بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ڇا ڏئي سگهندو؟
جيتوڻيڪ بلاول اڃا تائين آزاد ۽ خودمختيار منصب ماڻي پنهنجي سياست جي حقيقي شروعات ڪئي ئي ناهي، ان ڪري شخصي طور هن جي دامن تي ڪو داغ ناهي لڳو، جو سمورا ماڻهو سمجهن ٿا ته پارٽيءَ جون اصل واڳون آصف علي زرداريءَ وٽ آهن ۽ هو ئي هن سموري سياست، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ تنظيمي ڪلچر لاءِ ذميوار آهي. جيڪڏهن اهو فرض به ڪري وٺجي ته بلاول پنهنجي پيءُ جي ڀيٽ ۾ بهتر سياست جو خواهشمند آهي، تڏهن به هن آڏو ڪجهه بنيادي چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيستائين ته هن ڪوبه جرئت جو مظاهرو نه ڪيوآهي. اهي چئلينج ٿُلهي ليکي هي آهن:
(1) بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ماتحت سياسي ميدان تي آيو آهي، جنهن جو نه رڳو ماضي سُٺي ساک وارو ناهي پر هن وٽ ڪي به آدرش يا بنيادي اُصول نه آهن. هو سياست کي قوم ۽ عوام جي خدمت، سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي واٽ ۽ قوم ۽ عوام جي مفادن جي تحفظ جي ميدان بجاءِ مفاد جي راند سمجهي ٿو ۽ ان ۾ هو پنهنجو مخصوص مفاد بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن جا ثبوت هن گذريل اٺن سالن ۾ بار بار پئي ڏنا آهن. عارضي ۽ خصيص اقتدار خاطر سنڌ ۾ ٻِٽو نظام آڻڻ کان وڌيڪ ان جو ٻيو ڪهڙو ثبوت پيش ڪجي؟ نظر ايئن ٿو اچي ته آصف علي زرداري بلاول کي به ان راند ۾ هڪ مُهري طور استعمال ڪرڻ ٿو چاهي، باقي آصف جي هوندي هو بااختيار چيئرمين ٿي مختلف سياست ڪري، ان جا امڪان تمام گهٽ ٿا ڏسجن. نه وري بلاول ۾ اهو تدبر، همت، آدرشي اک ۽ ارادو ٿو ڏسجي، جيڪو هن نَنهَن کان چوٽيءَ تائين مفاد پرست ۽ پيٽ پرست سياست کان جِند آجي ڪرائي سگهي.
(2) بلاول ڀٽو زرداريءَ ماضيءَ ۾ جيڪي به تقريرون ڪيون آهن، اُنهن مان لڳي ٿو ته هن وٽ پنهنجو ڪو ويزن نه آهي، هو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ پنهنجي شهيد ماءُ جون تقريرون ٻُڌي عوامي انداز اختيار ڪري عوامي ليڊر ٿيڻ ٿو چاهي پر هن کي اها خبر نه ٿي پوي ته سندس ناني ۽ ماءُ رڳو جذباتي تقريرون نه ڪيون هيون پر جدوجهد به ڪئي هئي ۽ هنن پنهنجي طبقي جي حد تائين عوام بابت ڪونه ڪو ويزن به رکيو ٿي. بلاول جي ايجنڊا ۽ ويزن ڇا آهي؟ ان جو هيستائين ته ڪوبه اندازو نه ٿي سگهيو آهي. في الحال ته هو هڪ پُرجوش شهزادي وانگر سيلفيون ڪڍڻ ۽ ٽوئٽر تي پيغام ڏيڻ کي ئي عوامي سياست سمجهي ٿو.
(3) بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سماج کان مڪمل طور ڪَٽيل آهي، هن کي ڪو ادراڪ نه آهي ته سماج جا مختلف حصا ملڪ ۽ سنڌ جي حالتن کي ڪيئن ڏسي رهيا آهن؟ هنن جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جي انداز ۽ گورننس يا پاليسين بابت ڇا خيال آهي؟ هو آصف علي زرداريءَ بابت ڪهڙي راءِ رکن ٿا ۽ سندس نام نهاد ”مفاهمتي سياست“ کي ڪيئن ڏسن ٿا؟ حقيقت ته اها آهي ته سماج ته پري رهيو پر خود سندس پارٽيءَ اندر ڪهڙا ڪهڙا مختلف رايا آهن؟ ان بابت به کيس ڪا خبر يا سمجهه نه آهي، جو ڪنهن سان به سڌيءَ ريت لاڳاپي ۾ ناهي. ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهرجهنگ ويندا هئا، ويندي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان سڌيءَ ريت ملندا هئا ۽ ان طرح ئي هو عوامي اڳواڻ بڻيا. بلاول جو سماج ۾ ڪنهن سان رابطو آهي جو کيس سماج جي مسئلن، اهنجن، خيالن، تنقيدي شعور، ويساهه گهاتين ۽ احساساتي بحران جي خبر پوي!؟ هن جي ويجهو سمجهيو ويندڙ حلقو به اُهو ئي آهي جيڪو سيلفيون ڪڍڻ ۾ پوروآهي. بلاول جو الميو اهو به آهي جو هن جو دور عالمي طور به سياسي حوالي سان جَڏو ۽ مُڏو آهي، جو نه ته دنيا ۾ وڏيون زبردست ترقي پسند عوامي تحريڪون ٿيون ڏسجن ۽ نه وري فڪري طور اهو ڊسڪورس حاوي آهي، جنهن مان هو پنهنجي ادراڪ کي تشڪيل ڏئي سگهي.
جيتوڻيڪ سماج ۽ سياست ڪڏهن به حتمي شڪل وٺي نه بيهندا آهن ۽ اُنهن ۾ اوڀاريون لهواريون پيون اينديون آهن، پر ان جي باوجود بلاول کي هيٺين ڳالهين کي سمجهڻو پوندو.
(1) پاڪستان پيپلز پارٽي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کانپوءِ مڪمل زوال پذير ٿي چڪي آهي، اها هڪ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ واري حيثيت مان سُسي اچي رڳو سنڌ ۽ سنڌين جي مٿي ۾ لڳي آهي. پنجاب مان ان جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ۽ مان نه ٿو سمجهان ته اڄوڪي مڊل ڪلاس ۽ ڪاروباري طبقي تي مشتمل پنجاب کي وري پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيهر حاصل ڪري سگهندي. ٻيو ته ٺهيو پر سرائيڪي صوبي جي ڳالهه باوجود اها ته مورڳو سرائيڪي پَٽيءَ مان به گهڻي ڀاڱي هارائي وئي. پختون خواه ۽ بلوچستان ۾ اُها اڳ به محدود هئي پر هاڻي ته اُها حيثيت به نه رهي آهي.
(2) اهو صحيح آهي ته ڪيترا ڏهاڪا سنڌي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي جذباتي ووٽ ڏنو پر اها حقيقت آهي ته هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سنڌين جو ملندڙ ووٽ مجبوريءَ جو ووٽ آهي جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پارلياماني ميدان تي مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪا ڌر نه ملي سگهي آهي پر اهو مجبوريءَ جو ووٽ به آخر ڪيستائين؟ پارٽي قيادت رڳو ان خود غرض خوشفهميءَ ۾ پوري آهي ته سنڌين وٽ ٻي ڪهڙي واٽ آهي؟ ان ڪري اُهي گاريون به ڏيندا پر ووٽ به اسان کي ئي ڏيندا. سوال وري به اهو آهي ته اُهو به آخر ڪيستائين؟
(3) بلاول ڀٽو آخر ملڪي سطح جو عوامي اڳواڻ ٿي ڇو ۽ ڪيئن اُڀرندو؟ سڄو ملڪ ڏسي پيو ته سندس پارٽيءَ جي حڪومت جيڪا سنڌ جي ڀينگ ڪئي آهي ۽ جيڪو پارٽيءَ اندر ”زبان بنديءَ“ جو ڪلچر جوڙيو ويو آهي، ان ۾ بلاول ڪهڙو فرق آندو آهي جو هو ٻين صوبن کي پَڳون ٻَڌرائيندو؟ ٻيا صوبا هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي گورننس جي اک سان ڏسي رهيا آهن ته جنهن صوبي ۽ ان جي عوام گذريل اڌ صديءَ کان هن پارٽيءَ سان نِڀايو آهي، ان کي ڇا مليو جو ٻين صوبن کي به ورندو؟
(4) هن ملڪ جي سياست ۾ عوام جي ڳالهه ڪندڙن کي اجگر بلائن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، خود بلاول جو نانو ۽ سندس عظيم ماءُ انهن ”بلائن“ جي ور چڙهي، اجل جو شڪار ٿيا. بلاول اُنهن قوتن کي ڪيئن منهن ڏيندو يا ڏيڻ به چاهي ٿو يا نه، اهو ته پري جو سوال آهي پر ان وچ ۾ بلاول جو هڪ عبوري امتحان آهي ته ڇا هو سنڌ ۾ پنهنجيءَ حڪومت جو پڇاڻو ڪري سگهي ٿو؟ مال پِڙيءَ ۾ تبديل ٿيل سنڌ ۾ وزيرن جي اڻ ڪَٿيل ڪرپشن کي ٻُنجو ڏئي سگهي ٿو؟ سنڌ ۾ وسيلن ۽ ادارن جي ڀَيل ڪيئن ٿي ٿئي، ان جو سدِباب ڪري سگهي ٿو؟ آڪسفورڊ جو پڙهيل بلاول ڇو نه ٿو سنڌ يونيورسٽيءَ اچي ۽ ڏسي ته اسان جا ادارا ڪهڙي حال ۾ آهن؟ ڇو نه ٿو اسپتالن، ٿاڻن ۽ اسڪولن جا اوچتا دورا ڪري ڏسي ته هي سنڌ جا باشعور ماڻهو آخر ڇو ٿا زرداريءَ جي حڪمرانيءَ جي انداز جي ڇِتي مخالفت ڪن؟ اُهي اچي ڇِتا ٿيا آهن يا سندس پارٽيءَ ۽ حڪومت جي انداز جي ڦودني ۾ ڪو ڦير آهي؟ ڇا بلاول سنڌ ۾ کُلي عام نيلام ٿيندڙ نوڪرين کي بند ڪرائي ميرٽ بحال ڪرائي سنڌ جي نئين نسل کي صحتمند چٽاڀيٽيءَ جو موقعو ڏياري سگهي ٿو؟ جن ملڪن ۾ هو رهيو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو آهي، ڇا اُتي ميرٽ جي لتاڙ جو تصور به موجود آهي؟ اُن ڪري سنڌ جو ماڻهو ڏسڻ چاهي ٿو ته ڇا بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۽ حڪومت جي ڪرپٽ، نااهل ۽ اقرباپرور ڪلچر جي مزاحمت ڪري سگهي ٿو؟
(5) بلاول ڀٽو زرداريءَ کي خبر هئڻ گهرجي ته جذباتي تقريرون به تڏهن ڪجهه اثر رکنديون آهن جڏهن اُنهن جي پويان ڪجهه محرڪ ۽ نتيجا هجن. سڄي سنڌ جو ترقياتي ڍانچو تباهه حال آهي، تعليم مرڻينگ آهي، صحت جي شعبي کي پاڻ علاج ۽ سرجريءَ جي ضرورت آهي، غربت جو گراف ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي، امن امان جو مسئلو هاڻي عملي طور فوج ۽ رينجرز وٽ آهي. جون جي مهيني ۾ به آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ته پاڻي ڪونهي ۽ حڪومت ان تي ويچاري رهي آهي ته پاڻيءَ جي وارابنديءَ ۽ ورهاست تي به رينجرز کي ويهاريو وڃي. جي سڀ ڪجهه رينجرز کي ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ حڪومت جي هجڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ يونيورسٽيون الڳ بحران جو شڪار آهن، سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو ڪو تصور به موجود ناهي. ٻيو ته ٺهيو پر پنج سال گذري ويا، سنڌ حڪومت 18هين آئيني ترميم تحت صوبي کي پنهنجا حق به وٺي نه ڏئي سگهي آهي، آدمشماري ڪونه پئي ٿئي، مالياتي ايوارڊ ساڳيو هوندو، سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي اڪثريت طور غيرسنڌين ۽ اُنهن وٽ آهي، جن جو سينيٽ ۾ ڪو ڪردار ناهي. ان سموري صورتحال ۾ ماڻهو ڇا بلاول جي جذباتي تقريرن کي پچائي کائيندا؟
مان ته حيران آهيان ته جنهن نوجوان جي تعليم ۽ تربيت برطانيه ۾ ٿي آهي، جنهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جمهوريت ۾ حڪمرانيءَ جو انداز ڪيئن هوندو آهي ۽ جمهوريت چئبو ڇا کي آهي؟ ان کي هتي ڪجهه نظر نه ٿو اچي ۽ جي اچي ٿو ته پوءِ اهو ويزن ڪٿي آهي، اُها جرئت ڪٿي آهي، جيڪا هن ٺڳيءَ جي ٺاهه جو انڪار ڪري سگهي ۽ پنهنجي مختلف هئڻ جو ثبوت ڏئي؟ بلاول ملڪ ۽ سنڌ ۾ سياسي ويڙهه به تڏهن ڪري سگهندو جڏهن هو سڀ کان اول پنهنجي پيءُ، پارٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت بابت عوام آڏو چِٽو ٿي اچي ۽ اخلاقي طور قبول ڪري ته جمهوريت جي نالي ۾ سنڌي عوام سان بدترين دوکو ٿيو آهي، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ڪوبه امڪان نظر نه ٿو اچي!
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 5 جون 2015ع