تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

سنڌ ۾ ٺلهي جذباتيت جي سياست اڃا ڪيستائين هلندي؟!

بلاول ڀٽو زرداري هڪ عظيم ماءُ جو ذهين پٽ آهي ۽ جيئن ته هن هيستائين ذاتي طور ڪوبه ڪڌو ڪم نه ڪيو آهي، ان ڪري هن بابت عام طور تي ڪابه منفي راءِ موجود نه آهي. پيپلز پارٽيءَ جون چڱايون مَٺايون في الحال سڀ آصف علي زرداريءَ جي کاتي ۾ آهن، جو پارٽيءَ جا سمورا اختيار هن هڪ ئي فرد واحد جي هٿن ۾ آهن. اختيار ته شهيد ڀُٽي، محترمه بينظير ڀٽو جي دورن ۾ به هڪ ئي فرد واحد وٽ هوندا هئا پر شايد انهن دورن ۾ پارٽيءَ ۾ گڏيل صلاح مصلحت جو ڪلچر ضرور هو. هينئر ته اهو حال آهي جو سنڌ جي وڏي وزير کي صوبائي ڪابينا ۽ سنڌ حڪومت جي سطح تي انتظامي تڪرارن جي نبيري لاءِ به دبئيءَ ۾ آصف علي زرداريءَ وٽ وڃڻو پوي ٿو. پ پ پ جي سنڌ حڪومت جي ڪابينا ۽ ويندي صوبائي پارٽي يا سنڌ ڪائونسل به بي اختيار نظر اچن ٿا. اهو حال رڳو پ پ پ جو نه پر لڳ ڀڳ ملڪ جي اڪثريتي سياسي پارٽين جو آهي.
هونئن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نالي ماتر چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اڳ ۾ به تقرير جي حد تائين سياسي ميدان تي لاٿو ويو آهي، پر تازو 18 آڪٽوبر 2007ع جي شهيدن جي ياد ۾ ڪوٺايل جلسي ۾ سندس تقرير سڄي ملڪ ۾ بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو جلسو 18هين آڪٽوبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گهٽ ۽ بلاول جي پرجوش تقرير جو ميڙ وڌيڪ هو. تقرير تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن ۾ وڏي خوشي، فخر ۽ اُتساهه جو احساس آهي، جو هو شايد اهي سمجهن ٿا ته سندن پارٽي کي هڪ جوشيلو مقرر ملي ويو آهي، جنهن سان شايد هيءَ ملڪي سطح تي زوال پذير پارٽي هڪ ڀيرو وري کڄي وڃي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ متحده هن تقرير تي ردعمل ته ظاهر ڪيو آهي پر ان کي ڪا خاص اهميت ناهي ڏني، ويتر ان کي هڪ جذباتي ”پارٽي تقرير“ سان تعبير ڪيو آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده حالتن ۾ اها تقرير عوامي سطح تي ڪنهن اُٿل يا تحرڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿي يا ان سان پ پ کي ڪو ڇال ملي ٿو؟ ان سوال جي جواب جي پاڙ تائين پڄڻ کان اڳ ۾ ڪجهه بنيادي نقطن تي ويچار ڪرڻ جي گهرج آهي.
ڏٺو وڃي ته بلاول ڀٽي زرداريءَ جي تازي تقرير پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ”مفاهمتي“ سياست جي نفي ڪندڙ آهي. گذريل پنج سال متحده سان سندن ”ٻٺيهه دليون“ هيون، ايتري قدر جو سندن الفت ۾ وڃي ٻِٽي مڪاني نظام جو بِل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايائون. آصف علي زرداري نائن زيرو تي وڃي ايترو جذباتي ٿي ويو، جو ماڳهين پنهنجي ٽوپي لاهي فاروق ستار کي پارائي آيو، نواز شريف کي هو پنهنجو وڏو ڀاءُ چوندو رهيو ۽ عمران خان کي هنن ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي مٿي جو سُور نه سمجهيو. متحده کي به سيد قائم علي شاهه ڪئين ڀيرا سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏئي چڪو آهي ته پوءِ سوال ٿو اڀري ته آخر اوچتو ڇا ٿيو، جو بلاول کي شينهن جو شڪار ڪرڻ، لغڙ ڪاٽا ڪرڻ، عمران خان کي بزدل خان سڏڻ ۽ ”سوناميءَ“ تي بند ٻڌڻ جي سخت ضرورت پيش آئي؟ ظاهر آهي ته حقيقت ڪا ٻي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ انجا هيٺيان امڪاني سبب ٿي سگهن ٿا:
(1) ملڪ جون مجموعي حالتون ڪنهن وڏي سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ جهڙيون ناهن ۽ جيئن ته پ پ شايد بلاول کي پارلياماني سياست جي ميدان تي لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري بلاول کان شعوري طور ۽ حڪمت عمليءَ طور اهڙي تقرير ڪرائي وئي، جو اها تڪراري بڻجي، ڇاڪاڻ ته جي اها تڪراري نه هجي ها ته شايد بلاول ملڪي سطح تي بحث جو موضوع نه بڻجي ها، جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته ملڪي سطح تي اُڀرڻ جا ٻيا طريقا به ٿي سگهن ٿا.
(2) مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومتن تي زور رکيو بيٺي آهي، ان ڪري اهو به ممڪن آهي ته پ پ انهن چونڊن لاءِ ماحول گرم ڪرڻ لاءِ بلاول کان اهڙي تقرير ڪرائي هجي، جو سياست ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ عوامي تحرڪ جو شايد سڀ کان سستو ۽ تڪڙو ذريعو آهي.
(3) امڪان اهو پڻ آهي ته آصف علي زرداري هاڻي بلاول کان جذباتي تقريرن ذريعي اهو ئي ڪم وٺي، جيڪو هو گذريل حڪومتي دور ۾ بابر اعواڻ، قمر زمان قائره يا رحمان ملڪ کان وٺندو هو، يعني پاڻ به بدستور سدائين مسڪرائيندڙ ۽ هر ڪنهن سان ڀاڪر پائيندي نظر اچي ۽ ٻين کان سياسي گُهتون هڻڻ وارو ڪم وٺي.
(4) هڪ امڪان اهو ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداري اهو سمجهي ورتو هجي ته شايد ”مفاهمتي پاليسيءَ“ سان حڪومتون بچي وڃن پر پارٽي جو نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها سندس مفاهمتي پاليسي ئي هئي، جنهن تحت هو پنج سال وفاق ۾ حڪومت ته هلائي ويو پر پارٽيءَ جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جي حيثيت وڃائي ويٺو. جيتوڻيڪ ان امڪان جو گمان گهٽ آهي پر جي ائين آهي ته پوءِ هو پنهنجي گذريل پنجن سالن جي ”مفاهمتي سياست“ لاءِ هاڻي ڇا چوندو؟
هاڻي ان سڄي امڪاني صورتحال ۾ جي هن تقرير کي ڏسجي ته سڀ کان پهرين ته تقرير ۾ سواءِ جذباتيت جي، ملڪي صورتحال جو ڪو تجزيو نه هو ۽ نه ئي اشوز تي ڪا واضح پاليسي هئي. جذباتيت جو اثر به تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان جي پٺيان ڪو نظريو، ڪو پروگرام ۽ Vision(ويزن) هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سگهارو سياسي ڪردار هوندو آهي، لفاظيءَ سان ته ڪنهن کي به شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي. پنجاب ۾ ميان نواز شريف جي مسلم ليگ ان ڪري غير معمولي ڪاميابي ماڻي، جو پنج سال سندس حڪومت پنجاب ۾ ڪجهه ڊليور ڪيو هو. سنڌ ڏهاڪن کان پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نظريي، پاليسيءَ، اوليتن، سياست ۽ حڪمرانيءَ جي انداز جي تصوير سنڌ جي مجموعي صورتحال آهي. سنڌ ۾ تعليم، صحت، ترقياتي ڍانچي، حڪومت جي انتظامي سرشتي، غربت، لاقانونيت، قبائليت، دهشتگرديءَ جي صورتحال ئي سندن سياست جو پيش خيمو آهي.
ڀلا گذريل حڪومتي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ کي ڪجهه ڏئي نه سگهي ۽ کانئن سنگين غلطيون ٿيون پر سوال آهي ته هن ڀيري ته سنڌ توهان سان وري نڀايو ۽ پيپلز پارٽي کي 2008ع جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ سيٽون مليون. سنڌ کي هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت طرفان ڪي ٺوس نتيجا ملندا يا ساڳيو حڪمرانيءَ جو انداز هوندو؟ هن پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حقيقت پسند ٿي ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻو پوندو ته سنڌ ۽ ملڪ جي هر مسئلي جو حل جذباتي تقرير ناهي ۽ رڳو شهيدن جو ذڪر ڪيستائين؟ جذباتيت جي سياست پس و پيش عوام کي فريب ڏئي ٿي ۽ کٽيو حڪمران طبقو کائي ٿو. سنڌ ۾ ته سگهارو متبادل نه هجڻ سبب اها جذباتيت ۽ شهيدن جا واسطا ڏيڻ واري سياست ممڪن آهي ته اڃا ڪجهه وقت ڪڍي وڃي پر پنجاب جهڙي تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ شهري مڊل ڪلاس ۾ تبديل ٿيندڙ صوبي ۾ ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا نظريي، پروگرام، ڪردار ۽ ٺوس نتيجن جي رڳو جذباتيت سان نه ته ”شينهن“ جو شڪار ڪري سگهندي ۽ نه وري ”سونامي“ تي بند ٻڌي سگهندي. جيڪا پارٽي گذريل پنج سال مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ۾ رهندي ڪراچي ۾ رهندڙ چاليهه لک سنڌين جا رڳو ووٽ داخل نه ڪرائي سگهي، اها ڪراچي ۾ متحده جو ”لغڙ“ ڇا ۽ ڪيئن ڪاٽا ڪندي؟
مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي بلاول جهڙي نوجوان کي جذباتي تقريرن ذريعي هڪ ”ڪارڊ“ طور استعمال ڪرڻ بدران پنهنجي نظرياتي بيهڪ، تنظيمي ڍانچي، اڳواڻيءَ جي ميرٽ، سياسي ڪلچر، پاليسين، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته رڳو عوام عوام ڪرڻ بدران عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي محرڪن تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ گهرجي. باقي جي بلاول سال ۾ هڪ دفعو جذباتي تقرير ڪري وري واپس دبئي يا لنڊن هليو ويندو ته پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ اها حڪمت عملي فائديمند ٿيڻ بجاءِ ويتر نقصانڪار ثابت ٿيندي. هي ستر ۽ نوي وارو ڏهاڪو ناهي، جڏهن ٺلهو جذباتي تقريرن سان به سياسي پارٽين جو ڪم هلي ويندو هو. ائين ته سنڌ جي ننڍين ۽ پاڻ کي قومي سڏرائيندڙ پارٽين جا ڪجهه اڳواڻ به تقريري مقابلي جي ميدان تي ملڪ گير سطح جا آهن پر ”هيٺ“ جو ڪجهه ناهي ته انهن تقريرن کي ماڻهو ڇا ڪندا. منهنجي خيال ۾ پارٽيءَ جو ڪو خير خواهه بلاول کي صلاح ڏئي ته هن کي سطحي جذباتي تقريرن بجاءِ پارٽيءَ جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهربل نظريي، تنظيم، ڪردار ۽ عمل کانسواءِ ٺلهيون جذباتي تقريرون ڪنهن کيل تماشي کانسواءِ ڪابه حيثيت نه ٿيون رکن، پوءِ چاهي اها تقرير بلاول ڀٽي زرداريءَ جي هجي يا سنڌ جي ڪنهن قومپرست اڳواڻ جي!
ٺلهي جذباتيت جي سياست هونئن به قوم ۽ سماج کي نه ته ڪنهن دڳ لائي، کين اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ نه وري ان مان عوام کي پس و پيش ڪجهه پلئه پوندو آهي. ٺلهي جذباتيت لڙَ ۾ هميشه حقيقي اشوز، عوامي ۽ قومي مفاد گم ٿيو وڃن. سائنسي، معروضي ۽ عقليت پسند سياست جو بنياد ئي تنقيدي شعور ۽ ليکي چوکي تي هوندو آهي. سنڌ ۾ چار پنج ڏهاڪا ڀرپور سياست باوجود اڄ سنڌ ايتري نڌڻڪي ڇو آهي؟ ان جو سبب ئي اهو آهي ته هتي ٿلهي ليکي جمهوريت توڙي قومي سياست جي نالي ۾ ٺلهي جذباتيت جو ئي راڄ رهيو. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيپلز پارٽي جي روايتي سياست ۾ هي ”ٽيون نسل“ به ساڳي جذباتيت سان عوام کي رڻ ۾ رلائيندو؟ هاڻي ته حساب ڪتاب، ليکي چوکي ۽ عوام آڏو جوابدار ۽ ذميوار سياست جي دور جو آغاز ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي چٽو نظريو، تنظيم، ڪردار ۽ عمل ئي هنن سنگين بحرانن مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو، جنهن ۾ هاڻي ڪنهن به نعري ۽ نالي جي نرگسيت ۾ ٺلهي جذباتيت جي گنجائش نه هئڻ گهرجي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، سومر 21 آڪٽوبر 2013ع