باب ارڙهون: گم ٿيل ٻار لاءِ پيءُ جي ڳولا
آءٌ هاڻي اڳتي وڌيس، ۽ اٽڪل ٻن ڪلاڪن جي پنڌ ڪرڻ بعد مون پري کان هڪ بار گاڏيءَ جھڙي ڪا شيءِ ايندي ڏٺي، جنھن کي مون پھچڻ جو ارادو ڪيو، جڏهن آءٌ ان تائين پھتس، تڏهن ڏٺم تہ اها هڪ گهومو ناٽڪي ڪمپنيءَ جي گاڏي هئي، جا پردا ۽ ٻيو ناٽڪي فرنيچر ٻئي ڳوٺ ڏانھن کڻيو پئي ويئي، جتي کين ناٽڪ ڪرڻو هو، گاڏي سان صرف هڪ ڪمپني جو ماڻھو هو، جنھن ان کي هلايو پئي ۽ باقي اداڪار ٻئي ڏينھن تي اچڻا هئا، چوندا آهن تہ ڳالھين ڪندي پنڌ کٽي، تنھن ڪري آءٌ ان غريب اداڪار سان گفتگو ۾ شامل ٿي ويس ۽ جيئن تہ ڪنھن وقت مون ۾ پڻ ناٽڪي صلاحيتون موجود هيون، انھيءَ ڪري مون اهڙن مسئلن تي آزاديءَ سان گفتگو ڪئي، آءٌ هاڻوڪي اسٽيج جي حالت کان گهڻو ڪجهہ اڻ واقف هوس، تنھن ڪري مون هن کان پڇيو، ”هن وقت ڪھڙا ناٽڪ نويس عوام ۾ مقبول پيل آهن ۽ ڪير هن وقت جا ”ڊرائيڊن“[2] ۽ ”اوٽوي“[3] آهن؟ اداڪار چيو، ”سائين آءٌ ڀانئيان ٿو تہ، جن مصنفن بابت توهين بيان ڪريو ٿا، تن سان مشابھت رکڻ ۾ ڪو مشڪل جديد ناٽڪ نويس پاڻ کي عزت وارو سمجهندو. ”ڊرائيڊن“ ۽ ”روو“[4] جي لکڻ جو طريقو هن وقت اصل رواجہ۾ نہ آهي، اسان جو مذاق سڄي صدي پوئتي هليو ويو آهي. هن وقت صرف ”فليچر“[5] ۽ ” بين جانسن“[6] جون تصنيفون ۽ شيڪسپيئر جا جملي ناٽڪ ماڻھن کي پسند اچن ٿا“ مون چيو ”اهو ڪيئن ممڪن ٿيو آهي، جو موجودہ زمانو اوهان جي بيان ڪيل تفصيلن ۾ ڪم آيل اهڙي جهوني محاوري، اهڙي غير مروج خوش طبعي ۽ اهڙو گهڻو ڪم ڪندڙ اداڪارن کان مطمئن ٿي سگهي ٿو، منھنجي ساٿيءَ وراڻي ڏني، ”سائين خلق محاوري، خوش طبعي يا اداڪارن بنسبت ڪو بہ ويچار نٿي ڪري، ڇاڪاڻ تہ انھن ڳالھين سان سندن ڪو بہ واسطو نہ آهي هو صرف وندرڻ لاءِ ناٽڪ ڏسڻ وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن ”شيڪسپيئر“[7] يا ”جانسن“ جو ڪوبہ گونگو ناٽڪ ڏسن ٿا، تہ ڏاڍا خوش ٿين ٿا“ . مون چيو ”جيڪڏهن ائين آهي، تہ پوءَ آءٌ سمجهان ٿو، تہ اسان جا هاڻوڪا ناٽڪ نويس فطرت کان وڌيڪ ”شيڪسپيئر“ جا نقل ڪندڙ آهن.“ منھنجي ساٿيءَ چيو، ”حق جي ڳالھہ اها آهي، تہ مون کي خبر نہ آهي، تو هو ڪو ڪنھن جو بہ نقل ڪن ٿا، نڪي سچ پچ خلق کانئن اهڙي تقاضا ڪري ٿي، جديد زماني ۾ ناٽڪ جي مضمون ڏانھن ڪنھن بہ قسم جو توجهہ نٿو ڏنو وڃي، صرف دل جي اڇلن ۽ ڍونگن جو انداز جو ان ۾ موجود آهي، ان کي ئي تحسين جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو، مون کي ماڻھن ۾ مقبول پيل هڪ ناٽڪ جي خبر آهي، جنھن ۾ هڪ بہ چرچو نہ آهي ۽ ٻيو هڪ ناٽڪ جنھن ۾ مصنف کل پيدا ڪرڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ورتي آهي، سو پڻ هن وقت پسند اچي رهيو آهي. سائين اڄڪلھہ جي شوق موجب ”ڪانگريو“[8] ۽ ”فارڪيوهر“[9] جي تصنيفن ۾ تمام گهڻي ظرافت رچيل آهي، اسان جو جديد محاورو گهڻو ڪجهہ قدرتي آهي. ايتري ۾ گهومو ڪمپنيءَ جي سامان جي مڏي ڳوٺ تائين اچي پھتي، جنھن کي شايد اسان جي ويجهي اچڻ جي خبر اڳيئي پئجي ويئي هئي ۽ سڄو ڳوٺ اسان کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو، منھنجي ساٿيءَ چيو، تہ گهومو ناٽڪن جا ڏسندڙ اندر کان ٻاهر گهڻا آهن، جيستائين مون ماڻھن جو وڏو انبوھہ پنھنجي چوڌاري نہ ڏٺو، تيستائين پنھنجو اهڙيءَ ناٽڪي ڪمپنيءَ سان گڏ هئڻ ناجائز نہ سمجهيم، انھيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد مون ويجهي ۾ وجهي ڪلال خاني ۾ اجهو ورتو۽ عام ورانڊي ۾ وڃي ويٺس، اتي مون کي هڪ خوش پوش سکر ماڻھو مليو، جنھن مون سان ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ شروع ڪئي، هن مون کان پچيو، ”اوهين هن ڪمپنيءَ جا سرڪاري پادري آهيو، يا اهو اوهان جو ناٽڪ ۾ اداڪاريءَ جو لباس آهي؟“ هن کي مون جواب ڏنو، ”آءُ هن ڪمپنيءَ جي ڪم ڪندرن مان نہ آهيان“ هن حقيقت ٻڌڻ بعد هن ڪافي تواضع سان مون ۽ اداڪار کي پنھنجي شراب جي پيالي ۾ شريڪ ڪيو، دوران گفتگو هن گهڻيءَ سچائي ۽ دلچسپيءَ سان جديد سياست تي بحث مباحثو ڪيو، مون پنھنجيءَ دل ۾ کيس ڪم از ڪم پارليامينٽ جو ميمبر سمجهيو، پر پنھنجي اندازي بنسبت پوري خاطري تڏهين ٿيم، جڏهن مون ان جاءِ جي مالڪ کان رات جي مانيءَ جي پڇا ڪئي ۽ هن اسان ٻنھين تي سندس گهر ۾ مانيءَ واپرائڻ لاءِ زور رکيو، اسان پھريائين انڪار ڪيو، مگر ڪجهہ منٿن کانپوءِ اسين سندس عرض قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پياسين.
________________
[1] سينٽ پال (St .Paul) هڪ ديول جو نالو آهي.
[2] ڊرائيڊن (John Drydon) (1631-1700) هن صاحب ويسٽ منسٽر ۾ بسبي (Busby) جي زير نگراني ۽ ڪئمبرج (Cambrige) جي ٽرنٽي ڪاليج (Trinity college) ۾ تعليم ورتي، هيءُ انگلينڊ جو مشهور شاعر ناٽڪ نويس، شاعر ۽ تاريخ نويس ٿي گذريو آهي، ڪجهه وقت لاءِ 1668 ۾ هيءَ درٻاري شاعر ۽ 1670ع ۾ تاريخي ماهر مقر ٿيو، هن جملي 14 ناٽڪ لکيا، جيڪي بهترين ليکجن ٿا.
[3] اوٽوي (Thornas otway) (1652-1685) هيءَ به انگلينڊ جو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي. هن جا ٽي المبه ناٽڪ مقبول پيا، مگر هيءَ ڪو مقبول ناٽڪ نويس نٿي ليکيو ويو، ڪجهه شعر به چيائين مگر گهڻو نه. ڪيترائي سال بيگم بيري (Mrs Barry) هڪ اداڪاره جي عشق ۾ ڦاٿل رهيو.
[4] روو(Rove) (1674-1718) مڊل ٽيمپل (Middle Temple) ۾ پهريائين وڪيل ٿيو، مگر جلدي اَدب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين جلدي ادب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين پنهنجا تعلقات پوپ (Pope) ۽ ايڊيسن(Addison) سان رکيا ۽ ڪيترا الميه ناٽڪ شايع ڪيائين، هيءَ پنهنجي وقت جو سٺو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي.
[5] فليچر(Fleteher john) (1579-1625) هيءُ فليچر جو ڀائيٽيو هو، هن فرنسز ٻيو منٽ (Francis Beamcout) جي شموليت سان 1606ع کان 1616ع تائين ناٽڪ ٺاهيا، هن جي ناٽڪن جي پوري خاطري نه آهي، مگر 15 کان ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه هئا، امڪان آهي ته هيءَ شيڪسپيئر جي هينري اٺين واري ڊراما ۾ شيڪسپيئر سان شامل هو.
[6] بين جانسن (1709-1774) هيءُ ليچ فيلڊ(Lich Field) ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ ڪتب فروش هو، هيءَ ليڇ ليڊ گرامر سڪول ۽ پيمبرورڪ ڪاليج(Penbroke college) ۾ تعيلم ورتي، سندس پيءُ 1731ع ۾ گذاري ويو، ۽ پنهنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو، سن 1735ع ۾ هن لوبو (Lobe) جي فرينچ ٻولي ۾ چيل نظم جو ترجمو ”ائبيسينيا ڏانهن بحري مسافري (Abysinia Voyage to) نالي ڇپايو، ساڳئي سال ”مسنر ايلزبيٽ“ پورٽر سان شآدي ڪئي ۽ ليچ فيلڊ جي قريب ايڊل (Edial) نالي هڪ ڳوٺ ۾ اسڪول برپا ڪيائين مگر ڪامياب نه ٿيو، هن ان بعد زندگيءَ جي ڪيترن لاهن چاڙهن مان پنهنجو گذر ڪيو ، هو گولڊ سمٿ جو همعصر ۽ محسن هو.
[7] شيڪسيئر Shakespeare هي سن 1564ع ۾ سنرٽفورڊ آن ايون ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ معزز ماڻهو هو ۽ ميونسپل جي ڪيترن عهدن تي سرفراز هو، هيءُ انگلينڊ جو بهترين ناٽڪ نويس ليکيو وڃي ٿو، هن جا جملي 37 ناٽڪ آهن، جي نهايت مقبول آهن.
[8] ڪانگريو Congave William: (1670-1729ع ) هن سوفٽ (swift) سان گڏ ڪلڪني (Kilieny) اسڪول ۽ ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن ۾ تعليم ورتي، هن پهريائين وڪالت لاءِ چاهه رکيو، مگر جلدي ان کي ڇڏي ادب ڏانهن لاڙو ڪيائين، سن 1662ع ۾ اوچتو ئي اوچتو ”اولڊ بئچلر( The Old bachelor) 1664ع ”لو فار لو“ (Love for Love) 1665ع ۽ ”د وي آف دي ورلڊ (The way of the world) 1700ع ۾ لکيائين، هن ناٽڪ نويسيءَ ۾ تمام گهڻي مشهوري حاصل ڪئي، فوت ٿيڻ تي کيس ”ويسٽ منسٽر ائبي“ (West minister Abey) ۾ دفن ڪيو ويو.
[9] فارڪيو هر (Forquher Georger) 1678-1707ع پهريائين لشڪر ۾ هڪ آفيسر هو، ان بعد هڪ ناٽڪي اداڪار ٿيو ۽ ناٽڪ لکڻ شروع ڪيائين ، هن ڪيترا ناٽڪ لکيا، جيئن ته ”عشق ۽ شراب جو شيشو“ (Love and bottle) 1699ع) دي ڪانسٽنٽ ڪپل ۽ دي ٽون رائيوليس“ (The Twin Rivals) وغيره هن جي پڇاڙي تمام مسڪيني ۾ گذري ، ۽ وفات به سقيم حالت ۾ ڪيائين.