ناول

پرديسي پادري

هن ڪتاب جو سورمو پاڻ ۾ مکيہ ٽي ڪردار سمائي ٿو، هي پادري آهي، ڪاشتڪار آهي ۽ خاندان جو سرواڻ آهي، هو سيکارڻ لاءِ اهڙو تيار آهي، جھڙو اطاعت لاءِ ۽ جھڙو آسودگيءَ ۾ آهي، تھڙو شاندار غريبيءَ ۾ هن شاهوڪاريءَ ۽ ترقي واري دور ۾ اهڙو اداڪار ڪير ٿي سگهندو؟ آهي، جي اعليٰ زندگي جا شوقين آهن سي هن جي ڳوٺاڻي جي رهڻي ڪھڻي جي سادگي کان ڌڪار سان منھن موڙيندا، اهي جي گارگند کي غلطيءَ وچان چرچو ڪري تصور ڪن ٿا، سي سندس بي ضرر گفتگو ۾ ظرافت نہ ڳولي سگهندا ۽ اهي جن کي مذهب تي ٺٺولي ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، سي هڪ اهڙي ماڻھوءَ تي کلندا، جنھن جي تسلي جا خاص سامان مستقبل مان ئي مھيا ڪيا وڃن ٿا.

Title Cover of book پرديسي پادري

باب ڏهون: وڏي درجي وارن ماڻھن سان ڪلھي رس ٿيڻ جي ڪوشش

مون کي هاڻي ڏسڻ ۾ آيو تہ منھنجا پرهيزگاريءَ سادگيءَ ۽ قناعت بابت سمورا ڊگها ۽ پر تڪليف خطبا پوريءَ طرح نظر انداز ڪيا ويا هئا. پاڻ کان وڏي درجي وارن جيڪي مرتبا تازو اسان کي ڏنا هئا، انھن اسان جي دلين ۾ اها وڏائي جاڳائي، جنھن کي مون دٻائي ڇڏيو، مگر موقوف نہ ڪري ڇڏيو هو. اسان جو دريون وري بہ اڳيئين وانگر ڳچيءَ ۽ منھن جي صفا ڪرڻ وارن ڌوپَن سان ڀريل هيون، ٻاهر سج کي چمڙيءَ جو دشمن سمجهي ان جو خوف ڪيو ٿي ويو ۽ اندر وري باھہ کي شڪل جو خراب ڪندڙ تصور ڪيو ٿي ويو، منھنجيءَ زال چيو تھ، تمام سوير جاڳڻ سندس ڌيئرن جي اکين کي تڪليف پھچائيندو ۽ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ڪم ڪرڻ سندن نڪن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو. هن مون کي خاطري ڏياري ٿي تہ هٿن جي اڇائي فقط تڏهن قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن ڪو بہ ڪم ڪيو نٿو وڃي، انھيءَ ڪري ”جارج“ جي قميصن کي سبي پوري ڪرڻ بدران، هاڻي منھنجون ڌيئرون اڳين ريشمي ڪپڙن کي نئين نموني ۾ تبديل ڪري رهيون هيون، يا لباس جي وڌيڪ سوڀيا لاءِ ٿلھن ڪپڙن تي ڀرت ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون. هنن پنھنجين اڳين دل گهرندڙ سھيلين ”فلمبرو“ جي ڪيڪن کي معمولي واقفڪارن وانگر نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ سندن سموري گفتگو اميراڻي زندگيءَ، مٿانيھن درجي واريءَ صحبت، مورتن، مذق، ”شيڪسپيئر“ ۽ سازيندڙ گلاسن بابت ٿيڻ لڳي.
اسين اهو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري سگهون ها، جيڪڏهن هڪ اڳ ڪٿي ڪندڙ خانہ بدوش عورت کين بلند پروازيءَ تي پھچائڻ لاءِ اتي نہ اچي ها، اڃا اها ڪاري رنگ واري جوڳياڻي آئي ئي مس تہ منھنجون ڇوڪريون ڊوڙنديون مون وٽ آيون، ۽ کيس نذراني ڏيڻ لاءِ مون کان هڪ شلنگ طلب ڪيائون، حق جي ڳالھہ اها آهي تہ آءٌ هميشہ لاءِ سياڻي ٿيڻ کان بيزار هوس ۽ سندن عرض قبول ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍائي نہ سگهيس، ڇا ڪاڻ تہ مون کين خوش ڏسڻ چاهيو ٿي، مون هر هڪ کي هڪ شلنگ ڏنو، اهو ٻڌائڻ بہ غير ضروري نہ ٿيندو تہ خاندان جي مرتبي بر قرار رکڻ لاءِ هو ڪڏهن بہ پئسي کانسواءِ ٻاهر نہ وينديون هيون، جڏهن بہ اهي ٻاهر نڪرنديون هيون، تڏهن منھنجي زال هميشہ هر هڪ کي کيسي ۾ وجهڻ لاءِ هڪ گني ڏيندي هئي ۽ کين سخت هدايت ڪندي هئي، تہ هو ان کي ڪنھن بہ حالت ۾ نہ مٽائين، منھنجين ڌيئرن ان عورت سان ڪجهہ وقت خلاصو ٿي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ۽ سندن موٽڻ تي مون معلوم ڪيو تہ کين ڪنھن وڏي مرتبي جو دلاسو ڏنو ويو هو( مون کين چيو) ”ڇا، اوهان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيون؟“ ”لوي“ ان نصيب ٻڌائيندڙ تو کي پينيءَ جي قيمت جيترو ڪي ڏنو؟“ ”بابا، جيڪي هن چيو ان جي آءٌ مخالفت ٿي ڪريان،“ ڇوڪري چيو، ”مون کي يقين آهي تہ اها ڳالھہ ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان تعلق رکي ٿي، ڇا ڪاڻ تہ هن چٽيءَ طرح پڌرو ڪيو تہ آءٌ ٻارنھن مھينن کان اڳ ڪنھن زميندار سان شادي ڪنديس،“ مون چيو، ”چڱو، ”صوفي“ منھنجا ٻچا هاڻي ٻڌاءِ تہ توکي ڪھڙي مڙس جو دلاسو مليو آهي؟“ هن جواب ڏنو. ”بابا“ ”لوي“ جي زميندار سان شاديءَ ٿيڻ کان جلدي پوءِ منھنجي شادي هڪ امير سان ٿيڻي آهي، مون چيو، ”ڇا! اهوئي سڀ ڪجهہ آهي، جو اوهان کي ٻن شلنگن عيوض ملڻو ٿيو آهي! ٻن شلنگن ۾ صرف هڪ امير ۽ هڪ زميندا! بي وقوف ڇوڪريون آءٌ اوهان کي اڌ پئسن ۾ هڪ شھزادو ۽ هڪ نواب ڏيئي سگهان ها.“
منھنجي ڌيئرن جو اهو انتظام تمام نازڪ نتيجن جو سبب بنيو، اسان هاڻي سمجهڻ لڳاسون تہ نصيب جي ستارن اسان کي ڪنھن اعليٰ درجي لاءِ تجويز ڪيو هو، ۽ پنھنجي مستقبل جي اقتدار جي اڳواٽ ئي اميد رکڻ لڳاسون. اهو هزارين دفعا چيو ويو آهي ۽ آئون ضرور هڪ دفعو وڌيڪ چوندس تہ اهي ساعتون جي اسين خوشيءَ وارين اميدن کي نظر ۾ رکي گذاريون ٿا، سي انھن کان وڌيڪ خوشيءَ واريون آهن، جي ڪاميابيءَ سان نتيجه خيز آهن. پھرينءَ حالت ۾ اسان پنھنجي خوراڪ پنھنجي اشتياق موافق پچايون ٿا، ٻيءَ ۾ قدرت اها اسان جي لاءِ تيار ڪري ٿي، اهو دلنواز خيالن جو سلسلو جو اسان پنھنجي وندر لاءِ بنايو آهي، ان کي وري دهرائڻ ناممڪن آهي.اسان پنھنجي نصيب کي وري بہ هڪ دفعو چڙهندڙ سمجهيو ۽ جيئن تہ سڄي ديول جي پسگردائيءِ وارن ماڻھن جو چوڻ هو تہ زميندار منھنجي ڌيءُ جو عاشق آهي، تنھن ڪري هوءَ پڻ سچ پچ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي، ڇا ڪاڻ تہ انھن ما ڻھن جي ڳالھين کيس شوق ۾ ترغيب ڏني هئي، هن خوشگوار وقت ۾ منھنجي زال نھايت بخت خواب ڏسندي هئي، جو هوءَ اسان کي صبح جو تمام گهڻي خبرداريءَ، سنجيدگيءَ ۽ درستگي سان ٻڌائيندي هئي، هن هڪ خواب ۾ لاشي واري پيتي ۽ صليب جا هڏا ايندڙ شاديءَ جي نشاني طور ڏٺا، ٻئي وقت تي هن پنھنجي ڌيئرن جا کيسا پئسن سان ڀريل ڏٺا، جا سندن جلدي سون سان مالا مال ٿيڻ لڳا. هنن شمع ۾ گول ڇلا، باھہ مان ٽپا ڏيندڙ ٻٽئون ۽ هر هڪ چانھن جي ڪوپ ۾ سچيون محبت جون ڳنڍيون پيل ڏٺيون ٿي.
هفتي جي آخر جي ويجھڙائيءَ ۾ اسان کي شھري عورتن وٽان هڪ چٺي پھتي. جنھن ۾ پنھنجي دعائن ان گڏ هنن ايندڙ آچر تي اسان جي سڄي ڪٽنب کي ديول ۾ ڏسڻ جي اميد ڪئي هئي، ان جي نتيجي ۾ مون ڏٺو تہ سڄو ڇنڇر جو ڏينھن منھنجيءَ زال ۽ ڌيئرن هڪ ٻئي سان تمام رازدارنہ صلاحون پئي ڪيون، ۽ هر وقت مون ڏانھن اهڙين نگاهن سان پئي نھاريائون جن ڄڻ تہ سندن ڳجهي منصوبي بابت چغليون پئي هنيون، حقيقت اها آهي تہ مون کي پڻ شڪ هو تہ ايندڙ ڏينھن تي شان سان ڏسڻ ۾ اچڻ جي تياريء لاءِ ڪا بيھودي تجويز تيارپئي ڪئي ويئي، شام جو هنن پنھنجو ڪم باقاعده ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ منھنجي زال مون کي وڪوڙڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، چانھه کان پوءِ جڏهن منھنجو رخ چڱو ڏٺائين، تڏهن هن هيٺينءَ طرح شرروعات ڪئي، ”منھنجا پيرا چارلس! آءٌ ڀانئيان ٿي تہ سڀاڻي ديول ۾ پاڻ سان گڏ هڪ وڏي جماعت هوندي“، مون جواب ڏنو، ” شايد هجي پر منھنجي پياري توهان کي ان لاءِ ڪو بہ انتظار نہ هئڻ گهرجي، اتي وڏي جماعت هجي يا نھ، مگر اوهان کي ديني نصيحت اتي ملندي،“ هن جواب ڏنو، ”اها ئي ڳالھہ آهي، جنھن جي مون کي اميد آهي، مگر منھنجا پيارا، اسان کي گهرجي تہ جيترو مڪن ٿي سگهي، اوترو فضيلت سان اتي هلون، ڇا ڪاڻ تہ ايندڙ وقت جي ڪنھن کي ٿي خبر پوي؟“ مون جواب ڏنو، ”تنھنجا انديشا سچ پچ تہ نھايت قابل تعريف آهن. فضيلت واري هلت ۽ ديول ۾ حاضري ئي آهن، جي مون کي خوش ڪن ٿيون، اسان کي ديندار، حليم خوش مزاج ۽ بردبار ٿيڻ گهرجي.“ هن واڪو ڪري چيو، ” ها اها مون کي بہ خبر آهي، مگر منھنجو مطلب آهي، تہ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، اوتري قدر ڪنھن مناسب طريقي ۾ اتي هلون، ۽ پنھنجي پسگردائيءَ وارن نيچ ماڻھن جھڙا ڏسڻ ۾ نہ اچون“ مون وراڻي ڏني، ” منھنجي پياري، تون انھيءَ ۾ صحيح آهين ۽ آءٌ پڻ ساڳئيءَ تجويز ڏيڻ تي هوس، هلڻ جو صحيح طريقو اهو آهي تہ جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سوير اتي پھچجي، ۽ عبادت شروع ٿيڻ کان اڳ ڪجهہ وقت مراقبي ۾ هلي ويھجي،“ هن وچ ۾ چيو، ” او چارلس“! اوهان جو چوڻ بلڪل درست آهي، پر ان جي اها معنيَ نہ آهي، جيڪا منھنجي خواهش آهي، منھنجو مطلب آهي تہ اسان اتي مھذب نموني ۾ هلون، توهان کي خبر آهي تہ دول ٻہ ميل پري آهي، ۽ آءٌ احتجاجن چوان ٿي، تہ آءٌ پنھنجي ڌيئرن کي ائين ڏسڻ نٿي چاهيان، تہ اهي ديول ڏانھن پيرين پنڌ گهلجنديون هلن ۽ پنڌ ڪرڻ سبب خراب نموني ۾ ملبوس ٿيل ۽ پگهر ۾ شل هجن ۽ سڀني ماڻھن جي اڳيان ائين ڏسڻ ۾ اچن جو ڄڻ تہ اهي زناني ڪڙتي واريون شرط کٽندڙ آهن. هاڻي منھنجي تجويز هيءَ آهي تہ ،اسان کي هر کيڙڻ جا ٻہ گهوڙا آهن، هڪ ٻھاڻ جو اسان جي ڪٽنب ۾ نو سال رهيو آهي، ۽ ٻيو ان جو ساٿي ”بلئڪ بيري“[1] جنھن گذريل مھيني ۾ ورلي ڪو ڪم ڪيو آهي، اهي ٻئي ٿلھا ۽ سست ٿي پيا آهن، اهي بہ ڇو نہ اسان وانگر ڪو نہ ڪو ڪم ڪن؟ آءٌ اوهان کي يقين سان ٻڌايان ٿي تہ جڏهن ”موزز“ کين ٿورو ئي سنواريندو، تڏهن اهي نھايت پسنديده ڏسڻ ۾ ايندا.“
جيئن تہ ”بلئڪ بيري“ اکين کان انڌو هو، ۽ ٻھاڻ کي پڇ ڪونہ هو، اهي ڪڏهن بہ لغام تي هريل ڪونہ هئا، مگر سوين گنديون عادتون هئن، ۽ اسان کي سڄي گهر ۾ فقط هڪ هنو ۽ هڪ ٽيڪ هئي، تنھن ڪري مون هن رٿ تي اعتراض ورتو تہ پيرن پنڌ ڪرڻ اهڙي خسيس مسافريءَ جي طريقي کان ويھه دفعا وڌيڪ تعظيم وارو ٿيندو، تنھن هوندي بہ منھنجا اهي سڀيئي اعتراض رد ٿي ويا، ۽ آءٌ سندس تجويز جي ادائگي لاءِ مجبور ٿي پيس، ايندڙ صبح جو کين اهڙين شين گڏ ڪرڻ ۾ گهڻو مشغول ڏٺو، جي مسافريءَ لاءَ ضروري ٿي سگهيون ٿي، مون ڏٺو تہ اهو ڌنڌو گهڻو وقت وٺندو، تنھن ڪري آءٌ اڳ ديول ڏانھن روانو ٿيس ۽ هنن جلد پويان اچڻ جو واعدو ڪيو، آءٌ سندن آمد لاءِ تقريباً هڪ ڪلاڪ مطالعي جي بينچ تي ترسيس، پر جيئن اميد هئي، تيئن انھن کي ايندو نہ ڏسي، آئون (عبادت جي) شروع ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ کين غير حاضر ڏسڻ گهڻيءَ تڪليف سان عبادت جو ڪم هلايم، تڪليف وڌيڪ وڌي، جڏهن سارو (ڪم) ختم ٿيو ۽ منھنجو ڪٽنب ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو، آءٌ تنھن ڪري گهوڙن واري رستي تان پوئتي موٽيس، اهو رستو ڦيري تي پنج ميل ڊگهو هو، جيتوڻيڪ پيادل پنڌ فقط ٻہ ميل هو، جڏهن گهر کي اٽڪل اڌ پنڌ ويجهو ٿيس، تڏهن مون سڄي سرگس آهستگيءَ سان ديول ڏانھن ايندي ڏٺي. منھنجو پٽ، منھنجي زال ۽ ٻہ ننڍڙا هڪ گهوڙي تي سوار هئا ۽ منھنجون ٻہ ڌيئرون ٻئي تي سوار هيون، مون هنن کان دير جو سبب پڇيو، مگر سندن نگاهن مان سھي ڪيم تہ رستي تي ساڻن هزارين بد بختيون سامھون ٿيون هونديون، گهوڙن پھريائين در کان اڳتي هلڻ کان نابري واري، مگر ”مسٽر برچل“ پنھنجي لڪڻ سان کين ڌڪ هڻي، اڳتي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ وري منھنجي زال جي ٽيڪ جا تنگ ٽٽي پيا ۽ اڳتي هلڻ کان اڳ مــرمــت ڪرڻ واسطي هو اتي ترسڻ لاءِ مجبور ٿي پيا، ان کانپوءِ گـهـوڙن مان هڪڙي جي مغز ۾ هڪ هنڌ بيھڻ جي خرابي اچي پيدا ٿي ۽ نڪي ڌڪ، نہ ڪي ٻيون ڪوششون کيس اڳتي و‎ڌڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيون، جڏهن مون گهوڙي کي ڏٺو، تڏهن ان مس پنھنجي انھيءَ نا اميديءَ جھڙي حالت مان نجات حاصل ڪئي هئي، پر سڀني کي سلامت ڏسي آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ سندن موجودہ افسردگيءَ مون کي ڪجهہ بہ ناخوش نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو خيال هو تہ سندن افسردگيءَ مون کي مستقبل جي گهڻن ئي ڪاميابين جا وجهہ ڏيندي ۽ منھنجي ڌيئرن کي وڌيڪ تواضع سيکاريندي.

_________
[1] بلئڪ بيري: هيءَ ڊاڪٽر پر مروز جي هڪ گهوڙي جو نالو آهي.