هڪ ڀيرو وري ”سنڌ ڪارڊ“ کيڏڻ لاءِ سرگرم ٿيل پيپلز پارٽي!
سڀ کان اڳ اهو سوال بحث هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي ته ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌين جي ۽ متحده قومي موومينٽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جون حقيقي معنى ۾ نمائنده پارٽيون آهن يا نه؟ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي هر صوبي، ٻولي ڳالهائيندڙ، رنگ، نسل ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو شامل رهيا آهن ته پوءِ اها سنڌ جي نمائنده پارٽي ڪيئن ٿي؟ ٻيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو منشور يا سندن پهرين حڪومت جي دور ۾ آيل 1973ع جو آئين ته ملڪ ۾ قومن جي وجود کي آئيني ۽ اصولي طور تسليم ئي نه ٿا ڪن ته پوءِ ملڪ جي خالق قومن مان هڪ جي نمائنده ڪيئن ٿي؟ ٽيون ته ڀُٽي شهيد جي دور کي ڇڏي ڪري باقي هن پارٽيءَ سنڌ کي ڏنو ڇا آهي يا سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي خودمختيار حيثيت توڙي تاريخي حقن جي تحفظ بابت ڪيو ڇا آهي، جو ان کي سنڌين جي نمائنده پارٽي سڏجي؟ جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته ڪا بااصول پارٽي وفاقي هوندي به صوبن ۽ قومن جي مفادن جو بچاءُ ڪندي انهن جي حقيقي نمائندگي ڪري سگهي ٿي. دنيا جي سمورن وفاقي ملڪن ۾ حقيقي وفاقي پارٽين جو ڪردار اهڙو ئي هوندو آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي.
ان سموري پس منظر ۾ سوال اهو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي حق ۽ جواز آهي؟ جيڪا پارٽي هونئن به سنڌ کي هڪ تاريخي وطن، هڪ مظلوم قوم سمجهي، ان جو سڀ طرفو تحفظ ڪرڻ بجاءِ ۽ ان کي رڳو اقتدار تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ سمجهي ٿي يا سياسي ”جوا“ جو هڪ ٺلهو ڪارڊ سمجهي ٿي، اها ان جي ڪهڙي نمائندگي ڪندي؟ ڀلا ماضيءَ کي ته کڻي پاسيرو رکي، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل اٺن سالن اندر سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز جو ئي جائزو وٺجي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. هن پارٽيءَ کي سنڌ کي مشرف دور جي لڳل گهاون ۽ مجموعي صورتحال کي سامهون رکي، جنهن قسم جي اهل، ذميوار ۽ سنڌ دوست حڪمرانيءَ جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي ها، ان جي اُبتڙ سنڌ ۾ بدترين حڪمرانيءَ ذريعي ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ جي بازار گرم ڪري ميرٽ جا بَکيا اُڊيڙي، ادارن کي تباهه حاليءَ تي پُڄائي سنڌ جو جيڪو حال ڪيو ويو آهي، اهو ڏسي ڪو ويساهه ڪندو ته هن صوبي جي سالياني بجيٽ 639 ارب رپيا آهي؟ ان ڪري جيڪا پارٽي سنڌ جي هن تباهه حال منظرنامي لاءِ آمريتن جيتري ئي ذميوار آهي، ان کي هاڻي ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي حق آهي؟ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ مرڪزي ادارن يا رينجرز جي پاليسين يا غير آئيني پاليسين ۽ قدمن جي مخالفت جو سمورو حق آهي، پر ان ڏس ۾ سنڌ جو نالو کڻڻ نه رڳو اصولي طور غلط آهي، پر سنڌ سان سنگين ۽ چيڙائيندڙ ڀوڳ جي برابر آهي.
اها ساڳي صورتحال بلڪه ان کان به بدتر مثال متحده قومي موومينٽ جو آهي. هيءَ جماعت پاڪستاني سياست ۾ ٻهروپيت جو هڪ مثال آهي. سدائين اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهبي، آمريتن جو ساٿ ڏبو، جمهوريت ۾ دٻاءَ ذريعي هميشه اقتدار ۾ حصو وٺبو. سدائين وڏيرن جو اتحادي ٿي، اقتدار جا مزا ماڻبا، پر جڏهن هو اقتدار کان ٻاهر هوندا يا سندن صفن ۾ موجود ڏوهاري جهلبا ته پوءِ ”مهاجر ڪارڊ“ جو نانگ سندن پروپيگنڊه جي ٽُٻڻيءَ مان نڪري ايندو. سدائين اسٽيبلشمينٽ ۽ وڏيرن ۽ چوڌرين جي ساٿ سان اقتدار ۾ رهندڙ هيءَ جماعت رات وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ جاگيردارن جي دشمن بڻجيو پوي ۽ کين مهاجرن جي نام نهاد مظلوميت ياد اچيو وڃي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم جي موجوده حيثيت کي اُڀارڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ توڙي مسلم ليگ (ن) ۽ (ق) جهڙيون پارٽيون وڏو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن ۽ انهن جو ڏوهه ڪنهن گهٽ نوعيت جو ناهي. هن جماعت خلاف آپريشن ته پنهنجي جاءِ تي، پر کين رڳو هڪ ڏهاڪو اقتدار ۾ ناجائز ۽ غير ضروري ڀائيواريءَ کان پاسيرو ڪيو وڃي ته سندن لاءِ سياسي ۽ تنظيمي جياپو ڏکيو ٿي پوندو. هيءَ اها مڇي آهي، جيڪا اقتدار جي تالاب کان سواءِ ڪڏهن به زنده رهي نه سگهندي. هاڻي جڏهن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ سندن شهر مٿان ناجائز هڪ هٽي ڍري ٿي آهي، ڏوهاري ڪاررواين لاءِ حالتون ڏکيون ٿي ويون آهن ۽ ڀتاخوري يا ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي ته وري هيءَ پارٽي ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ”مهاجر ڪارڊ“ کڻي آئي آهي، جنهن جي هر سطح تي مزاحمت ۽ مخالفت ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۽ سنڌين جي گهڻ طرفي قومي مفاد سان ڪو به تعلق نه آهي، بلڪل ايئن متحده جو به اردو ڳالهائيندڙ عوام جي جائز مفادن سان ڪو لاڳاپو نه آهي. هن پارٽيءَ لاءِ به ”مهاجر ڪارڊ“ اقتدار تائين رسائي ۽ پنهنجي ڏوهن تي سياسي ڍڪ رکڻ جو هڪ ذريعو آهي.
بدقسمتي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ملڪي سطح تي اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين ۽ متحده کي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جون نمائنده سياسي پارٽيون سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جو سبب ٻه محرڪ آهن يعني هڪ ته اهي ٻئي پارٽيون گذريل وڏي عرصي کان مختلف نعرن، اٽڪلن ۽ طريقن سان ماڻهن جا ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون ۽ ٻيو ته ٻنهي پارٽين جي هٿ ۾ ٻه مختلف ”ڪارڊ“ آهن، جن جو حصو هر حساس موقعي تي استعمال ڪن ٿيون. منهنجي خيال ۾ سنڌ سان هي سنگين مذاق تيستائين پُڄاڻيءَ کي نه رسندو، جيستائين کين عوام آڏو مڪمل طور وائکو نه ٿو ڪيو وڃي، ووٽ جي لاڙي ۾ بنيادي فرق نه ٿو اچي ۽ ملڪي سطح تي کانئن ”سنڌ ڪارڊ“ ۽ ”مهاجر ڪارڊ“ جو استعمال ڪرڻ جو استحقاق سياسي ۽ اخلاقي طور کسيو نه ٿو وڃي.
ان ڏس ۾ سنڌ ۾ هر سطح تي پبلڪ فورم ٿي سگهن ٿا ۽ سوشل ميڊيا کي وڏي ذريعي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جو ليکڪ ۽ ساڃاهه وند عوامي راءِ کي بدلائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ نهايت اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪاش اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي اها سمجهه اچي، جو هو سنڌ جي عوام سان وسيع رابطه ڪاريءَ ۽ تنظيم ڪاريءَ ذريعي انهن ٻن جماعتن جو اهو ڪوڙو طلسم ٽوڙي سگهڻ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
هونئن ڏٺو وڃي ته انهن ٻنهي جماعتن جي پنهنجي ڪرتوتن ۽ افعالن سبب سندن تنظيمي پيرن هيٺان سياسي زمين نڪري چڪي آهي ۽ ان جو اندازو کين به مڪمل طور ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو متحده جو سڄو زور الطاف حسين جي ٽيليفون خطابن ۽ پيپلز پارٽيءَ جو زور رڳو ڀڙڪيدار بيانن تي آهي. اهي ٻئي جماعتون عوام جي وڏي حصي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ رستن تي آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيون آهن. متحده جيڪڏهن ماڻهو گڏ ڪري وڃي ٿي ته ان ۾ ماڻهن ۾ کانئن موجود خوف جو بنيادي عمل دخل آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سندن طرفان هاڻي محبت جو نه، پر مجبوريءَ جو ووٽ ملي رهيو آهي، جو سندن سامهون ڪا سگهاري سياسي ڌر اُڀري نه سگهي آهي ۽ نه وري ان لاءِ ڪي گهربل ڪوششون ورتيون ويون آهن.
سنڌ يا ان جي آباديءَ جي ڪنهن به حصي کي وطن يا عوام سمجهڻ بجاءِ ٺلهو ”ڪارڊ“ سمجهي، پنهنجن ناجائز مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ سنڌ سان هڪ ٻيو سنگين ۽ چيڙائيندڙ ڀوڳ آهي ۽ هن ڀيري ان جي هر سطح تي سخت مزاحمت ٿيڻ گهرجي۔
روزاني ڪاوش سومر 31 آگسٽ 2015ع