مقدمو
”آليور گولڊ سمٿ“ انگريزي ادبي دنيا جي انھن ممتاز ترين هستين مان آهي، جن انگريزي ادب جي پھلوءَ تي ڪاميابي سان لکيو ۽ پنھنجي قلم جي جنبش سان قوم جي سماجي، ذهني ۽ مذهبي خيالات ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو.
ولادت ۽ اوائلي زندگي:
”آليور گولڊ سمٿ“ آئرلنڊ جي ”راسڪامن“ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سمٿ هل“ ۾ تاريخ 10 نومبر 1728ع ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو ”چارلس گولڊ سمٿ“ هو جو هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس ماءُ ” آئن“ هڪ اسڪول ماستر ”آليور جونس“ جي ڌيءُ هئي.
”چارلس گولڊ سمٿ“ تمام سٻاجهي ۽ وڻندڙ طبعيت وارو هوندو هو، هن پنھنجي ٻارن جي دلين تي پڻ موليَ جي محبت ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جا خيال جاڳايا، جيتوڻيڪ هيءُ تمام غريب هو، تہ بہ جيڪڏهن ڪو واٽھڙو يا غريب ماڻھو کانئس مانيءَ ۽ رهائش جي گهر ڪندو هو تہ هو کيس خالي هٿين نہ ڇڏيندو هو.”آليور“ پڻ پنھنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ بعد ساڳيو طريقو اختيار ڪيو.
تعليم:
”آليور“ کي سندس والدين پھريائين هڪ ٻڍيءَ عورت وٽ (A B C ) پڙهڻ لاءِ موڪليو، جنھن جو چوڻ آهي تہ هن جيڪي بہ ٻار ڏٺا هئا، تن سڀني ۾ ”آليور“ موڳن ۾ موڳو هو. پر ڏسو قدرت جا ڪرشما جي هيءُ ٻارڙو آخر اهڙي تہ ڪڙيءَ تي پھتو، جو ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ ۽ سٽيزن آف دي ورلڊ“ جھڙا بھترين ڪتاب ۽ ”شيءَ سٽوپس ٽہ ڪانڪر ”۽ ” ڊيزرٽيڊ وليج“ جھڙا مشھور نظم لکيائين.
ٿورن مھينن بعد ”آليور“ کي اسڪول ڏانھن موڪليو ويو، پھريائين ڪليسائي حلقي جي ماستر وٽ ۽ پوءِ رفتہ ”ايلفن“ ائٿلون ۽ ايجورٿس شھرن جي اسڪولن ۾ تعليم ورتائين، سندس زندگي تڪليفن سان ڀرپور هئي ۽ پنھنجي اسڪول م نھايت ئي ناخوش هوندو هو، منھن تي ماتا جي نشانن هئڻ ڪري شڪل جو ڪوجهو هو. قد جو پڻ ڇوٽو هو، انھي ڪري سندس هم ڪلاسي کيس گهڻو ڌڪاريندا، ماريندا ۽ ڪٽيندا هئا ۽ مٿانئس ٺٺوليون ڪندا هئا.
سن 1745ع ۾ ”آليور“ ”ڊبلن“ شھر جي ”ٽرنٽي ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو، جنھن جي دروازي اڳيان هن وقت بہ سندس پتلو بيٺل نظر اچي ٿو، سندس پيءُ ڪاليج جي في ڀرڻ کان لاچار هو، انھي ڪري کيس هن شرط تي داخل ڪيو ويو تو هو باغيچي کي ٻھاري ڏيندو ۽ ماني وقت پليٽون وغيره کڻي ڏيندو،
مطلب تہ هڪ اهڙي شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو جو کيس ڪاليج جي في جي گهٽتائي جي عيوض هيٺانھين درجي جا ڪم ڪرڻا پيا، يونيورسٽي ۾ پڻ هن پنھنجا ڏينھن ڏاڍا ڏکيا گذاريا، ڇا ڪاڻ تہ ڪو بہ شاگرد ساڻس تعلق نہ رکندو هو ۽ کيس چڱي نظر سان نہ ڏسندو هو ، تنھن کان سواءِ هيءُ تمام غريب هو ۽ انھي ڪري نھايت پريشان رهندو هو. پنھنجن استادن جي آفرين حاصل ڪرڻ لاءِ بہ هو پاڻ کي هوشيار ثابت نہ ڪري سگهيو، از انسواءِ سندس بي قاعدي عادتن ۽ غير مھذب حرڪتن پڻ کيس يونيورسٽيءَ اختياري سان گهڻو ڪجهہ مقابلي ۾ آندو، انھن خامين سان گڏ منجهنس ڪي خوبيون بہ هيون، جن جي قدرداني ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ هو ڪجهہ وقت لاءِ ”ڪارڪ“ ڏانھن ڀڄي ويو تہ سن 1749ع ۾ هن يونيورسٽي جي بي-اي امتحان جي سند حاصل ڪئي.
يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ ساڳئي سال سندس پيءُ گذاري ويو ۽ ان ڪري هو ڪجهہ وقت پنھنجي ماءُ وٽ رهيو، هن پادري ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ انھي ڪري اهو عرصو پڻ انھي نوڪري جي آرڊر جي انتظار ۾ گذاريائين، پر سندس درخواست رد ٿي ويئي، ان بعد هو ٻھراڙي جي هڪ معزز شخص جي ٻارن جو استاد ٿيو ۽ اهو وقت ڏاڍي خوشي ۾ گذاريائين.
هن پوءِ لنڊن ۾ قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو ۽ پاڻ سان پنجاھہ پائونڊ کڻي اوڏانھن روانو ٿيو، کيس اها پيسا سندس چاچي ڏنا هئا، پر ”ڊبلن“ شھر ۾ پھچندي ئي سڀئي پيسا جوا ۾ هارائي ڇڏيائين. جنھن ڪري اڳتي وڃي نہ سگهيو، آخر سن 1752ع ۾ سندس چاچي کيس وري بہ پيسي جي مدد ڪئي ۽ هو ڳوٺ ڇڏي طب پڙهڻ لاءِ ”ايڊنبرا“ شھر ڏانھن روانو ٿيو.
سيرو سياحت:
آليور ”ايڊنبرا“ ۾ ٻہ سال رهيو، پر سمورو عرصو تعليم پرائڻ کان وڌيڪ تفريح ڪرڻ ۾ گذاريائين، سن 1754ع جي ابتدا ۾ ”هالينڊ“ ڏانھن روانو ٿيو، کيس اميد هئي تہ اتي ڊاڪٽريءَ جي سند حاصل ڪري سگهندو، پر اها سندس اميد پوري نہ ٿي. ڪجهہ وقت کان پوءِ سندس دل ۾ مسافريءَ ۽ سياحت جو شوق پيدا ٿيو ۽ پيرين پنڌ يورپ جي سفر تي روانو ٿيو، ان سفر ۾ برابر کيس ٽي سال لڳي ويا ۽ پھرين فيبروري 1756ع تي ٿورن پيسن ۽ هڪ طب جي سَنَد سان ”ڊوور“ جي بندر تي اچي لٿو.
مشغولي:
سفر تان واپس ورڻ بعد ”آليور“ پنھنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڌنڌا اختيار ڪيائين، پھريائين هڪ دوا فروش جو اسسٽنٽ ٿيو، پوءِ وري حڪيم ٿيو ۽ ڪجهہ وقت اهو ڌنڌو ڪري وري وڃي هڪ ڪتب فروش جو ”پروف ريڊر“[1] ٿيو، ان بعد وري هڪ اسڪول جو نائب ماستر ٿيو، سن 1758ع ۾ هن مضمون ۽ تبصرا لکڻ شروع ڪيائين ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين ساڳئي سال کيس ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هندستان ۾ ڊاڪٽريءَ جي جڳھہ جي آڇ ڪئي پر اها جڳھہ حاصل نہ ٿي سگهيس.
”آليور“ هاڻي نويسيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ سن 1759ع ۾ کيس هڪ هفتيوار رسالي ”دبي“ لاءِ ساري مواد ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، ڪجهہ وقت گذرڻ بعد ”سموليٽ“ جي رسالي ”برٽش مئگزن“ ۽ ٻئي هڪ معياري رسالي”بزي باڊي“ جو باقاعدي مضمون نگار ٿيو، سن 1760ع ۾ هن ”پبلڪ ليجر“ رسالي ۾ پنھنجا مضمون ” هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان سان ڏنا، جي پوءِ سن 1762ع ۾ جمع ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو ويو ۽ سندس نالو ”سٽيزنس آف دي ورلڊ“ رکيو ويو، هيءَ تصنيف ”آليور“ جي نصيب جي ڦيري جو سبب بني.
سن 1761ع ۾ سندس واقفيت ”ڊاڪٽر جانسن“ سان ٿي، جنھن کيس پنھنجي دوستن جي گروھہ ۾ شامل ڪيو ۽ سندس واقفيت ان وقت جي مايہ ناز اديبن سان ڪرائي، ٻن سالن جي عرصي بعد سن 1763ع ۾ جانسن جي اڳواڻي هيٺ جيڪا جماعت ”دي لـٽرري ڪـلـب“ جي نالي سان ٺھي، ان جو هيءُ اوائـلي مـيمبر ٿيـو ۽ مـلـڪ جي وڏن مصنفن مان هڪ ليکجڻ ۾ آيو.
سن 1765ع ۾ هن جو لکيل هڪ ڪتاب ”دي ٽرئولر“ (مسافر) ڇپيو ٻئي سال ڊاڪٽر جانسن“ جي نوازش سان ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ نالي ڪتاب ڇپيو، جنھن جو ترجمو بندہ پيش ڪيو آهي، اها ئي هڪ تصنيف آهي، جنھن کيس دنيا م مشھور ڪيو آهي.، سن 1768ع ۾ هن جي هڪ تصنيف بنام (نيڪ فطرت انسان) ”دي گڊ نيچرڊ مئن“ ڇپي ۽ سن 1770ع ۾ سندس هڪ نظم ”دي ڊيزرٽيڊ وليج“ شايع ٿيو،
گولڊ سمٿ غريب هو يا شاهوڪار، نامعلوم هو يا مشھور مگر سندس خرچ هميشہ آمدني کان زياده هوندو هو، هو فخر سان چوندو هو تہ جيڪو بہ هن خرچ ڪيو ٿي سو سندس قلم جي ڪمائي هو، اهڙيءَ طرح هن پنھنجي تصنيفات جي مدد سان عزت حاصل ڪئي پر رقم تمام قليل ڪمائي.
موت:
پئسي هٿ ڪرڻ لاءِ سخت ڪم ڪرڻ، ۽ بدني ورزش نہ وٺڻ سبب هن جي صحت خراب ٿي پيئي ۽ آخر 4- اپريل 1774ع ۾ 46 ورهين جي عمر ۾ مري ويو، سندس دوستن هن جي يادگار قائم رکڻ لاءِ ”ويسٽ منسٽر آئبي” نالي ديول ۾ هڪ تختي لڳائي، جنھن تي سندس تصوير ۽ جانسن جو جوڙيل ڪتبو اڪريل آهن.
(ب) آليور گولڊ سمٿ جون تصنيفون
1) ”دي بي“ (ماکيءَجي مک) (1759)-1760ع ۾
2) ”دي ڪئپٽوٽي“ (اسيري) 1774ع)
3) ”دي سٽيزنز آف دي ورلڊ“ (دنيا جا شھرواسي) : هن ڪتاب ۾ جملي 123 خط آهن، هيءُ انھن خطن جو مجموعو آهي، جي ”پبلڪ ليجر“ اخبار ۾ ايندا هئا ۽ ”چينائي جا خط“ جي عنوان سان 1759ع کان 1762ع تائين شايع ٿيندا رهيا.
4) ” دي ڊيزرٽيڊ وليج“ (ويران ڳوٺ) 1770) هيءُ هڪ بھترين نظم آهي، جنھن وقت انگيز نموني ۾ هي نظم لکيل آهي، تنھن جو مثال انگريزي ادب ۾ تمام ڇڊو ملي ٿو.
5) ”دي ڊبل ٽرانسفارميشن“ 1765ع هي نظم ۾ چيل هڪ آکاڻي آهي.
6) ”دي ايڊ ون آئنڊ ائنجلينا“ 1765ع هيءُ هڪ گيت آهي، جنھن ۾ ”ايڊون ۽ ائنجلينا“ جي عشق جو احوال ڏنل آهن.
7) ” دي ايليجي آن مئڊڊاڳ“ (ڇتي ڪتي تي مرثيہ) 1765ع هيءُ مرثيہ ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
8) ”دي ايسئيز“ 1758ع -1765ع هن ڪتاب ۾ جملي 24 مضمون آهن،
9) ” دي گڊ نيچرڊ مئن“ (نيڪ فطرت وارو انسان 1768ع
10) ”دي هئنچ آف وينزن 1765ع هيءُ هڪ خط آهي،
11) دي هر مٽ“ (راهب) 1765ع: هيءُ هڪ گيت آهي، جو هن ڪتاب ۾ آزاد نظم ۾ ڏنل آهي.ک
12) ”دي هسٽري آف دي ارٿ ائنڊ ائنيميٽڊ نيچر“ 1774ع
13) ” دي لائين آف بالنگ بروڪ“ (بالنبروڪ جي سوانح حياست)
14) ”دي لائين آف رچرڊ ناش“ (رچرڊ ناش جي سوانح حيات ) 1762ع
15) (51) دي لائين آڦ ٽامس پارنپل“ (ٽامس پارنيل جي سوانح حيات 1768ع
16) ” دي لائيف آف واليٽيئر “ (والٽيئر جي سوانح حيات) 1768 .
17) ”پريزنٽ اسٽيٽ آف لٽريچر ان يورپ“ (يورپ ۾ ادب جي موجودہ حالت) 1759ع.
18) ”رٽَليئيشن“(انتقام 1774) هيءُ هڪ نظم آهي.
19) ”شي اسٽوپس ٽو ڪانڪر“ 1773ع .
20) ”دي ٽرولر“ (سياح) 1764ع.
21) ”دي وڪار آف ويڪفيلڊ“ (پرديسي پادري) 1766ع هيءُ ڪتاب ناظرين حضرات جي هٿن ۾ مطالعي لاءِ موجود آهي.
(ج) گولڊ سمٿ جا معاصر ۽ دوست
”گولڊ سمٿ“ هڪ نھايت ئي اعليٰ ۽ خليق طبع جو مالڪ هو، انھيءَ ڪري مفلسيءَ سبب جيتوڻيڪ امير ۽ وڏا ماڻھو سندس دوستي ۾ وڏي تعداد ۾ آيل نہ هئا، تہ بہ سندس صحبت ۾ خوشدل دوستن جو ٽولو هميشہ موجود هو، دوستن بابت پنھنجي موجودہ ڪتاب جي پھرئين باب ۾ چوي ٿو تھ، ”جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نہ هئا، تہ بہ عام طرح اسان جي چوڌاري خوشدل دوستن جو حلقو رهندو هو“ هيءُ پنھنجن دوستن ۾ نھايت ئي پسنديده هو، ڇا ڪاڻ تہ بانسري وڄائي، نظم ٺاهي ۽ ڳائي سگهندو هو ۽ پنھنجي ڪچھري کي پنھنجي ظرافت سان رونقدار ۽ زندھہ رکي سگهندو هو، جيئن تہ زماني جا گهڻائي لاها ۽ چاڙها ڏٺا هئائين، جدا جدا نموني جي ماڻھن سان لھہ وچڙ ۾ آيو هو ۽ گهڻو سير ڪيو هئائين، انھي ڪري سندس واقف ڪارن جو تعداد پڻ ڪافي وڏو هو، ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ سندس واقفيت گهڻن اديبن ۽ شاعرن سان ٿي ۽ انھن جي گروھہ ۾ ئي کيس گذارڻو پوندو هو، مگر سندس خاص تعلقات ”جانسن“ جي جماعت سان رهيا، هن جا چند دوست ۽ معاصر هيٺيان هئا.
1) ”ٿامس پرسي“ (1729-1811) هن صاحب ”آڪسفورڊ“ شھر جي “ڪرائيسٽ چرچ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سن 1782ع ۾ ”ڊرومور“ شھر جو وڏو پادري ٿيو، سن 1765ع ۾ قديم انگريزي نظم تي هڪ ڪتاب ”ريلڪس آف ائنشنٽ انگلش پوئٽري“ نالي لکيائين. ” گولڊ سمٿ“ جي ساڻس نھايت گهڻي محبت هئي ۽ هميشہ سندس عزت ڪندو هو،
2) ”جان نيوبري“: هيءَ صاحب ڪتاب ۽ رسالا ڇپائيندو هو، سندس ”پبلڪ ليجر“ رسالو مقبول هو، ان رسالي ۾ ”گولڊ سمٿ“ جا مضمون خطن جي صورت ۾ ”هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان سان ڇپبا هئا، جي نيٺ گڏ ڪري سال 1762ع ۾ هڪ ڪتاب ”دي سيٽيزنز آف دي ورلڊ“ جي نالي ڇپايو ويو.
3) ”شميول جانسن“ (1709- 1784ع ) هي هڪ ڪتب فروش جو پٽ هو ۽ ”ليچفيلڊ“ شھر ۾ ڄائو هو، هن پنھنجي اوائلي تعليم ”ليچفيلڊ جي گرامر اسڪول ۾ ۽ اعليَ تعليم ”پيمبروڪ ڪاليج“ ۾ ورتي، جڏهن ٻاويھن ورهين جو نوجوان ٿيو، تڏهن سندس پيءُ مري ويو ۽ پنھنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو.
”جانسن“ پنھنجي گذران حاصل ڪرڻ لاءِ مصنفي جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ۽ سن 1735 ”لويو“ جي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيل شعر جو ترجمو هڪ ڪتاب ”وائيج ٽو ائبسينيا“ نالي ڇپايو، مگر گهڻو فائدو ڪو نہ ٿيس.
ساڳئي سال ”مسز ايلزبيٿ پورٽر“ سان شادي ڪيائين ۽ ”ليچفيلڊ“ جي قريب ”ايڊل نالي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪيائين پر ڪامياب نہ ٿيو، ان بعد هن وري بہ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ تمام چڱو نالو ڪڍيائين، سندس ڪيترييون تصنيفون مشھور آهن ”گولڊ سمٿ“ جي هن سان سن 1761ع ۾ واقفيت ٿي، ۽ سندس جماعت جي خاص ميمبرن مان هڪ ٿي پيو.
”جانسن“ کي ”گولڊ سمٿ“ لاءِ دلي محبت هئي ۽ کيس ضرورت وقت مدد ڪندو هو، هڪ دفعي جڏهن ”گولڊ سمٿ“ قرض سبب گرفتار ٿيو، تڏهن هن صاحب 60 پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو، جڏهن ”گولڊ سمٿ“ وفات ڪئي، تڏهن جانسن ئي هو، جنھن سندس دفن ۽ ڪفن جو سمورو خرچ پاڻ تي کنيو، جيتوڻيڪ ”گولڊ سمٿ“ هٿ ڦاڙهو ۽ سندس آخرين ساعتون نا ڪفايت شعاريءَ جي يادگيرين جي بادلن سان اونداهيون ٿيل هيون تہ بہ ”ڊاڪٽر جانسن“ سندس خلاف هڪ لفظ بہ ٻڌڻ پسند نہ ڪندو هو، هو چوندو هو تہ ”اچو تہ سندس اوڻايون ياد نہ ڪريون، هيءُ هڪ تمام اعليٰ انسان هو“
4) ”برڪ“ (1729-1797ع) هن صاحب پنھنجي تعليم ”ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن“ ۾ حاصل ڪئي. سندس پھريان ٻہ ڪتاب هر هڪ ”ونڊيڪشن آف نيچرل سوسائٽي“ ۽ ” فلاسافيڪل انڪوائري ان ٽو دي سبلائيم ائنڊ دي بيوٽيفل“ سال 1756ع ۾ شايع ٿيا، سن 1765ع ۾ هيءُ صاحب پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پھرين تقرير سن 1766ع ۾ آمريڪا جي سوال تي ڪيائين، هو توڙي گورنمينٽ تي تمام سخت اعتراض ڪندو هو ۽ هڪ ڪتاب ”آبزرويشنس آن دي پريزنٽ آف دي نيشن“ جي نالي ڇپايائين . هن صاحب ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب ڇپايا، ۽ ملڪي مکيہ اديبن مان هڪ ليکجڻ ۾ ايندو هو، سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو هن فرينچ انقلاب بنسبت لکيو، سو نھايت گهڻو مقبول ٿيو”برڪ“ ”جانسن“ جي ادبي جماعت“ جي اوائلي ميمبرن مان هڪ هو.
5) ”يوڊ گارڪ“ (1717- 1779ع ) هيءُ ”ايڊل“ ۾ ”جانسن“ جو شاگرد هو ۽ جڏهن جانسن اهو شھر ڇڏي لنڊن ۾ اچي رهيو، تڏهن هيءُ پاڻ ساڻس گڏ لنڊن ۾ آيو، پھريائين هڪ ناٽڪي ڪمپني ۾ اداڪار ٿيو ۽ ”اورونوڪو“ نالي ناٽڪ ۾ حصو ورتائين پر سندس ناماچار”رچرڊ ٽيون“ نالي ناٽڪ ۾ پارٽ وٺڻ سبب وڌيو، هيءُ صاحب ”جانسن“ جي ادبي جماعت جو ميمبر هو،
6) ايڊور ڊگبن“ (1737-1794) هن صاحب پھرين ”ويسٽ منسٽر ديول“ ۽ مئگڊالن“ شھر ۾ تعليم ورتي، مگر ڪجهہ ڪو نہ پرايائين، سورهن سالن جي عمر ۾ ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيائين، سندس پيءُ کيس ”لاسين“ شھر ڏانھن موڪليو، جتي هن ڪئٿولڪ مذهب ڦٽو ڪري پراٽيسٽنٽ مذهب اختيار ڪيو، هن جو اتي ”مئڊم نيڪر“ سان نيھن لڳو، پر سندس پيءُ سان اختلاف ٿيڻ سبب وهانءُ ٽٽي پيو، سن 1758ع ۾ هيءُ صاحب موٽي انگلينڊ ۾ آيو ۽ سن 1764ع ۾ جڏهن اٽلي ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ تصنيف ”دي هسٽري آف دي ڊڪلائين ائنڊ فال آف دي رومن ايمپائر“ لاءِ مسودو جوڙيائين، پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ لنڊن ۾ اچي رهيو، هيءُ صاحب سن 1747ع ۾ پارليامينٽ ۾ گهڙيو، ۽ يڪدم، ”لارڊ نارٿ“ جي طرف ووٽ ڪيائين، ان ووٽ ڏيڻ سبب کيس ”واپار ۽ نئون آبادين جي ڪمشنر“ جو عهدو مليو، سن 1776ع ۾ هن مٿي بيان ڪيل تاريخ جو پھريون جلد شايع ڪيو، سن 1783ع ۾ هيءُ صاحب وري بہ موٽي ”لاسين“ ڏانھن ويو، ۽ اتي سڪونت پذير ٿيو، هن پنھنجيءَ تاريخ جا باقي ٽي جلد سن 1788ع ۾ شايع ڪيا.
7) ”سر جو شوئا رنالڊس“ (1723-1792ع) هيءُ صاحب ”رايل اڪئڊمي آف آرٽس“ جو پھريون پريزيڊنٽ ۽ هڪ وڏو نقاش هو، جانسن برڪ ۽ گولڊ سمٿ سان سندس گهاٽي دوستي هئي ۽ جانسن جي برپا ڪيل ادبي جماعت جي ميمبرن مان هڪ هو. هن انھن ليڪچرن جو هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو، جي ان وقت ”رايل اڪئڊميءَ“ جي شاگردن کي مصوريءَ جي فن جي اصولن تي ڏنا ويندا هئا.
(د) گولڊ سمٿ جي طرز تحرير
گولڊ سمٿ جي گهڻي ۾ گهڻي فضيلت سندس طريقہ تحرير ۾ ئي مضمر آهي، سندس تحرير ۾ اعليٰ درجي جي مستند يوناني ۽ رومي طرز پنھنجي نزاڪت، لطافت، خوش اسلوبيءَ، سليقہ منديءَ خوبيءَ ۽ شان سان نمودار آهي،جا ناقابل اعتراض ۽ سڀ ڪنھن الزام کان پاڪ آهي، گهڻائي مصنف ٿي گذريا آهن، جن پنھنجي تصنيفن ۾ اعليٰ درجي جون لطافتون ۽ نزاڪتون رکيون آهن، مگر شايد ئي ڪو هن جھڙو مصنف ٿيو هجي. جنھن سڀ ڪنھن قسم جي نزاڪتن جو اعليٰ ذخيرو پنھنجي تحرير ۾ ڪم آندو هجي.
هن جي تحرير صاف، سيليس ۽ سٿري آهي ۽ موزون وقتن تي زوردار پڻ آهي، سندس بيان، پڙهندڙ جي اکين اڳيان تصوير ڇٽيندڙ آهن ۽ پڙهندڙ هرهڪ واقعي کي پنھنجي اکين اڳيان نقش ٿيل ڏسي سگهي ٿو، سندس خوش طبعي دلچسپ مزيدار ۽ پرمسرت آهي، جيڪي بہ هن لکيو، سنجيدہ، مذهبي خيال سان ڀرپور، خوش طبع يا خوش مزاج، مگر ان ۾ ڪا نہ ڪا لطافت ۽ شائستگي ضرور موجود آهي. اهڙين خاصيتن جي اميد هڪ اهڙي ماڻھوءَ کان رکي نٿي سگهجي، جنھن پنھنجي زندگي چورن، گداگرن، گهومن، ڀنڊن ۽ نقالن سان اهڙن قابل نفرت گند جي چرن ۾ گذاري هجي، جي وڏن شھرن ۾ نفرت جا مرڪز بڻيل هئا.
”گولڊ سمٿ“ جي خيالات جا موضوع عام آهن ۽ سندس احساسات اڪثر طرح ظاهر ۽ پڌرا آهن، سندس پولي رنگين، نفيس ۽ نزاڪت وار واري لباس ۾ ملبوس ٿيل آهي، جھڙيءَ طرح ڪو سفلہ طبع ماڻھو بادشاهي شان و شوڪت ۽ دٻدٻي سان تخت تي براجمان هجي، تھڙي طرح ڪو بہ خسيس موضوع سندس قلم جي ڪمال سان هڪ اعليٰ قسم جي موضوع ڏيکاري ڏئي ٿو.
سندس طرز تي هڪ اعتراض جذباتي امڪانات جي ڪمي جو آهي. رومي ۽ يوناني طريقي تي لکندڙ مصنف، جھڙوڪ: ”جانسن“ ۽ گولڊ سمٿ“ جذباتيت پيدا ڪرڻ وارن بيانن ۾ لاثاني آهن، اهي ڪڏهن بہ اسان جي ذهن کي مطمئن ڪڻ ۾ ناڪام نٿا ٿين، مگر ورلي ڪو اسان جي دل کي اثر انداز ڪن ٿا، انھي ڪري اهو ئي هڪ نقص رومي ۽ يوناني طرز اختيار ڪندڙ مصنفن جي نثر ۾ موجود آهي.
هن ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي، تہ هيءَ هڪ نھايت وڏو مرتبو رکندڙ انسان ۽ وڏي شان شوڪت وارو اديب هو.
(هہ) ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ جي آکاڻي
”ڊاڪٽر پرمروز ويڪفيلڊ“ شھر جي هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس زال ”ڊيبورا“ هڪ اعليٰ پادري خاندان مان هئي، کيس جملي 6 ٻار هئا، وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جنھن کي ”لنڊن“ ۾ اعليٰ تعليم ڏياري ويئي هئي، وڏي ڌيءَ ”اوليويا“ 18 ورهين جي هڪ زنده دل، شگفتہ خاطر ۽ خوش انداز ڇوڪري هئي، سندن ٽيون ٻار، ”صوفيا“ هئي، جا پنھنجي لاءِ ٻين جي دلين ۾ محبت پيدا ڪڻ جي ڪافي قابليت رکندي هئي، سندس ٻئي پٽ ”موزون“ پنھنجي گهر ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، انھي ڪري ڪجهہ موڳو ۽ پنھنجي متعلق ڪجهہ دم هڻندڙ ٿي پيو هو، سندس ٻہ ننڍا ٻار”ڊڪ“ ۽ ”بل“ اڃا پنھنجي ٻالڪپڻي ۾ هئا.
سموري گهر جو واحد گذارو انھن ڏهن هزارن پائونڊن تي هو، جي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي چاچي فوت ٿيڻ وقت ڇڏيا هئا. ديول جي پادريءَ هئڻ ڪري کيس جيڪا رقم وظيفي طور ملندي هئي، سا هو پادي قبيلي جي يتيم ٻارن ۽ بيوھہ عورتن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. هن صاحب کي هڪ شاديءَ واري اصول سان دلي محبت هئي، ۽ ان لاءِ هو دل و جان سان لڙيو. هيءُ ان اصول لاءِ ڄڻ تہ چريو هو، ۽ چاهيائين ٿي تھ، ڪنھن بہ صورت ۾ اهو اصول رائج ڪجي، ۽ ڪوبہ پادري پنھنجي هڪ زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد ٻيءَ زال سان شادي نہ ڪري. هن اصول سبب ”مسٽر ولماٽ“ سان سندس تڪرار ٿي پيو، جنھنڪري سندس پٽ ”جارج“، جو ”ولماٽ“ جي گهران مڱيل هو تنھن جو مڱڻو ٽٽي پيو. ساڳئي وقت تي شھر جو واپاري جنھن وٽ ”مسٽر پرمروز“ جا پئسا ڌراوت طور رکيل هئا، سو ڀڄي ويو، ۽ کيس جيڪو نفعو اُن وٽان ملندو هو، سو بند ٿي ويو. انھيءَ مالي نقصان پھچڻ سبب هيءُ غريب ٿي پيو. ۽ ستر ميلن جي مفاصلي تي پنجويھن پائونڊن جي سالياني وظيفي سان هڪ ننڍڙي ڳوٺاڻي ديول جي پادريءَ جي جڳھہ قبول ڪيائين. اتي هي ڪجهہ ايڪڙ زمين خريد ڪري وڃي رهيو ۽ ”جارج“ کي پئسي ۽ اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ ”لنڊن“ ڏانھن روانو ڪيائين.
رستي تي هڪ غريب مگر شريف الطبع انسان ”مسٽر برچل“ سان سندس ملڻ ٿيو، جنھن ”صوفيا“ کي هڪ نھر ۾ ٻڏڻ کان بچايو.
”ڊاڪٽر پرمروز“ جو ڪٽنب پنھنجي سڪونت گاھہ تي وڃي رهاڪو ٿيو، ان کانپوءِ ”مسٽر برچل“ انھن وٽ اڪثر طرح ملاقاتي تي ايندو هو، ٿوري ئي وقت گذرڻ بعد سندن ڳوٺ جو زميندار ”مسٽر ٿارنھل“ پڻ سندس گهر اچڻ لڳو، هن جلد ئي پنھنجي حسن ۽ دولت جي مد سان ”اوليويا“ جي محبت حاصل ڪري ورتي ۽ ”اوليويا“ پڻ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي.
”ٿارنھل“ هڪ دلير عاشق هو ۽ وقتا وفتا سندن گهر ايندو هو، هن ”اوليويا“ جي والدين اڳيان پڻ پنھنجي عشق کي ڪو نہ لڪايو، ”اوليويا“ خود عشق ۾ ٽمٽار هئي ۽ سندس ماءُ کيس محبت ۾ ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهڻائي جتن ڪيا.
هڪ ڏينھن زميندار ٻن شھري عورتن سان گڏ سندن گهر آيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو تہ اوليويا“ ۽ ”صوفيا“ کي شائستہ بڻجڻ لاءِ ڪجهہ وقت شھر ۾ رهڻ گهرجي، خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ”موزز“ کي ويجھڙائي ۾ لڳندڙ ميلي تي گهوڙي وڪڻڻ لاءِ موڪليو ويو، هي ميلي تي پھتو ۽ گهوڙو وڪڻي پئسا کڻي جيئن ٻئي گهوڙي جي ڳولا ۾ هلندو رهيو، تئين هڪ زبردست دوکي باز ”مسٽر جينڪنسن“ جي ور چڙهي ويو، هن کيس هڪ ٽامي جي ٻانھين سان جڙتو ساين عينڪن جو وڏو تعداد ڏيئي کانئس سڀئي پئسا ڦري ورتا، انھي سبب ٻئي دفعي خود ”ڊاڪٽر پرمروز“ باقي گهوڙي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ميلي تي ويو، گهوڙي ۾ ڪيترائي عيب هئا، ۽ جيڪو بہ خريدار آيو ٿي، سو انھي تي کلي ٺٺوليون ڪري هليو ٿي ويو، ڪجهہ وقت گذرڻ بعد کيس هڪ پادري گڏيو، جو هڪ ڪلال خاني ۾ شراب چڪي پيڻ ۽ تفريح وٺڻ لاءِ وٺي ويس، اتي هيءُ هڪ بزرگ سان مليو، ان سان سندس گفتگو ٿي، ان بزرگ جي گفتگو سندس دل تي تمام گهڻو اثر ڪيو، هن بزرگ گهوڙو خريد ڪيو، پر جيئن ٽيھن پائونڊن جو نوٽ مٽجي نہ سگهيو، انھي ڪري کيس سندس پاڙيسري ”فلمبرو“ جي نالي در سني هنڊي لکي ڏنائين. جڏهن ”پرمروز“ موٽي پنھنجي ڳوٺ آيو، تڏهن پھريائين پنھنجي پاڙيسري وٽ ويو، مگر معلوم ٿيس تہ کيس دوکو ڏنو ويو هو، انھي وچ ۾ ”مسٽر برچل“ ۽ ”پرمروز“ جي ڪٽنب جي وچ ۾ غلط فھمي سبب نفاق پيدا ٿيو ۽ ”مسٽر برچل“ ”صوفيا“ جي ملاقات لاءِ اچڻ بند ڪري ڇڏيو. جلدي ”پرمروز“ جي ڪٽنب لاءِ نھايت سخت بدبختي پيدا ٿي، ”ٿارنھل“ ”اوليويا“ کي ڀچائي ويو، ۽ ”پرمروز“ کيس ڳولڻ لاءِ روانو ٿيو، جڏهن ڳولي لھڻ ۾ ناڪام ٿي واپس ٿي وريو، تڏهن موٽ تي ڪنھن ناٽڪي ڪمپني جي هڪ اداڪار سان ملڻ ٿيو، هو ان سان گڏجي رستي جي ڀر واري ڳوٺ اچي پھتو، جتي ”مس ولماٽ“ ۽ ”مسٽر ولماٽ“ رهندا هئا، ”ڊاڪٽر پروز“ ”مس ولماٽ“ سان گڏجي ناٽڪ ڏسڻ ويو، سندس حيرت جي حد نہ رهي، جڏهن ڏٺائين تہ ”جارج“ ناٽڪ ۾ هڪ اداڪار جو پارٽ ادا ڪري رهيو هوو، ”پرمروز“ نڪي ”جارج“ کي نڪي ”مس ولماٽ“ کي ”اوليويا“ جي نڪري وڃڻ جي احوال کان واقف ڪيو، ”مس ولماٽ“ اڃا تائين ”جارج“ سان محبت ۾ ڦاٿل هئي، مگر ڪيتريون معاشرتي ڳالھيون سنددن وچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ هيون، ”جارج“ کين پنھنجي سموري ڪھاڻي ٻڌائي تہ جڏهن هيءِ لنڊن پھتو، تڏهن مصنف ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر ڪو بہ ماڻھو سندس تصنيف کي نڪي پڙهندو هو ۽ نڪي ڪا تحسين ئي ڏيندو هو ۽ سندس دوست پڻ کيس ڇڏي ويا، ان کانپوءِ هي يورپ ويو ۽ هڪ غريب رولوءَ ڀنڊ وانگر جدا جدا ملڪن ۾ رليو.
اڃا ”پرمروز“ ”جارج“ ۽ ”مس ولماٽ“ پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي تہ ”مسٽر ٿارنھل“ پڻ اتي اچي سھڙيو،. هن ”جارج“ کي ٻاهرين ملڪ ڏانھن وڃڻ خاطر پئسا اڌارا ڏنا. ”جارج“ روانو ٿيو ۽ ”پرمروز“ واپس گهر ڏانھن راهي ٿيو، رستي تي هيءُ هڪ ڪلال خاني ۾ ٽڪي پيو، جتي ”اوليويا،“ سان سندس ملڻ ويو، ”اوليويا“ کيس ٻڌايو تہ کيس ”مسٽر ٿارنھل“ ڀڄائي ويو هو ۽ مصنوعي شادي ڪرڻ بعد ٻہ هفتا کن گڏ رهي، پوءِ کيس ڇڏي ڏنائين.
”ڊاڪٽر پرمروز“ ”اوليويا“ کي پنھنجي گهر وٺي ويو ۽ کيس تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر سموري ڪوشش اجائي ويئي.
زميندار ”ٿارنھل“ جو ”مسٽر پرمروز“ کي پئسن اڌاري ڏيڻ جو سبب دوکو ڏيڻ هو، هڪ پاسي سندن خيال هو تہ ائين ڪرڻ سان ”جارج“ کي ميدان مان ڪڍي، ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪريان، ۽ ٻئي طرف سندس خيال هو تہ پادري سندس دٻاءَ هيٺ هجي، ”جارج“ جي وڃڻ کانپوءِ ”ٿارنھل“ پنھنجي مقصد کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي. هن ”ڊاڪٽر پرمروز“ تي زور رکيو تہ هو کيس ”مس ولماٽ سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، مگر هن ائين نہ ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ سندس چوڻ هو تہ ”اوليويا“ سندس قانوني شادي شدہ زال هئي ۽ هڪڙي زال جي جيئري ٻيءَ سان شادي ڪرڻ غير قانوني آهي، ”مسٽر ٿارنھل “ کي ان تان مٺيان لڳي ۽ کيس قرض جي ادائگي نہ ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيل ڏانھن موڪليائين.
هاڻي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جو سڄو ڪٽنب لڏي اچي انھي ڳوٺ ۾ رهيو، جتي جيل هو، جيل ۾ سندس ملاقات فريبي، ”جينڪنسن“ سان ٿي، جو هاڻي سندس هڪ سٺو مدد گار ثابت ٿي پيو. ”جينڪنسن“ پنھنجي سموري ڪھاڻي کيس ٻڌائي تہ پاڻ ابتدا کان وٺي تمام هوشيار ليکيو ويندو هو، جيڪي بہ هي چوندو هو ۽ جيڪي ڪندو هو، ان تي ماڻھو اعتبار نہ ڪندا هئا، انھي ڪري پنھنجي بچاءِ خاطر کيس دوکيباز ٿيڻو پيو، هن پنھنجي بستري جو گهڻو حصو ”ڊاڪٽر“ کي ڏنو، جڏهن ڊاڪٽر قيدين جي اخلاق کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، تڏهن هيءَ ساڻس ساٿي ٿي بيٺو.
هڪ ڏينھن پادري کي ٻڌايو ويو تہ ”اوليويا“ مري ويئي آهي، هن احوال سندس دل کي زبردست صدمو پھچايو، ”مسٽر جينڪنسن“ ۽ پنھنجي زال جي زور آڻڻ تي هن هڪ خط “مسٽر ٿارنھل“ ڏانھن معافي لاءِ لکيو ۽ کيس اجازت ڏني تہ هو ڀلي ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪري، ”ٿارنھل “ جواب ڏنو تہ وقت گذري چڪو آهي ۽ هن وقت صلح ٿي نٿو سگهي، ستت معلوم ٿيو تہ سندس ڌيءَ ”صوفيا “ کي پڻ ڪو بدمعاش کڻي ويو، اڃا ڪٽنب ”صوفيا جي کڄي وڃڻ تي ماتم ڪري رهيو هو تہ ٻي صميبت اچي مٿانئن نازل ٿي ”جارج “ رت ۾ ڳاڙهو ٿيل، قيدي جي صورت ۾ وٽن پھتو، پڇا ڪرڻ تي هن چيو، ”جڏهن مون کي“ ”مسٽر ٿارنھل“ جي ڪيل ظلمن جي احوال بنسبت پنھنجي ماءُ کان خط پھتو تڏهن مون پنھنجي والدين جي مٿان ٿيل ظمن جي بدلي وٺڻ خاطر، ”مسٽر ٿارنھل“ کي چئلينج موڪليو، هن منھنجي للڪار جو جواب بسر خود نہ ڏنو، مگر پنھنجا چار ماڻھو موڪليائين، جن مون کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو، جيئن تہ پھريائين مون چئلينج ڏنو هو، انھي ڪري آءٌ بي ڏوهي نہ آهيان ۽ مون کي معافي پڻ ملي نٿي سگهي“
حالتون هاڻي وڌيڪ تاريڪ نظر اچڻ لڳيون، ”اوليويا“ مري ويئي هئي، ”صوفيا“ زوري کڄي ويئي هئي. ”جارج“ خون جي مقدمي ۾ ڦاٿل هو، سڄو ڪٽنب مسڪيني ۾ مبتلا هو ۽ ”ڊاڪٽر پرمروز“ جيل ۾ هو، ڪجهہ وقت بعد ”موزز“ ڊوڙندو آيو، ۽ کين ٻڌايائين تہ ”صوفيا“ ”مسٽر برچل“ سان گڏ اچي رهي آهي، اهو جلدي معلوم ٿي ويو تہ ”مسٽر برچل“ هن کي بچايو هو.
”صوفيا“ کين ان ماڻھو جون جملي نشانيون ٻڌايون، جيڪي کيس کڻي ويو هو، انھي احوال ملڻ تي ”مسٽر جينڪنسن“ کيس سڃاتو ۽ ”سر وليم ٿارنھل“ (جو هن وقت تائين ”مسٽر برچل“ جي لباس ۾ هو) ”زميندار ٿارنھل“ پڻ اتي آيو ۽ پاڻ کي بي گناھہ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنائين، انھي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ بئڪسٽر“ سان گڏ آيو، ”بئسڪسٽر“ قبول ڪيو تہ هو زميندار جي حڪم موجب صوفيا کي کڻڻ لاءِ آيو هو، “سر وليم“ حڪم ڪيو تہ ”جارج“ کي آزاد ڪيو وڃي، ”جينڪنسن“ هڪ لکيل شاهدي پيش ڪئي، تہ ”اوليويا“ ”ٿارنھل“ جي سچي پچي زال هئي، ”مس ولماٽ“ پڻ اچي ويئي هئي. جو هوءَ ٻئي ڏينھن تي ”مسٽر ٿارنھل“ سان پرڻجڻي هئي. زميندار جي سموري بدمعاشي پڌري ٿي پيئي ۽ هن ”جارج“ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ”اوليويا“ پڻ اتي حاضر ٿي، جنھن تي پادري کي تمام گهڻو تعجب لڳو ۽ سدنس دل ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿي، ائين ڏٺو ويو تہ ”جينڪنسن“ پادري کي ”اوليويا“ جي فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر فقط هن مراد سان ٻڌائي هئي. تہ هيءُ ”مسٽر ٿارنھل“ کي معافيءَ لاءِ خط لکڻ تي مجبور ٿئي.
هن وقت سڀني جي چھرن تي خوشي ڇائنجي وئي هئي. فقط ”مسٽر ٿارنھل“ ئي هو جو اداس بيٺو هو. هو پنھنجي چاچي جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪي رحم لاءِ التجا ڪري رهيو هو، ”مسٽر وليم ٿارنھل“ ساڻس فقط سندس گذران جيترن پئسن ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ۽ پڌرو ڪيو تہ زميندار جي ملڪيت جو ٽيون حصو ”اوليا“ جو ٿيندو. ڊاڪٽر پرمروز سڄي ڪٽنب جي وري خوش ٿيڻ تي خدا جو شڪريو بجا آندو. جلدي ڀڄي ويل واپاري جي هٿ اچڻ ۽ سندن ڏهن هزارن پائونڊن جي واپس ملڻ جو احوال پھتو. ”صوفيا“ کي ”سر وليم“ سان پرڻايو ويو ۽ ”مس ولماٽ“ کي ”جارج“ سان. هاڻي سڀ ڪنھن طرف خوشي ۽ مسڪراهٽ ڦھلجي ويئي ۽ سڀئي تمام خوش ٿيا.
(و) ”وڪار آف ويڪيفلڊ“ ڪتاب جي تصنيف ۽ اشاعت
هيءُ ترجمو ڪيل ڪتاب جيڪو ناظرين ڪرام ملاحظ ڪري رهيا آهن. ان جي اصل انگريزي ڪتاب، ”وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جي تصنيف جي خاطري واري تاريخ ڏيئي نٿي سگهجي. پر سمجهي ٿو تہ ”گولڊ سمٿ“ ان جي لکڻ جي شروعات 1761ع ڌاري ڪئي هئي، سن 1762ع ۾ جڏهن هيءُ لنڊن ۾ اهڙين حالتن ۾ پنھنجي زندگي بسر ڪري رهيو هو، جيڪي سندس لاءِ اوکيون ۽ تڪليف واريون هيون. تڏهن ان کي لکي ختم ڪيائين. ان کانپوءِ جلدي هو پنھنجي اڍنگي هلت ۽ اجاين خرچن سبب جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي مسواڙ پھچائي نہ سگهيو ۽ ان مائيءَ جي درخواست تي کيس گرفتار ڪيو ويو، مٿئين حالت ۾ هن يڪدم پنھنجي دوست ”ڊاڪٽر جانسن“ کي مدد لاءِ پيغام موڪليو. جانسن تڪڙو ئي تڪڙو سندس گهر پھتو ۽ سٺ پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. انھي وقت گولڊ سمٿ کيس مذڪورہ ڪتاب جو هٿ اکري نسخو ڏنو. ڊاڪٽر هڪ ئي نگاھہ سان ڏٺو تہ اها هڪ اعليٰ تصنيف هئي. هن اهو ڪتاب ”گولڊ سمٿ“ وٽان کنيو ۽ هڪ پبلشر “مسٽر نيريءَ“ کي سٺ پائونڊن ۾ وڪڻي پنھنجو قرض وصول ڪيو. هن روئداد جي تاريخ جي بہ پڪي خبر نہ آهي، مگر ”پروفيسر مئسن“ جي راءِ موجب اها سن 1764ع جي پڇاڙي هئي.
مسٽر نيوبريءَ مارچ 1766ع ۾ هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپايو ۽ سندس قيمت ڇھہ شلنگ رکي، ساڳئي سال مئي مھيني ۾ ٻيو ۽ آگسٽ ۾ ٽيون دفعو ڇپايو ويو، ان کان پوءِ هن جو وڪرو گهٽجي ويو ۽ سن 1771ع تائين چوٿون ڇاپو شايع ٿيو، سندس چوٿون ڇاپو آهستي آهستي نيڪال ٿيو ۽ پنجون 1775ع ۾ ۽ ڇهون مصنف جي مرڻ کان پنج سال پوءِ هن 177ع ۾ شايع ٿيو، ”گولڊ سمٿ“ جي حياتيءَ ۾ ئي هن ڪتاب جا ڪيترا ترجما ٿي ويا هئا ۽ سندس شھرت ٻاهرين ملڪن ڏانھن پکڙجڻ لڳي.
سن 1786ع تائين هن ڪتاب جون گهٽ ۾ گهٽ 94 انگريزي اشاعتون ٿي چڪيون هيون ۽ جيڪو تعداد از ڪتاب بابت تاريخ کان وٺي اڄ تائين ڇپجي چڪو آهي، سو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهي.
(ز) ڪتاب بابت
اصل ڪتاب 32 بابن ۾ ورهايل آهي، هرهڪ باب کي جدا جدا عنوان ڏنل آهي، جو سڄي باب جو حاصل مقصد نظر اچي ٿو، ۽ هڪ نصيحت يا اصطلاح يا هڪ قول جي ڏيکاري ڏئي ٿي.
ائين برابر آهي تہ ڪن جاين تي آکاڻي رڪجي وڃي ٿي ۽ اهي ڳالھيون وچ ۾ اچي پون ٿيون، جي آکاڻي کي اڳتي هلڻ نٿيون ڏين، پر ساڳئي وقت اهي آکاڻيءَ جي متن سان لاڳاپو رکندڙ آهن، اهڙين جاين تي مصنف پنھنجا خيال ۽ ارادا نھايت خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪري ٿو، عيسائي مذهب، سياست، ادبي رجحان ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي بحث ڪري، پنھنجي خيال کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انھي ڪري ائين چوڻ غلط نہ ٿيندو ، تہ هيءُ ڪتاب نہ فقط اسان کي هڪ عشقيہ قصو ٻڌائي ٿو، مگر ان سان گڏ ڪيتريون نصيحتون ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ هدايون پڻ ڪري ٿو.
پھريان باب اسان کي مکيہ اداڪارن جي شخصيت، سندن طبعيت ۽ عشق جي آغاز کان واقف ڪن ٿا، ان کان پويان اهي باب آهن، جيڪي عشق جي اوج تي رسڻ بابت احوال ڏين ٿا، ٽئين نمبر ۾ اهي باب آهن، جي ڏيکارين ٿا تہ ظالم زميندار پنھنجي عشق کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪھڙا ڪڌا ڪرتوت اختيار ڪري ٿو، چوٿين منزل تي اسين ڏسون ٿا تہ پادري جيڪو پنھنجي اصول ۽ ايمان تي پختو رهي ٿو، ان جي ڪٽنب تي ڪيتريون نہ مصيبتون اچي ڪڙڪن ٿيون، پنجين حصي ۾ ”سر وليم“ ”ٿارنھل“ جي نوازش سان سمورو مونجهارو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ ظالم زميندار جي بيھودگين جي سزا کيس ملي ٿي، سرليم جي شادي، صوفيا سان ۽ ”جارج“ جي مس ولماٽ سان ٿئي ٿي ۽ سڄي ڪٽنب تان مصيبتون لھي وڃن ٿيون.
آکاڻي سان لڳو لڳ، مصنف، ڪتاب ۾ ڪيترن اهم مسئلن ۽ملڪي حالات تي ڪافي تبصرو ڪيو آهي. ملڪ جي سياسي حالات تي دل کولي پنھنجا رايا ڏئي ٿو، باب 18 ۾ سمورو ذڪر ان باري ۾ آهي، سندس خيال آهي تہ ملڪ ۾ صرف شاهوڪار ماڻھو آزادي جا خواهشمند آهن، مگر غريب ماڻھو بادشاهي راڄ ۾ خوش و خرم آهن، شاهوڪارن جي ٽڪرن تي پلجندڙ انسان شاهوڪار مربين جي نوازش حاصل ڪرڻ لاءِ سواءِ ڪنھن سوچ ويچار جي آزادي ۽ خودمختياري جو نعرو بلند ڪن ٿا، مگر ائين نٿا سمجهن، تہ اهو نعرو خود سندن آزادي کي نقصان پھچائيندو.
اديبن ۽ ادبي طرز تحرير تي تبصرو ڪندي، هيءُ صاحب، جارج جي واتان چوائي ٿو تہ کيس سندس سئوٽ ٻڌايو تہ اهڙا موڳا ۽ ڪند فھم ماڻھو، جي جيڪڏهن موچيءَ جي گهر ڄمن ها تہ بہ ساري ڄمار هوند صرف جتيون ڳنڍين ها، مگر نيون هر گز بڻائي نہ سگهن ها، سي بہ هن وقت مصنفيءَ جي ڌنڌي ۾ ڪمائي آسودگي سان زندگي پيا گذارين.
ان وقت جي نظم بابت پنھنجا خيال پيش ڪندي چوي ٿو تہ انگريزي نظم، رومين جي آخرين دور واري نظم جو نقل آهي، شاعرن پنھنجي شعر ۾ صفتن جو تمام گهڻو انداز ڪم ۾ آڻي، ان کي بارگير بنائي ڇڏيو آهي. مرثيہ گو شاعرن کي بہ ڪو سنئون سڌو عنوان نظم لاءِ ڪو نہ ٿو ملي. انھي ڪري هو هر ڪنھن خسيس واقعي کي پنھنجي نظم ۾ آڻين ٿا، ان لاءِ دليل ڏئي ٿو تہ جيڪڏهن ڪا حسين عورت پنھنجي ونجڻي يا ڪا اهڙي خسيس شيءِ وڃائي ٿي تہ شاعر پنھنجي گهر ڊوڙي وڃي ٿو ۽ ان واقعي کي پنھنجي شعر ۾ آڻي ٿو.
ملڪ جي ماڻھن جي مزاج تي تبصرو ڪندي ٻڌائي ٿو تہ ماڻھن کي انھي ڳالھہ موهي وڌو آهي تہ پنھنجي صحبت صرف وڏي درجي وارن ماڻھن سان رکن، مگر اها ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي ڪا نہ ٿي اچي تہ ائين ڪرڻ سان هو نہ فقط انھن ما ڻھن وٽ ذليل ٿيندا، مگر اهي غريب جن سان هو پنھنجا تعلقات ٽوڙيندا، سي پڻ کين ڌڪاريندا، ازانسواءِ ناٽڪ يا نظم، بنسبت سندن مذاج پڻ گهڻا فرسودہ آهن، هو ناتڪ ۾ صرف وندر لاءِ وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪو بہ ناٽڪ “جانسن“ يا ”شيڪسپيئر“ جو جوڙيل ڏسن ٿا، تڏهن ڏاڍا خوش ٿين ٿا، ناٽڪ جي آکاڻيءَ يا خوبيءَ سان سندن ڪو بہ واسطو ڪونھي، پر سندن مطلب صرف انھن جذباتن سان آهي، جي هو منجهن جاڳائي ٿو.
هيءُ گهرو ادب جو پھريون شاهوڪار ناول آهي، هن ۾ ڪيترائي خيال موجود آهن، جن مان جيڪر نئون ادب روپ وٺي، هن ۾ تبصري، ماضي بنسبت، فراست، شعور ۽ تصور جا رجحان پڻ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ روحاني فيض پنھنجي نزاڪت، جذبي، خود ضابطگيءَ ۽ استقلال جي سڀني عنصرن سان نمايان آهي، ڪتاب جي ٻولي کري ۽ دلچسپ معلوم ٿئي ٿي، انھي هوندي بہ ان زماني جي مروج فعلن جو گهڻو انداز سمائيندڙ آهي ۽ ان جو رستو علم بيان جي قانون بنسبت سنجيدگي ءَ کان محروم ٿيل آهي.
ان ۾ شڪ نہ آهي تہ ”وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جو سٽاءُ لاڳيتن اتفاقن ۽ ناممڪن ڳالھين سبب شايد اڻوڻندڙ ڏسڻ ۾ اچي، مگر باريڪ بيني جي فراست، بااصول قوت حيات ۽ اداڪارن جي ايمانداري کيس هميشہ لاءِ مقبول بڻائيندڙ آهن، حقيقت ۾ اها اداڪارن جي اندروني حقيقت، مقصد ۽ عمل ئي آهن، جي پڙهندڙ کي دائمي خوشي ڏين ٿا ۽ جي ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ کي ڳوٺاڻي زندگي متعلق تصنيف ڪيل ناولن ۾ اعليَ ۽ اهم جڳھہ ڏين ٿا.
”مئڪاولي“ شڪايت ڪئي آهي تہ هن جي آکاڻي انھن آکاڻين مان هڪ آهي، جيڪي بدترين نموني ۾ تيار ڪيون ويون آهن، هن جو اهو چوڻ آهي تہ ”آکاڻي جو آخرين حصو منڍ واري حصي کان گهڻو گهٽ ترتيب ڏنل آهي، جيئن اسين مصيبتن جي احوال کي ويجها پوندا وڃون ٿا، تيئن بيھودگي وڌندي وڃي ٿي ۽ دلچسپي جا واقعات گهٽ ٿيندا وڃن ٿا، ناول جي سٽاءَ تي اهڙِ نڪتہ چيني کڻي موزون هجي بہ پر ”گولڊ سمٿ“ جي هر گز اها مرضي نہ هئي تہ سندس ڪتاب جو ڪو حصو غير دلچسپ ٿئي، سچ پچ تہ هي پاڻ بہ ڪتاب جي اوڻاين کان با خبر هو ۽ جيڪڏهن سندس گهر جي مالڪياڻي جي سخت هلت ۽ سندس دوست ”جانسن“ جي تڪڙ نہ هجي ها تہ خاطري آهي تہ هيءُ صاحب ڪتاب تي وري بہ نظر ثاني ڪري ها ۽ آکاڻي کان سھڻي ترتيب ڏئي ها.
ڪتاب ۾ کڻي ڪھڙا جهول هجن، مگر اهو قبول ڪرڻو پوندو تہ انگريزي ادب جي ننڍن شاهڪارن ۾ هيءُ وڏي اهميت رکي ٿو، ”واشنگٽن“ آئرونگ“ چوي ٿو تہ هن ڪتاب هر هنڌ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. ”ٿئڪري “ جي چوڻ موجب هن ڪتاب جي مصنف يورپ جي هر ڪنھن قلعي ۽ مڙهي ۾ بازيابي حاصل ڪئي آهي، ”گوئٽي“ پڌرو ڪيو آهي تہ هيءُ انھن بھترين ناولن مان هڪ آهي، جي هر ڪنھن طبع لاءِ لکيا ويا آهن، مٿين سبب ڪري اسين پڻ هن ڪتاب جي مصنف کي نہ صرف سندس ادبي قابليت تي تحسين ڏيون ٿا، مگر سندس دل جي نيڪي ۽ مزاج جي پڻ تعريف ڪريون ٿا.