نئون وڏو وزير ۽ سنڌ جو ڪيس!
نئين وڏي وزير سنڌ ۾ جيڪي هر سطح تي دورا شروع ڪيا آهن، ان حوالي سان هو تازو حيدرآباد به آيو، جتي هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي هئي. حيدرآباد جي دوري دوران جتي هو ٻين شعبن جي ماڻهن سان مليو اُتي هو چونڊ اديبن سان پڻ مليو، جن ۾ مان به شامل هئس. ان ملاقات بابت سنڌ جي ادبي، صحافتي ۽ ڪجهه سياسي حلقن ۾ ورهايل راءِ سامهون آئي آهي. ڪجهه ماڻهن ان کي اجايو ڄاڻايو ته ڪجهه مهربانن هميشه جيان غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ته ان گڏجاڻيءَ ۾ وڃڻ سنڌ سان غداريءَ جي مترادف آهي. سماج هڪ جيئرو ۽ گهڻ طرفو لقاءُ آهي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪابه راءِ قائم ڪرڻ کان روڪڻ ممڪن نه آهي ۽ نه درست ٿيندو، ان ڪري اهڙن روين ۽ سوچڻ جي انداز تي رڳو اَرهو ٿيڻ بجاءِ مناسب طريقو اِهو ٿيندو ته ان جي منطقي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي، پر ڇا سنڌ ۾ فتوائون جاري ڪرڻ، هر ڳالهه تي ٽوڪ ڪرڻ، طنز ۽ تبرا ڪرڻ ۽ هر شيءِ کي رد ڪرڻ کان سواءِ فضيلت سان اختلاف جو اظهار نٿو ڪري سگهجي؟ جيئن ته اسان جو موقف چِٽو ۽ کُليل هو، ان ڪري هتي هن مضمون ۾ مان هڪ ته اهو ٻُڌائيندس ته وڏي وزير جي اديبن سان ملاقات ۾ ڇا ۽ ڪهڙو موقف رکيو ويو ۽ ٻيو ته ڇا اهڙين گڏجاڻين جو مڪمل ۽ هميشه لاءِ حتمي بائيڪاٽ ٿيڻ گهرجي يا سمورن اختلافن باوجود گفتگوءَ جا دَرَ هميشه کُليل رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اِهو به جمهوري ڪلچر جو هڪ سگهارو رستو ۽ جاءِ هوندي آهي، جتي ماڻهو حڪومت يا ڪنهن به واسطيدار ڌر آڏو چِٽائيءَ سان اُهي سڀ ڳالهيون رکي سگهي ٿو، جيڪي هونئن سندن پَرپُٺِ ڪبيون آهن. ساڳيون ڳالهيون رستن، احتجاجن، لکڻين ذريعي پيش ڪرڻ جي وڏي اهيمت آهي پر واسطيدار ڌرين کي اهو ڪڙو سچ مُنهن تي چئي ڏيڻ جي اهميت به تمام گهڻي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير، جيڪو پنهنجي ڪابينه جي وفد سان آيو هو، اُنهن کي اسان روبرو جيڪي ڳالهيون چيون يا مطالبا ڪيا اُنهن جو تَتُ ٿُلهي ليکڪي هي هو:
(1) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ گذريل اَٺ سال سنڌ ۾ ڪرپشن، اقرباپروري ۽ بدترين حڪمرانيءَ ذريعي سنڌ جي ترقياتي ڍانچي ۽ عوام جي معاشي حالت کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن اَٺن سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار نه رڳو پرويز مشرف ۽ اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل بدترين ٻه اکيائيءَ ۽ زيادتين ۽ ڦُرلٽ جو نه رڳو ڪو ازالو نه ڪيو پر پاڻ اُنهن کان به وڌيڪ بدترين مٿال قائم ڪيا. ان ڪري نئين وڏي وزير ۽ حڪومت کي زبان سان نه پر عملي طور ثابت ڪرڻو پوندو ته اُهي گذريل اَٺن سالن جي دور (جنهن جو هو پاڻ به حصو هئا) کان ڪيئن ۽ ڇا ۾ مختلف آهن؟
(2) سنڌ ۾ گذريل اَٺن سالن ۾ چار هزار ارب روپين کان وڌيڪ وسيلا سنڌ حڪومت کي مليا پر سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن، سنڌ ۾ خدمتن جو شعبو ۽ ترقياتي ڍانچو مڪمل طور تي مرڻينگ آهي، جنهن کي ڪنهن ڊگهي مُدي واري ٺوس ۽ سنجيده رٿابنديءَ ۽ حقيقي سياسي ارادي سان ئي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ جو عوام ڏسڻ چاهيندو ته موجوده حڪومت ان ڏس ۾ ڪهڙا ٺوس ۽ سنجيده قدم ٿي کڻي؟
(3) سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نواز ڪلچر ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل کي نه رڳو اونداهين ۽ نااُميديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌِڪيو ويو آهي پر کين ۽ سندن مائٽن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته اُهي تعليم ۽ قابليت تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ وڏيرن جي درن تي ڌِڪا کائين. ميرٽ جي لتاڙ سان نه رڳو ادارا تباهه ٿين ٿا، قابليت جي حق تلفي ۽ نفي ٿئي ٿي پر ان سان هڪ اقرباپرور ڪلچر پڻ جُڙي ٿو، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي نااُميديءَ جي نفسياتي روڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ان جو هڪ چِٽو ۽ ويجهو مثال آهي. سنڌ ۾ ميرٽ تي عمل کانسواءِ سنڌ جو سماج سنئون دَڳُ وٺي، ادارا سگهارا ٿين ۽ درست ڪم ڪن ۽ ڪو اُميد جو ڏيئو ٻري، اهو ممڪن نه آهي.
(4) 18هين آئيني ترميم جي اطلاق جي آئيني مُدت کي ڇهه سال پورا ٿيڻ تي آهن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين وفاق کان مڪمل طور پنهنجا آئيني حق، وسيلا، خودمختياري وٺي نه سگهي آهي ۽ نه وري اين ايف سي ايوارڊ، گڏيل مفادن واري ڪائونسل، اقتصادي ڪائونسل جهڙن حساس ۽ اهم فورمن تي گهربل ڪردار ادا ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي اڳ به سيد مراد علي شاهه پئي ڪئي آهي. سنڌ جي نئين حڪومت ان ڏس ۾ ڪهڙا ٺوس قدم ٿي کڻي، سنڌ جو عوام اهو نتيجن جي صورت ۾ ڏسڻ چاهيندو.
(5) سموريون عالمي توڙي ملڪي ۽ ويندي سرڪاري رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا مڪمل طور تباهه حال آهن. جيتوڻيڪ اُهي 2008ع کان اڳ به ڪي بهتر نه هئا پر گذريل اَٺن سالن ۾ انهن کي ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ انتظامي نااهليءَ ۽ مجرمانه غفلت ذريعي مڪمل طور برباد ڪيو ويو آهي. سنڌ صوبو پنهنجي صوبائي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿو ۽ نتيجو سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن. اُهي شعبا ايترو ته تباهه حال ٿي چڪا آهن جو اُنهن جي بحالي ۽ سُڌارو ڊگهي مُدي وارا بنيادي قدم کڻڻ ۽ رٿابنديءَ کانسواءِ ممڪن نه آهي. موجوده حڪومت وٽ ڏيڍ سال آهي، ان ڪري اُها ان کي بحال ته نه ٿي ڪري سگهي پر ساک وارن ادارن ذريعي اهو عمل شروع ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ سياسي ارادو گهرجي، جيڪو حڪومت کي عملي طور ڏيکارڻو پوندو، نه ته زباني دعوائون عوام سان وڌيڪ دوکو ثابت ٿينديون.
(6) سنڌ جا اُهي اعليٰ تعليمي ادارا جيڪي غريبن جي ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جو واحد ذريعو آهن، اُنهن کي ميرٽ تي اهل وائيس چانسلر نه ڏيڻ سبب تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پُڄايو ويو آهي، ان ۾ خاص طور سنڌ يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. انهن يونيورسٽين کي ميرٽ تي ۽ شفاف انداز سان ڪنهن ڪميشن ذريعي لائق ۽ فرض شناس وائيس چانسلر ڏنا وڃن ۽ اُهي وائيس چانسلر وڏي وزير کي اڪيلي طور به رکڻ نه گهرجن. ساک وارو ڪو سليڪشن بورڊ اهي فيصلا ڪنهن به سياسي دٻاءُ کانسواءِ ڪري. سنڌ ۾ اڃا تائين صوبائي HEC جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم آهي، جيڪو ڪرپشن جي ڪيس کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ڪو لائق ۽ ايماندار ماڻهو ڇو نه ٿي ان منصب تي آڻي؟
(7) سنڌ ۾ ادبي ۽ ثقافتي ادارا به ٻين ادارن کان گهٽ تباهه حال نه آهن، جنهن جو هڪڙو مثال سنڌي ادبي بورڊ آهي. گذريل ڪيترن سالن کان اهو ادارو بحران جو شڪار آهي ۽ هيترا وسيلا خرچ ٿيڻ باوجود ان جو لاڀ يا نتيجو سموري سماج اڳيان آهي، ان لاءِ بنيادي طور حڪومت ذميوار اهي. اهڙن سمورن ادارن ۾ اعليٰ انتظامي عهدا قابليت جي بنياد تي شفاف طريقي سان ميرٽ جي بنياد تي ڏنا وڃن، ان کانسواءِ انهن جو سڌارو ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي.
(8) قانوني طور تي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي ۽ ٻئي طرف سرڪاري آفيسن، ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو يقيني واهپو ته پري جي ڳالهه پر پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي ۽ نه وري ڪارپوريٽ سيڪٽر پنهنجن اشتهارن ۽ ٻئي مواد ۾ سنڌيءَ کي ڪا اهميت ڏئي ٿو. ان لاءِ ذميوار حڪومت جي مجرمانه لاپرواهي آهي. حڪومت گهربل قدم کڻي ته ڪا مجال ناهي جو پرائيويٽ اسڪول ۽ ادارا سنڌيءَ کي گهربل اهميت نه ڏين. ڇا موجوده حڪومت ان ڏس ۾ ڪي ٺوس قدم کڻندي؟
(6) سنڌ ۾ مدرسا کُنڀين وانگر نڪري نِروار ٿي پيا آهن ۽ حڪومت نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي، جيڪا مٿن نظر رکي، سندن رجستريشن ڪري يا ڏسي ته اُهي ڪهڙن مقصدن لاءِ ٺاهيا پيا وڃن ۽ سڀاڻي سنڌ ۾ ڪهڙي قيامت برپا ڪري سگهن ٿا. اڄ کان 20 سال اڳ خيبرپختون خواه ۽ فاٽا ۾ به انهن مدرسن جي اوچتو ٺهڻ ۽ وڌڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ نيٺ هنن جو هڪ پورو نسل باهه مان نڪتو، ان ڪري سنڌ ۾ آهي ڪا حڪومت، جيڪا دورانديشيءَ سان ان طرف ڌيان ڏي ۽ گهربل قدم کڻي؟ موجوده حڪومت جو امتحان هوندو ته اُها ان ڏس ۾ ڪي ٺوس قدم کڻي ڏيکاري.
انهن مٿي ڄاڻايل بنيادي معاملن کان سواءِ سنڌ ۾ آبپاشي نظام، سنڌ جي وحدت، حيدرآباد شهر جي تباهه حالي، سنڌ ۾ خواتين جي حقن بابت قائم ڪيل ڪميشن يعني SNCW جي فعال ڪردار، امن امان جي بدترين صورتحال، سنڌ ۾ ادارتي زوال ۽ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي بدترين ڪردار ۽ مجرمانه غفلت تي پڻ کُليل نموني وڏي وزير سامهون اديبن جي وفد پنهنجو موقف پيش ڪيو. وڏي وزير بظاهر ته کُليل ذهن سان اُنهن سمورين تلخ ڳالهين کي ٻُڌو ۽ ان تي مثبت جواب ڏنا، باقي سندس من ۾ ڇا آهي اُهو ته هو پاڻ ڄاڻي ٿو. اسان جي هڪ مانواري ليکڪا کانئس اِهو به پڇيو ته ڇا هو حقيقي طور خودمختيار به آهي يا سندس اختيار اڳوڻي وڏي وزير جهڙا ئي هوندا.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هر شيءِ تي آڱر کڻڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي ۽ سماج ۾ مجموعي طور مايوسيءَ ۽ اويساهيءَ سبب منفي روين جو گهڻو اُڀار نظر اچي ٿو، ان ڪري سوشل ميڊيا ان جو وڏو ذريعو بڻيل آهي. مان هميشه ان سوچ جو قائل رهيو آهيان ته ان تي ٺلهو اَرهو ٿيڻ بجاءِ سماج جي مختلف حصن جي اهڙن روين تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ ان جا محرڪ جاچڻ گهرجن. هن ڀيري به ڪيترن دوستن سنڌي اديبن جي هڪ وفد جي وڏي وزير سان ملاقات تي نه رڳو سخت تنقيد ڪئي پر ڪيترن مهربانن پنهنجيءَ روايتي ذهنيت موجب ان کي غداريءَ سان پڻ تعبير ڪيو، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ وڏي حلقي سنڌ جي وڏي وزير آڏو حڪومت تي سخت تنقيد ڪرڻ ۽ سنڌ جو واضح نقطه نظر پيش ڪرڻ تي ان قدم کي مثبت سمجهيو آهي.
سنڌ جي سماج کي رياست، پ پ پ حڪومت يا اسيمبليءَ جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ۽ مڪمل انارڪيءَ ڏانهن وڃڻ گهرجي يا نه! ان بابت مان پنهنجا ويچار تفصيل سان ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس جو هن مضمون ۾ ان جي گنجائش نه ٿيندي پر ان باوجود ڪجهه بنيادي ڳالهيون مان هتي ڪرڻ چاهيندس. مثال طور:
(1) جيڪي اختلاف، اعتراض ۽ تنقيدون اسان حڪومت تي پنهنجين لکڻين، احتجاجن، ڪانفرنسن ۽ مختلف فورمن تي ڪريون ٿا، جي اُهي کين روبرو چوڻ جو ڪو فورم هجي ته پوءِ ان کي ڇڏي ڏجي؟ ڇا حڪومت تي روبرو سخت تنقيد ڪرڻ ۽ پوءِ ان کي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ جو اخلاقي ۽ سياسي وزن پَرپُٺ ڪيل ڳالهه کان وڌيڪ نه هوندو آهي؟ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڇا حڪومت آڏو روبرو پنهنجو چِٽو موقف پيش ڪرڻ جو مطلب ڪو ڪمپرومائيز آهي يا انهن موقف رکندڙ ماڻهن کي ڪو سڀاڻي جهليندو ته روبرو ڊائلاگ کانپوءِ اُهي پنهنجو ساڳيو اُصولي موقف عوام ۾ ۽ هر فورم تي نه ورجائين ۽ حڪومت تي دٻاءُ جاري رکن؟
(2) آمريتن ۾ حڪومتن سان ملڻ جو مطلب ٻيو هوندو آهي پر ڇا آئيني ۽ سياسي حڪومتن تي سمورين ۽ بي شمار تنقيدن باوجود ڪن فورمن تي ساڻن گڏ ويهي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ غلط عمل آهي؟ ڇا اِها مڪمل انارڪي سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳائيندي؟ ڇا ان مان سواءِ نفسياتي هيجان ۽ تسڪين جي ڪجهه ورندو؟ ڇا سمورن اعتراضن ۽ اختلافن باوجود پنهنجي بدترين مخالف سان به ڪنهن موقعي تي گڏجي ويهڻ جا سمورا دڳ بند ڪرڻ ڪا عقلي، معروضي ۽ درست روِش ۽ حڪمت عملي ٿيندي؟ ڇا حڪومتن ۽ شهرين وچ ۾ گفتگوءَ ۽ ڊائلاگ جا رستا هميشه کُليل هئڻ نه گهرجن؟
(3) حڪومت سان سندن سڏ تي ڪنهن فورم تي گڏ ويهڻ جو مطلب رڳو کين ٺلهيون صلاحون ڏيڻ نه پر کين مُنهن تي سچ ڦِهڪائي چوڻ هوندو آهي، ٺلهيون صلاحون ڏيڻ ۽ سندن آڏو پنهنجو سَگهارو ۽ حقيقي موقف پيش ڪرڻ ۾ فرق هوندو آهي، ان ڪري اهڙي ڪنهن به گفتگوءَ جي فورم کي ٺلهيون صلاحون ڏيڻ جو فورم سمجهڻ يا ته ڀورڙائي آهي يا وري ڏٺي وائٺي بدنيتي ۽ تعصب.
(4) سنڌ ۾ پري پري تائين نه ٿو ڏسجي ته ڪو حڪومتون بهتر اينديون ۽ سنڌ جي درد جو درمان اسان جي خواهش مطابق ڪنديون. واري واري سان لڳ ڀڳ اهڙيون ئي حڪومتون اينديون، پوءِ ڇا اهو حتمي اعلان ڪري ڇڏجي ته اڻ ڄاڻايل مُدي تائين ڪنهن به سياسي حڪومت سان ڪنهن به فورم تي نه ويهبو؟ ڇا اها بندش رڳو ليکڪن لاءِ آهي؟ يا صحافين، وڪيلن، شهرين ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ به آهي؟
(5) اهو درست آهي ته حڪومتن کي مسئلن جي مڪمل ڄاڻ آهي ته ڇا ان بنياد تي سندن آڏو ڪوبه چِٽو ۽ اُصولي موقف پيش نه ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته کين مسئلن جي اڳ ئي خبر آهي. ڇا اها سوچ ۽ روِش درست ٿيندي؟
(6) ڇا مخالفت، تنقيد يا جدوجهد جا ڪي مخصوص ۽ حتمي طور طئي ٿيل طريقا، فورم ۽ انداز آهن؟ ڇا ڪنهن گڏيل فورم تي ويهي حڪومت جو سخت احتساب ڪرڻ ان جو اهم حصو ناهي؟ نصير ميمڻ درست چيو آهي ته اها سوچ ۽ رويو سرد جنگ جي دور جي دائرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هيءَ 21هين صدي آهي ۽ گفتگو، ڊائلاگ ۽ اُصولي موقف سان گڏيل فورم پڻ وڏي اهميت رکن ٿا، انهن کان انڪار اسان جي ذهني پسماندگيءَ جي تصوير پيش ڪن ٿا. رڳو حڪومت ڇا، حالتن آهر ڪنهن به ڌر سان ويهي سگهجي ٿو، اصل سوال ويهڻ يا نه ويهڻ جو نه پر ان موقف، اخلاقي سَگههَ، ضمير جي سچائيءَ ۽ اُصول پسنديءَ جو آهي، جنهن تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گهرجي.
مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي، منفيت ۽ انارڪي سنڌ ۽ سنڌين کي وڌيڪ ڪُنڊائتو ۽ ڪمزور ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبي. سنڌ ۾ حڪمت عملين ۽ گهربل متوازن ڪلچر بابت مان پنهنجا ويچار ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس.
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 19 آگسٽ 2016ع