تِنين کي تعليم جي, ليکڪ : سرمد کوسو

تِنين کي تعليم جي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : تِنين کي تعليم جي
ليکڪ : سرمد کوسو
ڪيٽيگري : تعليم
ڇپيندڙ : پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
شايع ٿيڻ جو سال : 2019
شامل ڪيو ويو : 2021-03-20
ڏِٺو ويو : 1561 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 304 ڀيرا

ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تعليم مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ