪڍيو آهي ۽ حڪومت گهڻ طرفي بحران ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته مشرف ٽولي ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي هر طرح سان تباهه ڪري پوءِ حڪومتي منظر تبديل ڪري اقتدار ۾ ڪنهن حد تائين ڀائيواري چونڊن ۾ کٽي آيل سياسي پارٽين کي ڏني آهي پر پوءِ به صاف نظر اچي پيو، ته حڪومت ۾ ويٺل سياسي پارٽين کي وزارتون ۽ عهدن جا منصب ته مليا آهن پر کين حقيقي طور پاور منتقل نه ٿيو آهي.
هن ڀيري جتي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت عوام جا جيءَ جهوري وڌا، اُتي چونڊن جي نتيجن عوام کي هڪ حدتائين تبديليءَ جو اهو احساس ۽ اُتساهه پڻ ڏنو، ته شايد ملڪ ۾ حقيقي تبديليءَ ۽ پاور جي منتقليءَ جا بنياد پون پر اڃا تائين عوام جي اهڙي خواهش جا حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي آثار نظر نٿا اچن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته پ پ پ مشرف جو پورو دؤر بدترين حالتن ۽ رياستي عتاب کي منهن ڏنو، ٻيو ته ٺهيو پر نيٺ ان عتاب جو انت محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي ٿيو ۽ نتيجي ۾ هڪ طرف پ پ پ کي پوري ملڪ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ۽ همدرديءَ جو ووٽ مليو ته ٻئي طرف مٿس تنظيمي توڙي سياسي طور وڏو بار به پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ پارٽيءَ وٽ ڪوبه اهڙو اڳواڻ موجود نه هو ۽ نه آهي جيڪو اڪيلي سِر پارٽيءَ کي ان سطح تي هلائي سگهي ۽ ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي. چونڊن کان پوءِ عوام کي پ پ پ مان خاص طور هيٺيون اُميدون هيون، جيڪي جيتوڻيڪ شديد مايوسيءَ ۾ ته تبديل ڪونه ٿيون آهن پر بهرحال اُميدن جي وارِي عوام جي خواهشن جي مُٺين مان تيزيءَ سان نڪرندي پئي وڃي. عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پ پ پ مان بنيادي طور هيٺيون خواهشون ۽ اميدون پئي رکيون.
جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو خال ته ڪنهن به طور ڀرجڻ جو ناهي پر عوام جيئن پاڻ هن عظيم ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري پنهنجي سجاڳيءَ ۽ ٻَڌيءَ جو ثبوت ڏنو، تيئن ان پ پ پ جي قيادت کان به توقع ۽ اُميد پئي ڪئي ته اُها گڏيل ليڊرشپ جو تصور اُڀاري پنهنجين اڳوڻين ڪمزورين ۽ غلطين جو ازالو ڪندي ۽ عوام جي ڏنل مينڊيٽ جو ڀرپور فائدو وٺندي طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي، پر اڃا ته حڪومت جو هني مون پيريڊ ئي ختم نه ٿيو آهي جو عوام جي اها خواهش ۽ اُميد رنگ مَٽائڻ لڳي آهي.
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو خال هڪ حد تائين پ پ پ رڳو ان صورت ۾ ئي ڀري سگهي ها يا ڀري سگهي ٿي، جڏهن اُها حقيقي معنيٰ ۾ ڪارڪنن کي بااختيار ڪري مٿين سطح تي جمهوري انداز سان گڏيل قيادت جو نه رڳو تصور اُڀاري ها پر ان جو عملي ثبوت به ڏئي ها پر نظر ايئن پيو اچي ته پارٽيءَ اندر ”ون مين شو“ جو ڪلچر وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو ڪلچر محترمه جي حياتيءَ ۾ به هو ۽ اسانجي سمورين پارٽين ۾ مروج آهي ۽ ان تي تنقيد به ٿيندي هئي ۽ آهي، پر پوءِ به هوءَ ان سطح جي اڳواڻ هئي جو هن کي ماڻهو ان روپ ۾ به پيار سان قبول ڪندا هئا. ظاهر آهي ته اهڙي حيثيت هر ماڻهوءَ جي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ان ۾ اُهي صلاحيتون ٿي سگهن ٿيون. پ پ پ وٽ محترمه جي شهادت جو ڪنهن حد تائين هڪڙو ئي حل آهي، ته اها هيٺين سطح تي ڪارڪنن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ۽ مٿين سطح تي گڏيل جمهوري قيادت جو تصور ۽ ڪلچر اُڀاري پر هيستائين نظر اهو پيو اچي، ته ان جي اُبتڙ ”ون مين شو“ جو ڪلچر پارٽيءَ کي ٻئي طرف ڌِڪي رهيو آهي، جنهن ۾ فوري طور نه پر هڪ پراسس ۾ پارٽيءَ کي اندروني طور ڌڪ لڳندو، اندروني طور گروهه بنديون ٿيندوين ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ پاسي خوشامدي ڪلچر وڌندو ته ٻئي طرف ان ڪلچر جو حصو نه بڻجندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي.
عوام کي تبديليءَ جي خواهش ۽ اُميد ان ڪري به هئي ۽ آهي، جو هڪ طرف مشرف ٽولو ۽ اسٽيبلشمينٽ سڄيءَ دنيا ۾ خوار ۽ خراب ٿي چڪا آهن ته ٻئي طرف عوام پ پ پ کي مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو آهي. اهو مينڊيٽ پ پ پ کي مشرف مخالف جذبن، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ عوام جي دلين ۾ تبديليءَ جي خواهش جي محرڪن تحت مليو آهي. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ضياءُ الحق عدالت ذريعي ڦاهيءَ چاڙهيو هو، ته ضياءُ الحق اندروني توڙي خارجي طور مشرف جيان سڄيءَ دنيا ۾ خوار ۽ ناڪام ٿيل نه هو. هن جي دؤر جي شروعات ته شهيد ڀُٽي جي قتل سان ٿي پر هو طاقتور هو. جڏهن ته مشرف ڏهه سال اقتدار جي مسند تي قابض رهڻ ۽ پنهنجي تعصب، منافقت، ٻهروپيت ۽ ناڪام پاليسين سبب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ شخص بڻجي چڪو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ ساڻس ٿيل دوکي ان صورتحال کي ويتر سنگين بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ماڻهو رڳو حڪومتي تبديلي نه پر طاقت جي توازن ۾ تبديلي ۽ پاور جي منتقلي چاهين ٿا.
چونڊن کي ٻه مهينا گذري چڪا آهن ۽ حڪومتون پنهنجو ڪم شروع ڪري چڪيون آهن پر مشرف اڃا تائين نه رڳو ويٺو آهي پر مملڪت جو سربراهه ٿيو دنيا جا پرڏيهي دؤرا پيو ڪري. ان حوالي سان هيستائين مسلم ليگ (ن) چٽو مؤقف رکيو ويٺي آهي ۽ مشرف سان سهڪار جو هٿ وڌائڻ لاءِ تيار ناهي پر نظر اهو پيو اچي ته پ پ پ اڃا تائين مشرف کي سياسي بقا جو جواز فراهم ڪري رهي آهي ۽ سندس مشرف ڏانهن رويو اڃا تائين نرم آهي. ممڪن آهي ته ان پٺيان مٿس آمريڪا جو دٻاءُ به هجي پر جيڪڏهن پارٽيءَ وٽ ان ڏس ۾ مضبوط ارادو، واضح موقف ۽ خاص طور ڪا ٺوس لابنگ ۽ حڪمت عملي هجي ته ان جو ٽوڙ ۽ سدِباب ڪري سگهجي ٿو پر حقيقت ۾ اهڙي ڪا صورتحال نظر نٿي اچي. ساڳيءَ طرح اقتدار جي حقيقي منتقلي به ڪٿي نظر نٿي اچي، ها جزوي طور فرق ضرور پيو آهي پر اهو بنيادي تبديليءَ جي حوالي سان انتهائي ناڪافي آهي. ظاهر آهي ته اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پ پ پ مشرف بدران پنهنجي اتحادي ڌرين يعني مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي تي ۽ اڃا به عوام جي راءِ ۽ طاقت تي ڀاڙي. پر ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ اتحادي ڌرين منجهه به اختلافن جي اُڀرڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. خاص طور مُک اتحادي ڌرين منجهه ٽن سوالن تي وڏو اندروني اختلاف پيو هلي، يعني هڪ مشرف جي سوال تي، ٻيو ججن جي بحاليءَ ۽ ٽيون ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي سوال تي. عجيب ڳالهه اِها آهي ته اُصولي طور جيڪو ڪردار هڪ وڏي عوامي ڌر طور پ پ پ کي ادا ڪرڻ گهرجي ها، اُها هڪ ساڄيءَ ڌر جي جماعت مسلم ليگ (ن) پئي ادا ڪري ۽ پ پ پ مشرف، ججن جي سوال ۽ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان اهو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو نه رڳو اُصولي نه آهي پر عوام ۽ خود پ پ پ جي به حق ۾ نه آهي. مشرف سان اڻ اعلانيه مفاهمت، ججن جي بحاليءَ جي اشوءَ کي غير ضروري اينگهائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جو نانگ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ اهڙا قدم آهن، جيڪي عوام ته ٺهيو پر خود پ پ پ لاءِ مستقبل ۾ وڏي بحران ۽ ناڪاميءَ جو سبب بڻبا. جڏهن ته هن ڀيري عوام ان ڪري وڌيڪ پُراُميد هو ۽ آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ طرف عوام بنيادي شين تي متفق آهي ته ٻئي طرف پ پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جهڙي پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد جُڙيو آهي، جنهن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جهڙا بنياد ۽ پس منظر ۽ اتحاد جا مضبوط محرڪ مليل آهن. لنڊن ۾ جڏهن ميثاقِ جمهوريت جو معاهدو ٿيو ته ان عوام ۾ وڏو اُتساهه پيدا ڪيو پر ان وقت به پ پ پ ان تي گهربل عمل ٿيڻ نه ڏنو ۽ ان جو سبب مشرف سان سندن مفاهمت جو هلندڙ سلسلو هو. ويندي محترمه بينظير ڀٽو به ان مفاهمت جي دوکي ۾ شهيد ٿي وئي. هڪڙي فريبي، مڪريل ۽ متعصب ٽولي کان آخر ڪهڙي چڱائيءَ جي اُميد رکي سگهجي ٿي! هاڻي مري پڌرنامو ٿيو آهي پر ان سان به ساڳيو حشر ٿيندي نظر پيو اچي. جڏهن ته ايئن هرگز ٿيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جو نقصان ڪوبه ڀري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهو نقصان عوام جي مايوسي، مشرف ٽولي جي ڪاميابي ۽ حڪومتي اتحادي ڌرين، خاص طور پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ اختلافن ۽ ڏارَ پوڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ يا ته حڪومت ٽپڙ گول ڪندي يا پ پ پ کي مشرف، مسلم ليگ (ق) ۽ متحده تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪا ڳالهه عوام لاءِ صدمي ۽ پ پ پ لاءِ ڪنهن آپگهات کان گهٽ نه هوندي.
عوام هن ڀيري اتحادي ڌرين کان ڪنهن انقلابي تبديليءَ جي گهُر نه ٿو ڪري پر ايترو ضرور چاهي ٿو ته ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي تي ان جي اصل روح مطابق عمل ڪري، ڪنهن بهتر سفر جو بنياد وڌو وڃي. جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان ايئن نه ٿيو ته ان جو نقصان عوام، جمهوريت ۽ پ پ پ جو ٿيندو ۽ فائدو مشرف ٽولي ۽ سياسي طور مسلم ليگ (ن) جو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) عوام ۾ اهو تاثر ويهارڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، ته اُهي پنهنجي ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جي مؤقف تي قائم آهن ۽ ان لاءِ قرباني به ڏئي سگهن ٿا. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ جو ملڪي سطح تي ڪمزور ٿيڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڪيلي سِر وڏيءَ طاقت سان اُڀرڻ نه ته جمهوريت جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي. جي پ پ پ هن ڀيري پاڻ کي ناڪام ثابت ڪيو ته پوءِ مستقبل مسلم ليگ (ن) جو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي ٻين صوبن مان وڏي موٽ نه به ملي، ته به اها پنجاب ٻُهاري ويندي، ان ڳالهه جا امڪان ان ڪري به موجود آهن ته پنجاب جي حڪومت هينئر ئي مسلم ليگ (ن) وٽ آهي ۽ پنجاب جي حڪومت جو اختيار ۽ وزن عملي طور وفاقي حڪومت کان به مٿي آهي. هن ڀيري جيڪي رياستي ۽ حڪومتي چئلينجز آهن، اُهي پ پ پ کي ڀوڳڻا ۽ انهن کي منهن ڏيڻو آهي پر مسلم ليگ (ن) مرڪز توڙي پنجاب ۾ رڳو مستقبل لاءِ سيڙپ ڪندي. ان ڪري پ پ پ کي سمجهڻ گهرجي ته هن ڀيري نه رڳو سندس مقابلو هڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندڙ پارٽيءَ سان آهي ۽ هاڻي نه ته وٽن محترمه بينظير ڀٽو جهڙي اڳواڻ آهي ۽ نه وري سندس شهادت جهڙا واقعا بار بار کين اهڙو مينڊيٽ ڏياريندا. هن دفعي پ پ پ کي صرف ۽ صرف پنهنجي ڪارڪردگي ئي بچائي ۽ مضبوط ڪري سگهي ٿي. جذباتي طور عوام جو پ پ پ لاءِ اهو آخري ووٽ هو. هاڻي ان کي پنهنجي جٽاءَ ۽ سگهه جا بنياد جذباتيت بجاءِ پاليسين ۽ ان تي عمل ۽ نتيجا ڏيکارڻ جي حوالي سان رکڻا پوندا. جي هن ڀيري پ پ پ پاڻ کي سنڀالي نه هلايو ۽ هڪ ڪامياب حڪومت ثابت نه ڪيو ته ان جا خراب اثر ملڪي سياست ۽ جمهوريت سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي عوام تي به پوندا. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وڌيڪ سگهاري ٿيندي ۽ عوام جا ڌڪاريل سرڪاري وڏيرڪا سياسي خاندان وري سياست جي ميدان تي موٽي ايندا ۽ سنڌ ۾ خانداني ۽ برادريءَ جي سياست وري زور وٺندي. هن ڀيري پ پ پ اقتدار پُل صِراط تي هلڻ جي مترادف آهي ۽ ان ۾ هن ڪٿي به ڌڪو کاڌو ته پوءِ هيٺ ناڪامين، خطرن، غير يقينين ۽ تباهين جي وڏي کاهي آهي، جنهن ۾ ڪِرڻ کان کيس ڪوبه بچائي نه سگهندو، ۽ اهو نقصان رڳو پارٽيءَ ۽ سندس ڪارڪنن جو ئي نه پر عوام، جمهوريت ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌي عوام جو هوندو.


پندرهن روزه افيئر 15 آڪٽوبر 2008ع