تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

موجوده ”مفاهمتي“ حڪومت سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ڏنو؟

سنڌي ماڻهن گذريل ساڍن چئن ڏهاڪن کان سياسي طور جيترا پيرَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ڀريا آهن، اُن جو پاڪستان ۾ ٻيو ڪو به مثال نٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ وفاقي ۽ مُلڪگير پارٽي هئڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي بنيادي طور سنڌين جي پارٽي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار مليو آهي، تڏهن ان ۾ بنيادي هٿ سنڌ ۽ سنڌين جي ڏنل مينڊيٽ جو هوندو آهي. هن ڀيري به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مرڪز ۽ سنڌ ۾ جيڪا حڪومت ٺاهي، ان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي ڏنل اڪثريتي مينڊيٽ جو هٿ هو. پرويز مشرف جي نون سالن جي آمريتي راڄ ۾ سندس تعصبي سوچ ۽ پاليسين جو سڀ کان وڏو نشانو سنڌي ماڻهو رهيا. سنڌين سان ايترو بدترين تعصب ۽ ٻه اکيائي ته ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جهڙن سفاڪ آمرن به نه رکيو. پرويز مشرف سنڌ عملي طرح متحده جي حوالي ڪري ڇڏي هئي ۽ نالي ماتر چند سنڌي وڏيرن کي اقتداري مسند تي ويهاريو هو. هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين طرفان مليل مينڊيٽ جو هڪ سبب ته کڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هئي، پر اُن جو سياسي محرڪ اِها آسَ ۽ اُميد هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ ته پنهنجي سگھاري حڪومت ٺاهي ۽ پوءِ مشرف جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل ٻه اکيائي ۽ ڦُر لُٽ جو تدارڪ ڪري. مشرف سرڪار وسُ ڪيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي وڏو اڪثريتي مينڊيٽ نه ملي، پر اِهو سنڌي عوام جو ارادو هئو، جنهن مشرف جي سمورين سازشن ۽ حڪمتِ عملين جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي مرڪز ۽ سنڌ جي اقتدار جي مسند تي ويهاريو.
هن ڀيري سنڌ توڙي مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سازي سنڌين لاءِ هر لحاظ کان تمام اهم ثابت ٿي پئي سگھي پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مصلحت پسند مفاهمتي پاليسيءَ سبب سنڌي عوام جي اِها اُميد به هڪ وڌيڪ خود فريبي ئي ثابت ٿي. هن ڀيري سنڌي عوام کي اُميد هئي ته پهرين ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت پرويز مشرف حڪومت جي دور ۾ سنڌين سان ٿيل ٻه اکيائيءَ جي حوالي سان گھٽ ۾ گھٽ هيٺيان ڪم ته ضرور ڪندي:
(1) ڪراچيءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪرڻ، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو شهر پنجن ضلعن تي مشتمل هو. حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ ۾ متحده جو سياسي اثر رُڳو ڪجهه مخصوص علائقن تائين آهي، پر رياستي ادارن جي ٽيڪ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جهڙين مصلحت پسند ڌرين سبب متحده سڄي شهر تي سياسي قبضو ڪريو ويٺي آهي. مشرف جي دور ۾ ڪراچي مڪمل طور سندن حوالي ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، رُڳو ڪراچيءَ کي اڳوڻي حالت ۾ بحال ڪري ها ته به ڪراچيءَ کي وڏيءَ حد تائين هِڪَ هٽيءَ کان کان آزاد ڪرائي سگهجي ها. هاڻي جڏهن اهو ڪم وڏو اڪثريتي مينڊيٽ رکندڙ حڪومت به نه ڪري سگھي ته پوءِ ايندڙ ٻي ڪا به حڪومت اِن ڏِس ۾ ڇا ڪندي؟
(2) ڪراچيءَ جي آبادي، چيو وڃي ٿو ته هاڻي ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي، پر ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهن جو انگ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به ريت ٽيهه لکن کان گھٽ نه آهي. ڪراچيءَ جي قديم سنڌي رهواسين کانسواءِ گذريل ويهن سالن ۾ خاص طور اُتر سنڌ مان لکين سنڌي لڏي آيا آهن، جيڪي هر سطح تي ۽ هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهي، پر الميو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو سياسي، سماجي، معاشي ۽ انتظامي طور نڌڻڪو آهي. هن ڀيري گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو ڪم ڪري پئي سگھي ته اُها نادرا کي خاص ٽاسڪ ڏئي، سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ها، سندن نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ڪرائي ها، ۽ کين ڪراچيءَ جا ڊوميسائيل ۽ مستقل رهائشي سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ جو ڪو انتظام ڪري ها. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو ته نه ڪري سگھي پر ماڳهين گھر شُماريءَ ۾ به سنڌي وسندين ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ لکين سنڌين جي ڳڻپَ نه ڪرائي سگهي.
(3) 18هين آئيني ترميم کان پوءِ آئيني ۽ اُصولي طور گورنر جو صوبن ۾ ڪو به اثرائتو ڪردار نه آهي ۽ نه ئي هئڻ گھُرجي، پر سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي اڄ به تعليمي بورڊ ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ناجائز طور گورنر وٽ آهن. ٻيو ته ٺهيو هاڻي ته صوبي جا سياسي معاملا به گورنر هلائي ٿو، جنهن جو تازو ثبوت مڪاني حڪومتن بابت آرڊيننس آهي، جيڪو چُونڊيل اسيمبليءَ بدران راتِ جي اونداهيءَ ۾ گورنر کان جاري ڪرايو ويو. ڪراچيءَ کان ٻاهر جي سنڌي شاگردن جي داخلا تي هڪ پاليسيءَ تحت ڄڻ ته اڻ اعلانيل بندش پيل آهي، جنهن جو هڪ مثال ڪراچي يونيورسٽي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ گورنر کان کسي وڏي وزير حوالي ڪري ها ته ڇا اهو ممڪن نه هو ته انهن يونيورسٽين جون تعصب تي ٻڌل پاليسيون تبديل ڪرائي سگھجن ها؟ پر ايئن نه ٿيو، ۽ جڏهن هاڻي نه ٿيو ته اڳتي وري ڪير ڪندو؟
(4) پرويز مشرف جي دور ۾ ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جي پنجن ضلعن کي ملائي هڪ سٽي گورنمينٽ ٺاهي وئي ۽ 28 لکن جي آباديءَ جي ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو ۽ باقي بچيل حيدرآباد شهر جي تڪ بندي اهڙي ڪئي وئي، جو اهو شهر اڪثريتي سنڌي آباديءَ جي باوجود سياسي طور متحده وٽ يرغمال آهي. چونڊن کان اڳ ماڻهن کي اُميد هئي ته، يا ته اهو فيصلو واپس ورتو ويندو يا وري حيدرآباد جي تڪ بندي نئين سر ڪئي ويندي، پر ”مفاهمت“ سبب ڪجهه نه ٿيو.
(5) پرويز مشرف ۽ سنڌ ۾ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ڪراچيءَ تي قابض ڌر ڪراچي، سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي لکين ايڪڙ زمين نهايت ڀڳڙن مُٺ تي پنهنجي ماڻهن کي ڏئي ڇڏي ۽ چُونڊن کان اڳ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ روينيو جي رڪارڊ کي باهه ڏئي اُن جا ثبوت به گُم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ماڻهن جو مطالبو هو ته اِها سموري الاٽ ڪيل زمين منسوخ ڪئي وڃي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اُن جو رُڳو ذڪر ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڇاڪاڻ ته مفاهمت سبب سندن چَپَ سِبيل آهن. نه رُڳو زمين جي الاٽمينٽ پر اُن دور ۾ قابض ڌُر جيڪي غير قانوني ڀرتيون ڪيون، اُن جو ڪو به احتساب يا حساب ڪتاب نه ٿيو. رُڳو ڪراچيءَ جي سٽي پوليس ۾ ڏھ هزار کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، جن تي قتل، ڌاڙن، ڀَتن ۽ دهشتگرديءَ جي سنگين ڏوهن جا ڪيس درج ٿيل هئا. چار سال گُذري ويا پر اِن ڏِس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. هن حڪومتَ جي هر ممڪن ڪوشش رهي ته اِهو اسٽيٽسڪو برقرار رهي ته جيئن سندن حڪومت کي ڪو به مسئلو درپيش نه اچي، ڇاڪاڻ ته سندن اتحادي ڌُر بار بار اِهو واضح ڪري چُڪي آهي ته جيڪڏهن سندن مرضيءَ موجب فيصلا نه ٿيا ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ اَمُن قائم رهي نه سگھندو.
(6) مشرف جي دور ۾ سنڌي عوام گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊئم جي رِٿا خلاف جيڪا تاريخي جدوجهد ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي اُن جي اڳواڻ دستي ۾ شامل هئي. سنڌي ماڻهن کي اُميد هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي نه رُڳو گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت جو ڪم بند ڪرائيندي پر سنڌو درياهه کي بچائڻ ۽ درياهه تي سنڌين جي حتمي مالڪيءَ جي حوالي سان ڪا قانون سازي ڪندي، ۽ ملڪ کي پاڻيءَ جي ورهاست جي انصاف ڀري پاليسي ڏيندي. پر ٿيو اُن جي اُبتڙ! پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رُڳو غير قانوني رِٿا گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت بند نه ڪرائي ۽ اُن لاءِ ذميوار ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو، پر ماڳهين اُن غير قانوني ۽ سنڌ دشمن رِٿا جي اڏاوت جاري رکڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا. ڇا اِها سنڌو درياهه ۽ سندن پنهنجي ئي ڪيل جدوجهد سان بدترين ويساهه گھاتي نه هئي؟
اِهي ته رُڳو مشرف دور جي حوالي سان چند اِشوز هئا، جن بابت سنڌي ماڻهن کي ڪجهه بنيادي قدم کڻڻ جي اُميد هئي، جيڪا ”مفاهمت“ جي وَر چڙهي وئي. پيپلز پارٽي هڪ اهڙي دور ۾ مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي، جڏهن سنڌ جو معاشي پروفائيل ۽ ترقياتي ڍانچو بدترين حالت ۾ هئا ۽ 2010ع ۽ 2011ع جي تاريخي ٻوڏن ويتر اُن کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي.
صحت جي عالمي اداري ڊبليُو ايڇ او (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي رپورٽ موجب، سنڌ جي ٻهراڙين جا لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۽ سي جو شڪار آهن. سنڌ جي 67 سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي. صحت جي عالمي اداري موجب، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ 15 سيڪڙو هجي ته اهو هڪ عالمي مسئلو بڻجي وڃي ٿو، پر سنڌ ۾ اُن کوٽ جي شرح (خاص طور تي ٻارن ۾) 23.1 سيڪڙو آهي. آئين جي آرٽيڪل 25 (اي) مطابق تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ اُن کي يقيني بنائڻ رياست جو فرض آهي، پر سنڌ ۾ 73 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 63 سيڪڙو ڇوڪرا تعليم جي بنيادي حق کان محروم آهن. ٻهراڙين ۾ ڄمندڙ ڏهن ٻارن مان نَوَ اهڙا هجن ٿا، جن کي ڄمڻ وقت ڪي به طبي سهولتون ميسر نه هونديون آهن. بيمارين کان بچاءَ جي ٽُڪن جي حوالي سان به سنڌ ۽ بلوچستان ٻين صوبن کان پوئتي آهن. پنجاب ۾ اُن جي شرح 54 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا ۾ 48 سيڪڙو آهي، پر سنڌ ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ به اِها شرح رُڳو 28 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ بي زمين يا پنجن ايڪڙن کان گھٽ زمين رکندڙ هارين جو تناسب 62 سيڪڙو آهي2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن ۾ سنڌ ۾ 15 لک گھر اِن ڪري ڊهي پيا، جو ايڪيهين صديءَ ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جي 47 سيڪڙو ماڻهن جا گھر ڪچا يا مٽيءَ جا ٺهيل آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اِهو تناسب 32 سيڪڙو، خيبر پختونخوا ۾ 28 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ سنڌ کان به وڌيڪ، يعني 79 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو حال اهو آهي، جو هڪ غير سرڪاري سروي مطابق ساڍا ست هزار پرائمري اسڪول بند پيا آهن، جن مان لڳ ڀڳ پنج هزار ڇوڪرن جا، ۽ اڍائي هزار ڇوڪرين جا اسڪول بند آهن، يا اِهي اهڙا اسڪول آهن، جتي اُستاد نه ٿا اچن ۽ ڪو به تدريسي عمل نٿو ٿئي.
سُوال اهو آهي ته ان سموري صورتحال ۾ جنهن آسري ۽ اُميد سان سنڌي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏئي، اقتدار جي مسند تي ويهاريو، اُن جو ڇا ٿيو؟ ڇا سنڌي ماڻهن کي ان ۾ دلچسپي هئي ته ٻارنهن سال اقتدار کان ٻاهر ويٺل پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ گاڏين تي سرڪاري جهنڊا هڻي وري ”سڻڀا“ ٿين ۽ ”مفاهمت“ جي نالي ۾ مشرف دور جون پاليسيون جاري رکن؟ ڇا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڌي ماڻهن کي حساب ڪتاب ڏيندي ته انهن گذريل چئن ڏهاڪن کان کانئن ڇا ورتو آهي ۽ کين موٽ ۾ ڇا ڏنو آهي؟ چئي سگهجي ٿو ته شهيد ڀُٽي جي دور ۾ ڪجهه بنيادي ڪم ٿيا، ڪجهه ادارا جُڙيا ۽ سنڌي مڊل ڪلاس جو بنياد پيو، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ ۽ اُن جو ڪيترو کٽيو کائبو؟ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن حڪومت ڇا ڪيو؟ گذريل چئن سالن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ڪم آهي، جيڪو حڪومت سنڌي عوام کي ڏيکاري سگھي، ۽ جنهن کي سنڌ ۽ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ ڪو بنيادي ۽ اثرائتو قدم قرار ڏئي سگھجي؟
پيپلز پارٽيءَ کان سنڌي ماڻهن جون ٿُلهي ليکي ٻه اُميدون هيون، هڪ ته اُها دهشتگرديءَ، بليڪ ميلنگ ۽ فاشزم وٽ يرغمال سنڌ اندر سنڌي عوام کي حڪمرانيءَ جو تاريخي حق واپس ورائي ڏئي، ۽ نه رُڳو اهو پر بهتر ۽ عوام ڏانهن ذميوار حڪمرانيءَ جو نظام به ڏئي. ٻيو ته هن ملڪ جي موجوده نظام اندر ئي سهي پر سنڌ جي خودمختياري ۽ ترقيءَ جو سُوال هٿ ۾ کڻي ڪي ٺوس نتيجا ڏئي. ”مفاهمتي“ جمهوريت جا ساڍا چار سال نيٺ گذري ويا، پر سنڌ ۽ ان جو مظلوم عوام اُتي جو اُتي بيٺا آهن. ارڙهين آئيني ترميم به سنڌ کي تڏهن فائدو ڏئي ها، جڏهن سنڌ ۾ ڪا سگھاري ۽ خودمختيار حڪومت هجي ها، ۽ اُن وٽ سنڌ جي ترقيءَ ۽ مالڪيءَ جي ايجنڊا هجي ها. هن وقت ڪجهه مخصوص علائقا ڇڏي باقي سڄي سنڌ بدترين حڪمرانيءَ، بدحاليءَ، لاقانونيت، عدم سلامتيءَ، بد انتظاميءَ ۽ برباد ترقياتي ڍانچي جو ڏيک ڏئي ٿي. حڪومت ٻڌائي سگھندي ته اُن سنڌ جي ان حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو، ڪهڙيون پاليسيون جوڙيون، ادارا ٺاهيا؟ ويتر ڪراچيءَ ۽ اُتر سنڌ ۾ لساني ۽ قبائلي دهشتگردن کي بي لغام ڇڏيو ويو آهي ته جيئن اُهي ماڻهن کان جمهوريت جو انتقام وٺي سگھن. آهي ڪو نتيجو سرزمين تي؟ جنهن صوبي ۾ وڏي وزير کي پنهنجا آئيني حق نٿا مِلن، اُها حڪومت عوام کي ڇا ڏئي سگھندي؟ سڄو ڏينهن هر معاملي تي مفاهمتي وزيرن جا گورنر هائوس ۽ نائن زيرو تي ڦيرا آهن. ايترو خيال جي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي پنهنجي عوام جو هجي ها، ته عوام کين سياسي طور اکين تي رکي ها. ووٽ ته ماڻهو مجبوريءَ ۾ کين شايد هاڻي به ڏيندو، جيستائين ڪو فضيلت ڀريو سياسي متبادل اُڀري پر سُوال رُڳو ماڻهن جي مجبور ووٽن جو نه پر سندن راءِ، جذبن، ارمانن ۽ ساڻن ٿيل ويساهه گھاتين جو آهي.
منهنجي خيال ۾ پيپلز پارٽيءَ کي رياستي ۽ حڪومتي سطح تي اقتدار ۾ ايترو حصو نه اڳ ڪڏهن مليو هو، نه وري اڳتي ڪڏهن ملي سگهندو. پر اهو تاريخي موقعو پيپلز پارٽيءَ جي ”مفاهمتي“ حڪومت ۽ ڪمزور قيادت سطحي ۽ عارضي مفادن، غير سنجيدگيءَ ۽ مصلحت پسنديءَ سبب وڃائي ڇڏيو. هاڻي ته کين هر قيمت تي اقتدار گھرجي، ڇا جا نظريا، ڇا جي جمهوريت، ڇا جو عوام ۽ ڇا جي جدوجهد؟ اهو ئي سبب آهي جو اُها عوام سان ڳالهائڻ بدران هاڻي ڀوتار خاندانن سان ڳالهائي رهي آهي. توهان ڪير به آهيو، توهان جو ڪهڙو به سياسي ماضي هجي، ڪهڙو به سماجي ۽ سياسي ڪردار هجي، پر جي توهان ڀوتار آهيو ۽ ماڻهن کان هر قيمت تي ووٽ وٺي سگھو ٿا ۽ ووٽن جي واپار تي ناجائز ذريعن سان ڪمايل ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سگهو ٿا ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جا در توهان لاءِ هميشه کُليل آهن. چئن ڏهاڪن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي سمجهه ۾ آيو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام نه پر پئسو، سردار/وڏيرا، قابض ڌر ۽ انهن سان ”مفاهمتي“ سياست آهي. انهن سموري صورتحال ۾ عيسو، مُوسو ۽ خميسو بيوسيءَ وچان سوچي ٿو ته جنهن پارٽيءَ کي انهن چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ غير مشروط محبتون ڏنيون، ووٽ ڏنا، ۽ قربانيون ڏنيون، اُها پس و پيش ڪمُ آئي ته متحده کي يا وري انهن وڏيرن کي، جن سنڌ کي هن حال تي رسايو آهي. طبقاتي نظام جي هن خود فريب جمهوري سرشتي ۾ اِهو ئي ٿيڻو هئو، جيڪو ٿيو، جنهن کي فلسفي جي ٻوليءَ ۾ لازمي حادثو چئبو آهي. هاڻي جڏهن عوام کي واضح نياپو ڏنو ويو آهي ته طاقت جو سرچشمو اُهي نه پر ڪي ٻيا محرڪ آهن، تڏهن پس و پيش عوام به پنهنجي نجات لاءِ نيون راهون ۽ نوان گَسَ تخليق ڪندو.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 18 سيپٽمبر 2012ع