باب ٽيون: هجرت
جيئن تہ اڳواٽ آٿت صرف غم جي يادگيري ڏياريندڙ آهي، انھيءَ ڪري ٻن هفتن گذرڻ تائين مون سندسن رنج روڪڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، انھي عرصي ۾ منھنجا خيال سندسن پرورش ڪرڻ لاءِ ڪن، مستقبل جي ذريعن سوچڻ ۾ مصروف هئا ۽ آخر ساليانو 15 پائونڊن جي قليل وظيفي سان مون کي نائب پادريءَ جي جڳھہ پر انھينءَ پسگردائيءَ ۾ آڇي ويئي، جتي آءٌ اڃا تائين پنھنجا اصول ڪنھن بہ اهنج کانسواءِ برقرار رکي ٿي سگهيس، هڪڙي ننڍڙي ٻني جي بندوبست دوران پنھنجي ڪمائي وڌائڻ جي ارادي سان مون اها رٿ خوشي سان قبول ڪئي.
انھي تجويز کي قبول ڪرڻ بعد منھنجو ٻيو فڪر پنھنجي دولت جي باقي ڀڳ ٽوٽ کي گڏ ڪرڻ ڏانھن هو ۽ سڀني قرضن گڏ ڪرڻ ۽ ادا ڪرڻ بعد اسان وٽ چوڏهن هزار پائونڊن مان باقي صرف چار سئو بچيل هئا، تنھن ڪري هاڻي منھنجو خاص ڌيان پنھنجي ڪٽنب جي وڏائيءَ کي سندن حالتن مطابق هيٺ آڻڻ جو هو، ڇا ڪاڻ تہ مون کي چڱيءَ پر پروڙ هئي، تہ خواهشات جو وڌائڻ بجاءِ خود هڪ عذاب آهي، مون چيو، ” منھنجا ٻچا“ اوهان ان ڳالھہ کان بي خبر ٿي نٿا سگهو، تہ اسان جي ڪا بہ سياڻپ اسان جي گذريل بدبختيءَ کي روڪي نہ سگهي ها، مگر ان جي اثرن کي بيڪار بڻائڻ ۾ سياڻپ شايد گهڻو ئي ڪي ڪري، پاڻ هاڻي مسڪين آهيون، منھنجيون خواهشيون ۽ سياڻپ اسان کي پنھنجيءَ هيڻيءَ حالت سان موافقت پيدا ڪرڻ جو آمر ڪن ٿيون. پوءِ اچو تہ سواءِ ڪنھن چون و چرا جي انھن عياشين کي ڇڏي ڏيون، جن جي اختيار ڪرڻ ڪري ڪيترا ماڻھو ذليل ٿي پيا آهن ۽ انڪساريءَ وارين حالتن ۾ اهو آرام ڳوليون،جنھن سان سڀئي خوش ٿيون، غريب اسان جي مدد کان سواءِ گذارين ٿا، پوءِ ڇو نہ اسان کي پڻ انھن جي مدد کانسواءِ زندگي گذارڻ جو سبق سکڻ گهرجي؟ منھنجا ٻچا اچو تہ هن ساعت کان وٺي پنھنجا فرضي حق ڇڏي ڏيون، جيڪڏهن اسين سياڻا آهيون تہ اڃا تائين اسان وٽ خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي بقايا ڇڏيل آهن ۽ اچو تہ نصيب جي اوڻاين کان راضي رهڻ لاءِ ڪمر ڪشيون.“
منھنجو وڏو پٽ هڪ تربيت ورتل تعليم يافتہ هو، تنھن ڪري مون کيس شھر ڏانھن موڪلڻ جو ارادو ڪيو، تہ جيئن اتي سندن لياقتون اسان جي ۽ سندس پٺڀرائي ڪن. دوستن ۽ ڪٽنب جي جدائي شايد تمام الم انگيز ڪيفيتن مان هڪ آهي، جا مفلسيءَ جي خدمتگار آهي، اهو ڏينھن جلد آيو، جنھن تي اسان کي پھريون دفعو ڌار ٿيڻو پيو. منھنجو پٽ پڻ پنھنجي ماءُ ۽ ٻين جي گهر جي ڀاتين کان موڪلائڻ بعد مون وٽ دعا لاءِ آيو، جنھن پنھنجين مٺين سان پنھنجا لڙڪ بہ ملايا هئا، مون کيس دلي طرح دعا ڪئي، جا پنجن گينين سميت اباڻي ميراث هئي، جيڪا ان وقت آءٌ مٿس عنايت ڪري ٿي سگهيس، مون چيو ”منھنجا ٻچا تون پنھنجي وڏي ڏاڏي ”هوڪر“ وانگر پيرين پنڌ لنڊن ڏانھن وڃين ٿو، مون کان اهو ساڳيو گهوڙو جو کيس نيڪ پادريءَ ”جويل “ ڏنو هو، ۽ هيءَ لٺ وٺ، ۽ هيءُ ڪتاب پڻ وٺ، جو تنھنجي لاءِ رستي تي تسلي بخش ثابت ٿيندو، هن جون هي ٻہ سٽون ڏهن هزارن سٽن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن، ”آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو آهيان، تڏهن بہ مون ڪڏهن بہ حق تي هلندڙ ماڻھوءَ کي وساريل يا سندس اولاد کي پنھنجي پيٽ پالڻ لاءِ پنندڙ ڪو نہ ڏٺو، جيئن تون مسافري ڪندو رهين تيئن ڀلي هيءَ تنھنجي لاءِ دلداري ٿئي، منھنجا پٽ وڃ ۽ تنھنجو نصيب ڪھڙو بہ ٿئي، تڏهن بہ ائين ڪج جيئن آءٌ تو کي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڏسان، انھي هوندي بہ دل وڏي ڪر، شال خدا تنھجو نگهبان ٿئي“ هو وڏي درجي ۽ عزت جو طالب هو، تنھن ڪري زندگيءَ جي هن کيل ۾ کيس بي سرو سامان موڪلڻ ۾ مون کي ڪو بہ خطرو ڪو نہ ٿيو. مون کي معلوم هو تہ هو ڪامياب ٿئي يا ناڪام، پر هو پنھنجو پارٽ تمام سٺو ادا ڪندو.
هن جي روانگيءَ اسان لاءِ پڻ اهو ئي جدائيءَ جو رستو تيار ڪيو، جنھن جو وقت ان کان ٿورا ڏينھن پوءَ آيو، اهو پاڙو جنھن ۾ اسان ڪيتريون ئي ساعتون آرام ۽ سک سان گذاريون هيون، ان کي ڳوڙهن ڳاڙڻ کان سواءِ ڇڏي ڪين سگهياسون، ان سان گڏ اهو ڪٽنب جنھن ڪڏهن بہ پنھنجي گهر کان ڏھہ ميل پري مسافري نہ ڪئي هئي، ان لاءِ ستر ميلن جي مسافري واقعي صبر آزما هئي، ۽ اهي غريب جي ڪجهہ ميل اسان جي پويان آيا، تہ جي آهن ۽ دانھن پڻ غم وڌائڻ ۾ حصو ورتو، پھرئين ڏينھن جي مسافريءَ اسان کي سلامتيءَ سان اسان جي مستقبل واري پناھہ گاھہ کان ٽيھن ميلن جي مفاصلي تائين پھچايو، اسان اها رات هڪ رستي جي ڀرتي هڪ ڳوٺ جي گمنام مھمان سراءِ ۾ گذاري، جڏهن اسان کي ڪوٺي ڏيکاري ويئي، تڏهن مون پنھنجي دستور موجب مڪان جي مالڪ جي ڪچھريءَ جي طلب ڪئي، جا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ جيڪي بہ هن پيتو ٿي، ان ٻئي صبح جو اسان جو بل وڌايو ٿي، هن کي ان سڄيءَ پسگردائيءَ جي خبر هئي، جنھن ڏانھن آءٌ لڏي پئي ويس ۽ خاص طرح زميندار ”تارنھل“ کي سڃاڻندو هو، جو منھنجو زميندار ٿيڻو هو ۽ ان جاءِ کان ٿورن ميلن جي مفاصلي تي رهندو هو، هن ٻڌايو تہ اهو سکر ماڻھو خاص طرح صنف نازڪ سان ناتي رکڻ ۾ مشھور هئڻ سبب دنيوي خوشين کان وڌيڪ ٻي ڪنھن بہ قسم جي دنيوي ڄاڻ جي خواهش نہ رکندو آهي. هن چيو تہ ڪو بہ اخلاق سندس هنرن ۽ اورچائيءَ کي روڪي نٿو سگهي ۽ ڏهن ميلن جي گهيري ۾ ورلي ڪا هاريءَ جي ڌيءَ هوندي، جنھن کيس سواءِ ڪامياب ٿيڻ ۽ بي وفا هئڻ جي ڏٺو هوندو، جيتوڻيڪ هن احوال مون کي ڏک پھچايو، مگر منھجي ڌيئرن تي ان جو تمام مختلف اثر پيو، سندن چھرا قريب ڪاميابيءَ جي اميد ۾ روشن ٿيندا پئي ڏٺا ويا، منھنجي زال پڻ ڪا گهٽ خوش ڪين ٿي ۽ کيس سندن ڪشش ۽ اخلاق تي يقين هو، جڏهن اسان جا خيال انھي طور مشغول هئا، تڏهن ميزبانڻ ڪوٺي ۾ پنھنجي مڙس کي اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي تہ اهو اجنبي سکر ماڻھو جو سندس گهر ۾ ٻہ ڏينھن رهيو هو، تنھن وٽ پئسا ڪو نہ هئا ۽ کين سندس ليکي سان مطمئن ڪري نٿي سگهيو، ”پئسا ڪو نہ اٿس؟“ ميزبان وراڻيو”اهو ضرور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ اڃا ڪالھو ڪي ڳالھہ آهي تہ هڪ ٻڍي زخمي ٿيل سولجر کي، جنھن کي ڪتي جي چوريءَ ۾ شھر جي وچان ڦٽڪا لڳڻا هئا، بچائڻ لاءِ هن اسان جي سزا ڏيندڙ چپڙاسيءَ کي ٽي گينيون ڏنيون.“ ان هوندي بہ جيئن تہ ميزباڻن پنھجيءَ ڳالھہ تي اڃا بہ زور رکڻ لڳي، تنھن ڪري هن قسم کنيو تہ هو ڪنھن بہ طريقي مطمئن ٿيندو ۽ ڪوٺي ڇڏڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، مون کيس عرض ڪيو تہ ، منھنجو تعارف مذڪورہ سخي ماڻھوءَ سان ڪرايو وڃي، هن مون کي اهو سکر ماڻھو ڏيکاريو، ۽ منھنجي عرض جي ادائگي ڪئي، هو اٽڪل ٽيھن ورهين جو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ انھن ڪپڙن ۾ ملبوس هو، جن تي ڪنھن وقت زري لڳل هئي، سندس بدن جي بناوت سٺي هئي ۽ سندس چھري تي ويچار جا سر هئا، هٿن جي ڳالھائڻ ۾ ڪجهہ ڪمي ۽ کهراڻ هئي ۽ آداب مجلس جي پابنديءَ جو ڄاڻو يا نفرت ڪندڙ ڪو نہ هو، جاءِ جي مالڪ جي ڪوٺيءَ ڇڏڻ بعد آءٌ هڪ معزز ماڻھو کي اهڙين حالتن ۾ ڏسي، ان اجنبيءَ سان پنھنجي ڪاروبار کي بيان ڪرڻ کان روڪي ڪو نہ سگهيس، ۽ ان وقت جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس پنھنجو ٻٽون آڇيم، هن جواب ڏنو تہ ”سائين آءٌ دل و جان سان وٺان ٿو ۽ مون کي خوشي آهي، جو مون جيڪا پنھنجن پئسن ڏيڻ ۾ نظر چوڪ ڪئي آهي، تنھن مون کي ڏيکاريو آهي ، تہ اڃا تائين ڪي ماڻھو توهان جھڙا آهن ، تنھن هوندي بہ آءٌ ضرور التجا ڪندس تہ مون کي منھنجي محسن جو نالو ۽ رهڻ جي جاءِ معلوم ڪرائي وڃي، جيئن جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد کيس اهي واپس ڪيا وڃن.“
اهڙي طرح مون کيس نہ فقط پنھنجي نالي ۽ گذريل بدبختين پر پنھنجي مقصود جڳھہ بہ ٻڌائڻ سان پوريءَ طرح مطمئن ڪيو، ”هي“ هن دانھن ڪري چيو”منھنجي اميد کان وڌيڪ نيڪ شگون آهي جو مان پڻ ساڳئي رستي تان هلڻو آهيان ۽ هت اٿل سبب ترسيو پيو هوس، جا اميد تہ سڀاڻي تائين لنگهڻ جي قابل ٿي ويندي“ سندس رفاقت ۾ مون کي جيڪا خوشي ٿيڻ کپيندي هئي، ساظاهر هئي ۽ منھنجي التجا ۾ منھنجيءَ زال ۽ ڌيئرن جي شامل ٿيڻ سبب هو رات جي مانيءَ لاءِ ترسڻ تي مجبور ٿي پيو، ان اجنبيءَ جي گفتگو جا ساڳئي وقت وڻندڙ ۽ نصيحت آميز هئي، تنھن مون کي ان جي جاري رکڻ جي تمنا ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو پر هاڻي آرام ڪرڻ ۽ ايندڙ ڏينھن جي ٿڪ خلاف تفريح وٺڻ جو ٺيڪ وقت هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو اسين سڀ اڳتي روانا ٿيا سون، منھنجو ڪٽنب گهوڙن تي سوار هو، ”مسٽر برچل“ اسان جو نئون ساٿي رستي جي پاسي کان فوٽ پاٿ تان پئي هليو ۽ مشڪ سان چوندو پئي هليو تہ اوهين خراب نموني سوار ٿيل آهيو، آءٌ اهڙو تہ مھربان ٿيندس جو اوهان کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش تہ ڪندس، جيئن تہ اڃا اٿل ماٺي ڪانہ ٿي هئي تنھن ڪري اسان کي هڪ بورائو“ روز تي رکڻو پيو، جو اڳيان ڊگ پئي هليو، مسٽر برچل ۽ آءٌ سڀني جي پويان پئي آياسون، اسان رستي جي ٿڪ کي فلسفيانہ بحثن سان هلڪو پئي ڪليو، جي ڏسڻ ۾ ٿي آيو تہ هو پوري طرح سمجهي سگهيو ٿي، مگر جنھن ڳالھہ مون کي گهڻي ۾ گهڻو عجب ۾ وڌو سا اها هئي تہ جيتوڻيڪ هو پئسا اڌارا وٺندڙ هو تڏهين بہ پنھجي راءِ کي ايتري گهڻي ضد ۽ هوڏ سان ٿي بچايائين، جو جهڻ تہ هو منھجو مربي هو، جيئن اسان رستو وٺيو پئي وياسون، تيئن هو وقت بہ وقت مون کان آگاھہ ڪندو پئي هيلو تہ اهي جدا جدا جايون اسان جي اڳيان نظر ۾ آيون ٿي سي ڪنھن جن هيون، هن ڪجهہ مفاصلي تي بيٺل تمام عاليشان گهر ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”هي هڪ نوجوان سکر ماڻھوءِ ”مسٽر ٿارنھل“ جو گهر آهي، جو هڪ وڏي دولت جو مالڪ آهي، ليڪن مڪمل طرح پنھنجي ان چاچي جي مدار رکي ٿو، جو پاڻ گهڻو ڪري شھر ۾ گذاري ٿو، ۽ ٿوري تي راضي رهي، باقي سمورو ڌن پنھنجي ڀائٽي جي حوالي ڪري ٿو، تہ ڀلي هو ان مان لطف حاصل ڪري“ مون چيو، ”ڇا! منھنجو نوجوان زميندار تڏهن ان ماڻھوءَ جو ڀائٽيو آهي جنھن جا اخلاق، سخاوت ۽ خاص گڻ ساري علائقي ۾ مشھور آهن؟ مون ٻڌو آهي تہ ”سر وليم ٿارنھل“ سموريءَ حڪومت ۾ تمام سخي مگر پورالن ماڻھن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هڪ مڪمل فيض وارو ماڻھو آهي“ مسٽر برچل وراڻيو، ”شايد ڪم و بيش ائين ئي آهي. ڪم از ڪم جڏهن هو جوان هو، تڏنھن پنھنجي سخاوت کي تمام ڪثرت سان هلايائين، جيئن تہ ان وقت سندن سرگرميون تمام مضبوط هيون ۽ اهي سڀ اخلاق جي طرف هيون، انھي ڪري انھن هن جي سخاوت کي عجب جي حد تائين پھچايو، هن شروعات ۾ سولجر ۽ عالم جي سندن حاصل ڪرڻ کي پنھنجو مقصد بنايو، جلد لشڪر ۾ هڪ نامور سولجر ٿي پيو ۽ علم وارن ماڻھن ۾ ڪجهہ ناموس ٿيس. چاپلوسي هميشہ لالچي ماڻھوءَ جي پٽ وٺندي آهي، ڇا ڪاڻ تہ صرف اهڙي ماڻھوءَ کي خوشامد مان خوشي حاصل ٿئي ٿي. هيءَ انھن ماڻھن جي ميڙن سان گهيريل هو، جي کيس پنھنجي هلت جو صرف هڪ پاسو ڏيکاريندڙ هئا، انھي ڪري هن عالم گير همدرديءَ ۾ پنھنجي خانگي دلچسپيءَ جو لحاظ وڃائڻ شروع ڪيو، هن سڄيءَ انسانذات کي پيار ڪيو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ دولت کيس ان ڄاڻڻ کان روڪيو ٿي تہ اهي اٺوري هئا، حڪيم اسان کي بدن جي هڪ بي اعتداليءَ بابت ٻڌائيندا آهن، جنھن ۾ سڄو بدن ايترو تہ حد درجي جو حساس ٿيندو آهي، جو تمام ٿورو ڇهڻ پڻ ايذاءُ ڏيندو آهي.
اهڙيءَ طرح جيڪي ڪن ماڻھن جسماني طرح سٺو ٿي، ان کي هن معزز انسان پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو ٿي، تمام ٿوري ۾ ٿوري پريشانيءَ پوءِ اها سچي هئي يا ڪوڙي، مگر ان سندس دل تي تمام تڪڙو اثر ڪيو ٿي ۽ هن جي روح ٻين ماڻھن جي اهنجن جي ناساز احساس هيٺ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو ٿي. اهڙيءَ طرح دستگيري ڪرڻ ڏانھن راغب هئڻ سبب سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، تہ هن ماڻھن جو ڪيترو اندازو ڏٺو هوندو، جي منٿ ڪرڻ ڏي مائل هئا، هن جي فضول خرچيءَ سندس دولت کي ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيو، پر نہ سندس نيڪ فطرت کي اها سچ پچ تہ وڌندي ويجهندي ڏٺي ويئي، جيئن هو غريب ٿيندو ٿي ويو، تيئن بي احتياط پڻ ٿيندو ٿي ويو ۽ جيتوڻيڪ هن هڪ سمجهيو ماڻھو وانگر ڳالھايو ٿي، مگر سندس ڪم بي عقلن وارا هئا، تنھن هوندي بہ اڃا تائين تقاضا ڪندڙن سان وڪوڙيل هو ۽ جيڪو عرض کيس ڪيو ٿي ويو، ان هر هڪ کي جيئن تہ وڌيڪ وقت لاءِ پورو رڪري نٿي سگهيو، تنھن ڪري پئسن بدران انجام ٿي ڏنائين اهي ئي سڀ ڪجهہ هئا، جي هي ٻين تي عنايت ڪري سگهيو ٿي ۽ کيس ڪنھن بہ ماڻھوءِ کي انڪار سان ڏک ڏيڻ جو ڪافي پڪو ارادو نہ هو، ان نموني هن پنھنجي چوڌاري انھن محتاجن جا ميڙ ڪٺا ڪيا، جن کي اميد ڪرڻ جي جيتوڻيڪ کيس خاطري هئي تہ بہ سندن دستگيري ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪيائين، اهي ڪجهہ وقت لاءِ سندس پويان لڳندا رهندا هئا، پر نيٺ مناسب عتابن ۽ حقارت سان کيس ڇڏي ويندا هئا، پر نسبتا جيئن هي ماڻھن ۾ حقارت جي قابل ٿيو، تيئن پاڻ مرادو بہ ڏاڍو ڌڪار جوڳو ٿي پيو، سندس دل انھن ماڻھن جي چاپلوسيءَ تي مدار رکيو هو ۽ ان چاپلوسيءَ جي پٺ ڀرائي نڪري وڃڻ سبب، هي پنھنجي دل جي ان تحسين مان، جنھن جو هيءُ ڪڏهن بہ احترام ڪرڻ نہ سکيو هو، خوشي حاصل ڪري نہ سگهيو، دنيا هاڻ نئون ڏيک وٺڻ شروع ڪيو، سندس دوستن جي چاپلوسي سادگي پسندي ۾ گهٽجڻ لڳي، پسندي هاڻي مشوري جو وڌيڪ دوستانہ روپ ورتو ۽ جڏهن مشورو نامنظور ڪيو ويو، تڏهن ان عتاب پيدا ڪيو، هن هاڻي ڏٺو هت اهي دوست جي فائدن لاءِ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا، سي عزت لائق نہ هئا، هن ”هاڻي اهو پڻ محسوس ڪيو تہ ٻئي جي دل وٺڻ لاءِ هميشہ پنھنجي دل ڏيڻ گهرجي، هن سوچيو آءٌ هاڻي ڏسان ٿو تھ. جيڪو آءٌ رهيو هوس، سو وساري رهيو آهيان“
المختصر سائين، هن پاڻ کي تعظيم ڏيڻ جو قصد ڪيو ۽ پنھنجي ڪرندڙ نصيب کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ رٿ رٿي، هن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنھنجي وهمي طريقي سان ساري، ”يورپ“ جو پيرين پنڌ سفر ڪيو ۽ هن وقت جيتوڻيڪ ٽيھن ورهين جي عمر کي مس پھتو آهي، تہ بہ سندس حالتون هميشہ کان وڌيڪ عاقلانہ ۽ وچٿريون آهن، پر ان هوندي بہ هو هڪ خوش مزاج انسان آهي ۽ سودائيءَ طبعيت مان خوشي حاصل ڪري ٿو،
”مسٽر برچل“ جي احوال ۾ منھنجو ڌيان ايترو تہ محو ٿي ويو، جو جيئن هو اڳتي پئي هيلو تيئن مون ورلي ڪو اڳيان نھاريو، جيستائين اسين پنھنجي ڪٽنب جي واڪن تي خبردار ٿياسون، ان وقت مون پنھنجيءِ ننڍي ڌيءَ کي تيز وهندڙ نھر جي وچ ۾ گهوڙي تان ڪريل ۽ نھر سان ڪشمڪش ڪندڙ ڏٺو، هن ٻہ دفعا غوطو کاڌو، مگر اهو منھنجي وس ۾ نہ هو، جو آءٌ ان جي مدد ڪري سگهان، منھنجا حواس اهڙا تہ باختہ ٿي ويا جو آءٌ سندس دستگيريءَ لاءِ ڪابہ ڪوشش ڪري نہ سگهيس، يقين آهي تہ هوءَ ناس ٿي وڃي ها، جيڪڏهن منھنجو دوست هن کي خوف ۾ ڏسندي يڪدم سندس بچاءُ ۾ ٽپو نہ ڏئي ها ۽ ڪجهہ تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوءِ کيس سلامتي سان ٻئي ڪناري تي نہ آڻي ها، نھر سان گڏ ڪجهہ اڳتي وڌڻ سان ، باقي ڪٽنب سلامتي سان اڪري پار پيو، جتي اسان کي هن سان پنھنجي واقفيتن کي ملائڻ جو موقعو مليو، سندس احسانمندي بيان ڪرڻ کان وڌيڪ جلد تصور ڪري سگهجي ٿي، هن (منھنجي ڌيءَ) پنھنجي بچائيندڙ جو شڪريو لفظن کان وڌيڪ پنھنجي نگاهن سان ڪيو، سندس ٻانھن تي ليٽي رهي،ڄڻڪ کانئس مدد ملڻ جي اڃا تائين خواهش پئي رکيائين، منھنجي زال پڻ ڪنھن ڏينھن پنھنجي گهر ۾ هن جي احساس موٽائڻ جي خوشي حاصل ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪئي، اهڙيءَ طرح ڀرواري مھمان سراءِ ۾ تفريح وٺڻ لاءِ گڏجي طعام تناول ڪرڻ بعد ”مسٽر برچل“ اسان کان موڪلائي ويو، ڇا ڪاڻ تہ کيس ملڪ جي ٻئي حصي ڏانھن وڃڻو هو ۽ اسان پنھنجي مسافري اڳتي وڌائي، جيئن هو ويو، تئين منھنجيءَ زال چيو، ”آءٌ هن کي حد کان وڌيڪ پسند ڪريان ٿي ۽ دعويٰ سان چوان ٿي تہ جيڪڏهن هن جو نسل ۽ دولت اهڙا هجن جي کيس اسان جھڙي ڪٽنب مان شادي ڪرڻ جو حقدار بڻائين تہ پوءِ مون کي ٻيو ڪو بہ ماڻھو ڪو نہ ٿو سمجهي ، جنھن کي آءٌ ان ڪم لاءِ جلد ۾ جلد انتخاب ڪريان“ سندس اهڙي بلند مرتبي واري طريقي ۾ ڪيل گفتگو ٻڌڻ تي آءٌ مشڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪري نٿي سگهيس، مگر سندس اهڙن بي ضرور وهمن کان جي اسان کي گهڻو خوشي ڪرڻ ڏانھن مائل ٿين ٿا. ڪڏهن بہ ناراض نہ ٿيس.