ڇا سنڌ ۾ ڪا حڪومت آهي؟
21هين صديءَ ۾ ڪنهن به سماج کي بحرانن مان ڪڍڻ، ترقي ڏيارڻ ۽ تبديل ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو اهم ڪردار هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ وسيلا، منظم افرادي قوت ۽ ادارا حڪومت وٽ هجن ٿا. ان ڪري جيڪڏهن حڪمراني بهتر، ذميوار ۽ عوام دوست يا حقيقي طور جمهوري هجي ٿي ته اُتي سماج ڇال ڏيئي ترقيءَ جون منزلون تڪڙيون طئي ڪن ٿا پر جتي حڪومتون اڪثر ڪرپٽ، نااهل، پيٽ پرست ۽ عوام دشمن طبقن وٽ يرغمال رهن ٿيون، اُتي سماجن جو اُهو ئي حال ٿيندو آهي، جيڪو اڄ سنڌ جو آهي. ڄام صادق، لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، مظفر شاهه، علي محمد مهر، ارباب غلام رحيم جي حڪومتن تي ته ميار ناهي، جو اهي اسٽيبلشمينٽ پاران ويهاريل حڪومتون هيون، جن ۾ هڪ هڪ سيٽ رکندڙ شخص کي ”اسلام آباد“ سان وفاداريءَ جي انعام طور سنڌ ۾ وڏ وزارت جي مسند تي ويهاريو ويو هو پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ته ماڻهو ووٽ ڏين ٿا ۽ عوام کين سنڌ ۾ حڪومت سازيءَ جو مينڊيٽ ڏئي ٿو پر پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جو انداز سنڌ ۾ هميشه نه رڳو بدترين رهيو آهي، پر ان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي توڙي انتظامي ڪلچر کي وڌيڪ ڪرپٽ ڪيو آهي. (سواءِ سيد عبدالله شاهه جي مختصر دور جي، جنهن ۾ حڪومت ايتري ڪمزور ۽ وائڙي نه هئي.) سنڌ ۾ جيڪو حڪمرانيءَ جو انداز متعارف ڪرايو ويو آهي، ان جون ٽي ”خاصيتون“ بي مثال آهن، يعني نااهلي، ڪرپشن ۽ اقرباپروري ۽ جيڪڏهن حڪمراني انهن ٽن عنصرن تي بيٺل هجي ته پوءِ عوام کي ٻئي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه پوندي آهي.
سنڌ ۾ حڪومت جي نااهليءَ جي حالت اِها آهي جو اُها نه ته مرڪز کان سنڌ جا جائز آئيني ۽ قانوني حق وٺي ٿي سگهي ۽ نه سنڌ اندر قانون جي حڪمرانيءَ کي لاڳو ڪري ٿي سگهي. 18هين آئيني ترميم تحت سنڌ حڪومت کي جيڪي آئيني اختيار مليا يا ڪجهه وسيلا وڌيا پر سرزمين تي ان جو ڪوبه اثر ظاهر ناهي. گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان وٺي سنڌ جي اترئين ضلعن تائين سنڌ ۾ جيڪا دهشتگرديءَ، لاقانونيت، قبائليت، ڏوهن، اغوائن ۽ ڌاڙن جي بازار گرم آهي، حڪومت جو ان تي ڪوبه وس هلندي نظر نه ٿو اچي ۽ نه وري ان جو ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جو اهڙو ڪو ارادو ڏسجي ٿو. تعليم جي شعبي جو حال اِهو آهي، جو خود حڪومت به مڃي ٿي ته لڳ ڀڳ 6 هزار پرائمري اسڪول بند پيا آهن، يا اُتي تعليم جو عمل بند آهي. هڪ سماجي تنظيم جي رپورٽ موجب سنڌ جا پنجن کان سورنهن سالن تائين جي عمر جا اڌو اڌ ٻار يعني 61 لک ٻار اسڪولن ۽ تعليم کان محروم آهن ۽ جيڪي 61 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، اُنهن مان 34 لک يعني 56 سيڪڙو ڇوڪريون آهن. سنڌ ۾ ستر سيڪڙي کان وڌيڪ ٻار پنجين درجي کان پوءِ ڇهين درجي تائين نه ٿا پُڄن. ۽ اهو ڊراپ آئوٽ پاڪستان ۾ سڀني کان مٿي آهي. سنڌ ۾ 59 سيڪڙو ٻارن کي سنڌي ۽ اردو صحيح پڙهڻ نه ٿي اچي، 75 سيڪڙو ٻار انگريزيءَ ۾ هڪ پيراگراف به درست پڙهي نه ٿا سگهن، 71 سيڪڙو ٻارن کي سادي رياضي يعني ضرب، جوڙ، ونڊ ۽ ڪَٽ نه ٿي ڪرڻ اچي. سنڌ ۾ 77 اسڪولن جون عمارتون زبون آهن ۽ اُتي پاڻي، چوديواري، تحفظ ۽ واش روم جون سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن. سنڌ ۾ 6164 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن، جنهن جو مطلب ته سنڌ ۾ هر ستون اسڪول بند پيو آهي، جو سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊريءَ جا ڪُل 47394 اسڪول آهن. سنڌ جا ٻه ضلعا ٺٽو ۽ ٿرپارڪر بند پيل اسڪولن جي فهرست ۾ سڄي پاڪستان ۾ مٿي آهن.
صحت جو سنڌ ۾ اهو حال آهي جو بين الاقوامي ادارن جي رپورٽن مطابق سنڌ ۾ ٻهراڙين جا 28 سيڪڙو ماڻهو ”سائِيءَ“ جي موتمار بيماريءَ جو شڪار آهن. سنڌ ۾ ڪينسر جي بيماريءَ جي شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو آهي، جيڪا سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ مٿي آهي، جنهن جو مکيه سبب گندو ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ آهي. هن وقت پاڪستان ۾ عام ماڻهوءَ جي سراسري عمر 58 سال آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اها سراسري عمر 43 سال آهي، جنهن جو به وڏو سبب WHO پيئڻ جو گندو پاڻي، ناقص غذا، ماحولياتي گدلاڻ ۽ طبي سهولتون نه هئڻ ڄاڻايو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ٿر ۾ ڏُڪار جون خبرون عام آهن پر صحت جي عالمي اداري WHO مطابق سنڌ جي ٻارن ۽ نارين ۾ خوراڪ جي گهٽتائيءَ جي شرح عالمي طور مقرر ڪيل شرح کان به مٿي يعني23.1 آهي. سنڌ ۾ ڄمندڙ 10 ٻارن مان 9 ٻارن کي ڄمڻ کان وٺي 6 مهينن تائين ڪي به طبي سهولتون ميسر نه آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ موت جي شرح پاڪستان ۾ سڀني کان مٿي آهي. سماجي ۽ زندگيءَ جي معيار بابت تحقيق ڪندڙ اداري PSLM مطابق سنڌ ۾ ٻارن ۾ ٽُڪا لڳڻ جي شرح سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن کان گهٽ آهي، جيڪا سنڌ ۾ 28 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اُها 54 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا ۾ اُها 48 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ بي زمين يا پنجن ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ هارين جو تناسب 62 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ 69 سيڪڙو ٻهراڙين جي آبادي جديد شهري سهولتن کان محروم آهي. سنڌ ۾ غربت جي سطح به پاڪستان ۾ بدترين آهي ۽ ان جو رڳو هڪ مثال وٺجي ته، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 21 هين صديءَ ۾ به 47 سيڪڙو ماڻهن جا گهر ڪچا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اِهو تناسب 22سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواه ۾ 28 سيڪڙو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق سنڌ ۾ ٻين صوبن کان جيڪي ماڻهو لڏي اچن ٿا، اُنهن جو 46 سيڪڙو صرف روزگار ۽ نوڪرين لاءِ اچي ٿو، 26 سيڪڙو واپار لاءِ ۽ 28 سيڪڙو ٻين سماجي سببن جي ڪري اچي ٿو، يعني جيڪو صوبو 46 سيڪڙو روزگار ۽ 28 سيڪڙو واپار جا موقعا ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏئي ٿو، اُن جا پنهنجا اصلوڪا سنڌي ماڻهو ۽ نوجوان بيروزگاريءَ جي اسڪيل تي تمام هيٺانهين سطح تي بيٺا آهن. اڄ جنهن ٿر بابت ڄڻ ته اوچتو خبر پئي آهي ته، اُتي ڏڪار آهي، ان جو حال 1998ع جي آدمشماريءَ جي بنياد تي ڪيل انساني ترقيءَ جي انڊيڪس مطابق ٻُڙي (0%) هو. پاڪستان جي 140 ضلعن مان بنيادي تعليم جي لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان ترقي يافته شهر ڪراچي به 56 هين نمبر تي آهي ۽ سنڌ جا باقي 22 ضلعا 73 کان 140 جي وچ ۾ آهن ۽ اهو حال ان صوبي جو آهي، جنهن جي صوبائي بجيٽ جو 21.8 سيڪڙو يعني 134 ارب روپيا تعليم تي خرچ ٿين ٿا.
ماحولياتي گدلاڻ، وڻڪاري، ترقياتي ڍانچي جي لحاظ کان به سموريون عالمي ۽ ملڪي رپورٽون اِهو ٻُڌائين ٿيون ته، سنڌ بدترين حال ۾ آهي. ڌارين جي آبادڪاري سنڌ ۾ جنهن تيزيءَ ۽ شرح سان وڌي رهي آهي ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ وڌي رهي آهي، ان جو ڪو تدارڪ نه ٿيو ته، سنڌ ۾ سنڌين جي حيثيت بلڪل ثانوي ٿي ويندي. (منهنجو ايندڙ مضمون سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ تي هوندو، جنهن ۾ مڪمل انگ اکر شامل هوندا) 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق سنڌ ۾ ٻين صوبن کان جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ مستقل طور آباد ٿي رهيا آهن، اُنهن جو 92 سيڪڙو ڪراچيءَ ۾ آباد ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق ملڪ جي سموري صنعتي علائقن جو 32 سيڪڙو علائقو صرف ڪراچيءَ ۾ آهي. اهي انگ اکر ته 1998ع جا آهن، جڏهن ته گذريل 16 سالن ۾ ڪراچيءَ سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۾ ڌارين ۽ خاص طور پشتون آباديءَ جي آبادڪاريءَ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.
مٿي بيان ڪيل ان سموري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڪوبه اثرائتو وجود يا ڪردار نظر اچي ٿو؟ ظاهر آهي ته انهن سمورن مسئلن کي سماج ته دانهن ۽ ڪُوڪُن سان مُنهن ڏئي نه سگهندو، جيسين سنڌ ۾ ڪا ذميوار حڪومت، بهتر حڪمرانيءَ ذريعي ڪو اهم ڪردار ادا نه ڪندي. سنڌ حڪومت پاڻي، ناڻي ۽ خودمختياريءَ جا حق مرڪز کان وٺي، اُها ته ٿي پري جي ڳالهه پر خود صوبي جي سطح تي سنڌ حڪومت جي حڪمرانيءَ جو ڇا حال آهي؟ سوال اهو آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪمرانيءَ جي ”ماڊل“ سنڌ جي سُورن ۾ اضافو ڪيو آهي يا انهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪو قدم کنيو آهي يا ڪا رٿابندي ڪئي آهي؟
مثال طور:
* ڇا سنڌ حڪومت وٽ سنڌ بابت ڪو Vision يا ان ڏس ۾ ڪا ڊگهي مدي واري رٿابندي آهي، جو چئجي ته پنجن سالن کانپوءِ ڪي نتيجا سامهون ايندا. لڳي ايئن ٿو ته 2018ع ۾ به نتيجا اُهي ساڳي هوندا، جيڪي گذريل پنجن سالن کانپوءِ 2013ع ۾ سامهون آيا، بلڪه شايد ان کان به وڌيڪ بدتر سامهون اچن، جو هن سموري گهڻ-طرفي بحران جا خطرناڪ نتيجا غربت، لاقانونيت، تباهه حالي، وڌندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي توڙي آباديءَ جي عدم توازن جي صورت ۾ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ جي دهشتگردي، ٿر جو ڏُڪار، لاڙڪاڻي ۾ جنونين ۽ فسادين هٿان ڌرمشالا کي لڳايل باهه يا تعليم، صحت، ماحوليات، ترقياتي ڍانچي جي تباهه حالي يا وڌندڙ سماجي انتشار ۽ انتهاپسندي رڳو بظاهر مختلف معاملا آهن، انهن جا محرڪ ۽ سبب ساڳيا آهن، جن جو پس و پيش تعلق حڪمرانيءَ ۽ رياست جي زوال سان آهي.
* ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪو هڪ به ادارو يا ڪميشن اهڙو آهي، جيڪو اٺين مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ کي گهربل حصو وٺي ڏيڻ جي اهليت رکندڙ هجي؟ جيڪو ادارو CCI، ECNEC، HEC ، CDWP جهڙن ادارن ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ گهربل تياري ۽ رٿابندي ڪري؟
* سنڌ ۾ جن شعبن جي تباهه حاليءَ جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪو منصوبو يا ارادو آهي ته، انهن اجگر جيڏن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو؟ ۽ ان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مرحليوار قدم کنيا ويندا؟
* سنڌ حڪومت وٽ ڪا رٿا آهي ته، هنن پنجن سالن ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ڪهڙا ڪهڙا قانون پاس ڪرائڻ گهرجن ۽ 18هين ترميم جي نتيجي ۾ سنڌ کي جيڪو ٽڪو پئسو فائدو ملي سگهي ٿو، اُهو ڪيئن ملندو ۽ ان لاءِ ڇا ڇا ڪجي؟
* سنڌ حڪومت وٽ ڪو ارادو يا رٿا آهي ته 18هين ترميم تحت صوبائي مالياتي ايوارڊ آڻجي ۽ ان ۾ ضلعن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست، غربت، ڪمزور ۽ تباهه حال ترقياتي ڍانچي، ايراضي ۽ پسماندگيءَ جي بنيادن تي ڪرڻ جو بنياد وجهجي. مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان جيڪا جنگ سنڌ مرڪز سان وڙهندي رهي آهي، ان تي عمل سنڌ ۾ ڇو نه ڪري ڏيکارجي؟
* سنڌ حڪومت وٽ آهي ڪو حساب ڪتاب، ته قدرتي وسيلن مان آئيني طور جيڪا 50 سيڪڙو آمدني سنڌ کي ملڻي هئي، اُن جو ڇا ٿيو؟ اُها رقم ڪيڏانهن ٿي وڃي ۽ ان سان اُنهن ضلعن کي ڇا مليو، جيڪي قدرتي وسيلن سان مالامال آهن؟
* سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ايڪٽ ۽ ٺهرائن مطابق سنڌ ۾ سنڌي ٻولي دفتري ۽ تعليمي ٻوليءَ طور رائج ڪڏهن ٿيندي؟
* سنڌ ۾ جنهن تيزيءَ سان انتهاپسندي وڌائيندڙ مدرسا کُلي رهيا آهن، اُنهن کي ڪڏهن ۽ ڪيئن روڪبو؟ ان لاءِ قانونسازي ڪڏهن ٿيندي ۽ ان تي عمل ڪيئن ٿيندو؟
جنهن صوبي ۾ وڏو وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جيترو به بااختيار ناهي ۽ جتي وزيرن کي رڳو عوامي خزاني مان نيون گاڏيون خريد ڪرڻ مان فرصت نه هجي، اُتي بهتر حڪمراني في الحال ته ديواني جو خواب لڳي ٿي. بلاول جي روشن خيالي ۽ بهادري اکين تي پر اُها سنڌ جي ڪهڙي ڪم جي، جڏهن اُتي سندس ئي پارٽيءَ جي حڪمراني ايتري نااهل ۽ اقربا پرور هجي؟ سنڌ جي ماڻهن کي ”اک“ پٽڻي پوندي، غير مشروط محبتن کي الوداع چوڻو پوندو، حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪرڻ جو سياسي ۽ سماجي ڪلچر پيدا ڪرڻو پوندو، انفرادي مفادن تي اجتماعي مفادن کي اوليت ڏيڻي پوندي ۽ عوام جي اهڙي تربيت متبادل بهتر سياست ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ راءِ عامه تي اثرانداز ٿيندڙ سڄاڻ ماڻهن کي به سياسي ڊسڪورس کي حڪمرانيءَ جي هن بدترين ماڊل تي زور ڏيڻ گهرجي، ان کي وڌيڪ دليلن، ثبوتن ۽ انگن اکرن سان وائکو ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ هڪ لڳاتار جدوجهد هلڻ جي ضرورت آهي.
روزاني ڪاوش حيدرآباد، 18 ۽ 19 مارچ 2014ع