باب چوڏهون: تازيون پريشانيون
جڏهن آءٌ ميلي تي آيس، تڏهن دستور موجب پنھنجي گهوڙيِ کي سڄي ميلي ۾ سندس پنڌن موجب هلايم، مگر ڪجهہ وقت لاءِ ڪوبہ واڪ ڏيندڙ ڪونہ هو، آخر هڪ گهورڙيو ويجهو آيو، ۽ چڱو سارو وقت کيس چئوطرف جاچي. ڪاڻو ڏسي، ڪا بہ قيمت نہ چيائين، ان بعد هڪ ٻيو گراهڪ آيو، مگر اهو ڏسندي تہ کيس هڏيءَ جي سوچ جو مرض هو، چيائين تہ هو ان کي مفت ۾ بہ خريد نہ ڪندو، ٽيئن گراهڪ سھي ڪيو، تہ هن کي آبگير جو مرض هو ۽ واڪ ئي ڪونہ ڏنائين، ڇوٿين هن جي اک مان ڏٺو، تہ کيس ”باٽس“ جي بيماري هئي، پنجين عجب کاڌو، تہ اهو انڌو، هڏيءَ جي سوچ وارو، آبگيري ۽ ”باٽس“ جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل گهوڙو، جو ڪھي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن جي لوڌ ۾ اڇلڻ جھڙو هو، تنھن کي ميلي تي آڻي مون ڪھڙو نہ آزار مچايو هو، ان وقت مون کي پڻ غريب جانور کان تمام گهڻي نفرت ٿيڻ شروع ٿي ۽ مان هر ڪنھن گراهڪ جي اڳتي اچڻ تي شرمسار ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ جيڪي انھن ماڻھن مون کي چيو ٿي، تنھن سموري کي مون پوريءَ طرح قبول نٿي ڪيو، مگر تنھن هوندي بہ ويچار ڪيم تہ شاهدن جو وڏو انداز سندن صحيح هجڻ جي وڏي حجت هو ۽ ”سينٽ گريگريءَ“[1] جي پڻ نيڪ ڪم بنسبت ساڳي راءِ آهي.
جڏهن آءٌ اهڙي افسردگيءَ واريءَ حالت ۾ هوس، تڏهين هڪڙو جهونو واقفڪار پادري ڀاءُ، جنھن کي پڻ ميلي تي ڪو ڪم هو، مون وٽ آيو، هن مون کي هٿ ڏيئي کيڪار ڪئي، ۽ شراب خاني ڏانھن هلڻ ۽ اتي سندس سرنديءَ سارو شراب جي گلاس پيئڻ جي مون کي آڇ ڪيائين، مون سندس آڇ يڪدم قبول ڪئي، ۽ ڪلال خاني ۾ گهرڻ تي اسان کي پٺ واريءِ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ڏانھن اشارو ڪيو ويو، ڪوٺيءَ ۾ هڪ معزز پير مرد ويٺل هو، جو هڪ ڪتاب جي مطالع ۾ پوريءَ طرح محو هو، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اهڙي صورت ڪا نہ ڏٺي، جنھن کانئس وڌيڪ پسنديده نموني وارا گهنج ۾ منھنجيءَ دل تي اثر ويھاريو هجي، سدنس چانديءَ جھڙا سفيد وار، بزرگيءَ نموني سندس پيشانيءَ مٿان پيل هئا، هن جي سدا سائي، وڏي عمر، سندس تندرستيءَ ۽ فيض جو نتيجو ڏسڻ ۾ آئي ٿي.ڪيئن بھ، سندس موجودگيءَ اسان جي گفتگوءَ ۾ ڪا بہ رڪاوٽ ڪا نہ وڌي، مون ۽ منھنجي دوست، ڪيترن انھن نصيب جي ڦيرن تي گفتگو ڪئي، جي اسان جي زندگيءَ ۾ آيا هئا، ”وهسٽن“ جي تڪرار منھنجي آخرين چوپريءَ ديول جي وڏي پادريءَ جي جواب ۽ مون سان سندس ورتل سخت برتاءُ بنسبت احوال ڪيو سين، ٿوري ئي وقت کان پوءِ اسان جو ڌيان، هڪ نوجوان جي اچڻ تي ڦري ويو، هن ڪوٺيءَ ۾ گهڙي، تمام گهڻي ادب ۽ نرميءَ سان ڪا ڳالھہ ان ويٺل اجنبيءَ پيرسن کي چئي، پيرسن چيو، ”منھنجا ٻچا، دلگير نہ ٿيءِ، پاڻ جھڙن ٻين مخلوقن سان نيڪي ڪرڻ اسان تي فرض آهي، هي وٺ، منھنجي چاهنا آهي، تہ هوند اڃا بہ وڌيڪ هجن ها، تہ چڱو هي پورا پنج پائونڊ تنھنجي مصيبت ٽاريندا ۽ تون ڀلي آئين“. انھيءَ تي ان لڄاري نوجوان، احسانمنديءَ جا ڳوڙها ڳاڙيا، تنھن هوندي بہ سندس احسان گذاري منھنجي شڪر گذاريءِ سان ڪڏهن بہ مٽ پئجي نہ سگهي، بزرگ جي فيض مون کي اهڙو تہ خوش ڪيو، جو مون چاهيو، تہ آءٌ هوند ان نيڪ پيرسن کي ڀاڪر پائي، پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳايان، هن پنھنجو مطالعو چالو رکيو ۽ اسان پنھنجي گفتگو جاري رکي، ڪجهہ وقت کان پوءِ منھنجي دوست کي ياد آيو، تہ کيس ميلي ۾ سندس ڪاروبار سر انجام ڪرڻو هو ۽ هن جلد واپس اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ موڪلايو، هن چيو ”آءٌ هميشہ ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي ايتري گهڻيءَ ڪچھري جي چاهنا ڪندو آهيان، جيتري گهڻي ممڪن ٿي سگهي ٿي.“ پيرسن منھنجو نالو ذڪر ٿيندي ٻڌو، ڪجهہ وقت مون ڏانھن توجهہ سان نھاريندي نظر آيو، جڏهن منھنجو دوست روانو ٿيو، تڏهن تمام گهڻيءَ تعظيم سان مون کان پڇيائين، ”ڇا ، اوهين ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ جا عزيز آهيو، جو ٻي شادي جو مخالف آهي ۽ عيسائي مذهب جو پشت پناھہ آهي؟“ منھنجيءَ دل ان وقت جيڪا خوشي محسوس ڪئي، ان کان وڌيڪ ڪڏهن بہ محسوس ڪو نہ ڪئي هئائين. مون چيو، ”سائين! منھنجيءَ دل ۾ اوهان جي فيض و ڪرم جي ڪري جا خوشي اڳيئي پيدا ٿي آهي، ان ۾ اوهان جھڙي نيڪ ماڻھوءَ جون تعريفون اضافو ڪن ٿيون، سائين هڪ کان وڌيڪ شاديءَ جو مخالف، جنھن کي اوهان ”اعظم“ ڪوٺڻ جي نوازش ڪئي آهي، ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ کي توهان پنھنجي اڳيان ڏسو ٿا، جو هن زماني ۾ ٻيءَ شادي جي بر خلاف ڪاميابي سان لڙيو آهي.
”ان بزرگ حيرت ۾ پئجي وڏي آواز سان چيو، ”سائين مون کي معاف ڪجو، آئون اوهان سان ايترو گستاخ ٿيو آهيان، پر مون کي اميد آهي تہ توهين منھنجيءَ هن دريافت ڪرڻ تي، مون کي معاف ڪندا، سائين! آءٌ معافي طلبيان ٿو،“ مون سندس هٿ پڪڙيندي چيو، ”جناب عالي، توهين پنھنجي گهرائي سان مون کي ناراض ڪرڻ کان ايترو تہ گهڻو پري آهيو جو آءٌ توهان کي عرض ڪندس تہ جيئن تہ مون کي اوهان لاءِ اڳيئي عزت آهي، تنھن ڪري توهان منھنجي دوستيءَ قبول ڪرڻ جي نوازش ڪريو،“ هن منھنجي هٿ کي زور ڏيندي چيو، ”مذهب جي پختگيءَ جا شاندار ٿنڀا، آءٌ اوهان جي آڇ احسانمنديءَ سان قبول ڪريان ٿو ۽ ڇا آئون ڏسان ٿو.... هو چوڻ تي هو، تنھن کي مون اتي روڪيو ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ هڪ مصنف جي حيثيت ۾، آءٌ خوشامد جي ڪنھن بہ ننڍڙي حصي جي ٻڌڻ کان رهي نٿي سگهيس، تنھن هوندي بہ منھنجي علم هاڻي مون کي وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ اجازت نہ ڏني، ڪي بہ عاشق عشق ۾ ڪڏهن بہ ايترو جلد جڪڙجي نہ ويندا آهن، جيترو جلد اسين هڪ ٻئي جي دوستيءَ ۾ جڪڙجي ويا هئاسون. اسان ڪيترن عنوانن تي ڳالھايو، پھريائين آءٌ کيس عالم جي بدران زاهد سمجهڻ لڳس ۽ ائين سمجهيم تہ هن سڀئي انساني اصول بيڪار شين وانگر ڌڪاري ڇڏيا هئا، انھي هوندي بہ منھنجي ائين سمجهڻ کيس منھنجي قياس ۾ گهٽ نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون پاڻ ڪجهہ عرصو اهڙو عقيدو پنھنجي اندر ۾ سانڍيو هو، مٿئين سبب ڪري مون ائين چوڻ جو موقعو ورتو، تہ دنيا عام طرح اصولي ڳالھين ڏانھن قابل ملامت طريقي ۾ لاپرواھہ ٿيڻ شروع ڪيو آهي، ۽ انساني قياس جي تمام گهڻي پيروي ڪئي ٿي وڃي، ”هائو سائين“، هن جواب ڏنو، ڄڻ تہ سموري علم کي ان ساعت لاءِ سانڍي رکيو هئائين، ”هن وقت دنيا پنھنجي موھہ ۾ آهي، تنھن هوندي بہ علم پيدائش يا دنيا جي خلقت سڀني زمانن جي حڪيمن کي منجهائي وڌو آهي، ڪھڙن راين جو منجهيل ميڙ آهي جو هنن دنيا جي خلقت تي نہ ڇيڙيو آهي؟ ”سنچونيٿن“[2]، مئنيشو[3]، بيروسوس،[4] ۽ ”آسيلوس ليوڪانسو“ سڀني انھيءَ تي اجايون ڪوششون ڪيون آهن، پوئين جا هي لفظ آهن؛ ”سڀني شين کي نڪا ابتدا آهي. ۽ نڪا انتھا“. مئنيثو جو ”نيبيوچئڊان اثر“[5] جي زماني ڌاري رهندو هو، ان پڻ هڪ اهڙو نامعقول قياس ٺاهيو، جيئن تہ اسين چئون ٿا تہ ڪتاب ڪڏهن بہ دنيا کي نہ سيکاريندا، تنھن ڪري هن تفتيش ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ”اثر“ هڪ شاهي لفظ آهي، جو ان ملڪ جي بادشاهن سان ڪنيت جي نالي طور لڳايو ويندو هو، جيئن ”تغلت فائل اثر،“ ۽ ”نيبن اثر“ پر سائين آءٌ معافي ٿو گهران، جو آءٌ مقصد کان وڇڙيو پيو وڃان،“ سچ پچ تہ هي سوال کان وڃڙيو پئي ويو، آءٌ پڻ پنھنجيءَ ساريءَ ڄمار ۾ اهو معلوم ڪري نہ سگهيس تہ جيڪي مون چيو هو، ان سان هن دنيا جي پيدائش جو ڪو تعلق هو، مگر هن جي گفتگو مون کي ڏيکارڻ لاءِ ڪافي هئي، ته هو هڪ علم وارو ماڻهو هو، ۽ هاڻي آءٌ کيس وڌيڪ عزت ڏيڻ لڳس، لهذا مون لَيس ڪسوٽيءَ تي آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو، مگر هو ايترو ته گهڻو نرم دل ۽ حليم هو، جو هن ڪاميابيءَ لاءِ لڙڻ نٿي چاهيو، جڏهن مون ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي ڪئي، جا تڪرار لاءِ للڪار ڏسڻ ۾ ٿي آئي، تڏهن هن مشڪيو ٿي، ڪنڌ ڌوڻيوٿي ۽ ڪجهه به نٿي چيو، جنهن مان مون سجهيو ٿي ته جيڪڏهن هو مناسب سمجهي ها ته گهڻو ئي ڪي چئي سگهي ها، انهيءَ ڪري گفتگو جو موضوع ڪنهن به سعيي کان سواءِ قديم زماني جي ڪاروبار کان ڦري، ان شغل تي آيو، جنهن اسان ٻنهي کي ميلي تي آندو هو، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو مقصد گهوڙي وڪڻڻ جوهو، ۽ سچ پچ ته خوش نصيبيءَ سان سندس مقصد وري سندس هارين مان هڪ لاءِ گهوڙو خريد ڪرڻ جو هو، منهنجو گهوڙو جلدي پيش ڪيو ويو، ۽ تمام سٺي نموني ۾ اسان سودي جي تاڙي هنئي، هاڻي فقط مون کي پئسا ملڻا هئا، هن ٽيهن پائوندن جو نوٽ ڪڍيو ۽ مون کي ان جي مئائڻ لاءِ چيائين ، جيئن ته سندس مطلب پوري ڪرڻ جي صلاحيت مون ۾ ڪا نه هئي، انهيءَ ڪري پنهنجي حاضريءَ واري نوڪر کي اندر سڏيائين، نوڪر تمام گهڻي ادب سان اچي حاضر ٿيو، هن چيو ”ابرهام، هيءُ نوٽ وٺ، وڃ ۽ هن جو سون وٺي اچ، اهو ڪم تون پاڙيسريءَ ”جئڪسن“ جي دڪان تان لاهي اچ“. جڏهين نوڪر ويو، تڏهن هن مون کي چانديءَ جي قلت جي مسئلي تي نهايت دلسوز شدمد سان وندرايو، جنهن کي سڌارڻ جو ٿوري وقت کان پوءِ وري ويچار ڪرڻ تي مون اهو خيال ڪيو ته مون هڪ اجنبيءَ کان هنڊي وٺڻ ۾ تمام وڏي غلطي ڪئي آهي، انهي ڪري خريدار جي پويان پوڻ ۽ سياڻپ سان کانئس پنهنجي گهوڙي وٺڻ جو ارادو ڪيم، مگر هاڻي اهو وقت گذري چڪو هو، انهيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد پنهنجي دوست وٽان هنڊيءَ کي پئسن ۾ تبديل ڪرڻ جي ارادي سان آءٌ سڌو گهر ڏانهن روانو ٿيس، مون پنهنجي ايماندار پاڙيسريءَ کي سندس در وٽ ٻيڙي ڇڪيندو ڏٺو، جڏهين مون کيس ٻڌايو ته مون کي هڪ ننڍي رقم جي هنڊي ملي آهي تڏهن هن ان کي ٻه دفعا پڙهي چيو، ”آئون سمجهان ٿو ته توهين نالو پڙهي سگهو ٿا، ”ايفريم جينڪنسن“ هائو ايفريم جينڪنن هن جواب ڏنو، ”نالو ڪافي چٽو لکيل آهي ۽ آءٌ هن آسمان جي نيليءَ ڇٽيءَ هيٺان رهندڙ ان هڪ وڏي ۾ وڏي بدمعاش کي سڃاڻان. هي اهو ساڳيو اٺوري آهي. جنهن اسان کي عينڪون وڪيون هيون، ڇا هي اڇيءَ ڏاڙهي سان ڏسڻ ۾ بزرگ انسان نه هو ۽ سندس کيسي کي جهالرون نه هيون؟ ڇا هن يوناني ۽ جدا جدا قسمن جي ماڻهن جي مجموعي ۽ دنيا بابت ڊگهي علمي گفتگو ڪا نه ڪئي؟“ مون ان جو جواب ڪنجهڪار ۾ ڏنو، هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”ها هن وٽ علم جو صرف اهو ئي ذرڙو آهي ۽ جڏهن ڪو به تعليم يافته پنهنجيءَ صحبت ۾ ڏسندو آهي، تڏهن اها ئي گفتگو ڪندو آهي، آءٌ انهي بدمعاش کي سڃاڻان، ۽ کيس ڏسي رهندس.“
جيتوڻيڪ آءٌ اڳيئي شرمسار هوس، مگر منهنجي وڏي ۾ وڏي جدوجهد گهر ۾ اچڻ ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيئرن کي منهن ڏيڻ ۾ هئي، ڪوبه گوسڙو شاگرد پنهنجي اسڪول ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي استاد جي منهن لڳڻ کان ايترو گهڻو نه ڊنو هوندو، جيترو آءٌ پاڻ پنهنجي گهر وڃڻ کان ڊنس ٿي، تنهن هوندي به مون انهن جي ڪاوڙ ۾ اچڻ کان اڳ پاڻ خود ڪاوڙ ۾ اچڻ جو پڪو پهه پچايو.
مگر افسسوس! اندر لنگهڻ تي، مون پنهنجي ڪٽنب کي ڪنهن به حالت ۾ جهڳڙي ڏانهن لاڙو ڪندڙ نه ڏٺو، منهنجي زال ۽ ڌيئرون ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون، ڇا ڪاڻ ته ”مسٽر ٿارنهل“ انهيءَ ڏينهن اتي اچي اطلاع ڏنو هو ته، سندن شهر واري مسافري مڪمل طرح ختم ٿي چڪي هئي، ٻئي عورتون ڪنهن بدخواهه شخص کان اسان بابت خبرون ٻڌي، انهن ڏينهن ”لنڊن“ ڏانهن روانيون ٿي ويون هيون. هو نڪي انهن بدخواهين جي خبر وٺي ٿي سگهيو ۽ نه ئي انهن جي بانيڪارن کي هٿ ڪري ٿي سگهيو، اهي ڪهڙيون به هيون ۽ انهن جو ڇيڙيندڙ ڪير به هو، مگر هو اسان کي پنهنجي دوستيءَ ۽ حمايت جو يقين ڏياريندو هو، مون ڏٺو ته جيئن ته سندن پريشاني منهنجيءَ نراسائي کان وڌيڪ هئي. انهيءَ ڪري هنن منهنجي مايوسيءَ کي تمام گهڻي صبر سان برداشت ڪيو، جنهن ڳالهه اسان کي گهڻي ۾ گهڻي مونجهاري ۾ وڌو، سا هئي اهو خيال ڪرڻ ته ڪير اهڙو ڪميڻو هو، جو اسان جهڙي بي ضرر، حسد کي ڀڙڪائڻ کان پرهيز ڪندڙ، ۽ نفرت پيدا ڪرڻ کان بري ڪٽنب جي اخلاق تي ڇنڊن هڻڻ جو ڪم ڪري سگهيو ٿي.
___________
[1] سينٽ گريگري؛ هيءِ 590ع کان 604ع تائين ڪئٿولڪ مذهب وارن جو پوپ هو، هيءُ ئي اهو ماڻھو هو، جنھن آگستائين (Augustine) کي انگلينڊ ڏانھن موڪليو هو، هن ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا جي اڪثر ڪري ڊائگلاگن وارن خطن جي صورت ۾ آهن.
[2] سنچونيشن Sanchoniathon : هيءَ بيروت جو رهاڪو هو، چيو وڃي ٿو تہ هن شام جي مغربي علائقي ۽ مصر جي تاريخ لکي هئي، جنھن جو عيسوي پھرينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فلو بيبلس (Philo Byblas) وڏي ڪشالي سان يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، هن جي راءِ موجب هيءُ صاحب سيمرامس (Semaramis) شام جي راڻيءِ جي زماني ۾ رهندو هو ۽ پنھنجي تاريخ جو ڪتاب بيروت جي بادشاھہ کي هديہ طور پيش ڪيو هئائين.
[3] مئنيشويا منيٿو(Manetho) (280-ق م) : هيءَ هڪ مصري مذهبي رهنما هو، هن جو مقصد هو تہ يوناني بادشاهن کي مصري روايتن کان واقف ڪريان ، هن يوناني ٻوليءَ ۾ مصري تاسريخ سڪندر اعظم جي فتح تائين لکي، هن پراڻين روايتن کي پڪيءَ طرح سنواريو ۽ ٺاهيو ۽ ان ڪم ۾ نھايت خلوص دليءَ سان محنت ڪيائين، سندس اها هڪ تصنيف هئي، ۽ ان جو دارو مدار ان وقت جي معتبر روايات تي هو.
[4] بيروسوس (Berosus) هيءُ هڪ ڪلئڊين (Caladean) مذهبي پيشوا هو.
[5] نيبيو چئڊن اثرNebuchadon Assar هن 605 ق.م کان 562 ق .م تائين بئبلونا (Bobylonid) تي حڪومت ڪئي، هن بئبلان جون ديوارون ٺهرايون، هن پروشلم (بيت المقدس) تي ڪاهه ڪئي ۽ اهو فتح ڪري يهودين کي قيد ڪري بئبلان ڏانهن وٺي ويو.ڪم مون پڻ سون جي گهڻيءَ قلت تي افسوس ڪرڻ سان پاڻ تي کنيو، اهڙيءَ طرح جنهن وقت ”ابرهام“ واپس آيو، تنهن وقت تائين اسان ٻنهي اها ڳالهه قبول ڪئي ته پئسو ڪڏهن به اهڙو ڏکيو هٿ اچي نٿي سگهيو، جهڙو ان وقت ڏکيو هٿ آيو ٿي، ”ابرها،“ اسان کي اطلاع ڏيڻ لاءِ واپس آيو ته هيءُ سڄي ميلي ۾ هليو، مگر نوٽ مٽائي ڪين سگهيو، جيتوڻيڪ ان جي لاءِ هن ”اڌڪرائون“ ڏيڻ جي آڇ به ڪئي هئي، پيرسن ٿوري ترسڻ کانپوءِ مون کي چيو،”ڇا توهين پنهنجي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ هڪ ”سالومن فلمبرو “ کي سڃاڻو؟“ منهنجي جواب ڏيڻ تي نه ”فلمبرو“ منهنجي گهر جي ڀر ۾ رهندڙ پاڙيسري آهي، هن وراڻي ڏني، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مون کي يقين آهي، ته پاڻ سودو ڪري سگهنداسون. توهان کي هن تي هڪ درسني هنڊي ڏيان ٿو ۽ اهو به ٻڌايون ٿو ته چوڌاري پنجن ميلن جي گهيري ۾ ان جهڙو دولتمند ٻيو ڪوبه ڪونهي، ”سالومن“ ۽ آئون ڪيترا سال لاڳيتا پاڻ ۾ دوست ٿي رهيا آهيون، مون کي ياد آهي ته آءٌ هميشه کين ٽن ٽپن واريءَ راند ۾ هارائيندو هوس، پر هڪ ٽنگ تي ٽپن ڏيڻ ۾ هو مون کان گوءِ کڻي ويندو هو“. مون لاءِ فلمبرو تي هنڊي اهڙي ئي هئي. جهڙا پئسا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سندس لياقت کان اڳيئي بخوبي واقف هوس، هنڊي صحيح ڪئي ويئي ۽ مون کي ڏني ويئي، ان بعد ”مسٽر جينڪنسن“ پير مرد بزرگ، سندس نوڪر ”ابرهام“ ۽ منهنجو گهوڙو ”بلئڪ بيري“ هڪ ٻئي سان گڏ تمام گهڻيءَ خوشي ۾ ڊڪندا ويا.