سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ ۽ مالڪيءَ جو سوال!
پاڪستان ۾ هڪ طرف سنڌ وسيلن سان مالامال آهي ته ٻئي طرف اُها بدترين حڪمراني، لاوارثيءَ ۽ نِڌڻڪائيءَ جو شڪار آهي. ائين ناهي ته ان ۾ رڳو پ پ پ جو ڏوهُه آهي، ان ۾ ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتي دورن جو وڏو ۽ بنيادي عمل دخل آهي، پر انهن تي ڪهڙي ميار، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ آمِر هئا ۽ سنڌي ماڻهن کين ڪو به مينڊيٽ نه ڏنو هو. 1970ع جي چونڊن کان وٺي جڏهن جڏهن به ملڪ جون چونڊون ٿيون آهن، سنڌي عوام جي گهڻائي پنهنجو مينڊيٽ پ پ پ کي ڏنو آهي، انڪري ظاهر آهي ته هر شعبي ۾ بدترين صورتحال بابت پُڇاڻو به سنڌ پاران ان ئي پارٽيءَ کان ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن پ پ پ جي سنڌي ماڻهن ڏانهن رويي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک ڪجي ته ان ڏس ۾ هيٺيان نقطا بنيادي اهميت رکن ٿا:
(الف): سنڌي ماڻهن جي پ پ پ ڏانهن پهرين ميارَ ته اها آهي ان سنڌي ماڻهن کي سدائين پنهنجيءَ چُلهَه جو مارنگُ سمجهيو آهي. جن سنڌي ماڻهن سدائين پ پ پ کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، سندن ڏک سک ۾ ساٿُ ڏنو، جدوجهدون ڪيون ۽ قربانيون ڏنيون، پ پ پ انهن کي اڄ تائين هڪ قومَ به نه ٿي سمجهي، جو 1973ع جوآئين قومن جي وجود کان انڪاري آهي. اها پارٽي سنڌي ماڻهوءَ کي وفاق ۽ سنڌ ۾ گهربل آئيني ۽ قومي حيثيت ڏيڻ يا ڏيارڻ لاءِ تيار به نه آهي. ان پارٽيءَ سدائين سنڌي عوام جي جائز ۽ حقدار راءِ کي گهربل اهميتَ نه ڏني آهي، جنهن جو ثبوتُ گذريل دور ۾ متعارف ڪرايل ٻِٽو مڪاني حڪومتن جو نظام هو، جيڪو پوءِ مجبور ٿي واپس ورتو ويو. پر ڪنهن کي وِسريو آهي پ پ پ جو ٻِٽي مڪاني نظام واري معاملي تي سنڌي عوام جي اجتماعي ردعمل کي نظرانداز ڪري ايم ڪيو ايم آڏو بيوس ٿيڻ؟ جنهن سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ جي مفادن جو آئيني ۽ سياسي مورچو هئڻ گهرجي، اُتي سنڌ جا بنيادي مسئلا گهربل اهميت نه ٿا ماڻين ته ٺهيو، ويتر ڪڏهن ڪڏهن اتان سنڌ دشمن فيصلا به ٿين ٿا، اها پارٽي ڪيئن سنڌي ماڻهوءَ جو ووٽ گهري ٿي؟
(ب): پارلياماني سياستَ جو ڪم حڪومتن ۾ اچي بهتر حڪمرانيءَ ذريعي سماجَ جي واهرَ ڪرڻ هوندو آهي. پ پ پ کي سنڌ ۾ پنجون ڀيرو حڪومتَ ٺاهڻ جو موقعو مليو آهي. شهيد ڀُٽي جي دور ۾ وري به بنيادي ڪم ٿيا. ادارا ٺهيا، سنڌي ماڻهن کي روزگارَ جا موقعا مليا، کين شهرن ۾ پير رکڻ جي جاءِ ملي، پر پوءِ پ پ پ سنڌي ماڻهن کان لاتعلق ٿيندي وئي. ڀلا گهڻو ماضيءَ ۾ نه وڃجي، رڳو 2008ع کان پوءِ حالتن جو جائزو وٺجي، ته سنڌُ بدترين حڪمرانيءَ جو مثالي نمونو آهي. صوبي جي سوا ستَ سئو اربن جي بجيٽَ کي ڏسي وري هيٺ سرزمين تي ڏسجي ٿو ته ڪاريءَ وارا ڪکَ آهن. سنڌ ۾ تعليم، صحت، رستن، روڊن، امن امان، ماحوليات، صفائيءَ ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسجي ٿو ته ملڪَ ۾ شايد بلوچستان کانپوءِ بدترين حال سنڌ جو آهي. رڳو تعليمَ جو ئي مثال وٺجي ته صوبائي بجيٽ جو 22 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ جي پرائمري ۽ سڪينڊري تعليم بلڪل مرڻينگ حالت ۾ آهي. ساڳيو حال صحتَ، ماحوليات، مواصلات ۽ امن امان جو آهي. ائين به نه آهي ته سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ لاءِ ڪو حڪومتُن کي مرڪز يا پنجاب روڪي ٿو. يقيني طور سنڌ جا مرڪز ۽ پنجاب سان تمام گهڻا اڻ نبريل مسئلا آهن، پر هر ڪم ۽ شُعبي ۾ انهن جي مداخلتَ هجي يا اُهي ذميوار هجن، اهو هڪ اجايو بهانو آهي. هيءَ ته اُها ڳالهه ٿي ته .”ابا مُنهن ڇو نه ٿو ڌوئين“؟ چئي، ”غريب آهيان“! مثال طور مرڪز يا پنجاب پ پ پ تي اهو زور ته نه ٿو ڀري ته ماستريون ۽ پٽيواليون لکين روپين ۾ وڪڻن؟ نااهل ماڻهن کي ٽڪن تي نوڪريون ڏئي ميرٽ کي بنهه غير اهم قرار ڏئي اهليتَ رکندڙ سنڌي نوجوانن کي مايوسيءَ جي ڌُٻڻَ ۾ ڪيرائين؟ يا وري سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ماڻهن کي ڏين، تعليم جي نظام کي بهتر ڪن، صحت ۽ ماحوليات جي شعبن کي سڌارين، امن امان کي انتظامي اهليتَ سان ٺيڪ ڪن، رستن کي ناقص نه ٺاهين، ۽ صفائيءَ جو سٺو انتظام ڪن. پنجاب جو سڀ کان پٺتي پيل ضلعو راجنپور آهي، ۽ خيبر پختونخوا جو تمام غريب ضلعو بالاڪوٽ آهي، پر انهن جي صفائيءَ جي حالت سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد کان به سئو ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي. ان ڪري سنڌ ۾ اصل بحران غيرذميوار، ناقص ۽ نااهل حڪمرانيءَ جو آهي، ۽ جنهن لاءِ پ پ پ تمام وڏيءَ حد تائين ذميوار آهي.
(ٻ): سياستَ جو ڪم رڳو حڪومتن ۾ اچڻ نه پر سماجَ کي هڪ صحتمند سياسي ۽ سماجي ڪلچرَ ذريعي سُڌاري اڳتي وٺي وڃڻ پڻ هوندو آهي. پ پ پ سنڌ ۾ نه رڳو وڏيرا شاهيءَ جي مرندڙ طبقي کي تاريخي طور جيئدان ڏنو آهي ۽ ان مرندڙ ۽ متروڪ طبقي کي نئين زندگي ڏني آهي، پر ان سنڌ ۾ هڪ اهڙو پوءِ ڍاول طبقو پڻ پئدا ڪيو آهي، جنهن کي غلام نبي مغل پنهنجي تاريخي ناول ”اوڙاهه“ ۾ ”نِيو فِيوڊل“يعني نئون جاگيردار سڏيو آهي. اهو پوءِ-ڍاول نئون جاگيردار طبقو سنڌ جي اڳوڻي روايتي وڏيرڪي طبقي جي ڀيٽَ ۾ وڌيڪ ڪرپٽ، اکين جو اڇو، موقعي-پرست ۽ پيٽ-پرست آهي. هن کي رڳو اقتدار ۾ حصو ڏيو ۽ پوءِ موٽَ ۾ کانئس ڪو به ڪم وٺي سگهجي ٿو.
گذريل حڪومتي دورَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان جيڪو ٻٽو مڪاني نظام پاس ڪرايو ويو، اهو ان جو هڪ ثبوت آهي. نتيجو اهو آهي جو سنڌ جي روايتي وڏيري ۽ هن ڪرپشن جي پئداوار نئين جاگيردار طبقي جي ڳٺ جوڙَ سنڌ ۾ حتمي روشن خيال ۽ وطن دوست طبقي جي سياسي، سماجي، معاشي اوسَرَ آڏو ڄڻ ته رياستي طاقتَ جي سگهه سان وڏا بندَ ٻڌي ڇڏيا آهن، جنهن سنڌي سماجَ جي فطري اوسرَ کي ڪاپاري ڌڪُ هنيو آهي. ويتر جڏهن کان ان طبقي متحده سان ڊگهي مُدي واري اقتداري ورهاست واري “مفاهمت“ رکي آهي، تڏهن کان ته سنڌي سماج جي فطري اوسرَ تمام سُست ٿي وئي آهي. جنهن لاءِ پ پ پ ئي اڪيلي سِر ذميوار آهي. پ پ پ سنڌ ۾ ”پنهنجو ماڻهو“ ڪلچر متعارف ڪرايو آهي. وڏيرا پنهنجا، ڪارڪنَ پنهنجا، آفيسر ۽ ڪامورا پنهنجا، اسڪيمون پنهنجن علائقن ۽ ماڻهن لاءِ ۽ ويندي ضلعا ۽ تعلقا به ”پنهنجا“. ان ”پنهنجا ماڻهو“ ڪلچر سنڌي سماج کي بد حڪمرانيءَ، بد انتظاميءَ، ڪرپشن، نااهليءَ ۽ اقرباپروريءَ جا تُحفا ڏنا آهن.
(ڀ): دنيا جي ڪا به رياستَ سمورن ماڻهن کي روزگار جا موقعا نه ٿي ڏئي سگهي ۽ اهو اصول سنڌ تي به لاڳو آهي. ان ڪري روزگار جا جيترا به موقعا هجن، انهن کي شفافيت سان ميرِٽ جي بنياد تي ورهائڻ سان ئي معاشري ۾ قابليتَ کي مانُ ملندو آهي، ۽ صحتمند چٽاڀيٽيءَ ذريعي سماج اڳتي وڌندو آهي. ميرٽ جي لتاڙَ ۽ اقرباپروري ڪنهن به معاشري لاءِ زهرِ قاتل آهي، ۽ ان ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ پ پ پ سنڌ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. ان ڪلچرَ سبب غريب ماڻهن جي اڪثريت جو تعليم مان ويساهه کڄي ويو آهي ته ٻئي طرف عام ماڻهو وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائڻ ۽ جائز ۽ ناجائز ذريعن سان پئسا ڪمائي نوڪريون وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته نااهل ماڻهو جتي به هجي، اهو نه رڳو بدانتظاميءَ جا بنيادَ وجهندو پر، پاڻ جهڙن نااهل ماڻهن کي نوازيندو، جڏهن ته ميرِٽ تي آيل اهل ماڻهو صحتمند ادارا ۽ شعبا ٺاهيندو، ۽ اهليتَ کي ئي اوليت ڏيندو. هي جيڪو سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي بدترين اندازَ سڄو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، ان ۾ انهيءَ نااهليتَ کي واڌارو ڏيڻ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقرباپرور ڪلچر جو بنيادي هٿُ آهي. نااهل ماڻهو جيڪڏهن ايماندار ۽ سنجيده به ٿي وڃي ته به ڪيترو معياري ڪم ڪندو يا فرق آڻيندو؟
(ت): عوام جي مينڊيٽَ جو مطلب رڳو اهو نه هوندو آهي ته ان ذريعي حڪومتون ٺاهجن پر دراصل انهن ماڻهن جي سياسي، معاشي، احساساتي، ثقافتي ۽ تاريخي حقن جو بچاءُ ڪرڻ به هوندو آهي جن جو مينڊيٽ ان پارٽيءَ يا پارٽين کي ملي ٿو. پ پ پ سدائين سنڌين جي مينڊيٽ کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ طور ته استعمال ڪيو آهي، پر سنڌي عوامَ جي قومي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ ۾ اها نه رڳو ناڪام وئي آهي، پر ان جي اهڙي ڪا به ايجنڊا به نظر نه ٿي اچي، جنهن سان ان ناڪاميءَ ۽ ڪيل ويساهه گهاتين جو تدارُڪ ڪري، روز ٿي متحده سنڌ جي وحدتَ خلاف مطالبا ڪري ۽ اُها ساڳئي وقت سنڌ حڪومت ۾ پ پ پ جي اتحادي به آهي. ڇا پ پ پ اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته کين سِڌو سنئون چئي ڏئي ته جيڪڏهن متحده سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي ته پوءِ پ پ پ ان سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪندي. پ پ پ جو رڳو اهو هڪڙو شرط متحده جي ان مطالبي جي هميشه لاءِ چيلهه ڀڃي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ زنده رهي نه ٿي سگهي، تيئن متحده اقتدار کان سواءِ جياپو قائم نه ٿي رکي سگهي. پ پ پ ٻيو ته ٺهيو پر اهو شرط رکڻ لاءِ به تيار نه آهي.
مٿي بيان ڪيل نقطن کان سواءِ ٻيا به انيڪ ثبوت پيش ڪري سگهجن ٿا، جن مان ثابت ٿيندو ته پ پ پ ڪيئن نه سنڌي ماڻهن جي مينڊيٽ جي احترام ڪرڻ بدران ان سان مسلسل ويساهه گهاتي ڪئي آهي. پ پ پ کي غلط فهمي اها آهي ته جيئن ته سنڌ ۾ بظاهر پ پ پ جو ڪو سگهارو متبادل به نه آهي، ان ڪري اها هميشه ساڳي حيثيتَ ۾ رهندي.
ملڪ ۾ سياسي صف بنديءَ ۾ تبديليءَ جو جيڪو واءُ گُهليو آهي، ان جا اثر يقيني طور سنڌي سماجَ تي به پوندا، ڇاڪاڻ ته سماج کي حقيقت ۾ ڪي فرد نه پر ان جي معروضيت هلائيندي آهي. انڪري جيڪڏهن پ پ پ پنهنجو تنظيمي ۽ سياسي ڪلچر تبديل نه ڪيو ته پوءِ ان کان جيئن پهرين قسط ۾ کائنس پنجاب کسجي چڪو اهي، بلڪل ائين مرحليوار سنڌ به کسجي سگهي ٿي ۽ اُها کسجي به رهي آهي. ڇا پ پ پ ۾ اهڙا سنجيده حلقا آهن، جيڪي ايمانداريءَ سان انهن نقطن تي غور ڪن ۽ پارٽيءَ جي تنظيم، ڪلچر، سوچَ، اوليتن ۽ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ تبديلين لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪن؟
روزاني ڪاوش حيدرآباد، خميس 02 آڪٽوبر 2014ع