باب تيرهون: مسٽر برچل جي باري ۾ هڪ غلط فھمي
ڊڪ چيو ”هڪ دفعي جي ڳالھہ آهي، تہ هڪ جن ۽ هڪ ڄامڙو پاڻ ۾ دوست هئا ۽ پاڻ ۾ گڏ گذاريندا هئا، هنن پاڻ ۾ انجام ڪيو تہ بھادريءِءَ جي ڪمن جي ڳولا ڪندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ هڪ ٻئي کي ڪين ڇڏيندا، سندن پھرين لڙائي ٻن مسلمانن سان ٿي، ڄامڙو جو زياده همٿ وارو هو، تنھن ڪاوڙ ۾ ڀرجي، انھن ٻنھي جوڌن مان هڪ کي زور سان ٺونشو هنيو، انھيءَ ڌڪ ان مسلمان کي تمام ٿورو زخم پھچايو ۽ هن تلوار جو وار ڪندي غريب ڄامڙي جي ٻانھن مڪمل طرح ڪپي ڇڏي، ان وقت هي هڪ دکدائڪ حالت ۾ هو، مگر جن سندس مدد لاءِ آيو ۽ ٿوريئي وقت ۾ ٻنھين مسلمانن کي اتيئي ماري ڇڏيائين، ڄامڙي ڪاوڙ ۾ انھن مان هڪ جو سر وڍي ڇڏيو، ان کانپوءِ هو ڪنھن ٻئي بھادريءَ جي ڪم جي ڳولا ۾ اڳتي روانا ٿيا، واٽ تي سندن لڙائي انھن ٽن خوني ٻانڀن سان ٿي، جي هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي برباديءَ طرف کنيو پئي ويا، ڄامڙو هاڻي اهڙو جوشيلو نہ هو، جھڙو اڳ هو، پر انھيءَ هوندي بہ هيءِ ئي هو جنھن اول هنن مان هڪ کي ڌڪ هنيو جو ٻئي وري موٽايو، جنھن هن جي اک ڪڍي ڇڏي، اهو ڏسندي جن انھن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ جيڪڏهن هو ڀڄي نہ وڃن ها، تہ هوند سڀئي قتل ٿي وڃن ها، هن فتح تي کين ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ نوجوان ڇوڪري جا آزاد ٿي هئي، اسان جن تي عاشق ٿي پيئي، ۽ ساڻس شادي ڪيائين، هو هاڻ ايترو تہ گهڻو پري ويا، جنھن جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان، آخر ڦورن جي هڪ ٽوليءَ کي اچي گڏيا، هيءَ ئي پھريون دفعو هو، جنھن ۾ جن اڳيان ٿيو، پر ڄامڙو بہ ڪو گهڻو پويان ڪو نہ هو، لڙائي تمام سخت هئي، ۽ گهڻو وقت هلي جتي بہ جن آيو ٿي اتي اهي سڀئي ڪري ٿي پيا، پر ڄامڙو ڪيترائي ڀيرا قتل ٿيڻ تي هو ، آخر فتح ٻنھين جانبازن جي پڌري ٿي، پر ڄامڙي پنھنجي ٽنگ وڃائي، هاڻي ڄامڙي کي هڪ اک، هڪ ٽنگ ۽ هڪ ٻانھن ڪا نہ هئي ۽ جن کي هڪ بہ زخم ڪو نہ هو، جنھن تي جن پنھنجي ننڍڙي ساٿيءَ کي واڪو ڪري چيو، ”منھنجا ننڍڙا بانڪا! هي هڪ شاندار تفريح آهي، اچو تہ هڪ وڌيڪ فتح حاصل ڪريون ۽ پوءِ اسان کي هميشہ لاءِ عزت ملندي.“ ڄامڙو جو ان عرصي اندر وڌيڪ سياڻو ٿي چڪو هو، تنھن جواب ڏنو، ”نہ تہ مون بس ڪئي، آءٌ وڌيڪ ڪو نہ وڙهندس، ڇا ڪاڻ تہ آءٌ ڏسان ٿو تہ سڀ ڪنھن لڙائي ۾ تون جملي عزت ۽ عيوضا حاصل ڪرين ٿو، پر سڀئي ڌڪ منھنجي نصيب ۾ آهن.“
اڃا آءٌ هن آکاڻيءَ وسيلي نصيحت سيکارڻ وارو هوس تہ اسان جي توجهہ اسان جي ڌيئرن جي شھر ڏانھن وڃڻ جي سوال تي ”مسٽر برچل“ ۽ منھنجي زال جي وچ ۾ ٿيندڙ گرم جهڳڙي ڏانھن ڇڪجي وئي، منھنجي زال گهڻي جا نفشانيءَ سان انھن فائدن تي زور ڏنو، جن جي حاصل ٿيڻ جي اميد هئي، ”مسٽر برچل“ گهڻيءَ گرم جوشيءَ سان کيس سمجهائي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آءٌ غير جانبدار رهيس، ”مسٽر برچل“ جون اهي ارادي تان لاهڻ واريون هدايتون، انھن هدايتن جو صرف ٻيو حصو ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي صبح جو تمام اڻ وڻندڙ نموني ۾ گوش گذار ڪيون ويون هيون، تڪرار ايترو تہ گهڻو وڌيو، جو غريب. ”ڊيبورا“ مضبوط دليلن ڏيڻ بدران وڏي سر ڳالھائڻ شروع ڪيو، ۽ آخر شڪست کان بچڻ کان اجهي وٺڻ تي مجبور ٿي پيئي، تنھن هوندي بہ سندس شد مد سان ڳالھائڻ جو نتيجو آخرڪار اسان جي لاءِ اڻ وڻندڙ ٿيو، هن چيو ”مون کي ڪن ماڻھن جي خبر آهي. جي جيڪا بہ صلاح ڏين ٿا، تنھن ۾ کين ڪي نہ ڪي ڳجها مقصد آهن، منھنجي مرضي آهي، تہ اهڙا ماڻھو آئينده لاءِ اسان جي گهر کان پري هجن،“ ”برچل“ نھايت جميعت جي نگاهن سان جي ”ڊيبورا“ کي وڌيڪ گرم ڪرڻ جو باعث هيون، چيو، ”بيبي صاحب، جيتري قدر ڳجهن سبب جو سوال آهي تہ ان ۾ تون صحيح آهين، مون کي ڪي ڳجها سبب آهن، جن کي بيان ڪرڻ کان آئون پاڻ کي روڪيان ٿو، ڇا ڪاڻ تہ تون آهن جو بہ جواب نہ ڏيئي سگهينءَ، جن کي آءٌ ڳجهو نٿو رکان، آءٌ ڏسان ٿو تہ هاڻي منھنجو هتي اچڻ تڪليف ده ٿي پيو آهي، تنھن ڪري آءٌ اجازت وٺندس ۽ جڏهن ٻھراڙي ڇڏيندس، تڏهن شايد وري بہ هڪ ٻہ دفعو آخرين موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ ايندس،“ ائين چئي هن پنھنجو ٽوپلو کنيو، ”صوفيا“ جنھن جون نگاهون هن جي اٻھرائي کان ڏوراپو ڏيندڙ هيون، تنھن جون ڪوششون پڻ کيس وڃڻ کان روڪي نہ سگهيون.
هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان هڪ ٻئي ڏانھن ڪجهہ منٽن لاءِ پريشانيءَ سان نھاريو، منھنجي زال جنھن پاڻ کي ان جو سبب سمجهيو، تنھن خاموشي جي لھجي ۾ زوريءَ کل سان، جنھن کي آءٌ ڇينڀڻ چاهيندو هوس، پنھنجي تشويشن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کيس چيو، ”ڪيئن زال، اهو ئي اسان جو اجنبين سان برتاءُ ڪرڻ جو طريقو آهي؟ اهو ئي نمونو آهي، جنھن سان اسين انھن جي احساسن جو معاوضو ڏيون ٿا؟ خاطري ڪر تہ ، اهي ئي سخت ۾ سخت ۽ منھنجي لاءِ ناگوار الفاظ هئا، جي تنھنجي واتان نڪتا!؟ ”پوءِ هو مون کي چيڙائي ڇو ٿو؟“ هن جواب ڏنو، ”پر آءٌ سندس ارادا چڱي طرح ڄاڻان ٿي، هي منھنجي ڌيئرن کي شھر ڏانھن وڃڻ کان انھي لاءِ روڪيندو هوندو تہ جيئن هو هتي منھنجي ننڍڙي ڌيءَ سان ملي خوشي حاصل ڪري سگهي، پر ڇا بہ ٿي پوي، هوءَ اهڙي هيٺيائين درجي واري ماڻھو کان وڌيڪ سٺو رفيق پسند ڪندي،“ مون چيو، ”منھنجي پياري تون هن کي ذليل ڪوٺين ٿي ممڪن آهي، تہ اسين هن جي ڪردار صحيح ڪرڻ ۾ غلطي ڪندا هجون، ڇاڪاڻ تہ هي ڪن موقعن تي اهڙو تہ شريف انسان ڏسڻ اچي ٿو، جنھن جھڙو مون شايد ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هجي، منھنجي صوفيا مون کي ٻڌاءِ تہ هن ڪڏهن مخفي طرح تو سان پنھنجي تعلقات بنسبت ڪا گفتگو ڪئي آهي! منھنجيءَ ڌيءَ جواب ڏنو، ”سائين! هن جي مون سان گفتگو هميشہ عاقلانھ،حليم ۽ دلچسپ ٿي آهي، جيئن ٻي ڪابہ ڳالھہ هئڻ گهرجي سا نہ هڪ دفعي سچ پچ تہ مون کي ياد آهي، تہ مون کيس چوندي ٻڌو، تہ کيس اصل اهڙيءِ ڪنھن بہ عورت جي خبر نہ هئي، جنھن ان ماڻھوءَ ۾ گڻ ڏٺو هجي، جو ڏسڻ ۾ غريب آيو ٿي،“ مون چيو، ”منھنجي پياري عام طرح ڏٺو ويو آهي تہ سڀئي سست ۽ بد نصيب ماڻھو اهڙي چوراڻي ٻولي ڳالھائيندا آهن، پر مون کي اميد آهي تہ تو کي اهڙن ماڻھن کي پوريءَ طرح سڃاڻڻ جي تعليم مليل آهي ۽ پڻ خبر اٿيئي تہ اهرو ماڻھو جو پنھنجي هلت ڪري پنھنجي واسطي اهڙي خراب معاشي حالتن وارو ٿي پيو هجي، ان مان خوشيءَ جي اميد رکڻ مورڳو چريائي ٿيندي، تنھنجي ماءُ ۽ مون کي هاڻي تنھنجي بھتر واڌاري ڪرڻ جون اميدون آهن، ايندڙ سيارو جو تون شايد شھر ۾ گذاريندينءَ، سو تو کي وڌيڪ سياڻپ ڀري وهانءِ هٿ ڪرڻ جو وجهہ ڏيندو“.
”صوفيا“ جا ان وقت ڪھڙا خيال هئا، آءٌ انھن بنسبت ڪو بہ اندازو لڳائي نٿو سگهان، پر آءٌ دلي طرح ناراض نہ هوس، ڇو تہ اسين هاڻي اهڙي مھمان کان آزاد ٿيا هئاسون، جنھن کان مون کي گهڻو ڊپ ڪرڻو پوندو هو، ”برچل سان منھنجيءَ زال جيڪي ڪيو هو، تنھن اسان جي مھمانوازيءَ ۾ هڪ رخنو پيدا ڪيو، ان رخني منھنجي ضمير کي ڪجهہ قدر ڀڙڪايو، مگر مون جلد پنھنجن ٻن يا ٽن خوشنما دليلن وسيلي ان نيڪيءَ جي صلاح ڏيندڙ کي صبر ڪرايو ۽ اطمينان ڏياريو، اهو درد جو ضمير ڪنھن ان ماڻھوءَ کي ڏئي ٿو، جنھن اڳيئي ڪو گناھہ جو ڪم ڪيو آهي، سو جلدي دور ٿي وڃي ٿو، ضمير هڪ بزدل اندروني تحريڪ آهي ۽ اهي غلطيون جن جي روڪڻ لاءِ کيس ڪافي طاقت نہ آهي، انھن کي ڏوهي ٺھرائڻ لاءِ هو ورلي ڪا فتويٰ صادر ڪري سگهي ٿو.