باب ڇويھون: جيل ۾ هڪ سڌارو
انھيءَ دريافت تي ”ڊڪ“ جواب ڏنو ، ”نہ بابا ڪنھن بہ جاءِ تي جتي توهين آهيو، اتي آءٌ سمھڻ کان ڀو ڪو نہ ٿو ڪريان“
”بل“ جو اڃا صرف چئن سالن جو هو، تنھن چيو، ”آءُ سڀ ڪنھن جاءِ کي تمام گهڻو پسند ٿو ڪريان،جنھن ۾ منھنجو پيءُ آهي.
ان کان پوءَ ڪٽنب جي هرهڪ ڀاتيءَ کي سندن ڪم ورڇي ڏنو، منھنجي ڌيءَ کي خاص طرح سان پنھنجيءَ ڀيڻ جي پوئتي پوندڙ صحت جي سنڀال ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي، منھنجي زال کي منھنجي خدمت ڪرڻي هئي ۽ منھنجن ننڍڙن کي مون کي پڙهي ٻڌائڻو هو، مون پنھنجي ڪلام جو سلسلو جاري رکندو چيو، ”منھنجا پٽ، جيتري قدر تنھنجو سوال آهي، اهو تنھنجي هٿن جو ئي پورهيو آهي، جنھن تي اسان سڀني کي گذران ڪرڻ جي خاطريءَ واري اميد آهي، تنھنجي روزمره جي مزدوري اسان سڀني جي پرورش ڪرڻ ۽ پڻ سھنج سان گذارڻ لاءِ تمام ڪافي ٿيندي، تون هاڻي سورنھن سالن جو آهين ۽ تون کي طاقت آهي، جا تو کي تمام ڪارائتن ڪمن لاءِ عنايت ڪئي ويئي آهي . انھيءَ لاءِ تہ اها ضرور تنھنجي والدين ۽ ڪٽنب کي ڏڪار کان بچائي، تنھنڪري اڄ شام جو سڀاڻي لاءِ ڪم ڳولي لھڻ جي تياري ڪر، ۽ جيڪي پئسا ڪمائين سي هر رات پنھنجي پرورش لاءِ گهر آڻيندو ڪج.“
هن کي ائين سمجهائي ۽ ٻين کي جائيتو ڪري، آءٌ عام جيل ڏانھن ويس، جتي آءٌ وڌيڪ هوا ۽ خلاصيءَ جڳھہ جو لطف ماڻي ٿي سگهيس، اڃا آءٌ اتي گهڻو وقت ترسيس ئي ڪين تہ لعنت، بد اخلاقيءَ ۽ وحشت سڀني طرفن کان مون تي حملا ڪيا ۽ مون کي هڪالي پنھنجيءَ ڪوٺيءَ ڏانھن موڪليو ويو، اتي آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ انھن نامرادن جي عجيب نادانيءَ تي غور ڪندو رهيس، جي سڄيءَ انسانذات کي پنھنجي بر خلاف دشمن ڏسندي بہ پاڻمرادو ان کي مستقبل لاءِ تمام زودار دشمن بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا.
انھن جي بيحسيءَ منھنجي قياس کي اڀاريو ۽ منھنجيءَ دل جي بي آراميءَ کي ميٽي ڇڏيو، کين سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ منھنجي لاءِ مورڳو هڪ لازمي فرض ٿي پيئي، مون انھيءَ ڪري هڪ دفعو وري واپس وڃڻ ۽ سندن نفرت جي باوجود کين پنھنجي صلاح ڏيڻ سان انھن تي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تنھن ڪري آءٌ وري بہ وٽن ويس ۽ مون ”مسٽر جينڪنسن“ کي پنھنجي ارادي کان واقف ڪيو، جنھن تي هو دل کولي کليو، هن اهو احوال پنھنجي سڀني قيد ڀاين کي ٻڌايو، هنن منھنجي رٿ کي پنھنجي وندر جو هڪ نئون ذريعو سمجهيو ۽ خوشيءَ سان ان جو استقبال ڪيائون.
ان مقصد کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مون کين عبادت جي ڪتاب مان هڪ ٽڪرو بلند ۽ سڀاويڪ آواز سان پڙهي ٻڌايو ۽ پنھنجن ٻڌندڙن کي انھيءَ موقعي تي مڪمل طرح خوش ڏٺم، بد اخلاقي، ڀڻ ڀڻ، ٽوڪائتي نموني ۾ پشيمانيءَ (ڪنجهڪار) اکين جي اشارن ۽ واري سان کنگهه، کل کي اوڀاريو، پرآءُ پنھنجي فطري سنجيدگيءَ سان پڙهندو رهيس، مون خيال ڪيو تہ جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان سو شايد ڪنھن نہ ڪنھن کي سڌاري وجهي.
دعائن پڙهڻ کانپوءَ آءٌ پنھنجي نيڪ صلاح ڏيڻ تي شروع ٿي ويس، جا پھريائين ڇينڀڻ جي بدران خوش ڪرڻ سان سھڻي نموني اختيار ڪئي ويئي هئي، مون اڳيئي چيو آهي، تہ سندن ڀلائيءَ کانسواءَ ٻئي ڪنھن بہ مقصد مون کي ان ڪم لاءِ آماده نہ ڪيوهو، ڇو تہ آءٌ پڻ سندن قيد ڀائي هوس۽ وعظ ڪرڻ سان ڪجهہ بہ حاصل ڪري نٿي سگهيس، کين اهڙو گهڻو ناپاڪ ڏسي مون کي نھايت گهڻو ارمان ٿيو، ڇا ڪاڻ تہ هنن ان مان ڪجهہ بہ حاصل نٿي ڪيو، مگر گهڻو ئي ڪجهہ (شايد) وڃائي ويٺا هجن، مون چيو،”منھنجا دوستو، ان لاءِ خاطري ڪريو، ڇا ڪاڻ تہ ڪيتري قدر بہ دنيا توهان جي دوستيءَ تان هٿ کڻي تہ بہ توهين منھنجا دوست آهيو، جيتوڻيڪ توهين کڻي يارنھن هزار قسم هڪ ڏينھن ۾ کڻو، مگر ان ڪري اوهان کي ڪجهہ بہ پلئه نہ پوندو، جڏهن اوهان کي خبر آهي تہ شيطان ڪھڙيءَ نہ ڪميڻپ جي نموني اوهان سان سلوڪ ڪري ٿو، تہ پوءِ اوهان جي سڀ ڪنھن ساعت ۾ ان سان ملاقات ۽ ساڻس دوستي ڪھڙِ معنيٰ رکي ٿي، توهان ڏسو ٿا، تہ هن اوهان کي هتي سواءَ قسمن جي گرنھه ۽ خالي پيٽ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏنو آهي ۽ بھترين مثالن سان، جي هن جا مون وٽ موجود آهن، (آءٌ اوهان کي خاطري ڏيان ٿو) تہ هيءِ اوهان کي هن کان پوءِ بہ اهو ڪجهہ بہ نہ ڏيندو ، جو چڱو هجي.
جيڪڏهن اسان جي ڪاروبار ۾ ڪو بہ اسان سان سٺو برتاءُ نٿو ڪري، تہ اسين ازخود ڪھڙي ٻيءَ جاءِ تي وڃون ٿا، ڇا اهو اوهان لاءِ فائيديمند نہ ٿيندو، تہ توهين پڻ بہ ٻيو مالڪ، جو اوهان کي ڪم از ڪم پا ڻ وٽ اچڻ لاءِ دلپسند وعدا ٿو ڪري، ان جو بہ آزمود ڪريو، تہ توهين ڪيتري قدر سندس دستور پسند ٿا ڪريو؟
منھنجا دوستو يقينا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بيوقوفي ضرور ان شخص جي ٿيندي، جيڪو ٻئي جي گهر لٽڻ کانپوءِ چور ڳوليندڙ وٽ پناھہ لاءِ ڊوڙي ٿو، توهين ڪيئن وڌيڪ سياڻا آهيو،؟ جڏهن توهين سڀئي انھن چور جهليندڙن مان ڪنھن بہ هڪ کان وڌيڪ زبردست بدخواھہ هستيءَ کي پنھنجي تسليءِ لاءِ عرض ڪري رهيا آهيون، جنھن اوهان سان اڳيئي ڊوه ڪيو آهي، چور جهليندڙ تہ صرف دلبو ڏين ٿا ۽ پوءِ توهان کي ڦاسائين ٿا، پر هيءَ ڊوه ڪري ٿو ۽ ٽنگي ڇڏي ٿو، ياد رکو تہ اهو جيڪو خراب ۾ خراب هوندو، سو توهان کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ بہ آزاد نہ ڇڏيندو.
جڏهن مون پنھنجو وعظ ختم ڪيو، تڏهن مون کي پنھنجي ساٿين کان آفرينون مليون، منجهانئن ڪي آيا ۽ قسم کڻندي مون کي هڪ ايماندار ماڻھو تسليم ڪيائون، هنن منھنجي وڌيڪ واقفيت جي طلب ڪئي ۽ منھنجو هٿ وٺي مرحبا ڪئي، تنھن ڪري مون وري ٻئي ڏينھن پنھنجيءَ تقرير کي دهرائڻ جو وعدو ڪيو، مون اتي سڌاري آڻڻ جون ڪجهہ اميدون دل ۾ ڌريون، ڇا ڪاڻ تہ منھنجو هميشہ اهو اندازو رهندو هو، تہ ڪو بہ ماڻھو درستيءَ جي گهڙيءَ کان مٿي چڙهي ويل نہ آهي، صرف جيڪڏهن تير انداز پورو نشان وٺي سگهي، تہ هر ڪا دل عتاب جي تير اڳيان کلي پيئي آهي، جڏهن مون اهڙيءَ طرح پنھنجي دل کي مطمئن ڪيو، تڏهن موٽي پنھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن واپس آيس، جتي منھنجي زال هڪ ڪفايتي خرچ واري ماني تيار ڪئي هئي، انھي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ اسان جي مانيءَ سان پنھنجي ماني گڏڻ ۽ منھنجي گفتگو ٻڌڻ مان خوشي حاصل ڪرڻ جي طلب ڪئي، هن منھنجي ڪٽنب وارن کي اڃا تائين نہ ڏٺو هو، ڇا ڪاڻ تہ اهي منھنجي ڪوٺيءَ ۾ ان سوڙهي رستي واري دروازي کان ايندا هئا، جنھن جوو احوال اڳي ڪيو ويو آهي ۽ انھي طريقي عام جيل کان پاسو ڪندا هئا، هن پھرئين ملاقات تي مون ڏٺو، تہ منھنجي ننڍي ڌيءِ جي حسن، جنھن کي سندس غمناڪ چھري دوبالا ڪري ڇڏيو هو، ”مسٽر جينڪنسن“ کي ڪا ٿوري چوٽ نہ هنئي ۽ هن منھنجن ننڍڙن کي پڻ گهڻي توجهہ سان ڏٺو.
هن چيو تہ ”ڊاڪٽر، هي ٻار اهڙا تہ حسين ۽ نيڪ آهن، جو هيءَ جڳھہ سندن لائق ٿي نٿي سگهي؟“
مون جواب ڏنو، ”ڇو ، ”مسٽر جينڪنسن“ خدا جو شڪر آهي، جو منھنجا ٻار اخلاق ۾ گهڻو موچارا آهن، ان سان گڏ جيڪڏهن نيڪ ٿي پون، تہ پوءِ باقي ڪھڙي پرواھہ آهي؟،
منھنجي قيد ڀائيءَجواب ڏنو، ”آءُ ڀانيان ٿو تہ تنھنجي چوڌاري هن تنھنجي ننڍڙي ڪٽنب جي موجودگيءَ تو کي ضرور تمام گهڻي تسلي ڏني هوندي“.
مون جواب ڏنو، ”تسلي، ”مسٽر جينڪنسن“ ها، سچ پچ اها تسلي آهي،۽ آءٌ سڄي دنيا هوندي بہ هنن کان سواءِ هوند رهي نہ سگهان ها، اهي جيل کي بہ مون لاءِ محلات جھڙو بنائي سگهن ٿا، هن حياتي ۾ منھنجي خوشيءَ کي زخم رسائڻ جو صرف هڪ طريقو آهي، جو آهي انھن کي ڏکوئڻ“.
هن چيو تہ ”سائين آءٌ ڊڄان ٿو، جو آءٌ ڪنھن حد تائين قاصر آهيان، آءٌ سمجهان ٿو تہ هتي هڪ اهو شخص ڏسان ٿو، جنھن کي مون ڏکويو آهي ۽ جنھن کان آءٌ معافي وٺڻ جي خواهش ڪريان ٿو.“
منھنجي پٽ جيتوڻيڪ هن کي اڳي بدليل پوشاڪ ۾ ڏٺو هو، تڏهن بہ هينئر کيس يڪدم سندس آواز ۽ مھانڊا ياد آيا ۽ کيس هٿ کان جهلي مشڪندي معافي ڪيائين، هن وڌيڪ چيو. ”ان هوندي بہ جيڪي تون منھنجي منھن ۾ فريب جي پڳوري نشاني سمجهڻ لاءِ ڏسي سگهين، ان تي آءٌ اڃا تائين عجب کائڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان“.
”جينڪنسن“ چيو”سائين منھنجا! اهو تنھنجو چھرو نہ هو، پر توهان جا اڇا موزا ۽ تنھنجن وارن واري ڪاري ربين هئي، جنھن مون کي گمراھہ ڪيو، پر ان ۾ تنھنجي ڪا بہ گهٽتائي نہ آهي، مون پنھنجي وقت ۾ تو کان وڌيڪ سياڻن ماڻھن کي ٺڳيو آهي.“
منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”آءُ سمجهان ٿو تہ تنھنجي حياتي جو احوال ضرور گهڻو نصيحت آميز ۽ دلچسپ هوندو“
”مسٽر جينڪنسن“وراڻي ڏني، ”نہ اهي ماڻھو جي صرف انسانذات جون حرفتون ۽ گناھہ بيان ڪن ٿا، سي حياتي ۾ اسان جي شڪن کي وڌائڻ سان اسان جي ڪاميابي کي پوئتي هٽائين ٿا، اهو مسافر جو هر ڪنھن ان ماڻھوءَ تي شڪ آڻي ٿو، جو کيس گڏجي ٿو ۽ هر ڪنھن ان ماڻھوءَ کان منھن موڙي ٿو، جو کيس ڏسڻ ۾ ٿورو اچي ٿو، سو پنھنجيءِ مسافريءَ جي منزل تي ڪڏهن بہ پوري وقت تي نٿو پھچي سگهي.
سچ پچ تہ آءٌ پنھنجي تجربي مان سمجهان ٿو، تہ اهو ماڻھو جو پاڻ کي ڪجهہ سمجهي ٿو، سو هن چمڪندڙ سج جي هيٺيان وڏي ۾ وڏو بيوقوف ماڻھو آهي، آءٌ پنھنجي ٻاروتڻ کان وٺي اٽڪلي سمجهيو ويندو هوس، جڏهن ستن سالن جو ٿيس، تڏهن عورتون چونديون هيون تہ آءٌ مڪمل طرح ننڍو مرد هوس، چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مون دنيا کي سمجهيو ، پنھنجي ٽوپلي کي هڪ پاسي تي رکيم ۽ عورتن کي پيار ڪيم. ويھن ورهين جي عمر ۾ جيتوڻيڪ آءٌ مڪمل طرح ايماندار هوس، تنھن هوندي بہ سڀ ڪنھن ماڻھوءِ مون کي اهڙو تہ اٽڪلي سمجهيو، جو هڪ بہ مون تي اعتبار نہ ڪندو هو، اهڙيءَ طرح آءٌ پنھنجي بچاءُ ۾ دغاباز ٿيڻ تي مجبور ٿي پيس ۽ ان وقت کان وٺي منھنجو ذهن ٺڳڻ جي تجويزن سوچڻ ۾ مشغول رهيوآهي، ۽ منھنجي دل ظاهر ٿيڻ جي خوفن کان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي آهي آءٌ اڪثر تنھنجي ايماندار ۽ ساده دل پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ تي کلندو هوس ۽ گهڻو ڪري هر سال هڪ دفعو هڪ نہ ٻئي نموني کيس ٺڳيندو هوس، تنھن هوندي بہ هو ايماندار ماڻھو وڌيڪ ترقي ڪندو ويو ۽ شاهوڪار ٿي پيو، مگر مون اڃا تائين پنھنجي ٺڳي، دغابازي ۽ چالاڪيءَ کي قائم رکيو، ايماندار هئڻ جي تسلي نہ هئڻ سبب، غريب آهيان،“ هن پنھنجو سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو، ”مون کي پنھنجي حال جي خبر ڏيو، تہ ڪھڙي ماجرا اوهان کي هتي آندو آهي، جيتوڻيڪ مون کي اهڙو هنر نہ آهي، جو آءٌ پاڻ کي جيل کان بچائي سگهان، مگر شايد آءٌ پنھنجن دوستن کي ڇڏائي سگهان.
مون انتظار کي ڏسي کيس انھن سڀني واقعن کان واقف ڪيو، جن مون کي موجودہ تڪليفن ۾ آندو هو۽ کيس پنھنجي آزاد ٿيڻ جي مڪمل لاچاري کان آگاھہ ڪيو،
منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ ۽ ڪجهہ منٽن لاءِ ويچار ڪڻ کانپوءِ هن پنھنجي پيشانيءَ تي اهڙيءَ طرح ڌڪ هنيو، جو ڄڻ تہ ڪا فائدي واري تجويز سوچي هئائين ۽ ائين چوندي موڪل ورتائين تھ، ”جيڪا ڪوشش مون کان ٿي سگهندي سا آءٌ ڪندس.“