باب پھريون: ”ويڪفيلڊ“[1] شھر جي هڪ خاندان جو بيان
انھن سڀني ڳالھين هوندي بہ اسين هڪ ٻئي کي دلي پيار ڪندا هئاسون ۽ جيئن عمر جون منزلون طئي ڪندا ٿي وياسون، تيئن اسان جو پيار وڌندو ويجهندو ٿي ويو، سچ پچ تہ ڪابہ اهڙي ڳالھہ ڪا نہ هئي، جا اسان کي هڪ ٻئي سان ڪاوڙائي سگهي. اسان کي هڪ سھڻو ۽ سلوڻو گهر هو، جو ٻاجهہ ڀري ٻھراڙي پاسي پيار ڀري پاڙي ۾ واقع هو. سڄو سال اخلاقي يا ٻھراڙيءَ جي وندرن، سرمائيدار پاڙيسرين جي ملاقاتن ۽ غريب جي مدد ڪرڻ ۾ گذري ويندو هو، انقلابن جو اسان کي خوف نہ هو، نڪي ڪي ٿڪائيندڙ ڪم هئا، جن کي برداشت ڪرڻو ٿو پيو، اسان جون سڀ سر گذشتون گهر پاسي هيون ۽ اسان جي چرپر صرف هڪ ڪوٺيءَ کان ٻي ڪوٺيءِ تائين محدود هئي اسين رستي جي ڀر تي رهندا هئا سون، جتي ڪيترائي مسافر ۽ اجنبي ماڻھو خارتوت مان تيار ڪيل اسان جي مشھور شراب جي ذائقي وٺڻ لاءِ اسان وٽ ايندا هئا ۽ آءٌ هڪ تاريخ نويس جي صداقت سان چوان ٿو تہ مون ڪنھن بہ صاحب کي ان شراب مان وڏ ڪڍندي نہ ڏٺو، اسان جا سئوٽ جي ”اٺين پيڙهيءَ ماڪوڙو ماسات“ جي مصداق وانگر هئا، ۽ جن کي نسلن جي داخلا رکڻ واري دفتر جي مدد کانسواءِ اسان واري عزازت جي يادگيري هئي، سي اسان سان ملاقات لاءِ اڪثر ايندا هئا، انھن مان ڪن اسان جي گهڻي عزت افزائي نٿي ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ منجهن ڪي انڌا، پنگلا ۽ لولا لونگڙا هئا، پر منھنجي زال زور رکندي هئي تہ جيئن تہ اهي ساڳئي نسل جا آهن، تنھن ڪري انھن کي پڻ اسان سان گڏجي ساڳئي دستر خاني تي ماني کائڻ گهرجي، انھن سببن جي ڪري جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نہ هئا تہ بہ عام طرح اسان جي چوڌاري هميشہ خوشدل دوستن جو حلقو هوندو هو، ڇا ڪاڻ تہ هي رايو واقعي باوقار آهي، ”جيئن مھمان غريب تيئن هو خدمت ڪرڻ سان دائمي وڌيڪ خوش“. جيئن ماڻھو لالھ جي گل جي رنگن يا پوپٽ جي پرن ڏانھن پسندي سان گهور ڪري نھاريندا آهن، تيئن آءٌ پنھنجي فطرت موجب انسان جي خوشنما چھرن جو ثناخوان هئس. انھي هوندي بہ جڏهن اسان جي مائٽن مان ڪوبہ ماڻھو بداخلاق ڏٺو ويندو هو، يا تڪليف ڏيندڙ مھمان هوندو هو تہ يا اهڙو هوندو هو، جنھن مان پَلو آجا ڪرڻ چاهيندا هئا سون تہ اسان جي گهر ڇڏڻ وقت آءٌ هن کي سواريءَ جو ڪوٽ، يا بوٽن جو جوڙو، يا ڪن وقتن تي ٿوريءَ قيمت وارو گهوڙو اڌاري طور ڏيندو هوس، ۽ مان هن معلوم ڪرڻ تي راضي هوس تہ هو انھن شين کي موٽائڻ لاءِ وري ڪو نہ ايندو. انھي طريقي سان انھن ماڻھن کان جن کي اسين پسند نہ ڪندا هئا سون، گهر آجو ٿيندو هو، پر ”ويڪفيلڊ“ جو ڪٽنب، ڪڏهن بہ مسافرن يا محتاجن کي موٽائي ڇڏيندڙن ۾ شمار نہ ڪيو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح اسان ڪيترا سال تمام مسرت جي عالم ۾ گذاريا، نہ فقط ائين مگر اسان کي ڪن وقتن تي اهڙيون ننڍيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون، جيڪي پروردگار سندس نعمتن جي قدر و قيمت وڌائڻ لاءِ موڪليندو آهي، اسڪولي ڇوڪرا منھنجي باغ کي لٽيندا هئا ۽ منھنجي زال جي کيرڻي ٻليءَ ۽ ٻارن جي ور چڙهندي هئي، ڪن وقتن تي ڳوٺ جو زميندار منھنجي وعظ جي تمام دلسوز فقرن جي بيان ڪرڻ وقت ننڍ ۾ پئجي ويندو هو، يا سندس زال ديول ۾ منھنجي زال جي خلق جي جواب ۾ اڻ سھائيندڙ مروت جو مظاهرو ڪندي هئي، اسين اهڙن واقعن مان پيدا ٿيندڙ رنجيدگيءَ تي جلد قابض ٿي ويندا هئا سون، ۽ ٽن يا چئن ڏينھن جي دوران عجب کائڻ لڳندا هئاسون تہ هنن اسان کي ڪيئن نہ تنگ ڪيو ٿي!
منھنجا ٻار پرهيز گاريءَ جا پليل هئا، ۽ کين جيئن تہ نرميءَ کان سواءِ تعليم مليل هئي، تنھن ڪري اهي چڱي بيھڪ وارا ۽ تنومند هئا، منھنجا پٽ جانٺا ۽ چست، منھنجو ڌيئرون حسين ۽ شگفتہ هيون، جڏهن آءٌ پنھنجن انھن ٻارن جي وچ ۾ بيھندو هوس، جي منھنجي پيرسنيءَ جي عالم ۾ پٺڀرائي ڪرڻ جو دلاسو ڏيندڙ هئا، تڏهن آءٌ ”ڪائونٽ ائبسبرگ“ جي مشھور آکاڻيءَ کي دهرائڻ کانسواءِ رهي ڪين سگهندو هوس، هينري ٻئي“ جي جرمني ڏانھن ڪاھہ وقت جڏهن ٻيا درباري خزانا کڻي آيا، تڏهن هو صاحب پنھنجا ٻٽيھه (32) ٻار پاڻ سان وٺي آيو ۽ اهي پنھنجي حاڪم جي خدمت ۾ هڪ قيمتي نذراني طور پيش ڪيائين ، ساڳي طرح حالانڪ مون کي صرف ڇھہ (6) ٻار هئا تہ بہ مون کين پنھنجي ملڪ لاءِ هڪ وڏو قيمتي تحفو پي ٿي سمجهيو.
اسان جي وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جو سندس چاچي جي نالي پويان رکيو ويو هو، جنھن اسان جي لاءِ ڏھہ هزار پائونڊ ڇڏيا هئا. اسان جو ٻيو ٻار هڪ ڇوڪري هئي، جنھن کي سنديس چاچيءَ جي نالي پويان ”جراسيل“ ڪوٺڻ ٿي چاهيم، مگر منھنجي زال، جا اميدواريءَ جي سمي ۾ رومانوي افسانا پڙهندي هئي، تنھن زور رکيو تہ کيس ”اوليويا“ ڪوٺيو وڃي، ٻئي سال اسان کي ٻي ڌيءَ عطا ٿي، ۽ مون پڪ فيصلو ڪيو تہ سندس نالو ”جراسيل“ رکڻ گهرجي، پر هڪ شاهوڪار عزيز عورت جنھن کي ان ٻار جي لاءِ عيسائي مذهب موجب نالي رکڻ وقت اقرار ڪندڙ ٿيڻ جو شوق هو، تنھن جي هدايتن موجب ان ڇوڪريءَ کي ”صوفيا“ ڪوٺيو ويو، اهڙيءَ طرح اسان جي ڪٽنب ۾ ٻہ رومانوي نالا هئا، مگر آءٌ ساک سان چوان ٿو تہ ان ۾ منھنجو هٿ ڪو نہ هو، ”موزز“ انھن کان بعد جو هو ۽ ٻارنھن سالن جي وڇوٽي کانپوءِ اسان کي ٻہ وڌيڪ پٽ تولد ٿيا جڏهن آءٌ پنھنجا ننڍڙا ٻار ڏسندو هوس، تڏهن جيڪا مون کي اڻ کٽ خوشِ ٿيندي هئي، ان کان نٽائڻ بيجا ٿيندو مگر منھنجي زال جي آڪڙ ۽ خوشي مون کان گهڻو وڌيڪ هئي. جڏهن اسان جا ملاقاتي چوندا هئا ”مسز پرمروز“ سچ پچ تہ اوهان کي سڄي ملڪ کان عمدا ٻار آهن“ تڏهن هوءَ جواب ڏيندي هئي، ” جي ها، منھنجا پاڙيسري! اهي اهڙا آهن، جھڙو قدرت کين جوڙيو آهي، ڪافي حسين آهن، جيڪڏهن اهي ڪافي چڱا ٿين، ڇا ڪاڻ تہ حسين اهو آهي، جنھن جا عمل نيڪ آهن“ پوءَ هو پنھنجين ڌيئرن کي حڪم ڪندي هئي، تہ هو پنھنجا مٿا مٿي جهلين، منھنجون ڌيئرون بنا ڪنھن لڪ لڪاءِ جي سچ پچ تہ تمام خوبصورت هيون، صرف ٻاهريون ڏيک ويک منھجي لاءِ اهڙي خسيس حالت آهي، جو جيڪڏهن سڄي ملڪ جي گفتگو جو اهو عام پھلو نہ هجي ها تہ هوند مون کي بيان ڪرڻ لاءِ اصل ياد نہ هجي ها، ”اوليويا“ هاڻي 18 ورهين جي هئي ۽ کيس حسن جي اها جهجهائي هئي، جنھن سان مصور حسن جي ديوءَ هيبيءَ جو نَش چٽيندا آهن، هوءَ هڪ فراخ دل، خوش مزاج، کڙي تڙي ۽ حڪمران طبعيت رکندڙ ڇوڪري هئي.
”صوفيا“ جون روشون پھريائين اهڙيون دل کي ڇڪيندڙ نہ هيون، مگر اڪثر وڌيڪ خاطري وارو عمل ڪنديون هيون، ڇاڪاڻ تہ اهي نرم، حليم ۽ دل لڀائيندڙ هيون، ”اوليويا“ هڪ ئي ضرب سان جيتجي ويندي هئي، مگر ”صوفيا“ اهڙين ڪافي ڪوششن کان پوءِ ئي اثر هيٺ ايندي هئي.
عورت جو سڀاءُ سندس روشن جي تبديلي سان ئي جڙندو آهي، ڪم از ڪم منھنجي ڌيئرن سان اهو اصول لاڳو هو، ”اوليويا“ گهڻن طالبن لاءِ تمنا رکندڙ هئي، مگر ”صوفيا“ جو ارادو فقط هڪ کي هٿ ڪرڻ جو هو، خوش ڪرڻ جي تمام گهڻي خواهش ”اوليويا“ کي متاثر ڪندي هئي، پر ”صوفيا“ پنھنجي ڪنھن زيادتي جي خوف ڪري پنھنجين چڱاين کي بہ دٻائي ڇڏيندي هئي، هڪ مون کي پنھنجي فطري سان سادگيءَ سان وندرائيندي هئي، جڏهن آءٌ خوش هوندو هوس تہ ٻي وري مون کي پنھنجي فھم سان مسرور ڪندي هئي، جڏهن آءٌ غمگين هوندو هوس، اهي خاصيتون ٻنھي ۾ بلنديءَ تائين پھتل نہ هيون ۽ آءٌ اڪثر انھن کي سارو ڏينھن پنھنجين خصلتن کي مٽائيندو سٽائيندو ڏسندو هوس. الم جي پوشاڪ منھنجيءَ البيليءَ ”اوليويا“ کي نخريلي بڻايو ۽ ربينن جي نئين جوڙي سندس ننڍي ڀيڻ کي فطري سادگي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهہ عطا ٿي ڪيو. منھنجي خواهش هئي تہ منھجو وڏو پٽ ”جارج، وڏن تعليمي ماهرن مان هڪ ٿئي، تنھن ڪري کيس ”آڪسفورڊ“ ۾ تعليم ڏياري ويئي، منھنجو ننڍو پٽ ”موزز“ جنھن لاءِ ڌنڌي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنھن پنھنجي گهر ۾ متفرقہ تعيلم حاصل ڪئي، مگر اهي نوجوان شخص، جن دنيا جو تجربو اڃا پوري طرح بہ پرايو آهي، انھن جي خاص اخلاقن کي بيان ڪرڻ غير ضروري ٿيندو.
المختصر ڪٽنب جي هڪ جھڙائي سڀني جي مٿان غالب هئي ۽ سچ پچ تہ ائين کڻي چئجي تہ انھن جو اخلاق هڪڙو ئي هو ۽ اهو اهو هو تہ هو سڀئي هڪجھڙا مروت ڪندڙ، خوش اعتقاد ۽ سادا هئا ۽ هڪ ٻئي تي پيش قدمي ڪندڙ نہ هئا.
_________________
[1] ويڪفيلڊ: هيءُ انگلينڊ ۾ يارڪشائر ضلع ۾ هڪ سٺو شھر آهي.