تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

مفاهمت سبب مجبور حڪمران ڪهڙو تعليمي حق وٺي ڏيندا؟

سنڌ يونيورسٽيءَ جو عارضي طور ٿڌو ٿيل بحران 29 جون تي تڪراري وائيس چانسلر نظير مغل جي واپسيءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نظير مغل 1995ع کان 1999ع تائين جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تڏهن به هن سنڌ يونيورسٽيءَ کي پوئتي ڌِڪڻ ۽ بدترين بحران ۾ وجهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر آر اي شاهه ۽ نظير مغل جا دور ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان ”مثالي“ سمجهيا ويندا آهن. دائودپوٽو صاحب جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو هو تڏهن امتياز قاضي صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هو ۽ هن جي صلاح تي دائودپوٽي صاحب سنڌ جي يونيورسٽين جي حوالي سان گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ هن مون کي به سڏيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه دوران ان گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻين ڪيترن دانشورن جي موجودگيءَ ۾ مون کيس گذارش ڪئي هئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي انهن ٻن ماڻهن کان بچايو وڃي پر ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين غرق هن نظام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا نصيب ئي اِهي آهن جو وري وري ڊاڪٽر نظير مغل جهڙا ماڻهو ان مادرِ علميءَ جي سرواڻيءَ جي مسند تي ويهاريا وڃن ٿا.
افسوس ته اهو آهي ته جنهن جمهوريت کي نجات سمجهي سنڌي ماڻهن جنهن پارٽيءَ کي مينڊيٽ ڏنو ۽ اقتدار جي ايوانن ڏانهن اُماڻيو، اُها دهشتگردن ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلرن جو ته تحفظ ڪري سگهي ٿي پر سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ تعليم جو هرگز نه! ڇا تعليم جي وزارت جو قلمدان ان ماڻهوءَ کي سونهين جيڪو تعليم ۽ سنڌ جي تعليمي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ بدران ذاتي انا ۽ مفاد تحت هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلر جو تحفظ ڪري! پير مظهرالحق صاحب منهنجو دل گهريو دوست آهي پر مان هن جي موجوده ڪردار تي افسوس ئي ڪري سگهان ٿو. تعليم جي وزير کان به وڌيڪ ڇا ان بي اختيار ۽ ڪمزور وڏي وزير کي ان منصب تي ويهڻ جو ڪو حق آهي، جيڪو 18هين آئيني ترميم تحت مرڪز ۾ سندس پارٽيءَ جي حڪومت هوندي به ڪو گورنر کان يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ واپس وٺڻ جو اهل ناهي؟ هن رياست ۾ ڪنهن کان حق گهُرجي؟ جيڪي ”مفاهمت“ جي نالي ۾ پنهنجا آئيني حق نه ٿا وٺي سگهن، اُهي سنڌ، ان جي عوام ۽ اسان جي نڌڻڪي تعليم کي ڇا حق وٺي ڏيندا؟
جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جو بحران نه ته رڳو ڊاڪٽر نظير مغل جي اچڻ سان شروع ٿيو هو ۽ نه وري هن جي وڃڻ سان مڪمل طور ختم ٿيندو پر مظهرالحق صديقي صاحب جهڙي ماڻهوءَ ان ۾ هڪ حد تائين گهٽتائي ضرور آندي هئي جو هن جي ٻن Terms ۾ ڪابه وڏي دانهن نه ٿي. ٻيو نه ته ڀلا هن وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ته ڪرايا ۽ استادن جي ڀرتيءَ ۾ ميرٽ کي ته يقيني بڻايو هو. هن ڀيري نظير مغل جي اچڻ شرط به سندس اڳوڻي دور جي بنياد تي انيڪ خدشا موجود هئا پر ”تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي!“ جي مصداق کيس هلڻ ڏنو ويو. 2 جنوريءَ تي پروفيسر بشير چنڙ جي شهادت کانپوءِ نظير مغل جي ڪرپشن، انتظامي نااهلي ۽ اقرباپروريءَ سبب سندس خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سگهارو آواز اُٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عدم تحفظ جي ماحول جي ذميوار وي سيءَ سبب سنڌ يونيورسٽي 2 جنوريءَ کان 30 جنوريءَ تائين پورو مهينو بند رهي. اهو سڄو مهينو نظير مغل خلاف يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ سول سوسائٽيءَ مسلسل احتجاج ڪيا. زندگيءَ جي هر شعبي ويندي سياسي پارٽين به گڏيل طور ڊاڪٽر نظير مغل جي برطرفيءَ جو مطالبو ڪيو. نيٺ گورنر هائوس مان عبوري معاهدي ۽ نظير مغل کي هٽائڻ جي واعدي تحت سوٽا تعليمي عمل جي بحاليءَ جو فيصلو ڪيو، پر افسوس جو تعليم جي وزير جي اجائي مداخلت ۽ غير پارلياماني لهجي سبب نه رڳو سنڌ يونيورسٽي پر سنڌ جون سموريون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون وڌيڪ 21 ڏينهن بند رهيون، جنهن کانپوءِ نظير مغل کي چئن مهينن جي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو. سمجهيو اهو ٿي ويو ته هاڻي جبري موڪل تي اُماڻيل ڊاڪٽر نظير مغل واپس نه ايندو. اخلاق جي تقاضا ته اِها هئي ته ڊاڪٽر بشير چنڙ جي قتل ۽ هيڏي ساري احتجاج ۽ تحريڪ کانپوءِ ڊاڪٽر مغل رضاڪارانه طور پاڻ ئي معافي وٺي عزت سان هليو وڃي ها پر شايد هن ڪرپٽ نظام ۾ اهڙي ”سڻڀي ڪرسي“ آڏو ماڻهوءَ جي وقار ۽ عزتِ نفس جي ڪابه اهميت نه ٿي رهي ۽ اهو ئي ٿيو. ڀلا جي ڊاڪٽر مغل ۾ اها اخلاقي جرئت نه هئي ته اها سرڪار جيڪا جمهوري هئڻ جي دعويدار آهي ۽ جنهن کي ماڻهن چونڊيو آهي، اُها ئي ماڻهن جي آواز، احتجاج ۽ دانهن جو احترام ڪري ها، پر ڇا جا ماڻهو – ڇا جي جمهوريت! ”اچو ته گڏجي کائون“ جي حامل جمهوري نظام اهو ئي ڪيو، جنهن جي کانئس توقع هئي ۽ ڊاڪٽر نظير مغل وري اچي 29 جون تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي چارج ورتي آهي- معنيٰ ”ساڳيا ڪُنا، ساڳيا ساڳَ!“ هڪ ڀيرو وري جمهوري سرڪار عوام ۽ سنڌ جي شعور کي واضح پيغام ڏنو ته ڇا جي سنڌ، ڇا جو عوام، ڇا جي تعليم! اکين جو تارو اُهو ئي هوندو، جيڪو ڪمائي کارائيندو. ڊاڪٽر پروين شاهه ان معاملي ۾ ”نااهل“ ثابت ٿي ته آخر کيس ڇو جاري رکيو وڃي ها! ۽ استادَ! سَهي جي کَلَ! سو اقتداري سياست ۽ اختيارن جي غيرجمهوري ۽ وڏيرڪي نفسيات ۾ اُهي ڪهڙي باغ جي مُوري آهن جو انهن جي احتجاج کي مانُ ڏنو وڃي! هنن کي عوام ۽ باشعور ٿورو ئي گهرجي. هنن کي گهرجن انڌا، ٻوڙا، گونگا ۽ مجبور ٺپا، سو هي رياستي ۽ سماجي نظام کين هڻائي ڏيندو. هر قيمت تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ”مفاهمت“ جو نظريو موجود آهي. باقي ايڏي سڄي ڊيگهه ۾ هو ڇو پون ۽ پوندا به ڇو؟ جتي لوڀي هوندا، اُتي ٺوڳي بُکَ ڪونه مرندا!
سنڌ يونيورسٽي عيد کانپوءِ 27 آگسٽ تي کُلندي ۽ ظاهر آهي ته ڪو ان سان اتفاق ڪري يا نه پر بهرحال FAPUASA جي ڪيل فيصلي مطابق جيڪڏهن ڊاڪٽر نظير مغل کي ان عهدي تان نه هٽايو ويو ته نه رڳو سنڌ يونيورسٽي پر سنڌ جون سموريون پبلڪ سيڪٽر جون يونيورسٽيون اڻ ڄاڻايل مُدي تائين بند رهنديون، معنيٰ هڪ لک کان مٿي سنڌ جي شاگردن جو تعليمي ۽ تدريسي وقت ضايع ٿيندو، رڳو 25 شاگرد ماڻهو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهن، ۽ سبب رڳو هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر کي نه هٽائڻ. واضح رهي ته نظير مغل سان ذاتي دشمني ڪنهن جي به ناهي ۽ سمورا الزام سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ انتظامي معاملن بابت آهن. ڇا تعليمي ادارن جا سربراهه پنهنجي منصب تي ايئن واپس موٽندا آهن جيئن وائيس چانسلر صاحب 29 جون تي مادرِ علميءَ ۾ داخل ٿيو؟ ساک وارا ذريعا ٻُڌائين ٿا ته هو اڳوڻي ڪنٽرولر ۽ هاڻوڪي رجسٽرار طرفان گهرايل 25 هٿياربندن سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، ڄڻ ته هو ان منصب کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر فتح ڪرڻ لاءِ ايندو هجي ۽ اهو ئي ڪارنامو هو جنهن سبب ڪنٽرولر نواز ناريجي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. هيءَ مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي آهي يا تعليم دشمن دهشتگرد اڳواڻن، ڪجهه ڪم چور ۽ نااهل يونيورسٽي ملازمن ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلر جي ڪيٽي آهي؟ جتي هڪ وائيس چانسلر ڪتابن ۽ قلم بدران هٿياربندن جي ڇانوَ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ هڪڙا استاد ۽ شاگرد ڏينهن ڏٺي جو ماريا وڃن ٿا ۽ ٻين استادن ۽ اڳواڻن تي قاتلاڻا حملا ٿين ٿا. هيءُ سڀ ڇا آهي؟ 21هين صديءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اهو حشر ڪري اسان انهن ادارن مان ڇا پيدا ڪنداسين؟ ڪهڙا سائنسدان، دانشور، محقق، اسڪالر، ڄاڻو ۽ مستقبل جا اَڏيندڙ پيدا ڪنداسين انهن ادارن مان؟ ان سموري صورتحال باوجود تعليم جو وزير بچائڻ گهري ٿو هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر کي! جمهوري حڪومتن جو اهو حال آهي ته پوءِ ڪهڙي در وڃي دانهن ڏجي؟ اهو ئي سبب آهي جو معاشري ۾ پُرامن احتجاجن جو ڪلچر ختم ۽ بي اثر ٿي رهيو آهي، هر احتجاج ۾ تشدد ۽ دهشتگرديءَ جو عمل دخل وڌي رهيو آهي. جڏهن رياست ڪنن ۾ بي حسيءَ جو شيهو ڀري ڇڏيندي ته پوءِ ماڻهو ڇا ڪندا؟ ڪيڏانهن ويندا؟ نڌڻڪائي معاشري کي پُرتشدد انارڪيءَ ۽ انتهاپسنديءَ ڏانهن ئي ڌِڪي سگهي ٿي.
سوٽا وائيس چانسلر خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس خلاف ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ نااهليءَ جا انيڪ دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن. سنڌ جي 18 سياسي، سماجي، ادبي ۽ پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌين جي تنظيمن گڏيل طور متفقه ٺهراءُ پيش ڪيو آهي ته وائيس چانسلر نظير مغل کي آخر ڇو نه هٽايو وڃي؟ AC II ۾ استادن وري روز علامتي احتجاج جو سلسلسو شروع ڪيو آهي. عوامي جمهوري پارٽيءَ ٻه ڀيرا سنڌ يونيورستيءَ ۽ تعليم جي اشوءَ تي شارٽ مارچ ڪيو آهي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاج ڪيا آهن ۽ سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. آهي ڪو ٻُڌڻ وارو؟ آهي ڪو زندهه ضمير ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر جيڪو پارٽي وابستگين کان بالاتر ٿي اُٿي بيهي ۽ سنڌ جي شعور ۽ ضمير سان اچي هم آواز ٿئي ته هيءُ سڀ ڇا آهي؟ هن جمهوريت لاءِ سِر ڏنو سنڌ جي راڻي محترمه شهيد بينظير؟ اهڙي جمهوريت لاءِ ماڻهن ايوب، يحيٰ، ضياءَ ۽ مشرف خلاف جدوجهدون ڪيون ۽ ڦاهيون، ڦٽڪا ۽ قيد سَٺا؟ سڄي سنڌ هڪ طرف آهي ۽ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر ٻئي طرف- نتيجو؟ سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه کي محسوس ڪرايو پيو وڃي ته هن نظام کي سندن ڪابه پرواهه ناهي، کين هڪ ”کاٽائو پٽ“ پيارو آهي.
جي ايئن آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته اسان کي به اهو چئلينج پنهنجيءَ پوريءَ سگهه سان کڻڻ گهرجي! اسان جي سگهه هم آواز ٿيڻ ۽ ٻَڌيءَ ۾ آهي ۽ هڪ لڳاتار بي لوث جدوجهد ۾ آهي. مان نه ٿو سمجهان ته ڪابه حڪومت، ڪوبه وائيس چانسلر ۽ ڪوبه وزير سنڌ جي شعور ۽ ضمير کان پس و پيش وڌيڪ سگهارو آهي. هن چئلينج جي هاڻي علامتي اهميت به آهي. جي هيءُ مذاق هڪ نظام ۽ حڪومت کي ڦٻي ويو ته پوءِ سڀاڻي ڪير ڇو اُٿندو؟ هيءَ جدوجهد رڳو استادن جي ناهي، انهن سميت هيءَ جدوجهد سڄي سماج جي آهي ۽ هئڻ گهرجي ۽ تڏهن ئي اها سوڀاري ٿيندي. سنڌ جي تعليم سنڌ جي ايجنڊا نمبر ون هئڻ گهرجي، جو سنڌ جو مستقبل ان سان ئي وابسته آهي ۽ ڪنهن به حڪومت، وائيس چانسلر ۽ وزير کي اهو اختيار نه ٿو ڏئي سگهجي ته اُهو چار ڪروڙ کان وڌيڪ نڌڻڪي سنڌي عوام ۽ لکين باشعور سنڌين آڏو سنڌ جي تعليمي جي بازار لُٽجندي رهي. ”هنن“ کي پنهنجا سڀ تيرَ آزمائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي پر ان پنڌ ۾ اسان جي رڳو سينن جو امتحان نه هئڻ گهرجي پر ان کي جوابي ۽ متبادل سگهه سان جواب ڏيڻ گهرجي. ”تو تير آزما، هم جگر آزمائين“ وارو دور ويو هليو. هن قوم دشمن بي حسيءَ جو مقابلو اسان جي گڏيل سگهه ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان سگهه جو بنياد اسان جو گڏيل ضمير، شعور ۽ عمل ئي ٿي سگهي ٿو.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 8 آگسٽ 2012ع