باب ويھون: هڪ رولو فيلسوف
آءٌ اويل سول اٿندو هوس تہ ماستر مون کي ڌمڪائيندو هو، ماسترياڻي بد شڪل هئڻ سبب مون کي ڌڪاريندي هئي، اندر ڇوڪرا مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ ٻاهر نڪري ٻين مانھن سان ملڻ لاءِ ڪڏهن بہ اجازت نہ ملندي هيم. تو کي خاطري آهي تہ تون اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لائق آهين؟ اچ، تہ آءٌ تنھنجو امتحان وٺان، ڇا تو انھيءَ ڌنڌي جي ڪڏهن سکيا ورتي آهي؟ نہ تہ پوءِ اسڪول لائق ٿي نہ سگهندين، ڇا تون ڇوڪرن جا وار ٺاهي سگهندين؟ نہ تہ پوءِ اصل اسڪول لاءِ ڪارائتو نہ ٿيندين، ڇا توهين ٽي ٽي ٿي هڪ بستري تي سمھي سگهو ٿا؟ نہ تہ پوءِ تون اسڪول لاءِ ڪارگر ٿي ڪين سگهندين. ڇا تنھنجو پيٽ سالم آهي؟ ها، تہ پوءِ تہ ڪنھن بہ صورت ۾ اسڪول لاءِ ٺيڪ نہ ٿيندين. سائين جيڪڏهن توهين هڪ آسان ۽ شريف ڌنڌي جي طلب رکو ٿا، تہ پوءِ ڪتر جي مشين ڦيرائڻ لاءِ پاڻ کي ستن سالن لاءِ شاگرد طور پابند رکو، مگر ڪنھن بہ نموني اسڪول کان پاسو ڪريو“ هن سلسلھ ڪلام جاري رکندي چيو. ”تنھن هوندي بہ اچ، آءٌ ڏسان ٿو تہ تون علم ۽ اتھاس وارو نوجوان آهين. مون وانگر مصنف ٿيڻ بابت تنھنجو ڪھڙو خيال آهي؟ تو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، تہ هن وقت ڪيترا ذهن ۽ ذڪا وارا ماڻھو واپار ۾ بک پيا مرن، مگر آءٌ توکي اهڙا بنھه ڪند دماغ ماڻھو شھر ۾ ڏيکاري سگهندس، جيڪي ان مصنفيءَ جي ڌنڌي تي تمام سکيو وقت پيا گذارين، اهي سڀئي ايماندار عام ماڻھو جي نرميءِ ۽ ساده دليءَ سان گذارين ٿا، تاريخ ۽ سياست تي ڪتاب لکن ٿا ۽ ساراهيا وڃن ٿا، سي جيڪڏهن بنياد کان وٺي موچي هجن ها، تہ بہ هوند سڄي عمر صرف بوٽ ڳنڍين ها، مگر نوان اصل ٺاهي ڪين سگهن ها.
جيئن تہ مون معلوم ڪيو تہ هڪ نائب ماستريءَ جي ڌنڌي سان ڪوبہ فضيلت وارو درجو وابستا ڪو نہ آهي، تنھن ڪري سندس تجويز قبول ڪيم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي هئڻ سبب، ”گربرز سٽريٽ“[2] ۾ رهندڙن جو احترام سان سلام ڪيم. مون ان رستي تي هلڻ پنھنجي لاءِ اقتدار وارو سمجهيو، جو مون کان اڳ مشھور مصنفن ”ڊرائيڊن“ ۽ ”اوٽوي“ لتاڙيو هو، مون هن ڀاڱي جي ديويءِ کي فضيلت جو سر چشمو سمجهيو ، ۽ تنھن هوندي بہ سمجهيم، تہ دنيا سان ميل جول شايد اسان کي سٺو مزاج بخشي، غربت، جا ان نوازش ڪئي، تنھن کي مون غير معمولي ذهانت جي دائي ڪري سمجهيو، انھن ويچارن سان مالا مال ٿيڻ تي پاڻ کي تمام خوش سمجهيم، مون ڏٺو تہ بھترين ڳالھيون صرف غلط طرف ڏانھن ئي لکڻ لاءِ رهيل هيون ۽ اهڙي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيم جو، مڪمل طرح نئون هجي، انھيءَ ڪري مون ڪن غلط نما حقيقتن کي قابليت سان سينگاريو، اهي درحقيقت غلط هيون، مگر نيون هيون، سچ جا جواهر اڪثر ٻين مصنفن ايتري قدر تہ پنھنجين تصنيفن ۾ آڻي ڇڏيا هئا، جو منھنجي لکڻ لاءِ سواءِ ڪن عجيب شين جي پريان سڀ ڪنھن نموني ۾ سچيون نظر آيون ٿي، ٻي ڪابہ شيءِ ڇڏيل نہ هئي، خبر نہ آهي، تہ جڏهن مون لکيو پئي، تڏهن ڪھڙي وهمي طاقت منھنجي قلم تي پنھنجا کنڀ کولي ويٺي ٿي، مون کي خاطري هئي، تہ سڄي تعليم يافتہ دنيا منھنجي طريقي جي مخالفت لاءِ اٿي کڙي ٿيندي، مگر آءٌ سڄي علمي دنيا جي مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار هوس، جيئن سيڙھہ پنھنجي چھنبدار ڪنڊن وسيلي دشمن سان لڙڻ لاءِ تيار ٿي وڙهندي آهي، تيئن آءٌ پڻ پنھنجي قلم وسيلي، سڀ ڪنھن مخالفت سان لڙڻ لاءِ مڪمل اطمينان سان تيار ٿي ويھي رهيس.
مون واڪو ڪري چيو، ”منھنجا پٽ، چڱو چيئي ۽ ڪھڙي مضمون تي تو قلم فرسائي ڪئي؟ مون کي اميد آهي، تہ تو هڪ شاديءَ جي اهميت تي چشم پوشي نہ ڪئي هوندي، پر آءٌ وچ ۾ ڳالھايان ٿو، هلندو هل، تو پنھنجون غلط نما حقيقتون ڇپايون، تمام چڱو ۽ علمي دنيا تنھنجي غلط نما حقيقتن تي ڇا چيو؟ “
منھنجي پٽ جواب ڏنو، ”بابا، پڙهيل دنيا منھنجي غلط نما حقيقتن تي ڪجهہ بہ نہ چيو، اصل ڪجهہ بہ نھ، هنن مان هرهڪ پاڻ کي پنھنجن دوستن کي ساراهڻ ۾، يا پنھنجن دشمنن کي نندڻ ۾ مشغول هو، ۽ بدنصيبي سان جيئن تہ منھنجو نڪو هو، ڪو دوست نڪو دشمن، انھيءَ ڪري مون بي توجهيءَ جي نھايت ظالماڻي ذلت برداشت ڪئي. هڪ ڏينھن جيئن آءٌ هڪ ”ڪافي گهر“ ۾ پنھنجي غلط نما حقيقتن جي نصيب تي ويچار ڪري رهيو هوس، تيئن هڪ ڇوٽي قد وارو ماڻھو اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ۽ منھنجي اڳيان ڪوچ تي اچي ويٺو، ڪجهہ اوائلي گفتگو کانپوءِ، هن مون کي تعليم يافتہ ڏسي ٻڌايو تہ هو ”پراپرٽيس“[3] جو شرح سان نئون ڇاپو دنيا اڳيان پيش ڪري رهيو هو، ۽ هڪ تجويزن جو ٿهو منھنجي اڳيان رکي، مون کان ان لاءِ چندي جي طلب ڪيائين، مون کيس جواب ڏنو، ”مون کي پئسو ڪونھي“. هن جواب کيس مون کان منھنجن ارادن جي نوعيت بنسبت احوال پڇڻ تي آماده ڪيو، جڏهن هن ڏٺو، تہ منھنجا ارادا اهڙا ئي وڏا هئا. جھڙو منھنجو ٻٽون، تڏهن هن دانھن ڪري چيو، ”آئون سمجهان ٿو تہ تون هن شھر جي جي زندگيءَ کان اڻ واقف آهين. آءٌ تون کي ان بابت ڪجهہ سمجهائيندس. هي تجويزن جا ڪاغذ ڏس، هن ساڳين تجويزن جي بدولت مون ٻارنھن سال آسودگيءَ سان گذران ڪيو آهي، جنھن وقت ڪو بہ عزت وارو امير ماڻھو پنھنجي سفر تان واپس اچي ٿو، هڪ گاڏڙ نسل وارو ڏکڻ ”آفريقا“ جو رهاڪو ”جميڪا“ کان، يا ڪا شاهوڪار بيوه عورت، پنھنجي ٻھراڙيءَ واري رهائشگاھہ کان، تہ آءٌ يڪدم ان کي چندي لاءِ چوان ٿو. آءٌ پھريائين سندن دلين کي خوشامد سان خوش ڪندو آهيان، ۽ پوءِ پنھنجون تجويزون پيش ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو پھرئين دفعي ٺھہ پھہ چندو ڏيندا آهن، تہ آءٌ پنھنجي عرض کي وري عطيي لاءِ نئون ڪندو آهيان، جيڪڏهن اهي مون تي ان جي بہ نوازش ڪندا آهن، تہ آءٌ کين اڳواڻ جي حيثيت ۾ مشھور ڪرڻ تي اڪن ڇڪن ڪندو آهيان، اهڙيءَ طرح آءٌ سندن رقم تي فخر سان رهندو آهيان، ۽ مٿانئن کلندو آهيان، پر هاڻي هو مون کي گهڻي قدر سڃاڻن ٿا، آءٌ نھايت گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن اوهين ٿوري وقت لاءِ منھنجي جاءِ وٺندا، هن وقت هڪ وڏي مرتبي وارو امير اٽليءَ کان واپس وريو آهي، منھنجي شڪل سندس دربان سان گهڻي قدر گهايل مايل آهي، تون جيڪڏهن هيءَ شعر جو ڪتاب کيس پيش ڪندين تہ منھنجي حياتيءَ جو قسم تون ان ۾ ڪامياب ٿيندين ۽ پوءَ پاڻ ٻئي اها رقم پاڻ ۾ ورهائينداسون.
مون واڪو ڪري چيو، ”ڌڻي شال پناھہ ڏئي! ڇا شاعرن لاءِ اهو ڌنڌو وڃي بچيو آهي! ڇا اعليٰ لياقتن وارا ماڻھو هن نموني پنڻ کي چنبڙي پيا آهن؟ ڇا اهي پنھنجي پيشي کي ايترو ذليل ڪري سگهن ٿا، جو پيٽ خاطر ساراھہ ڪرڻ جوا ادنيٰ واپار اختيار ڪن؟“ هن جواب ڏنو، ”نہ سائين، هڪ سچو پچو شاعر ڪڏهن بہ اهڙو خسيس ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ذهن ۽ ذڪاءُ آهي، اتي خو داري آهي، ماڻھو جن جو آءٌ ذڪر ڪريان ٿو، سي صرف شاعراڻي لباس ۾ پينو آهن. سچو شاعر جيئن ناموس لاءِ سڀ ڪنھن سختيءَ سان لڙي ٿو، تيئن بدناميءَ کان بہ ڊڄي ٿو، مگر اهي ماڻھو جي پاڻ خود اڻ لائق آهن، سي نظم گوئيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري پنھنجو گذران حاصل ڪن ٿا، جيئن تہ منھنجي دل ايتري خوددار هئي، جو اها ڪنھن بہ گهٽتائيءَ اڳيان ڪنڌ نمائي نٿي سگهي، ۽ ان هوندي بہ اهڙو تہ هيٺائون نصيب هئم جو ناموس خاطر ٻيءَ ڪنھن ڪوشش ڪرڻ لاءِ دل جهلي نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري هاڻي آءٌ وچئين رستي اختيار ڪرڻ ۽ مصنفيءَ جي ڌنڌي وسيلي گذران حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، پر جتي صرف ڪاريگريءَ سان ئي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي، آءٌ ڪنھن بہ ڌنڌي لاءِ سَندَ يافتہ نہ هوس، منھنجيءَ دل ۾ داد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا خواهش هئي، ان کي ختم ڪري نہ سگهيس، اهو وقت جو مون کي ڪنھن وچٿري ڌنڌي ۾ لڳائي، ان مان هميشہ لاءِ فائدي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ گهربو هو، سو مون ان سر بلنديءَ پويان ڪوششن ۾ خرچ ڪيو، جنھن تمام ٿوري اهميت ٿي رکي، منھنجي ننڍڙي اخبار، نوبتي مخزنن سان گڏ گمناميءَ ۾ ڇپجڻ لڳي، خلق منھنجي تحرير جي سلاست ۽ روانيءَ يا منھنجي قسطن جي ميل ڏانھن چتائي ڏسڻ کان وڌيڪ، ڪنھن ٻئي خاص ڪم ۾ مشغول هئي. پرچي پويان پرچو گوشئه گمناميءَ ۾ اڇلايو ويندو هو. منھنجا مضمون آزاديءَ. اڀرندي وارن ملڪن جي ڳالھين، ڇتي ڪتي جي چڪ جي علاجن وارين تصنيفن سان گڏ دفن ڪيا ويا، ليڪن ساڳئي وقت ٻين سڀني خود پسند، حق پسند آزادي پسند ۽ انسان پسند مضنفن کي سڄو ليکڪ سمجهيو ويو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ هنن مون کان وڌيڪ تڪڙو لکيو ٿي.
هاڻي آءٌ انھن پاڻ جھڙن دل شڪستہ مصنفن کانسواءِ ٻئي ڪنھن سان بہ تعلق ڪو نہ رکندو هوس، جي هڪ ٻئي کي ساراهيندا، هڪ ٻئي تي افسوس ڪندا، ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪاريندا هئا، ادبي فن جي ادائگي جيڪا اسان سڀ ڪنھن مشھور مصنف جي تصنيفن ۾ ڏٺي، سان سندن لياقتن جي بر عڪس هئي، مون ڏٺو تہ جيڪو شعور ٻين ۾ موجود هو، سو مون کي راضي ڪري نٿي سگهيو، منھنجي غلط نما حقيقتن تسليءَ جو چسمو مڪمل طرح خشڪ ڪري ڇڏيو هو. آءٌ خاطر جمعيءَ سان نڪي لکي ۽ نڪي پڙهي ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ تہ ٻئي جي سر بلندي منھنجي ناپسندي هئي،۽ لکڻ منھنجو ڌنڌو هو، هڪ ڏينھن جيئن آءٌ ”سينٽ جيمس جي باغيچي“ ۾ هڪ بينچ تي اداسي جي خيال ۾ ويٺو هوس، تيئن هڪ اعليٰ مرتبي وارو نوجوان ، جو يونيورسٽيءَ ۾ منھنجو گهرو دوست هو، سو منھنجي ويجهو آيو، اسان هڪ ٻئي کي ڪجهہ هٻڪ سان سلام ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ کيس هڪ اهڙي ماڻھو سان آشنائيءَ هئڻ تي شرم ٿيو، جنھن جو ظاهري ڏيک ويک تمام خراب هو ۽ مون کي وري سندس ڌڪار جو خوف هو، پر منھنجا شڪ جلدي دور ٿي ويا، ڇا ڪاڻ تہ ”نيڊ ٿارنھل“ تمام سٺيءَ سيرت وارو نوجوان هو.
مون کيس وچ ۾ روڪيندي چيو، ”جارج“ تو ڇا چيو؟ ڇا، سندس نالو ”ٿارنھل“ هو؟ مون کي خاطري آهي، تہ اهو پنھنجي زميندار کان سواءِ ڪو ٻيو نہ هوندو“ ”مسز آرنلڊ“ واڪو ڪري چيو، ”مھرباني ڪري مون کي ٻڌايو تہ ڇا ”مسٽر ٿارنھل“ توهان جو ايترو ويجهو پاڙيسري آهي؟ هو گهڻي وقت کان وٺي اسان جي خاندان جو دوست ٿي رهيو آهي، ۽ اسان کي اميد آهي تہ هو جلد اسان وٽ ايندو“
”جارج“ پنھنجي گفتگو جاري رکندي، چيو، ”منھنجي دوست جي پھرين ڳڻتي اها هئي، تہ آءٌ سندس عاليشان ڪپڙن جي وڳي پھڙڻ سان پنھنجو ظاهري ڏيک بدلايان، ان کانپوءِ مون کي اڌ دوست ۽ اڌ زبردست جي حيثيت ۾ سندس کاڌي جي دستر خوان تي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي، نيلامن تي سندس حاضريءَ ۾ رهڻ، فوٽو ڪڍائڻ وقت کيس مسرت ۾ رکڻ، سندس محبوبہ جي غير موجودگيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ هئڻ، ۽ جيئن ٿورن لفظن ۾ چئجي، تہ جڏهن اسان کي روشني ڪرڻ تي دل هوندي هئي، تڏهن رات جي وقت پھريدار سان تڪرار ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪرڻ منھنجو ڌنڌو هوندو هو، ان کانسواءِ مون کي گهر ۾ ٻيون ڪيتريون سنھيون مشغوليون پڻ هيون، آءٌ سواءِ حڪم ملڻ جي گهڻي ئي سنھا ڪم ڪندو هوس، ٻوچ ڪڍڻي کڻڻ، بورچيءَ جي ٻارن جي نالي رکڻ وقت نيڪ ڪمن لاءِ وعدي ڪندڙ ٿيڻ، حڪم ملڻ تي ڳائڻ، ڪڏهن بہ خوش مزاجي نہ ڇڏڻ ، هميشہ حليم ٿي گذارڻ ۽ جيترو ممڪن هو اوترو گهڻو خوش رهڻ،
تنھن هوندي بہ هن عزت ڀريي عهدي تي آءٌ هڪ رقيب کان آجو نہ هوس، هڪ جهاز جو ڪپتان، جنھن کي قدرت هن جاءِ لاءِ منتخب ڪيو هو، تنھن منھنجي آقا وٽ منھنجي مخالفت ڪئي، سندس ماءُ هڪ سکر ماڻھوءَ جي ڌوٻياڻي هئي، انھيءَ ڪري هن جي دل ۾ خسيس ڪمن ۽ بدنامي جي ڪمن ڪرڻ لاءِ دلچسپي پيدا ٿي، هن سکر ماڻھوءَ پنھنجي زندگيءَ جو خاص شغل، اميرن سان واقفيت رکڻ بنايو هو، جيتوڻيڪ بيوقوفي جي ڪري ڪيترا ڌڪاريندا هئس، تڏهن بہ اهڙن ڪيترن ماڻھن کي هٿ ڪيائين، جي جھڙس ئي موڳا هئا ۽ جن سندس ڪوششن کي ڪامياب بنايو، خوشامد سندس پيشو هو، ۽ ان کي تصور ۾ اچي سگهڻ جھڙيءَ ڪثرت سان استعمال ڪائين، پر مون کي ٻئي خوشامد ڪرڻ بيھودي ۽ مشڪل لڳندي هئي، جيئن هر روز منھنجي آقا جي خواهش خوشامد لاءِ وڌندي رهي هئي. تيئن هر گهڙيءَ ۾ سندس ڪمزورين کان وڌيڪ واقف ٿيڻ ڪري، آءٌ خوشامد ڪرڻ کان بيدليو ٿيندو ويس، اها حالت ان نوبت کي پھتي، جو هڪ دفعي جڏهن منھنجي آقا منھنجيءَ مدد جي طلب ڪئي، تڏهن آءٌ اهو ميدان ڪپتان لاءِ ڇڏڻ تي دلي طرح راضي هوس، اها مدد سندس بدران ان معزز سان دوبدو مقابلي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا نہ هئي، جنھن جي ڀيڻ بنسبت ڪوڙي دعويٰ ڪئي ٿي ويئي، تہ ”ٿارنھل“ ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، مون يڪدم سندس حڪم جي بجا آوري ڪئي،۽ جيتوڻيڪ آءٌ ڏسان ٿو، تہ توهين منھنجيءَ ان هلت تي ناراض ٿيا آهيو، تہ بہ جيئن تہ اهو ڪم دوستيءِ سبب لازما ڪرڻو هو، انھيءَ ڪري آءٌ انڪار ڪري ڪين سگهيس، مون اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ حريف کان هٿيار ڇڏايم، ۽ جلدي مون کي اهو معلوم ڪري خوشي نصيب ٿي، تہ هوءَ هڪ شھري تجربيڪار عورت هئي ۽ اهو شخص صرف سندس غنڊو ۽ دغاباز هو، خدمت جو عيوضو مون کي گهڻن ئي احسانمنديءَ جي اقرارن سان ڏنو ويو، پر جيئن تہ منھنجو دوست ٿورن ڏينھن بعد شھر ڇڏڻ وارو هو، انھيءَ ڪري سندس چاچي ”سروليم ٿارنھل“ ۽ هڪ ٻئي وڏي مرتبي واري سرڪاري عهديدار امير ماڻھوءَ کي منھنجي سفارش ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ منھنجي خدمت ڪرڻ جو رستو ڪو نہ ٿي سمجهيو، سندس رواني ٿيڻ بعد آءٌ سندس سفارشي خط سندس چاچي ڏانھن کڻي ويس، جو هڪ اهڙو ماڻھو هو، جنھن جو اخلاق سڀني فضيلتن بنستب عالمگير هو، ليڪن انصاف تي مبني هو، سندس نوڪرن منھنجو استقبال گهڻي مھمان پروريءَ سان ڪيو، ڇا ڪاڻ تہ گهرو نوڪر هميشہ پنھنجي آقا جي فيض جي نموداري ڪندا آهن، مون کي هڪ عاليشان صفحي ۾ ويھاريو جتي ”سر وليم“ جلد آيو، مون پنھنجو خط کيس ڏنو، خط پڙهيائين ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ مون کي چيائين، ”سائين، مھرباني ڪري مون کي ٻڌايو، تہ توهان منھنجي عزيز لاءِ ڇا ڪيو آهي، جو اهڙي زبردست سفارش جا مستحق ٿيا آهيو؟ آئون سمجهان ٿو ۽ توهان جي لياقتن بابت اندازو لڳائي سگهان ٿو، تہ توهان سندس پاران وڙهيا آهيون ۽ انھيءَ ڪري توهان مون وٽان هڪ اجوري حاصل ڪرڻ جي اميد رکندا هوندئو، ڇا ڪاڻ تہ توهين سندس بَدَيَن ۾ ساڻس مددگار ٿيا آهيو، آءٌ چاهيان ٿو ۽ دلي خواهش رکان ٿو، تہ منھنجو هينئر انڪار توهان جي گناھہ جي سزا ٿئي ، پر اڃا بہ وڌيڪ خواهش اٿم تہ اها توهان کي پڇتاءَ لاءِ سبق ڏيندڙ ٿئي،“ هن جي ڇينڀ مون صبر سان برداشت ڪئي، ڇا ڪاڻ تہ مون سمجهيو، تہ اها انصاف تي مبني هئي، هاڻي منھنجون جملي اميدون امير ڏانھن لکيل سفارشي خط سان وابستا هيون، جيئن تھ، اميرن جا در گهڻو ڪري انھن فقيرن سان گهيريل آهن، جي سڀئي اندر ڪنھن مڪاريءَ واري عريضي موڪلڻ لاءِ تيار هوندا آهن، تنھن ڪري مون اجازت حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نہ ڏٺو ۽ جيڪا بہ دنيوي دولت هيم، ان جو اڌ نوڪرن کي رشوت طور ڏيڻ سان مون کي هڪ وسيع ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ملي، مون پنھنجو خط امير صاحب جي ملاحظي لاءِ اڳيئي موڪليو هو، امير لاءِ انتظار ۾ ويھڻ واري عرصي ۾ مون کي پنھنجي چوڌاري نھارڻ جو موقعو ملي ويو، هر ڪا شيءَ شاندار ۽ وڻندڙ نموني سينگاريل هئي، نقاشيءِ، فرنيچر ۽ ململا سازيءَ مون کي پنھنجي رونق سان حيرت ۾ پنڊ پھڻ بنائي ڇڏيو ۽ سندن مالڪ بنسبت منھنجي اندازي کي وڌائي ڇڏيو، مون دل ۾ عجب کاڌو ۽ ويچار ڪيو، تہ هنن سڀني شين جو مالڪ ضرور ڪيڏيءَ نہ اعليٰ حيثيت وارو هوندو، جو پنھنجي دماغ ۾ سڄيءَ حڪومت جي ڪاروبارجو انتظام رکي ٿو، ۽ جنھن جي گهر ۾ هڪ بادشاهيءَ جو دولت اڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، خاطري آهي تہ سندس غير معمولي ذهانت ناقابل فھم هوندي، انھن ويچارن ڪندي مون هڪ ماڻھوءَ جي پيرن جو آواز ڳورائيءَ سان اڳتي ويندو ٻڌو، ”اجهو هيءُ خود اهو امير پاڻ آهي“. مون دل ۾ چيو، نھ، اها صرف هڪ ڪمري جي نوڪرياڻي هئي، جلدي ٻئي جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هيءُ ضرور اهو هوندو“. نہ اهو صرف ان امير جي حاضريءَ جو نوڪر هو، آخر امير تشريف فرما ٿيو، هن واڪو ڪري چيو، ”ڇا ، اهو تون آهين، جنھن هيءَ خط آندو آهي،؟“ مون هيٺ جهڪڻ سان جواب ڏنو، هن وڌيڪ چيو، ”هن مان آءٌ سمجهان ٿو تہ اهو ڪيئن ٿيو....“ پر انھيءَ وقت هڪ نوڪر کيس هڪ چٺي آڻي ڏني، سواءِ ڪنھن بہ وڌيڪ توجهہ ڏيڻ جي هيءُ ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو، ۽ مون کي پنھنجي خوشيءَ تي حسرت کائڻ لاءِ ڇڏي ويو، مون کيس وريءَ ڏٺو، جيستائين سندس نوڪر مون کي ٻڌايو امير صاحب پنھنجي گاڏيءِ ڏانھن وڃي رهيو آهي، آءٌ يڪدم سندس پويان لڳس، ۽ ٻين ٽن يا چئن عرضدارن سان گڏ سندس پويان واڪا ڪندو هليس. مگر امير اسان کان وڌيڪ تڪڙو هلندو ويو ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو وڃي، گاڏيءَ جي دروازي تائين پھتو، آءٌ جواب معلوم ڪرڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيس . هو ان وقت تائين گاڏي ۾ اندر پھچي چڪو هو، ۽ ڪو جواب چپن ۾ چيائين، جنھن جو فقط اڌ مون ٻڌو، ۽ ٻيو اڌ گاڏيءَ جي ڦيٿن جي آواز ۾ گم ٿي ويو. آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ ڳاٺ مٿي ڪري هڪ ان ماڻھوءَ وانگر بيٺو هوس جو ڪن شاندار لفظن ڏانھن ڌيان ڏيئي رهيو هجي، آخر چوڌاري نھاريندي مون ڏٺو ، تہ آءٌ امير جي دروازي تي اڪيلو بيٺو هوس.
منھنجي پڻ سلسلئه ڪلام جاري رکندي چيو، ”منھنجي صبر جو پيالو هاڻي مڪمل طرح لبريز ٿي چڪو هو، هزارين بي آبرو ٿيل سامن کي منھن ڏيڻو پيو هو، انھن کان بيزار هئڻ سبب مون پاڻ کي فنا ڪرڻ جي تمنا ٿي رکي، فقط ڪا ڳڙڪ مون کي پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ گهربل هئي، مونپاڻ کي انھن خسيس شين مان هڪڙو سمجهيو، جن کي قدرت ڪن ڪچري واريءَ جاءِ تي اڇلڻ ۽ اتي گمناميءَ ۾ ناس ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو آهي، انھن سڀني ڳالھين هوندي بہ مون وٽ اڃا تائين اڌ گني بچيل هئي، مون ان اڌ گنيءَ بابت ويچار ڪيو، تہ قدرت کي پڻ مون کي ان کان محروم ڪرڻ نہ گهرجي، پر ان کان مطمئن ٿيڻ لاءِ مون يڪدم ان کي خرچ ڪرڻ ۽ پوءِ وڌيڪ وقت لاءِ حالات تي ڀروسي رکڻ جو ارادو ڪيو، جيئن آءٌ ان ارادي سان وڃي رهيو هئس، تيئن مون کي ”مسٽر ڪرسپ“ جو دفتر ڏسڻ ۾ آيو، جو نھايت دلڪشيءَ پيدا ڪندڙ نموني ۾ کليل هو، ۽ مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهيو هو، هن آفيس ۾ ”مسٽر ڪرسپ“ سرڪار نامدار جي سڀني رعيتن کي ساليانو ٽيھن پائونڊن جي ڏيڻ جو سخاوت ڀريو وعدو ڪري رهيو هو ۽ ان وعدي جي عيوض سڀ ڪجهہ جيڪي ڪجهہ هنن ڏنو ٿي، سو هو حياتيءَ ڀر پنھنجي آزاديءَ تان هٿ کڻڻ، ۽ کيس اها اجازت ڏيڻ تہ هو ڀلي کين ”آمريڪا“ ڏانھن غلامن طور روانو ڪري آءٌ اهو دفتر ڏسي خوش ٿيس، ڇا ڪاڻ تہ اتي آءٌ پنھنجي نا اميدي جي خوفن کي وڃائي ٿي سگهيس، آئون انھيءَ غار ۾ گهڙيس، جنھن جو ظاهري ڏيک هڪ راهب جي عابد گاھہ جھڙو هو، اتي مون پاڻ جھڙن ٻين غريب انسانن جو وڏو هجوم ڏٺو، اهي سڀئي مون وانگر خراب حالتن ۾ مبتلا ٿيل هئا ۽ ”مسٽر ڪرسپ“ جي تشرف فرما ٿيڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا هئا ۽ انگريزي بي صبريءَ جو حقيقي نمونو پيش ڪري رهيا هئا. هر هڪ بد نصيب انسان پنھنجي بدنصيبي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو، آخر ”مسٽر ڪرسپ“ تشريف فرما ٿيو ۽ اسان جي سموري ڀڻ ڀڻ بند ٿي ويئي، هن مون تي خاص نموني ۾ تعظيم ڪرڻ جي نوازش ڪئي ۽ سچ پچ تہ گذريل مھيني کان هيءُ ئي پھريون ماڻھو، جنھن مون سان مشڪي ڳالھايو، ٿورن سوالن پڇڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو، تہ آءٌ دنيا جي هر ڪنھن ڪم ڪرڻ لائق هوس، هن ڪجهہ وقت منھنجي لاءِ تمام موزون طريقن مھيا ڪرڻ جي سوال تي ويچار ڪيو ۽ پنھنجي پيشانيءَ تي اهڙي نموني ڌڪ هنيائين جو ڄڻ تہ کيس اهـو طـريـقـو سجهي آيو هـو، هـن مون کي چـيـو، ” هن وقت ”پينسلوينيا“[4] جي ڪـائـونـسـل طرفان ڏکڻ ”آمريڪا“ جي هڪ قوم، ”چڪاسا انڊين“[5] ڏانھن هڪ ايلچيءَ موڪلڻ بنسبت گفتگو هلي رهي آهي، آءٌ پنھنجي سموري طاقت توکي سيڪريٽري جي جڳھہ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪم آڻيندس“. مون پنھنجيءَ دل ۾ سھي ڪيو، تہ هن ڪوڙ ڳالھايو، پر سندس آواز ۾ اهڙي ڪا ڪوشش هئي، جو ان هوندي بہ سندس وعدي مون کي خوشي ڏني، انھيءَ سبب مون پنھنجيءَ اڌ گنيءَ کي ايمانداريءَ سان ورڇيو، ان جو اڌ سندس ٽيھن هزارن پائونڊن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس حوالي ٿيو، ۽ ٻئي مان مون ڀر واري شراب خاني ۾ کانئس وڌيڪ خوش ٿيڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو.
جيئن آءٌ انھيءَ ارادي سان ٻاهر پئي ويس، تيئن دروزاي وٽ مون کي هڪ جهاز جو ڪپتان مليو، ان ماڻھوءَ سان منھنجي اڳي ڪجهہ واقفيت هئي، ۽ هن مون سان شراب جي پيالي ۾ شريڪ ٿيڻ قبول ڪيو.
جيئن تہ مون پنھنجي حالات کي ڳجهو رکڻ پسند نہ ڪيو، انھي ڪري هن مون کي خاطري ڏني، تہ ان آفيس جي ڪارڪنن جي وعدن تي اعتبار ڪرڻ سبب آءٌ اصل پنھنجي برباديءَ جي ڪڙيءَ تي اچي پھتو هوس، ڇاڪاڻ تہ ”مسٽر ڪرسپ“ جو ارادو صرف مون کي آمريڪا جي نو آبادين ڏانھن وڪري ڪرڻ جو هو، هن وڌيڪ چيو، ”مون کي اميد آهي، تہ تمام ننڍي بحري مسافريءَ بدولت، تون بلڪل سھولت ۽ شرافت سان روزگار جو ذريعو هٿ ڪري سگهندين، منھنجي صلاح وٺ، منھنجو جهاز سڀاڻي ”آئمسٽرڊئم“[6] ڏانھن روانو ٿيندو، تو کي خبر آهي تہ جيڪڏهن تون اوڏانھن هلندين ، تہ ڇا ٿيندو؟ انھيءَ ساعت جڏهين تون زمين تي پير رکندين، تڏهين تو کي ڊچن کي انگريزي سيکارڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو، ۽ آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان تہ تو کي ڪافي شاگرد ۽ پئسا ملندا، هن پنھنجي سلسلي ڪلام کي جاري رکندي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو تہ تون هن وقت تائين انگريزي چڱيءِ طرح ڄاڻين ٿو، نہ تہ ان ڪم ۾ مشڪلات ٿي پوندي“. مون ان بابت کيس خاطري ڏني، مگر ڊچن جي انگريزيءَ سکڻ جي چاهنا متعلق شڪ ظاهر ڪيم، هن قسم تي مون کي خاطري ڏني، تہ ڊچ ماڻھو ان جي سکر جي شوق ۾ پريشان آهن، هن جي يقين ڏيارڻ تي مون سندس رٿ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينھن ڊچن کي انگريزيءِ سيکارڻ لاءِ جهاز رستي ”هالينڊ“ ڏانھن روانو ٿيس، هوا سڻائي ۽ مسافري ننڍي هئي، پنھنجي متحرڪ ملڪيت جو اڌ ڀاڙي طور ڏيڻ کان پوءِ، مون پاڻ کي ”ائمسٽرڊئم“ جي گهٽين مان هڪ ۾ آسمان مان هيٺ ڪريل هڪ اجنبي ماڻھوءَ وانگر ڏٺو، هن حالت ۾ مون نٿي چاهيو، تہ منھنجو ڪجهہ بہ وقت سيکارڻ ۾ مشغول هئڻ کانسواءِ گذري، تنھن ڪري مون کي جيڪي بہ ماڻھو مليا، انھن مان اهڙن ٽن چئن ماڻھن سان پنھنجو احوال ڪيم، جن جو ٻاهريون ڏيک ويک اميد افزا هو، مگر اسان جو هڪ ٻئي کي پوريءَ طرح سمجهڻ ناممڪن هو، ان ساعت تائين مون کي ڪڏهن بہ اها ڳالھہ ڌيان تي نہ آئي، تہ ڊچن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ اهو تمام ضروري هو، تہ کين پھريائين مون کي ڊچ ٻولي سيکارڻ گهرجي، آءٌ ڪيئن اهڙو پڌرو عذر نظر انداز ڪري سگهيس، تنھن جو مون کي پڻ عجب آهي، پر اها خاطري اٿم، تہ مون ان کي نظرانداز ڪيو.
هن تجويز جي ناڪام ٿيڻ بعد، منھنجيءَ دل ۾ جهاز وسيلي ”انگلينڊ“ ڏانھن واپس ورڻ جو خيال پيدا ٿيو، پر هڪ ”آئير لنڊ“ جو شاگرد جو ”لوون“[7] کان واپس وريو هو، ان سان ملڻ تي اسان جي گفتگو ادب جي موضوعن تي پھتي، (ڇاڪاڻ تہ لٿي پٿي ائين چئجي تھ، جڏهين آءٌ اهڙن موضوعن تي گفتگو ڪري سگهندو هوس، تڏهن پنھنجي حالات تي گهٽتائيءَ کي وساري ڇڏيندو هوس) ۽ کانئس مون کي معلوم ٿيو، تہ ان سڄيءَ دانشڪده ۾ صرف ٻہ ماڻھو بہ ڪو نہ هئا، جن يوناني ٻولي سمجهي ٿي ان ڳالھہ مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ مون يڪدم ”لوون“ ڏانھن مسافري ڪرڻ ۽ اتي يوناني ٻوليءَ سيکارڻ وسيلي گذران حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، هن ارادي ۾ منھنجي شاگرد ڀاءُ منھنجي همت افزائي ڪئي، ۽ ڪجهہ اهڙيون هدايتون ڏنائين، جن جي وسيلي دولت حاصل ٿي سگهي ٿي.
ايندڙ صبح جو آءٌ جرائت سان اڳتي وڌيس.
هرڪنھن ڏينھن ”لقمان حڪيم“[8] ۽ سندس مانين جي ٽوڪري“ وانگر منھنجي متحرڪ ملڪيت کي گهٽايو ٿي، ڇا ڪاڻ تہ جيئن مون اڳتي مسافري پئي ڪئي، تيئن اهي پئسا ڊچن کي رهائش واسطي پئي ڏنم، جڏهن ”لوون“ پھتس، تڏهن پھريائين مخفي طرح پروفيسرن وٽ نہ ويس، مگر کليءَ طرح پنھنجن لياقتن کي ”پرنسيپال“ وٽ پيش ڪــرڻ جـو ارادو ڪـيـم. آءٌ ويس، اجازت مـلـيـم، ۽ پـنھـنـجـون خـدمـتـون يوناني ٻوليءَ جـي ماستريءَ لاءِ آڇيم، جنھن جي لاءِ مون ٻڌو هو تہ ان دانشڪده ۾ ضرورت هئي، پرنسيپال پھريائين منھنجي لياقتن بنسبت شڪي ڏسڻ ۾ آيو، پر کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ آڇ ڪيم، تہ هو پاڻ مون لاءِ ڪنھن بہ يوناني تصنيف جي ڪنھن بہ ڀاڱي کي لاطيني ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪري. مون کي پنھنجي تجويز ۾ بلڪل پختو ڏسندي هن نموني مون کي خطاب ڪيو، ”نوجوان تون مون کي ڏسين ٿو“. هن وڌيڪ چيو، ”مون اصل يوناني ڪانہ سکي آهي، ۽ آءٌ نٿو ڀانيان تہ مون ڪڏهن بہ ان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. مون کي ڊاڪٽريءَ جي سند يونانيءَ سکڻ کان سواءِ مليل آهي، يوناني ٻوليءَ کانسواءِ مون کي ڏھہ هزار فلارينس (ويھه هزار شلنگ) ساليانو ملن ٿا. المختصر: جيئن تہ آءٌ يوناني ٻولي ڪو نہ ڄاڻان، انھيءَ ڪري مون کي يقين ئي ڪونھي، تہ ان ۾ ڪو هڪ بہ قابل ماڻھو ملي سگهي ٿو.
آءٌ هاڻي گهر کان ايترو تہ پري هوس، جو موٽڻ جو خيال ئي ڪري نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري مون اڃا بہ اڳتي هلڻ جو ارادو ڪيو، مون کي موسيقيءَ جي پوري پني ڄاڻ هئي، هاڻي اها، جا ڪنھن وقت منھنجي وندر هئي، تنھن کي هن وقت مون روزگار حاصل ڪرڻ جي ذريعي ۾ تبديل ڪيو آءٌ ”فلينڊرس“ جي بي ضرور هارين ۽ انھن فرينچن جي ڳوٺن وٽان لانگائو ٿيس، جي اهڙا تہ ڪافي غريب هئا، جو آسودگيءَ سان گذران ڪري نٿي سگهيا، مگر مون کين سندن ضرورت جي نسبت ۾ هميشہ خوش طبع ڏٺو، جڏهن بہ رات پوڻ وقت آئون ڪنھن هاريءَ جي گهر کي ويجهو ٿيندو هوس، تڏهن خوشي پيدا ڪندڙ سرن مان ڪو هڪ ڇيڙيندو هوس ۽ اهو مون کي نہ فقط رهائش مگر ايندڙ ڏينھن جو قوت پڻ حاصل ڪري ڏيندو هو، مون ٻہ يا ٽي دفعا نئين فئشن وارن ماڻھن اڳيان موسيقيءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هنن منھنجي پيشڪش کي هميشہ حقارت وارو سمجهيوٿي ۽ مون کي ڪا خسيس شيءِ بہ معاوضي طور نٿي ڏنائون، هيءَ منھنجي لاءِ هڪ وڏي غير معمولي ڳالھہ هئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پنھنجي آسودگيءَ وارن ڏينھن ۾ پنھنجي سنگت (جيءُ بھلائڻ) لاءِ وڄت ڪندو هوس، ۽ جڏهن موسيقيءَ جي پيشڪش منھنجي وندر هوندي هئي، تڏهن ڪڏهن بہ منھنجي وڄت کين خاص طرح صنف نازڪ کي بيحد خوش ڪرڻ ۾ ناڪامياب نہ ٿيندي هئي، مگر جيئن تہ هينئر اها صرف منھنجي گذران جو ذريعو هئي، تنھن ڪري کيس حقارت سان ڏٺو ٿي ويو، (هيءُ) هڪ ثبوت آهي (جو ڏيکاري ٿو) تہ دنيا انھن لياقتن جو ڪيترو نہ گهٽ قدر ڪري ٿي، جن جي بدولت ماڻھو پلجي ٿو.
هن طريقي آءٌ ڪنھن بہ تجويز کان بغير، صرف پنھنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي هلڻ لاءِ ”پيرس“ ڏانھن وڌيس، ”پيرس“ جا ماڻھو لياقتن کان وڌيڪ سرمائيدار اجنبين جا شائق آهن. جيئن تہ آءٌ ٻنھي مان ڪنھن بہ هڪ جي هام هڻي نٿي سگهيس، انھيءَ ڪري کين گهڻو پسند نہ پيس، شھر جي چوڌاري اٽڪل چئن يا پنجن ڏينھن جي گهمڻ، ۽ عاليشان گهرن جي ٻاهرين پاسن کي ڏسڻ کانپوءِ آءٌ جوفي جي مھمان نوازيءَ واري پناھہ گاھہ مان نڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هوس، تہ مکيہ گهٽين مان گهمندي، آءٌ اتفاقاً هڪ ماڻھوءَ سان گڏيس، جو پنھنجو اهو سئوٽ هو، جنھن کي توهان پھرين منھنجي لاءِ سفارش ڪئي هئي، هيءَ ملاقات مون لاءِ تمام پسنديده هئي، مون کي يقين آهي تہ سندس لاءِ ناراضگيءَ واري نہ هئي، هن مون کان پيرس منھنجي مسافريءَ جو سبب پڇيو، ۽ مون کي پڻ پنھجيءَ مشغوليءِ کان آگاھہ ڪيائين، سندس مشغولي هئي، ”لنڊن“ جي هڪ سکر ماڻھوءَ لاءِ مورتيون ٻلا ، جواهر ۽ ٻيون سڀ ڪنھن قسم جون قديم شيون گڏ ڪرڻ، جنھن ماڻھوءَ کي تازو انھن لاءِ شوق پيدا ٿيو، هو، ۽ وڏيءَ دولت جو مالڪ بڻيو هو. آءٌ پنھنجي سئوٽ کي هن ڪم لاءِ مقرر ٿيل ڏسي ڏاڍو حيران ٿيس، ڇاڪاڻ تہ هن خود اڪثر طرح مون کي ٻڌايوهو، تہ پاڻ ان بابت ڪجهہ بہ نہ ڄاڻندو هو، جڏهن مون .کانئس پڇيو تہ تون ڪيئن ايترو جلدي اهڙو عيب ڪڍڻ جو هنر سکئين؟ تڏهن هن مون کي يقين ڏياريو، تہ ڪو بہ ڪم ان کان وڌيڪ سولو نہ آهي، ”سمورو راز ٻن قانونن جي پوريءَ پوريءَ استقامت ۾ پنھان آهن، هڪ تہ هميشہ ائين ظاهر ڪرڻ تہ مورت وڌيڪ سٺي ٿئي ها، جيڪڏهن نقاش وڌيڪ تڪليف وٺي ها، تہ ٻيو ”پيٽرو پيروگنو“[9] جي نقشت کي ساراهڻ. هن چيو، ”پر جيئن مون تو کي هڪ دفعي لنڊن ۾ مصنف ٿيڻ سيکاريو هو، تيئن آءٌ هاڻي تو کي پيرس ۾ مورتن خريد ڪرڻ جي هنر سيکارڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندس.“
جيئن تہ هن جي تجويز دلپسند هئي، انھيءَ ڪري مون ان کي يڪدم قبول ڪيو، هاڻي منھنجو سمورو ذوق زنده رهڻ ڏانھن هو، آءٌ سندس رهاش گاھہ تي ويس، سندس مدد سان پنھنجي لباس کي درست ڪيم ۽ ساڻس گڏ مورتن جي نيلام گاهن ڏانھن رفيق ٿي ويس، جتي اميد هئي تہ معزز انگريز خريدا هوندا. آءٌ زيب و زينت وارن انھن ماڻھن سان سندس گهرائي ڏسي ٿورو حيران ٿيس، جن هر هڪ ٻلي يا مورت تي هڪ صحيح پسنديءَ جو ڪسوٽيءَ وانگر سندس رايو پڇيو ٿي، هن اهڙن موقعن تي منھنجي مدد مان تمام گهڻو فائدو ورتو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن سندس رايو پڇيو ٿي ويو، تڏهن سنجيدگيءَ سان مون کي هڪ پاسي وٺي ٿي ويو ۽ منھيجو رايو پڇيائين ٿي، ڪلھو موڙيائين ٿي، موڙو ڏنائين ٿي، سياڻپ سان نھاريائين ٿي، موٽيو ٿي ۽ پڇندڙن کي چيائين ٿي، تہ اهڙيءَ تمام اهم ڪم تي آءٌ پنھنجو رايو ڏيئي نہ ٿو سگهان ، صرف ڪن وقتن تي سندن چونڊ جي پٺڀرائي ڪيائين ٿي، ۽ کين ان شيءَ جي سھڻائي بنسبت خاطري ڏنائين ٿي. مون کي ياد آهي تہ مون کيس ڏٺو تھ، پنھنجي ان رائي ڏيڻ کان پوءِ تہ مورت جو رنگ پوريءِ طرح رسيلو نہ آهي، تمام سوچي ۽ ويچاري هڪ برش ڀوري رنگ جو کنيائين جو اتفاقاً اتي پيو هو، ۽ تمام گهڻيءَ دل جي جمعيت سان سڄيءَ جماعت جي روبرو ان مورت جي مٿان لڳايائين، ان کانپوءِ پڇيائين تہ آيا، سندس ائين ڪرڻ ان چِٽَ کي سڌاريو هو يا نہ. هن جڏهن ”پيرس“ ۾ پنھنجو رکيل ڪم ختم ڪيو، تڏهن ڪيترن ئي اعليٰ مرتبي وارن ماڻھن وٽ مون کي سياحت جي استاد جي جڳھہ لاءِ هڪ نھايت موزون شخص طور زوردار سفارش ڪيل ڇڏيائين. سندس وڃڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ هڪ معزز جنھن پنھنجي سنڀال هيٺ رهندڙ هڪ صغير ڇوڪري کي يورپ جي سير تي اڳتي رواني ڪرڻ لاءِ پيرس ۾ آندو هو، ان مون کي هڪ استاد جي حيثيت ۾ مقصد ڪيو. آءٌ ان ڇوڪر جو استاد ٿيڻو هوس، پر ان شرط سان تہ کيس هميشہ اجازت رهندي، تہ هو پنھنجي نگراني پاڻ ڪندو، حقيقت ۾ منھنجو شاگرد پئسي جي ڪاروبار ۾ رهبريءَ جو فن مون کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻندو هو، هي ٻہ سئو هزار پائونڊن جو مالڪ هو، جي سندس چاچي سندس لاءِ ويسٽ انڊيز [10] ۾ ڇڏيا هئا، سندس سنڀاليندڙن کيس انھن جي پوريءَ ڪاروبار هلائڻ ۾ لائق بنائڻ لاءِ کيس هڪ مختيار وٽ شاگرد ڪري رکيو هو، انھي ڪري هو لالچي ٿي پيو هو، رستي تي هن جا سڀئي سوال ان متعلق هئا، تہ پئسو ڪيئن بڇائجي، مسافريءَ جو ڪھڙو طريقو گهٽ ۾ گهٽ خرچ وارو ٿيندو، ڪا بہ شيءِ اهڙي خريد ڪري سگهجي ٿي، جا جڏهن وري ”انگلينڊ“ ۾ نيڪال ڪجي، تہ پئسا موٽي وري بہ ساڳيا ملن، رستي تي اهڙيون تشويش پيدا ڪندڙ شيون جي ڪجهہ ڏيڻ کان سواءِ ڏسي ٿي سگهياسون، انھن جي ڏسڻ لاءِ هو ڪافي تيار هو، پر جيڪڏهن انھن جي ڏسڻ لاءِ ڪجهہ ڏيڻو ٿي پيو، تہ هو هميشہ چوندو هو تہ مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ اهي ڏسڻ لائق نہ آهن، هن ڪڏهن بہ اهڙو هڪ بہ خرچ جو بل نہ ڏنو، جنھن تي ائين نہ چيو هجيس، تہ مسافري ڪيتري نہ خرچ واري آهي، جيتوڻيڪ پاڻ اڃا (جھڙيون مٿي بيان ڪيون ويون آهن). جڏهن ”ليغارن “ پھتاسون. تڏهن اسين بندر ۽ جـهـازن ڏسڻ لاءِ اوڏانھن گـهـمـڻ وياسون، بـنـدر تي هـن انگلينڊ ڏانھن سـمـنـڊ رستي مسافريءَ جي خرچ جي پڇا ڪئي، کيس ٻڌايو ويو تہ اهو (خرچ) سندس خشڪيءَ رستي وڃڻ جي مقابلي ۾ ٿورو آهي، انھيءَ ڪري هن مون کي منھنجي پگهار جو حصو جو ڏانھس وارو هو، سو ڏيئي، مون کان موڪلايو ۽ لنڊن وڃڻ لاءِ صرف هڪ خدمتگار سان گڏ جهاز ۾ روانو ٿيو.
آءٌ هاڻي هيڏي وڏي دنيا ۾ وري بہ هڪ دفعو اڪيلو ڇڏيو ويس، پر ان وقت اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي، جنھن تي آءٌ هري ويو هوس، بھرحال منھنجو موسيقي ۾ فن هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنھن ۾ هر هڪ هاري مون کان وڌيڪ سٺو سنگيت ڪار هو، مون کي فائدو ڏيئي نہ سگهيو، پر هن وقت تائين مون هڪ ٻيو هنر بہ حاصل ڪيو هو، جنھن منھنجي مقصد جي چڱي طرح مدد ڪئي، اهو هو بحث ڪرڻ جو هنر، سڀني خارجي يونيورسٽين ۽ مَڙَهَين ۾ ڪن ڏينھن تي ٻاهرئين ايندڙ بحث ڪندڙ واسطي مشقي مناظرا مقرر ڪيا ويندا آهن ان ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿيندڙ ماڻھو ڪنھن ڪاريگريءَ سان مقابلو ڪندو آهي، تہ هو انعام، ماني ۽ رات لاءِ بستري جو حق رکي سگهندو آهي، تنھن ڪري انگلينڊ ڏانھن ويندي رستي جو سفر انھيءَ نموني جي جدوجهد سان هٿ ڪيم، هڪ شھر کان ٻئي شھر ڏانھن پنڌ ڪيم ۽ انسانذات کي وڌيڪ قريب ٿي جانيچيم، يا ائين چوان تھ، مورت جا ٻئي پاسا ڏٺم، تاهم منھنجا چند رايا هي آهن: مون ڏٺو تہ شخصي حڪومت غريبن جي رهڻ لاءِ بھترين آهي ۽ شاهوڪارن لاءِ رعيتي راڄ. مون ڏٺو تہ عام طرح شاهوڪار آزاديءَ جو ٻيو نالو آهن ۽ ائين تہ هرڪو ماڻھو پنھنجي سر خود آزادي جو ايترو شوقين آهي، جيترو جماعت ۾ ڪن فردن جي خواهشن کي پنھنجي ما تحت ڪرڻ لاءِ خواهشمند نہ ٿيڻ جو.
انگلينڊ ۾ منھنجي پھچڻ تي مون پھريائين اوهان کي تعظيم پيش ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پھرين مھم جا اڳتي وڃي رهي آهي، ان ۾ رضا ڪار طور پنھنجي نالي داخل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر مسافري ڪندي، منھنجا ارادا هڪ جهوني واقفڪار سان ملڻ تي بدلجي ويا، جو مون ڏٺو تہ هڪ ناٽڪي ڪمپنيءَ جي ٽولي مان هو، جا ٻھراڙيءَ ۾ اونھاري جي سير تي پئي ويئي، ان ٽوليءِ مون کي هڪ رفيق طور پاڻ سان شآمل ڪيو، ۽ مون کي ان ڪم جي اهميت کان آگاھہ ڪيو، جنھن کي مون پنھنجو نصب العين بنايو هو، هنن چيو تہ عوام الناس گهڻن ذهنن واري عجيب خلقت آهي ۽ صرف اهو جنھن کي تمام سٺو دماغ آهي، اهو ئي ان کي راضي ڪري سگهي ٿو، ۽ ائين تہ اداڪاري هڪ ڏينھن ۾ سکي نٿي سگهجي ۽ ماڻھن کي سواءِ ڪن روايتي موڙن جي، جي صدين کان وٺي اسٽيج تي ۽ صرف اسٽيج تي ٿي رهيا آهن، آءٌ ڪڏهن بہ راضي ڪرڻ جو ڍونگ ڪري نٿي سگهيس. ٻي مشڪلات پاڻ کي پنھنجن ڪردارن متعلق لائق بنائڻ جي هيم، ڇاڪاڻ تہ گهڻو ڪري سڀڪو اداڪار پنھنجي ڪردار لاءِ تيار هوندو هو آءٌ ڪجهہ وقت لاءِ هڪ پارٽ کان ٻئي پارٽ ڏانھن تبديل ڪيو پئي ويس، جيستائينڪ آخر مون کي ”هوريشو“ جي پارٽ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنھن کي ادا ڪرڻ کان خوش نصيبي سان اوهان جي تشريف آوريءَ مون کي روڪيو.
______________
[1] نيو گيٽ: هيءُ لنڊن جو مشھور جبل آهي.
[2] گربز سٽريٽ لنڊن جي هڪ گهٽي، جا گولڊ سمٿ جي ڏينھن ۾ مصنفن جي رهائش کان مشھور هوندي هئي.
[3] پراپرٽيس هي هڪ مشھور رومي شاعر ٿي گذريو آهي.
[4] Pensylvania.
[5] چڪاسا انڊين؛-اتر آمريڪا جي هڪ قوم کي هن نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي.
[6] ائمسٽرڊئم ـــ هيءُ هالينڊ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
[7] لوون ــــ هي هڪ بيلجم جو مشھور شھر آهي.
[8] لقمان حڪيم: هي 600 سال عيسوي سن کان اڳ رهندو هو، هيءُ يونان جو رهاڪو هو، ۽ سندس ڪيتريون آکاڻيون ”ايسپ جي آکاڻين“ جي نالي سان مشھور آهن. شروعات ۾ هي هڪ غلام هو، مگر پوءِ آزاد ٿيو.
[9] پيٽرو پيروگنو: هي اٽليءَ جو هڪ مشھور نقاش هو.
[10] ويسٽ انڊيز: هي هڪ ٻيٽن جو ميڙ آهي.