ڪتاب جو نالو: دلبر ديس ۽ دل
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 25 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 502 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 147 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ نظم ۽ آزاد نظم شامل آھن. غوث پيرزادو لکي ٿو:
”زاهد شيخ جديد سنڌي شاعري جو جيترو سگهارو نالو آهي اوترو ئي وڏو ماڻهو آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي پيار ڪندڙ انسان آهي. زاھد شيخ جي نظمن ۾ بي ساختگي پنهنجي اوج تي نظر اچي ٿي اهڙِءَ ريت سندس ٻولي به ڪارونجهر جيان ڪر کنيون بيٺل نظر اچي ٿي. سندس ٻوليءَ ۾ مٺاڻ جا به مڻ آهن ۽ معصوميت سان گڏ هو شعر چوندي شاعريءَ جي عميق گهرائي ۾ وڃي اظهار ڪري ٿو ان ڪري جڏهن سندس شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته چئجي ٿو ته پڙهندو ئي رهجي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • انقلاب
  • جيئي عوام
  • سنڌ بچايون
  • انصاف
  • قومي ٻولي
  • علم سان پيار
  • سانئڻ عابده پروين کي ڀيٽا
  • رنڊي
  • شرابي
  • منهنجو مڙس
  • ڪاري
  • صبح ٿيندو
  • حلف نامو
  • قيد خانا
  • همرچو
  • منڪر
  • اسان جو عزم
  • نسل در نسل
  • شهيد فاضل راهوءَ جي ياد ۾
  • ڪربلا
  • پاپي
  • مٺاڻا اباڻا
  • دوستي
  • امن جو مسافر
  • وصيعت نامو
  • ماروئڙا
  • او! قاتل
  • قومي غيرت
  • شاعر
  • سنڌ
  • ساٿ جوڙيون
  • سورهيه بادشاهه
  • قيدي
  • ڀٽائي
  • اجرڪ
  • آءُ ته پنهنجي سنڌ ڳوليون
  • ڪراچيءَ جي نانءِ
  • ڪي ڪي ماڻهو
  • يادون
  • پهرين چُمي
  • خوشين جي ڳولا
  • ڪنهن کي پُڪاريون
  • وقت مٽجي پيو
  • نوڪري ۽ ڇوڪري
  • جانِ من
  • وسڪي
  • مٺي ڇوڪري
  • تون ڇا آهين
  • مرضي
  • مُنافقي
  • جواني
  • اسان جي منزل
  • مئخانو
  • امُيدن جو رستو
  • پنهنجو گهر
  • غربت
  • ملڪ نديم جي ياد ۾
  • پياري حَسن شيخ جي لاءِ
  • شرابين جو ميلو
  • سمنڊ جو اولاد
  • جيون کي جرڪايون
  • ماني
  • ڪارا وحشي
  • بي حسي
  • آسمان روئي ٿو
  • ڪلاڪار
  • عزت وارو
  • دين ۽ ڌرم
  • روزائتن ڏانهن
  • هيمون ڪالاڻيءَ جو ماءُ ڏانهن خط
  • شهيدن جو سپنو
  • سنڌ امڙ جو ساهه
  • سنڌي ميڊيا چينل
  • اسان خالي هٿين ناهيون
  • ڪارونجهر جي اُڃ
  • ڪا سنڌ به هئي
  • مُلان ۽ مسلمان
  • انتهاپسندي
  • ذهنن جا ڪاريگر
  • مستيءَ جو موسم
  • شيخ اياز جي ياد ۾
  • اُستاد بُخاريءَ جي ياد ۾
  • تنوير عباسيءَ جي ياد ۾
  • شيما ڪرماڻي
  • شاعر ۽ موسيقار
  • شاعر جو گهر
  • پنهنجو ڳوٺ
  • فيض واهه
  • خيرپور ميرس
  • سکر شهر
  • زندگي
  • آتم ڪٿا
  • ڏيئو

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    دلبر ديس ۽ دل

    زاهد شيخ

    موضوع: نظم ۽ آزاد نظم
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: جون 2017
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا

    اسٽاڪ
    سنڌ بڪس ڪراچي
    M.G-4, دي بڪ مال سامهون وومين ڪاليج اردو بازار ڪراچي، سنڌ
    021-32711010

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دلبر ديس ۽ دل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ نظم ۽ آزاد نظم شامل آھن. غوث پيرزادو لکي ٿو:
    ”زاهد شيخ جديد سنڌي شاعري جو جيترو سگهارو نالو آهي اوترو ئي وڏو ماڻهو آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي پيار ڪندڙ انسان آهي. زاھد شيخ جي نظمن ۾ بي ساختگي پنهنجي اوج تي نظر اچي ٿي اهڙِءَ ريت سندس ٻولي به ڪارونجهر جيان ڪر کنيون بيٺل نظر اچي ٿي. سندس ٻوليءَ ۾ مٺاڻ جا به مڻ آهن ۽ معصوميت سان گڏ هو شعر چوندي شاعريءَ جي عميق گهرائي ۾ وڃي اظهار ڪري ٿو ان ڪري جڏهن سندس شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته چئجي ٿو ته پڙهندو ئي رهجي.“
    ھي ڪتاب 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب دنيا جي
    سمورن پورهيت ماڻهن
    جي نانءِ ڪيان ٿو.


    پنهنجي پاران

    جيڪر مُنهنجي ديس ۾ امن ۽ انصاف هُجي ها ته منهنجي شاعري به رُڳو حُسن ۽ عشق جي جذبن سان ڀرپور هُجي ها، خوشين جا ميلا، مُرڪون، ٽهڪ ۽ خوبصورتين جا عڪس منهنجي شاعريءَ جا خاص موضوع هجن ها پر اِن جو مقصد اِهو هرگز ناهي ته ڪو منهنجو من هينئر اهڙن جذبن کان بلڪل خالي آهي نه منهنجا سائين، اِهي جذبا ته هر شاعر جي اندر جيان منهنجي اندر جو به مرڪز آهن پر هن وقت مان هڪ غلام قوم جو شاعر آهيان ان ڪري قومي غلاميءَ جا عذاب منهنجين سوچن تي حاوي رهن ٿا، منهنجي ديس تي هر طرف کان ڌارين جو قبضو آهي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن هجڻ جا عذاب جڏهن منهنجي من کي وڍين ٿا تڏهن ئي ته مان پنهنجي هر شعر ۾ پنهنجي اندر جي باهه جا شعله ڀريان ٿو هيءَ شاعري ائين ئي ڪو نه ٿي ٿئي جڏهن ڪو ڌڪ لڳي ٿو تڏهن ئي دانهون ڪجن ٿيون مون کي خبر آهي ته هنن دانهن جو رستو تختئه دار ڏي وڃي ٿو پر مونکي دانهون ڪرڻيون آهن ۽ ڪندو رهندس، ”دلبر ديس ۽ دل“ کي گڏ کڻي ”درد ڏکايل ديس جا“، لکندو ئي رهندس اِن اُميد سان گڏ ته من منهنجي هن درد مند ديس جا مانجهي مُڙس ۽ باهمت مايون جاڳي پون ۽ پاڻ ۾ ڪا اهڙي قومي ٻڌي ڪري وجهن جنهن سان پنهنجي ديس کي قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ جي عذابن مان ڪو آجپو ڏياري سگهجي.

    اوهان جو پنهنجو

    زاهد شيخ
    ڪراچي سنڌ
    Cell # 0336-3500030


    مهاڳ

    منهنجي لاءِ حيرانيءَ گاڏڙ خوشيءَ جو مقام آهي جو مان سنڌ جي ارڏي شاعر زاهد شيخ جي شعري مجموعي “دلبر، ديس ۽ دل” جو مهاڳ لکي رهيو آهيان. جيڪو سندس نطمن تي آڌاريل آهي. هن جي روح مان ڦٽي نڪتل تحريرن کي پڙهي ان ڳالهه ۾ ويساهه پختو ٿيندو آهي ته شاعر فطري طور پيدا ٿيندا آهن. لکين ڪروڙين اربين ماڻهن مان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي شاعر، اديب ۽ ليکڪ ٿيندا آهن جيڪي آڪاش مان تارا لاهي اسان جي روح ۾ پوئيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو اهڙا بي هوندا آهن جيڪي پنهنجي پيڙا کي لفظن جو ويس ڍڪائڻ ۾ ناڪا ويندا آهن. فطري طور پيدا ٿيل شاعرن جي هر سٽ توهان جي روح کي جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي، هر لفظ توهان جي ضمير کي چهنڊيون پائيندو آهي ۽ هر جملو توهان جو چين چورائي هليو ويندو آهي، ٻيءَ صورت ۾ اٺ ڪتابن جا تاريخ جي اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي ويندا آهن. ديوانن جا ديوان ماڻهن جي روح تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهيا ۽ پنن جو ڍير بڻجي رهجي ويا ۽ ڪي اهڙا شاعر به پيدا ٿيا جن جي سموري شاعري ماڻهن جي دلين تي لکجي وئي، صديون گذرڻ جي باوجود ماڻهو سندن شاعريءَ جو ورد ڪندا رهيا ۽ سالن جا سال سندن گيت ماڻهن جي چپن تي جهونگاربا رهيا.ماڻهن سندن ڪلامن کي دلين ۾ لاهي ڇڏيو ۽ سندن تخليقن سان روح کي گرمائيندا رهيا. سنڌي شاعريءَ کي به پنهنجو صدين جو هڪ پسمنظر رهيو آهي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان ويندي جديد سنڌ شاعريءَ تائين جو سفر کوڙ سارين پراسرار راتين سان ڀريو پيو آهي، کوڙ سارا دلفريب منظر ۽ کوڙ ساريون ڪربلائون سميٽي رکندڙ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ پڙهجي ٿي ته دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي جڏهن ڀٽائيءَ جوبيت“هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار: شاهه” جڏهن پڙهجي ٿو ته ان ڳالهه ۾ ويساهه پختو ٿي وڃي ٿو ته جيڪڏهن اوهان سموري دنيا جي پرواهه نه ڪندي رڳو دل سان هم ڪلام ٿيا ۽ بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو ته پوءِ لفظ به اوهان جو ساٿ ڏيندا، ٻولي به اوهان جي اڳيان رقص ڪرڻ لڳندي ، اکر اوهان جي اڳيان ٻانهون ٻڌي پنهنجي استعمال لاءِ اوهان کي ٻاڏائيندو ۽ بي ساختگي به اوهان جي تخليق جو زيور بڻجي ويندي جيڪي ڳالهيون ئي شاعريءَ جي حسن جو ثبوت آهن.
    سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ سنڌي شاعري جو مقداراسان جي سماج ۾ وڌيو آهي. سنڌ جو نوجوان جهجهي انداز ۾ شاعري ڏانهن موٽي آيو آهي ۽ اهڙي دور ۾ وري سنڌي شاعري ۾ ساهه پوندي نظر آيو آهي جنهن دور ۾ اسان جو سماج هڪ ماٺار مان گذري رهيو هو. اتساهه جا ذريعا سويت يونين جي ٽٽڻ کانپو هڪ هڪ ٿي ختم ٿي رهيا هئا ڇو ته سويت يونين جي موجودگي واري دور ۾ سموري دنيا اندر سياسي تحريڪن جو هڪ دور هلندڙ هيو، جيڪي تحريڪون تبديلي، انقلاب ۽ مذاحمت لاءِ اتساهينديون هيون. انقلابي نوجوان ڪتاب پڙهندا هئا دنيا جي انقلابن بابت ڏينهن رات اسٽڊي ڪرڻ سندن معمول بڻجي ويو هو. ڪنهن دور ۾ نوجوانن جي لاءِ اسٽڊي سرڪلس هلنديون هيون، ادبي سنگت جا ڪلاس منجهن روح ڦوڪيندا هئا ۽ سنڌ جو تخليقي عنصر هڪ تحرڪ ۾ هيو. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته ڪو تحريڪن مان اتساهه جي نتيجي ۾ رڳو مذاحمتي شاعري ٿي رهي هئي پر ايترو هيو جو رومانوي شاعري به پنهنجي اندر ۾ هڪ گهرائي کڻي بيٺل هئي پر جيئن ئي سنڌ جي اندر سياسي تحريڪن جو زور ختم ٿيو عالمي وايو منڊل تبديل ٿي ويو ته نئين ٽهيءَ جي اندر خطرناڪ خاموشيءَ جنم ورتو ۽ ڏهاڪو سال کن جي ٻڏتر سنڌ جي تخيلقي ماحول کي به پنهنجي آفت جو شڪار بڻايو پر سوشل ميڊيا جي اچڻ سان هڪ فائدو اهو ٿيو جو نوجوانن جو وڏو انگ شاعري ڏانهن آيو توڙي جو انهن جي ڪا ايڏي وڏي اسٽڊي به نه هئي نه وري ڪو سياسي شعور ۽ ان شعور مان ڦٽي نڪتل تحرڪ سان مکا ميل ٿيا هئا پر جيئن ته شاعري کي فيس بوڪ تي رکڻ سان سندن نالو ۽ تصوير فيس بوڪ تي اچي رهي هئي تنهن ڪري هنن جو شاعري ڏانهن اچڻ ضروري بڻجي ويو يا وري هو جبري طور شاعري ڏانهن آيا جنهن ڳالهه کي هر صورت ۾ اتساهي ئي سگهجي ٿو ڇوته هاڻي هن سماج ۾ وڌيڪ ڌاڙيل، گنڊا ۽ چور پالڻ جي سگهه نه رهي آهي تنهن ڪري شاعر جو هجڻ پڻ هڪ سڀاويڪ آهي ۽ وڏي انگ ۾ شاعر فيس بوڪ تي نظر اچن ٿا جيڪو هڪ مثبت عمل آهي پر جيئن ته تاريخ جو ڦيٿو هڪ هنڌ بيهي نه ٿو رهي تنهن ڪري شاعرن جي هڪ وڏي فوج ۾ کوڙ سارين تبديلن جي ضرورت به نظر اچي ٿي. فيس بوڪ تي پنهنجي سماج کي پڙهڻ جو جهجهو موقعو مليو آهي جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته هاڻي اسان جي سماج مان سهپ ختم ٿي رهي آهي، نوجوان هروڀرو جي وهوا چاهي ٿو، ڪچين ڦڪين شين تي کيس ڪنهن به صورت ۾ تعريف گهرجي ٿي. پراڻي ٽهي جڏهن نئين ٽهي هئي ته اها تنقيد کي ڀليڪار ڪندي هئي پر اڄ جي ٽهي تنقيد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي به سگهي ٿي ته اڄ جو نوجوان جو اهو بيڪ گرائونڊ ناهي جيڪو ستر، اسي يا نوي جي ڏهاڪي وارن نوجوانن جو هيو پر افسوس جو عالم اهو آهي ته سينيئر پيڙهيءَ جا شاعر وري خودساخته گرو بڻجي ويا آهن، هنن کي ٿورو به پير مرشد وارو پروٽوڪول نه ٿو ملي ته هو هيٺاهينءَ تي لهي اچن ٿا ۽ اهڙي قسم جي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا جن سان اديب جو اميج معاشري جي اندر خراب ٿي وڃي ٿو ۽ ڪيترائي سينيئر شاعر اوهان کي چوويهه ڪلاڪ فيس بوڪ تي ويٺل نظر ايندا جن جا به کوڙ سارا چيلا پاليل آهن جيڪي هر وقت هٿيارن سان ليس هوندا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ اگر ڪنهن جي ڦٽي ٿي ۽ گرو تي ڪا تنقيدي نظر وجهي ٿو ڇڏي ته پوءِ الله الله خير صلاه سو اهڙي صورتحال ۾ ڪي شاعر يا اديب پڻ موجود آهن جيڪي خاموشيءَ سان پنهنجو تخليقي پورهيو به ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ کي ڌڙا ڌڙ ادب به ڏئي رهيا آهن، جن ۾ شاعر زاهد شيخ پڻ هڪ آهي جنهن هميشه ڄنڊا پٽ کان پاسو ڪندي پنهنجو تخليقي ڪم ئي پئي ڪيو آهي.
    اسي جو ڏهاڪو سنڌ ۾ سياسي تحريڪن جي اوج جو زمانو هو يا نظرياتي سياست پنهنجو آخري ڀرپور دور گذاري رهي هئي، تڏهن سنڌ جي فضائن ۾ هڪڙو گيت هڪ رڙ جيان گونجي اٿيو هو جنهن هر ٻڍي توڙي ٻار کي جهنجهوڙي ننڊ مان جاڳائي وڌو هو جنهن گيت سنڌ جي مڙدي ۾ ٻيهر ساهه وجهي ڇڏيو هو، جنهن گيت لکين ماڻهن کي جدوجهد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو، سچ به اهو معجزو هيو جو سالن جي جدوجهد ۽ نظرياتي سياست ماڻهن کي ايترو تحريڪن سان نه جوڙيو هو جيترو هڪ گيت ماڻهن جي اندر ويڙهه جو ساهه ڦوڪيو هو.
    “ٻالڪ ٻالڪ هاريءَ جو ڪانئر اک ۾ ڪنڊو آ،
    ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي ۾ اڄ ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ”
    يا
    قاتل او قاتل بدلو وٺنداسي
    هر خون جي قطري قطري جو
    اهي گيت سنڌ جي ان سانوري نوجوان ڳاتا هئا جيڪو سرمد سنڌيءَ جي نالي سان سنڌ جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ لڳو هو. پر ماڻهن هنن گيتن جي تخليقڪار جا هٿ ۽ پير چمڻ چاهيا هئا ۽ سندس اکين کي سجدا ڪيا هئا سو سنڌ جو خوبصورت شاعر زاهد شيخ هيو ۽ زاهد شيخ ئي هيو جنهن جديد سنڌي شاعريءَ کي ماڻهن جي اندر مزاحمت جي صورت ۾ آڊيو ڪيسيٽن ذريعي آڻڻ جو اهو انداز آندو هو جيڪو نه ته هن کان اڳ ڪٿي نظر آيو هو نه وري بعد ۾ ڪٿي نظر آيو. هن کان اڳ جلسن ۾ شاعر پنهنجي زباني گيت جهونگاري دلين جون ڌڙڪنون بڻيا هئا، جن کان سواءِ محفلون ويران لڳنديون هيون ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، همدرد ۽ ٻيا کوڙ سارا شاعر جن ۾ منظور سولنگي ۽ حافظ رجب کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي سي جلسن کي پنهنجي انقلابي گيتن سان گرمائي ڇڏيندا هئا جن کي تاريخ هميشه اتساه سان ياد رکندي ۽ وري جڏهن زاهد شيخ آيو ته هو پاڻ سان سڀ ڪجهه نئون کڻي آيو. هي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر جيئان نئين دور جو اهڙو جادوئي آواز ٿي گونجيو جنهن ٻارڻ ٻاري ڇڏيا. هن ۾ جيڪا ٻين مٿين کان ڳالهه مختلف هئي سا اها هئي ته هي جلسن ۾ ڳائيندڙ شاعر به هيو ته گڏو گڏ هو اهڙو شاعر به هيو جنهن آڊيو جي دنيا تي قبضو ڪري ورتو. ڪيسيٽن ذريعي سندس شاعري سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن کي هٽائي هڪ ڪري ڇڏيو هو. هن جي شاعريءَ جون ڪيسيٽون دڪانن تي بليڪ تي وڪامجڻ لڳيون. ڪيسيٽ آئي ناهي ۽ وئي ناهي. هي شاعر ئي هيو جنهن سرمد سنڌي کي سرمد سنڌي بڻايو. جهڙيءَ ريت منظور سخيراڻي جي روزي روٽي استاد بخاري ۽ تبسم سان وابسته ٿي وئي هئي اهڙي ريت سرمد سنڌي جي روزگار جو ذريعو زاهد شيخ جي شاعري بڻجي وئي، جنهن هن جو بنياد پختو ڪيو ۽ کيس سنڌ جو ٻيجل بڻائي ڇڏيو اها ٻي ڳالهه آهي ته شهرت جي بلندين تي پهچڻ بعد سرمد پنهنجي محسن کي ڪيترو مان ڏنو هو..
    زاهد شيخ جا گيت بسن، ٽرڪن، رڪشن، ۽ هوٽلن تي عوام جي خاص ضرورت بڻجي ويا. ۽ اصل ۾ اهائي هڪ شاعر جي ڪاميابي هوندي آهي ته هو عوام جي دلين جو ڌڙڪو بڻجي رهجي وڃي جيئن ته هڪ شاعر جو اهو ڪمال هوندو آهي ته هو ٽرينڊ سيٽر بڻجي وڃي ۽ هو ڪجهه اهڙو ڏئي وڃي جيڪو مثال بڻجي وڃي. ۽ زاهد شيخ جي گيتن جي بي انتها مقبوليت کان پوءِ اها راءِ به رد ٿي وئي ته روايتي شاعري ئي عوامي شاعري هجي ٿي ۽ جديد شاعرن کي عوام نه ٿو سڃاڻي پر پوءِ اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي وئي ته جيڪڏهن اوهان عوام سان دل سان سلهاڙيل آهيو ۽ جيڪڏهن ڌرتي جي دکن جو ادراڪ رکو ٿا ته اهو اوهان جي تخليق ۾ رت جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو ۽ عوام اوهان کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺي ٿو. سو زاهد جا گيت نه رڳو عوام جي دلين جو ڌڙڪو بڻجي گونجيا هئا پر هن جي گيتن بڙڇيون بڻجي سماج جي فرسوده روايتن کي چچري ڇڏيو هو هن جو آواز ان الحق جو آواز بڻجي پيو هو ۽ هن جا گيت تحريڪن جي جان بڻجي ويا هئا. هن ڪڏهن به ان سوال تي به نه سوچيو ته مونکي ماڻهن جي طرفان ڪهڙي موٽ ملي ٿي؟ هن ان جو روئڻو به نه رنو آهي ته منهنجي گيتن جي بدلي ۾ مونکي ڇا مليو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته کيس اها پڪ هجي ته اڄ به هن جو نالو عوام جي دلين تي لکيل آهي اڄ به ماڻهو هن سان ايتري محبت ڪن ٿا جيتري هن جي شروعاتي دور ۾ هن سان ڪندا هئا پر هڪ تخليقڪار کي اهڙي شڪايت ڪرڻ به نه گهرجي ڇو ته هو اهو نيت ۾ رکي لکي به نه ٿو ته ڪو مونکي ان جي بدلي ۾ اسٽيٽس ٺاهڻو آهي يا وري جيڪي اهو ذهن ۾ رکي لکن ٿا تن کي ڪا عزت ملي آهي.
    زاهد شيخ جديد سنڌي شاعري جو جيترو سگهارو نالو آهي اوترو ئي وڏو ماڻهو آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي پيار ڪندڙ انسان آهي، جڏهن به ملندو ته مرڪ سندس چهري تي رقص ڪندي نظر ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن سان جڏهن ڪا مذاق ڪبي آهي ته هو انهن شرميلين ڇوڪرين جهڙو به ٿي پوندو آهي جيڪي پيار جو اظهار ڪندي ڪندي پنهنجو محبوب وڃائي ويهي رهنديون آهن. هي سانورو شهزادو انتهائي الهه لوڪ ۽ پنهنجي تنهائي سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهي. هن سان ملندئو ته توهان سان دل کولي ڪچهريون ڪندو، جيءَ ۾ جايون ڏيندو ۽ دل جا سمورا دسترخوان وڇائي اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندو. وٽس ويندا ته اٿي ڀاڪر پائي اوهان کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريندو پر جيڪڏهن نه ويندا ته پنهنجي گهر خوش هجو. هي سموريون ڳالهيون ڪرڻ انتهائي ضروري به انڪري هونديون آهن جو اوهان جو سڀاءُ ضرور اوهان جي شاعريءَ سان لاڳو هوندو آهي ۽ مٿين ڳالهين ڪرڻ جو مطلب به آهي ته هن جو سڀاءُ اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو انتهائي، سٻاجهو، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ مرڪون آڇيندڙ ته آهي ئي پر هو ارڏو به آهي. هو ڪڏهن به ڪنهن سطحي پڻي جو شڪار نه ٿو ٿئي ۽ اها ئي هڪ تخليقڪار جي سڃاڻپ آهي. زاهد شيخ ڊگهي عرصي کان شاعري سرجي پيو ۽ ڊگهي عرصي کان ڪراچي ۾ رهي پيو ۽ هو سنڌ جو مڃيل شاعر آهي ۽ سنڌ ان حوالي سان ئي کيس ياد ڪري ٿي هن جو ادبي قد ڪاٺ ڪيترن انهن شاعرن کان مٿي آهي، جن رڳو شاعريءَ ۾ شمار ٿيڻ لاءِ لکين روپيا دعوتن تي لٽائي ڇڏيا، جن جي لکين رپيا پگهار جو پنجاهه سيڪڙو اديبن جي دعوتن تي صرف ٿئي ٿو پر زاهد شيخ سنڌي شاعريءَ جو علي بابا آهي نه ته کيس وڏو شاعر هجڻ جي باوجود وڏو سڏائڻ جو ڪمپليڪس آهي نه وري کيس اسٽيجن تي صدارتن جو شوق آهي. پر اسان جي ادبي ادارن جي نابينائي چئبي جو هو اهڙي شخص کي اهڙن موقعن تي ياد ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن جن موقعن تي هن شاعر ۽ هن ڪلاڪار جو هجڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. ڪلاڪار جو لفظ آيو ئي آهي ته اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته انتهائي سريلو ۽ محفلون لٽيندڙ راڳي به آهي ۽ هو پيشي جي لحاظ کان استاد به آهي پر هن ڪڏهن به پنهنجي پاڻ پڏائيءَ کي اهميت نه ڏني آهي.
    جڏهن اديبن جا هڪ ٻئي جا قد ڪڇائيءَ تي جهڳڙا ٿيندا آهن ۽ هو هڪ ٻئي جو قد ننڍو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نهايت ئي هيٺ لهي ويندا آهن ان وقت زاهد شيخ ضرور ياد ايندو آهي ۽ ضرور اهو جواب ملي ويندو آهي ته هي شخص اديبن کان ايترو پري ڇو آهي ۽ سڀني کان پري ويهي ڪري پنهنجي ڪم ۾ ڇو مگن آهي؟ ته هڪ خوشيءَ گاڏڙ اها وضاحت به ملي ويندي آهي ته شايد اهو ئي سبب آهي جو هو لڳاتار لکي رهيو آهي ۽ شاهڪار لکي رهيو آهي سندس قلم ڪٿي به ماٺو نه ٿيو آهي. هن اڪيچار شاعريءَ جا مجموعا سنڌ کي ڏنا آهن. هن ڀرپور غزل به لکيو آهي ته سڏڪندڙ وايون به لکيون آهن ته ڇيريون پائي ڇم ڇم ڪندڙ گيت به ڏنا آهن.
    هاڻي سنڌ جي هن حسين شاعرجو آزاد نظمن جو هي مجموعو ” دلبر ديس ۽ دل“ به سنڌ جي جهول ۾ اچي رهيو آهي جنهن جو عنوان به اهڙو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته محبوب جيترو ئي وطن عزيز آهي ۽ زاهد شيخ ڄڻ ته اهو چوندي نظر اچي ٿو ته هر دل جو ڌڙڪو ٻڌي سگهڻ جي سگهه رکان ٿو تنهن ڪري ئي لڳاتار لکي رهيو آهيان. زاهد شيخ جون وايون پڙهي چئبو آهي ته هي واين جو ئي خوبصورت شاعر آهي وري غزل پڙهي لڳندو آهي ته هن کي رڳو غزل ئي لکڻ گهرجن ۽ اڄ جڏهن سندس نظم نظر مان گذريا آهن ته لڳي ٿو ته هو نظم جو ته انتهائي سگهارو شاعر آهي ۽ اها ئي هڪ فطري تخليقڪار جي سڃاڻپ هجي ٿي ته ڪابه صنف کيس پنهنجي پنجوڙن ۾ جڪڙي نه سگهي. هو جنهن به صنف تي هٿ رکندو ته لڳندو هو ان ئي صنف تي سڀني کان وڌيڪ قدرت رکي ٿو.
    سندس نظمن ۾ بي ساختگي پنهنجي اوج تي نظر اچي ٿي اهڙِءَ ريت سندس ٻولي به ڪارونجهر جيان ڪر کنيون بيٺل نظر اچي ٿي سندس ٻوليءَ ۾ مٺاڻ جا به مڻ آهن ۽ معصوميت سان گڏ هو شعر چوندي شاعريءَ جي عميق گهرائي ۾ وڃي اظهار ڪري ٿو ان ڪري جڏهن سندس شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته چئجي ٿو ته پڙهندو ئي رهجي.
    جيئن ته شاعر بنيادي طور تي رومانوي طبعيت جو ٿيندو آهي رومانس هن جي روح جي لاءِ آڪسيجن هوندو آهي ۽ اها رومانوي اک ئي کيس شاعر بڻائي ڇڏيندي آهي. هن مجموعي ۾ سندس هڪ نطم “پهرين چمي” پڙهندي ماڻهو جو روح تاريخ جي ويرانين ۾ ڀٽڪڻ لڳي ٿو. توڙي جو هي نظم حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ سنڌين جي قتل عام جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر هن جي وسعت مڪلي جي قبرستان ۾ گونجدڙ سڏڪن ڏانهن وٺي ٿي وڃي، صدين کان هن ڌرتي جي ماڻهن جي بي گناهه وهايل خون جي ڪهاڻي ٿي لڳي جنهن ڪهاڻي ۾ نه رڳو مرد پر عورتون به وڙهيون آهن، جن هر دور ۾ پئي مذاحمت ڪئي آهي سو هي نطم تاريخ جو نوحو بڻجي اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ اسان کي هڪ ڪارو ويس اوڍائي هليو ٿو وڃي. هن نطم جو هيرو پنهنجي نئين پرڻيل ونيءَ کي چوي ٿو ته پهرين چمي بندوق کي ڏيندس ۽ جڏهن ڪراچي مان موٽي ايندس تي ٻي چمي تنهنجي ڳاڙهن ڳٽن کي ضرور ڏبي. شاعري تاريخ جو سچ ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن ان کي ڪو شاعر اظهارڻ ۾ ڪامياب ويو ته اهو زاهد شيخ جيان عوام جي دلين ۾ پيو ڌڙڪندو آهي. هن ئي نظم ۾ هو محبوبا کي چوي ٿو:
    ”چڱو هاڻي گڏجي وکون ٿا کڻون
    وڏي وير بڻجي وڌي ٿا هلون“

    اهو ئي ڪلائيميڪس آهي نظم جو ۽ اهو ئي اتساهه آهي جيڪو ايمان کي تازو ڪري ٿو ڇڏي جڏهن تخليقڪار حالتن جي اڳيان هار نه ٿو کائي. بنيادي طور تي زاهد شيخ ڌرتيءَ جو شاعر آهي هن جي شاعري جو محور ڌرتي آهي ۽ پنهنجي ڌرتي تان بيهي دنيا جي حسن کي ڳائڻ ڪيترو لطف ڏيندڙ آهي سو سچ به “دلبر ديس ۽ دل” پڙهڻ کان پوءِ واضح ٿئي ٿو. نطم اجرڪ به من کي موهي ٿو وجهي:
    ستارن جي دنيا مان اجرڪ جو منظر
    هوائن جي سنگم سان ڌرتيءَ تي آيو
    ته مهراڻ موجن ۾ مستي مچي وئي

    مٿيون نظم ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته ثقافتي طور تي شاعر ڪيترو گهرو آهي ۽ سندس هر حواس ۽ انگ انگ تي ڌرتي جو حسن جهومندي نظر اچي ٿو. هن وٽ شاعري رڳو سهڻا لفظ ناهن جيڪي ماڻهو کي گهڙي پل جو مزو ڏين پر هن وٽ شاعري غيرمحسوساتي طريقي سان پنهنجو مقصد کڻي اچي ٿي ۽ هو اجرڪ جي حسن جو ذڪر ڪندي ۽ ان اجرڪ کي ڪلهڙن تي ٺهندڙ چوڻ کان وٺي آخر اتي وڃي ٿو پڄاڻي تي پهچائي ته هن اجرڪ رکندڙ ديس جا ماڻهو امن پسند آهن جيڪي دنيا جي مظلومن سان گڏ بيٺل آهن ۽ اجرڪ ڄڻ ته ظلمن جي اڳيان سچائيءَ جي سڏ جيان بيٺل آهي. زاهد شيخ جي هن مجموعي ۾ ڪراچي نظم به پنهنجي جوهر ۾ تمام گهڻو گهرو آهي، هن کي پڙهندي ڪراچي سان اٽيچمينٽ وڌيڪ گهري ٿي وڃي ٿي پڙهندڙ ڪراچي جي روح کي پنهنجي جسم ۾ گهمندي ڦرندي محسوس ڪري ٿو:
    اي زخمي شهر جي خاموشي
    مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو
    هن ۾ جڏهن ڪراچي جي خاموشي سان مخاطب ٿئي ٿو ته روح سراپا درد بڻجي وڃي ٿو هي جيڪو روشينن جو شهر هيو ، زندگي جنهنجو استعارو هيو تنهن تي هي خاموشي جي ڪاري رات مڙهيل ڏسي شاعر جو اواز جهيڻو ٿي ويو آهي ۽ کيس چوي ٿو ته هي دراوڙي نسل جو ماڻهو پيار پوکيندڙ آهي يا پيار جو پانڌيئڙو آهي اهو تنهنجي خاموشي تي ارهو آهي ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته هن شهر جون ڪجهه يادون آهن جيڪي منهنجو سرمايو آهن،اها نرالي شام ڪاڏي وئي جيڪا مون هن سان گذاري هئي. مونکي هي مجموعو پڙهندي حيراني صرف اها آهي ته ڇا ڪو تخليقڪار پنهنجي اندر ۾ ايڏو ڪميٽيڊ به ٿي سگهي ٿو جيڪو ڌرتي، تاريخ ۽ عشق کي گڏ گڏ کڻي ٿو هلي، پر جواب ملي ٿو وڃي ته ها زاهد شيخ آهي جنهن جي اندر جي دنيا شاعر جي معصوميت جيان آهي ۽ اها ڌرتي جي ارڏي پٽ جي معصوميت به آهي. هن جا نظم ڄڻ ته اوجاڳن جي هڪ اهڙي ڪٿا آهن جنهن ۾ هڪ هڪ رات سڏڪندي گذاريل چٽي پٽي نظر اچي ٿي. داخليت ئي ماڻهو جو شناختي ڪارڊ آهي، جيستائين توهان جي تخليق ۾ توهان موجود نه آهيو تيستائين توهان جي تخليق پڙهندڙ تي اثر نه ٿي ڇڏي سگهي. هن مجموعي ۾ ”يادون“ نظم هڪ اهڙو نظم آهي جنهن ۾ شاعر ٻڌائي ٿو ته پيارن کان وڇڙي جيئڻ ڪيڏو عذابناڪ هوندو آهي. انهن ماڻهن کان جدا ٿيڻ برهه جي باهه ۾ جلائي ڇڏيندو آهي جن سان اکيون اکين ۾ ملائي اوهين کليا هجو، رنا هجو ۽ پرتا هجو. جڏهن اهڙا ماڻهو زندگي مان هليا ويندا آهن ته پويان رڳو ويراني رهجي ويندي آهي ۽ اڪيلائي جي نٽهڻ اس جو منظر پيش ڪري رهي هوندي آهي. يا وري هڪ نظم ”تون ڇا آهين“ به هڪ داخليت جو سچو اظهار آهي جنهن ۾ هو هڪ ڌڙڪندڙ دل کي جيئن جو تيئن ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي:
    صبح جي هير تنهنجي پيار جي احساس جهڙي آ
    تنهنجي پاسي ۾ هرڪا شام وسڪيءَ جام جهڙي آ
    تنهنجي هر مرڪ منهنجي شاعريءَ جو روح بڻجي وئي

    ياوري ساڳئي نطم ۾ چوي ٿو:
    نه پڇندي ڪر مونکان جانان
    ته منهنجي لاءِ تون ڇا هين
    هي نطم هوا جي جهوٽي جهڙو آهي جنهن ۾ ڪابه شعوري ڪوشش نظر نه ٿي اچي، فطري انداز سان محبوبه سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ اها ئي اوريجنلٽي هوندي آهي جيڪا هڪ ليکڪ کي زندهه رکندي آهي ۽ اوريجنلٽي زاهد جي هر نظم ۾ جيئن جو تيئن نظر اچي ٿي. زاهد شيخ جي هن شعري مجموعي ۾ مضمونن جي ورائٽي به ملي ٿي ته سوچن جا اکٽ سمنڊ به ملن ٿا، هن ۾ نه رڳو ڌرتي موجود آهي پر هن ۾ سمنڊ به آهي ته ماهيگيرن جا مسئلا به آهن ته انتهاپسندي تي به لکيو ويو آهي. سنڌ جي سرموڙ شاعر استاد بخاري کي به ياد ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لکاريءَ تي فرض به آهي ته هو ڌرتي ءَ جي اتساهيندڙ ڪردارن کي به پڙهندڙ جي اڳيان پنهنجي ڀيٽا طور آڻي کين هڪ قسم جو پيغام ڏئي ته هي ڪردار اسان جا آهن ۽ هنن کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. زاهد شيخ جو هي شعري مجموعو ڄڻ ته هڪ آئين آهي يا ڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن تي عمل ڪندي هن سماج جي مڙني براين کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن پنهنجي هن مجموعي ۾ بي جوڙ شادين ۽ ڪارو ڪاري جهڙن مسئلن تي به طاقت سان لکي سماج جي بدعتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. مثال جي طور تي هو چوي ٿو ته:
    مڙس چوان ٿي لڄ مران، بابو به سڏي هن کي نه سگهان.
    هي نظم سماج جي مٿان اهڙي ڦٽڪار آهي جنهن جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو رهندو ۽ هڪ فنڪار، هڪ آرٽسٽ يا هڪ شاعر ايترو ئي ڪري سگهي ٿو ته هو هڪ آئينو ڏيکاري ۽ هڪ هنڌ “ڪاري” نظم ۾ سماج کي هن ريت آئينو به ڏيکاريو آهي ته:
    هر ويڙهي ۾ ويو هُل هُلي
    هوءَ ڪاري هئي هوءَ ڪاري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي
    دلبر ديس ۽ دل زاهد شيخ جي هن مجموعي ۾ سندس شاهڪار نظم
    “او قاتل او قاتل، بدلو وٺنداسين
    هر خون جي قطر قطري قطري جو”
    هي نظم هن مجموعي ۾ شامل آهي جيڪو نطم زاهد شيخ جي ئي سڃاڻپ آهي. اسان کي اميد آهي ته زاهد اڃان به پنهنجي تخليق جي جوهر سان سنڌ کي مالا مال ڪندو رهندو ۽ سنڌ سندس شاعريءَ جي ڪتابن جو محبوبائن وانگر انتظار ڪندي رهندي.

    غوث پيرزادو


    انقلاب

    صدين کان هي اکين جا خواب انقلاب ٿا گُهرن
    سموري دُنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهُرن-

    اکين جي آب سان اسان لکئون ڏکن جا باب ٿا
    جَبُر اڳيان نٿا جُهڪئون کراڪيئون خطاب ٿا
    اسان جا سَڀُ لکيل ڪتاب انقلاب ٿا گهُرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهرن

    پڙهي ٿي هر نظر نظر عظيم علم جا اکر
    اسان کي عشق ڏئي ڇڏيا حَسين سوچ جا سفر
    هي نينهن جا نوان نصاب انقلاب ٿا گهرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهرن

    پرهه پرهه جي ماڪ ٿي صبح جي سج کي سڏي
    صبح صبح جو سج ٿو ٻنيءَ ۾ ٻج کي ڇٽي
    چمن جا مهڪندڙ گلاب انلاب ٿا گُهرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهرن

    رکو ٿا جي حقير سوچ پنهنجي پاڻ تئين رکو
    حُسن تي هاڻي بندشون رکي اوهان نٿا سگهو
    شهر شهر منجهان شباب انقلاب ٿا گُهرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهرن

    ڏکن بُکن ۾ ڇا ڪرن زهر جا ڍُڪ ٿا ڀَرِن
    صدين کان درد ۾ دُکيا نسل سوال ٿا ڪرَن
    اُٿو اِنهن کي ڏيو جواب انقلاب ٿا گُهرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گُهرن

    زاهد جي گيت گيت ۾ پريت جي پُڪار آ
    سُرن ۾ جيڪو سڏ آ سمايو تار تار آ
    راهُن ۾ ٿا وڄن رباب انقلاب ٿا گهرن
    سموري دنيا جا عذاب انقلاب ٿا گهرن


    جيئي عوام

    جيئي عوام جيئي عوام
    اسان جو نعرو جيئي عوام

    مُريد چئي ٿو ته پير جيئندو
    وڏيرو چئي ٿو وزير جيئندو
    پُڇو اسان کان ته ڪير جيئندو
    عوام آهي دلير جيئندو
    ٺڳن سندا هي نه ٺاٺ رهندا
    نه ڏاڍ جا قيد ڪاٺ رهندا
    ڪِنن ڪُڌن کي ڪبو تمام
    جيئي عوام جيئي عوام
    اسان جو نعرو جيئي عوام

    اوهان جي سياست فراڊ نفرت
    اسان جي سياست آهي عبادت
    اوهان ڏيو ٿا عذاب ڏاڍا
    اسان اُڀا ڪِيا ڏکن تي ڏاٽا
    جلي جلي نيٺ ڀڙڪنداسين
    ڀلي مَرئون پر نه موٽنداسين
    جَبُر سان جنگيون ڪنداسين عام
    جيئي عوام جيئي عوام
    اسان جو نعرو جيئي عوام

    عوام جذبو عوام جُرئت
    عوام ارڏو عوام طاقت
    عوام زاهد اسان جو دلبر
    عوام سائين عوام رهبر
    اڃان پُڇو ٿا عوام ڪهڙو
    عوام طوفان سمنڊ جهڙو
    عوام کي ئي ڪبو سلام
    جيئي عوام جيئي عوام
    اسان جو نعرو جيئي عوام


    سنڌ بچايون

    بدن بدن کي باهه بڻائي
    لڱ لڱ پنهنجو لوهه جو ٺاهي
    سارو سورهيه راڄ سڏائي
    پنهنجا ويڙهو هٿ وڌائي
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون

    هاءِ ڪراچيءَ جون هي ڪيهون
    ڪيسين وِههُ جا قطرا پيئون
    رڳ رڳ رَتو ۾ ريهون ريهون
    پر ٿا جيجل ڪارڻ جيئون
    تن تن کوريءَ منجهه تپائي
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون

    سَنڌُ سَنڌُ سِنڌُ جو سورن سيڪيل
    روح روح پنهنجو رَتُ سان ريٽيل
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ لاش آ ليٽيل
    وک وک ورديءَ وارو ويٺل
    گهر گهر بمڀٽ ڀڙڪيو آهي
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون

    ڪيڏي قهري رات ڪني آ
    ڏوٿين کي مون دانهن ڏني آ
    زاهد مِٺڙي موٽ ملي آ
    جهانگيئڙن جيءُ جيءُ ڪئي آ
    ٿربر لاڙ اُتر اُٿلائي
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون
    سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون


    انصاف

    هن ديس جي بيوس ماڻُنهن جو،
    هر دل جي آ هُن دانهُن جو،
    اُجڙي ويل ڀيڻن مائن جو،
    ٿو درد وڃي وڌندو-
    انصاف ڪڏهن ملندو-؟

    انصاف جو هر گهر قيدي آ
    هر مسجد مندر قيدي آ
    هر دل جو دلبر قيدي آ
    هر ڊوهه جڏهن ڊهندو
    انصاف تڏهن ملندو-

    ڪرسيءَ تي جيسين قاتل آ-
    هر موڙ تي رهڻو مقتل آ،
    هَر پاسي ڪارو جهنگل آ،
    ڪو سِجُ اُٿي بيهندو-
    انصاف تڏهن ملندو-

    اُٿ زاهد ڪرڻي دير نه آ،
    ڇڏڻو پنهنجو ڪو وير نه آ،
    او ظالم تنهنجو خير نه آ
    هر جبر جڏهن جهڪندو
    انصاف تڏهن ملندو


    قومي ٻولي

    ٻولي قومي ٻولي پنهنجي- سنڌي قومي ٻولي آ-
    امڙ پياري جنهن ۾ ڏيندي مِٺي مِٺي لولي آ-

    هيءَ ٻولي ٻاگُهل ٻائيءَ جي- هيءَ ٻولي شاهه ڀٽائيءَ جي
    هن ٻوليءَ ۾ ٿي لاٽ ٻري- هر ڪافي بيت ۽ وائيءَ جي
    جا ساهن کي ٿي سگهه ڏئي- سا سنڌوءَ جي هر ڇولي آ
    ٻولي قومي ٻولي پنهنجي- سنڌي قومي ٻولي آ-

    هيءَ ٻولي جيءَ جياپو آ- هيءَ ٻولي نينهن نياپو آ
    هن ٻوليءَ م هر قول سچو- ڪنهن سچائيءَ جو ماپو آ
    مون جنهن ۾ ٻاتا ٻول سِکيا- سا جيجل تنهنجي جهولي آ
    ٻولي قومي ٻولي پنهنجي- سنڌي قومي ٻولي آ-

    هيءَ ٻولي خوب سگهاري آ- راسيلي آ ٻاجهاري آ
    هيءَ ٻولي زاهد اُڀ تائين- مون گيتن ۾ گونجاري آ
    هن ۾ هر سونهن جا رنگ اٿئي- ست رنگن واري هولي آ
    ٻولي قومي ٻولي پنهنجي- سنڌي قومي ٻولي آ-


    علم سان پيار

    علم جي لاٽ اندر ۾ ٻاري جيو-
    علم سان جڳ سارو جيئاري جيو-

    علم عزت به آ علم عظمت به آ
    علم همت به آ جوش جُرئت به آ
    علم آدم جي اندر جي قوت به آ
    علم عزمن ارادن جي طاقت به آ
    علم قدرت جي قدرت جي قدرت به آ
    علم قسمت جي قسمت جي قسمت به آ
    علم سان ذهن پنهنجا سنواري جيو-
    علم سان جڳ سارو جيئاري جيو-

    علم جي جنهن به جيون ۾ سُرهاڻ آ
    زندگي ڀر مڃي تنهن نه ڪا آڻ آ
    روح جي تازگي هر نئين ڄاڻ آ
    علم هر دل ۾ هيرن سندي کاڻ آ
    علم جنهن جيءَ ۾ آ سوئي سرواڻ آ
    علم سان ئي ترقيءَ طرف تاڻ آ
    علم سان ڪُل اُميدون اُجاري جيو-
    علم سان جڳ سارو جيئاري جيو-

    شيخ زاهد اُها شاعري ٿي کپي
    قوم کي جا ڏئي رهبري ٿي کپي
    دوستو ديس کي دوستي ٿي کپي
    موت کي مات ڏيو زندگي ٿي کپي
    روز هر درد کي ڪا خوشي ٿي کپي
    علم جا سِجَ ڪيئي اُڀاري جيو-
    علم سان جڳ سارو جيئاري جيو-


    سانئڻ عابده پروين کي ڀيٽا

    تون منهنجي ديس جي دردن جي ڪهاڻي آهين-
    روح ۾ رقص ڪندڙ راڳ جي راڻي آهين-

    تنهنجي آواز ۾ جا مست صدا گونجي ٿي،
    هر صدا ساڻ مِلي تنهنجي ادا گونجي ٿي،
    تنهنجي دل مان جيڪا هر روز دُعا گونجي ٿي،
    درد وندن جي دلين لاءِ شفا گونجي ٿي،
    تون سُرن ساڻ ڪندي پهڻ به پاڻي آهين-
    روح ۾ رقص ڪندڙ راڳ جي راڻي آهين-

    تون ڀٽائيءَ کي ۽ سچل کي جڏهن ڳائين ٿي
    جوش جذبا ڏئي هر جيءَ کي جهومائين ٿي
    تون بُلي، شاهه فريدڻ جا فڪر چاهين ٿي
    روح جي رنگ سان راڳن مان ذڪر ٺاهين ٿي
    هر طرف پيار سان نفرت جي پُڄاڻي آهين-
    روح ۾ رقص ڪندڙ راڳ جي راڻي آهين-

    تنهنجي اندر ۾ عبادت جو نگر زاهد آ
    تو رکيو ذهن جي سوچن جو سفر زاهد آ
    تنهنجي آلاپ جو هر دل تي اثر زاهد آ
    تو بڻائي ڇڏيو هر شهر شهر زاهد آ
    مُرڪ سان نينهن سندي نظر نماڻي آهين-
    روح ۾ رقص ڪندڙ راڳ جي راڻي آهين-


    رنڊي

    هيءَ ڪنهن جي عزت ڇو نه بڻي؟
    هيءَ رنڊي رنڊي ڇو آهي؟

    ڪو هن جو آخر ڀاءُ به آ،
    هيءَ نيٺ ته ڪنهن جي ماءُ به آ،
    هر گنديءَ اک جو چاهه به آ،
    پر ننگ هي ڪنهن جو ڀي ناهي،
    هيءَ ڪنهن جي عزت ڇو نه بڻي؟
    هيءَ رنڊي رنڊي ڇو آهي؟

    هيءَ عزت پنهنجي لوئي ٿي،
    پر پنهنجي ڪئي تي روئي ٿي،
    لڙڪن سان دل کي ڌوئي ٿي،
    وحشين کي ويٺي ريجهائي،
    هيءَ ڪنهن جي عزت ڇو نه بڻي؟
    هيءَ رنڊي رنڊي ڇو آهي؟

    هر شهر ۾ هيرا منڊي ڇو؟
    عورت راڻي آ، رنڊي ڇو؟
    هيءَ هٿ هٿ آهي ونڊي ڇو؟
    هر ڪو سوچن کي سمجهائي،
    هيءَ ڪنهن جي عزت ڇو نه بڻي
    هيءَ رنڊي رنڊي ڇو آهي؟


    شرابي

    هڪ مان نه شرابي هان،
    دنيا ئي شرابي آ،
    ڪنهن اجڙي ويل دل جو، هڪ نام شرابي آ،
    هر صبح شرابي آ- هر شام شرابي آ،
    نيڻن جي خمارن جو، آرام شرابي آ،
    هر واٽ شرابي آ- هر گام شرابي آ،
    آغاز شرابي آ- انجام شرابي آ،
    هيءَ زندگيءَ به ڄڻ ڪو هڪ، جام شرابي آ،
    هڪ مان نه شرابي هان،
    دنيا ئي شرابي آ.
    چاهت ۾ جدائيءَ جي- سڪرات شرابي آ،
    هر رات وصل جي ڄڻ- برسات شرابي آ،
    ڪا حور آ پاسي ۾- شب رات شرابي آ،
    اڄ پيگ منجهان نڪتي- پرڀات شرابي آ،
    هر ڏينهن شرابي آ- هر رات شرابي آ،
    مدهوش آهي ساري- ڪائنات شرابي آ،
    هڪ مان نه شرابي هان،
    دنيا ئي شرابي آ.
    هر جسم شرابي آ- هر جان شرابي آ،
    دنيا ۾ هتي هر ڪو- انسان شرابي آ،
    هر آهه شرابي آ- ارمان شرابي آ،
    مسجد ۾ به زاهد جو- ايمان شرابي آ،
    جنت ۾ رهيل هرڪو- مهمان شرابي آ،
    ڀڳوان جي مرضيءَ سان- شيطان شرابي آ،
    هڪ مان نه شرابي هان،
    دنيا ئي شرابي آ.


    منهنجو مڙس

    جي مڙس چوان ٿي لڄ مران، بابو به سڏي هن کي نه سگهان.
    ور پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي، ور پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي.

    محلات ڏسي ڀائر هِرکيا، پئي سئوٽ رُنا چاچا ڀُڻڪيا
    ٻئي پير ابي تاڏي سُرڪيا، پئي نوٽ جتي ڳاڙها مُرڪيا
    ٿو ساهه وڪامي عورت جو، هتي ساڻن ساڻن نوٽن سان
    ور پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي، ور پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي.

    مان پنهنجو ساهه ٽنگي آئي، امڙ تنهنجي در ۾ آهيان
    زندهه لاشو بڻجي پهتي هڪ پوڙهي جي گهر ۾ آهيان
    مان ڏاڏي جيڏي سان بيهي سرتين م ڪهڙو ڪنڌ کڻان
    ور پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي، ور پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي.

    هي رنگ مُڇن کي لائي ٿو، پيو اڇا وار لڪائي ٿو
    ڪئمرا ۾ رول ڀرائي ٿو، فوٽو مون سان ڪڍرائي ٿو
    مان هر هڪ نڪتل فوٽوءَ ۾ ٿي پيءُ سان بيٺل ڌيءَ ڏسان
    ور پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي، ور پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي.

    ڇو آخر پاڻ وڪامون ٿيون؟ ڏيئون ويٺيون روز غلاميون ٿيون
    پنهنجي منهن پَڄرئون کامون ٿيون سڀ گڏجئون سرتيون سامهون ٿيون
    ڪُل گڏجي سڏجي اوڀينر ڪو ڳوليون ڏک جو حل ڪٿان
    ور پنهنجي پيءُ ڏنو مون کي، ور پنهنجي ڀاءُ ڏنو مون کي.


    ڪاري

    هر ويڙهي ۾ ويو هُل هلي
    هوءَ ڪاري هئي هوءَ ڪاري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي

    ڪو عيب نه هن ۾ هو آيو- ڪنهن ڀاڻس کي هو ڀڙڪايو
    جنهن غيرت ڏيهه ڏيکاري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي

    آڙاهه جيان اڀري اٿندي ڪنهن پيءُ چيو جلندي پچندي،
    هوءَ ڇوري ڇپ هچاري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي

    هوءَ عشق جو اڻٽر اڌمو هئي- هوءَ پيار جو پوتر جذبو هئي،
    هوءَ نازڪ سندر ناري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي

    هُن ڪو نه سُڃاتو ڪوڙن کي- پٽ پاپيءَ ڇورن جي چئي تي،
    پَرُ ماءُ به پنهنجي ماري هئي
    پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
    هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي


    صبح ٿيندو

    جڏهن راڄ مان رهزني رات ويندي
    تڏهن صبح ٿيندو، تڏهن عيد ايندي-

    اڃان رات ڪاريءَ جي ڪاراڻ آهي،
    اڃان ماڳ پنهنجي تي ميراڻ آهي،
    جڏهن ڪنهن سويري ۾ سُرهاڻ ٿيندي
    تڏهن صبح ٿيندو، تڏهن عيد ايندي،

    اڃان سنڌ ساري نه ٿي آ سگهاري،
    اڃان ٿر جي واري به آهي اُڃاري،
    ڀٽن جا ڳٽا، سونهن ساوڪ چميندي،
    تڏهن صبح ٿيندو، تڏهن عيد ايندي-

    جڏهن پاپ جا پير پاڇا نه هوندا،
    ڪي روڊن تي گمنام لاشا نه هوندا،
    جڏهن ڪا به جيجل نه ورلاپ ڏيندي،
    تڏهن صبح ٿيندو، تڏهن عيد ايندي-

    اٿم اس زاهد اُهي ڏينهن ايندا
    اسان تي سکن جا ڪي سايا به ٿيندا-
    جڏهن ڏيهه کي رات ڏائڻ ڇڏيندي،
    تڏهن صبح ٿيندو، تڏهن عيد ايندي-


    حلف نامو

    قسم تي مان ڌرتيءَ سان ناتو ٿو جوڙيان
    جنهن ڏينهن جيجل کان منهن آنءُ موڙيان
    اُنهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جو غدار چئجو
    سرِعام سوليءَ جو حقدار چئجو

    جڏهن منهنجي پيرن کي غيرن ۾ سمجهو
    جهالت جِي ڪارن انڌيرن ۾ سمجهو
    جي سوچون سندم گند ڍيرن ۾ سمجهو
    ۽ ويٺل مون کي وچ وڏيرن ۾ سمجهو
    اُنهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جو غدار چئجو
    سرِعام سوليءَ جو حقدار چئجو

    جڏهن پنهنجي عزمن ارادن کي ٽوڙيان
    جي مان پنهنجي ضمير کي ڀي نهوڙيان
    ۽ ڊوهن جي پويان سڄو ڏينهن ڊوڙان
    ته انِ ڏوهه جي ڪا سزا ڇو نه لوڙيان.
    اُنهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جو غدار چئجو
    سرِعام سوليءَ جو حقدار چئجو

    جڏهن درد ڌرتيءَ جو ويهان وساري
    جڏهن ساهه منهنجو نه سانگين کي ساري
    ڪوهاري ۽ پورهيت نه مون کي کيڪاري،
    جڏهن ڀاءُ سنڌي نه ڀر ۾ بيهاري،
    انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جو غدار چئجو
    سرِعام سوليءَ جو حقدار چئجو

    جڏهن آنءُ زاهد ڊڄان ظالمن کان
    ۽ رلجي وڃان راهه ۾ رهزنن سان،
    مان ڄاتو وڃان جيڪڏهن بي لڄن مان،
    کڻي هٿ وڃان بي بها مقصدن تان،
    انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جو غدار چئجو
    سرِعام سوليءَ جو حقدار چئجو


    قيد خانا

    ڪبا ذرڙا زنجيرن جا سلاخن جا سِرا ڪٽبا.
    ڪُلچلبا قيد خانا سڀ- جلائي جيل ئي ڇڏبا،

    ڪِنا ڪجهه ٿي پيا ڇا ٿيو- ڪڙم سارو ڪنو ڪونهي
    ڪئي مون ماٺ آ پر- ساٿ کان ناتو ڇڳو ڪونهي.
    پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ کان ڪڏهن منهڙا ناهن مٽبا
    ڪبا ذرڙا زنجيرن جا- سلاخن جا سِرا ڪٽبا،
    ڪچلبا قيد خانا سڀ- جلائي جيل هي ڇڏبا.

    شهيدن جو لهو مِٽيءَ مان سر جي موٽ کائيندو
    اُهو ٺهندو جيڪو هن قوم جي تقدير ٺاهيندو
    مري ناهن ڪڏهن سگهندا وفائن جا سچا جذبا
    ڪبا ذرڙا زنجيرن جا- سلاخن جا سِرا ڪٽبا
    ڪچلبا قيد خانا سڀ- جلائي جيل هي ڇڏبا.

    اسان جو روح زاهد آهي- ظالم رات جو ويري
    جبر جي سازشن جا محل سڀ ڊاهي ڪبا ڍيري،
    هڪل ٿيندي ته هيڪاندا- هزارين هٿ اچي گڏبا
    ڪبا ذرڙا زنجيرن جا- سلاخن جا سِرا ڪٽبا
    ڪچلبا قيد خانا سڀ- جلائي جيل ئي ڇڏبا.


    همرچو

    اچو اچو اچو اچو- اچو اچو اچو اچو
    آ ڏيهه تان ته لاهڻو- هي ڏاڍ جو ڏچو ڏچو

    هي ظلم زندگيءَ سان- ڀلا آ ڇو پُڇو ڳُڇو
    جبل پهاڙ کان وڏو- عزم کڻي اٿو اٿو،
    وڃي ته سِرُ ڀلي وڃي، ڪڏهن نه ٿي ڪچو ڪچو،
    آ ڏيهه تان ته لاهڻو- هي ڏاڍ جو ڏچو ڏچو

    ڪاٻاٽ ٻاٽ واٽ آ- ڪو لاٽ لاٽ پنڌ آ
    ڪا سوچ سوچ سونهن آ- ڪو ذهن ذهن گند آ،
    بُرو نه ڪنهن جو ڀاءُ ٿي- بُرا نه ٿيو بچو بچو
    آ ڏيهه تان ته لاهڻو- هي ڏاڍ جو ڏچو ڏچو

    اسان ته نعرو نينهن جو، سچو پچو هڻي ڇڏيو،
    آ شاهه جي ڪلام جو، وڏو قسم کڻي ڇڏيو،
    اسان جو ساهُه راهه ۾- آ سنڌ سان سچو سچو
    آ ڏيهه تان ته لاهڻو- هي ڏاڍ جو ڏچو ڏچو

    اسان کي پنهنجي ماڳ جو ڪو ٺاهڻو مثال آ،
    اسان جو خواب خيال ڀي- حقيقتن جو حال آ،
    وَڌي پيو هٽي نٿو- هي ديس جو ٻچو ٻچو
    آ ڏيهه تان ته لاهڻو- هي ڏاڍ جو ڏچو ڏچو


    منڪر

    منڪر کي مارڻو آ
    جيءَ کي جيئارڻو آ
    تنهنجي صلاح ڇاهي
    اڃان به وقت آهي
    اڃان به وقت آهي

    باهيون ڏسي نه بيهو
    غدار ٿي نه جيئو
    ڌرتيءَ سان دل لڳائي
    وکون هلو وڌائي
    اڃان به وقت آهي
    اڃان به وقت آهي

    جاڳو اي ساٿي جاڳو
    ننڊن جو منهن نڀاڳو
    نيڻن کي آزمائي
    ننڊون ڇڏيو ڦٽائي
    اڃان به وقت آهي
    اڃان به وقت آهي

    موٽيا ته مور ناهيون
    بيٺا اسان به آهيون
    زاهد جا گيت ڳائي
    سر ڌڙ کان موڪلائي
    اڃان به وقت آهي
    اڃان به وقت آهي.


    اسان جو عزم

    شهيد تنهنجي وفادار چاهتن جو قسم
    تنهنجي مُرڪن جو ۽ سچين مُحبتن جو قسم
    دنيا جي ساري عوامي بغاوتن جو قسم،
    راهن ۾ رهزنن جو موت بڻجي وينداسين.
    اسان جو عزم آ قاتل جا هٿ ڪٽينداسين

    اکين مان نير اندر مان رڳو رڙيون ٿيون اچن،
    سواءِ تنهنجي گهڙيون بڻجي وهه ڳڙيون ٿيون اچن.
    دليون اسان جون يڪو سور ۾ سڙيون ٿيون اچن،
    ٻرن ٿا مچ ٿڌا ڪيئن يار ٿينداسين.
    اسان جو عزم آ قاتل جا هٿ ڪٽينداسين

    مٽيءَ ۾ خون جو هُڳاءُ آ پُڪاري ٿو
    سنڌوءَ جي سيني مٿان گهاءُ آ پُڪاري ٿو
    تنهنجي آواز جو پڙلاءُ آ پُڪاري ٿو
    ڪبا سمورا ڳڻي پاند ڪيئن ڇڏينداسين.
    اسان جو عزم آ قاتل جا هٿ ڪٽينداسين

    اسان جي سوچ جو زاهد فصل ته سائو آ.
    غدار پاڻ مان ناهي نسل پرائو آ،
    جفا اُهو نه ڪندو جو به سنڌ ڄائو آ،
    وفا جو ريج ارادن کي روز ڏينداسين
    اسان جو عزم آ قاتل جا هٿ ڪٽينداسين


    نسل در نسل

    اڃان ظالم هلاڪوءَ جي اچي ٿي پُشت پئي هلندي
    متان سمجهو ته ڪو چنگيز ڪونهي ڪو زماني ۾.

    اُڃايل جي رهي ڀومي- ڪڍي ڏيندي ڪڻا ڪهڙا
    نه جي گلشن ۾ گل ٽڙندا- رڳو ڏيندا ڪنڊا رهڙا
    ٽڪي تي هي ٽڪر پنهنجا- رهيا رت ڇاڻ جي ههڙا
    ڏڪر ڏاڍا پرين ايندا- هتي ايٿوپيا جهڙا
    جتي جيجل اڳيان ٻچڙا ڏکيا آهن بکيا آهن
    اتي ٿر جي ٻڍن ٻارن ۽ مائن کان پُڇو چونديون
    اڃان ظالم هلاڪوءَ جي اچي ٿي پُشت پئي هلندي
    متان سمجهو ته ڪو چنگيز ڪونهي ڪو زماني ۾

    ويون ڦُرجي زمينون- ڇانوڻين جي نام تي آهن
    وڇايون ڪيتريون ڪيمپون- هُنن هر گام تي آهن
    ڦٻايون ڪي دهون فوجين- وري انعام تي آهن
    ڪنارا پنهنجي سنڌوءَ جا- ٻئي نيلام تي آهن
    سڙيا آهيون پچيا آهيون- تڏهن الري اٿيا آهيون
    تتل ڌرتيءَ جي ڪوسين هوائن کان پُڇو چونديون
    اڃان ظالم هلاڪوءَ جي اچي ٿي پُشت پئي هلندي
    متان سمجهو ته ڪو چنگيز ڪونهي ڪو زماني ۾
    ڪُڇان ٿو قوم لئه زاهد- سڏين مون کي پيون سوريون
    ڪئي گهٽ ناهي جي غيرن- ته پنهنجن ڀي ڪيون پوريون
    ڪکائين جهوپڙين اندر- مُڇان مهٽيو ڏسن گهوريون
    وڏيري پير جي آڏو اڃان ماڻهن جون مجبوريون
    اسان جي درد جي دانهن- پڙاڏا ڪيا پهاڙن ۾
    خلائن ۾ پيو گونجن- صدائن کان پُڇو چونديون
    اڃا ظالم هلاڪوءَ جي اچي ٿي پُشت پئي هلندي
    متان سمجهو ته ڪو چنگيز ڪونهي ڪو زماني ۾


    شهيد فاضل راهوءَ جي ياد ۾

    فاضل ڏور نه آهي مور
    راهو روح جي رڳ رڳ ۾ آ
    فاضل هر مسڪين جي من ۾ فاضل هر اجڙيل جيون ۾
    فاضل ڏکڙين جي سڏڪن ۾- فاضل روئندن جي لڙڪن ۾
    فاضل هر دل جي دڙڪن ۾- فاضل هر فولادي تن ۾
    فاضل اڄ ڀي تحريڪن ۾- فاضل زنده تاريخن ۾
    فاضل پنهنجي اڳ اڳ ۾ آ- ساٿ آ ساڳيو ئي ڀرپور
    فاضل ڏور نه آهي مور
    راهو روح جي رڳ رڳ ۾ آ
    فاضل هر ڪنهن جيءَ جگر ۾- فاضل پنهنجي ذوق- فڪر ۾
    فاضل پنهنجو ساهه اندر ۾- فاضل فاضل آ گهر گهر ۾
    فاضل پورهيت جي ته پگهر ۾- فاضل هارين جي ته ولر ۾
    فاضل وقت جي زير زبر ۾- فاضل ڏک جي ويلي ڀر ۾
    فاضل حق جي دڳ دڳ ۾ آ- ڪوڙ جو ڌوڙ ڪبو دستور
    فاضل ڏور نه آهي مور
    راهو روح جي رڳ رڳ ۾ آ
    فاضل ويڙهن وستين ۾ آ- فاضل اعليٰ هستين ۾ آ،
    فاضل سنڌوءَ ڇولين ۾ آ- فاضل قومي لولين ۾ آ،
    فاضل چئني طرفن ۾ آ- فاضل حق جي حرفن ۾ آ
    فاضل هير جي جُهڪلن ۾ آ- فاضل مڙني ملڪن ۾ آ
    فاضل زنده جڳ جڳ ۾ آ- قاتل قاتل چڪنا چور
    فاضل ڏور نه آهي مور
    راهو روح جي رڳ رڳ ۾ آ
    فاضل جهانگين جي جهوپن ۾- فاضل ديس جي هر ڪک پن ۾
    فاضل دل جي آوازن ۾- فاضل روح جي آ رازن ۾
    فاضل موسيقار جي ڌن ۾- فاضل شاعر جي نظمن ۾
    فاضل جا جي! فاضل تن ۾- فاضل زاهد جي گيتن ۾
    فاضل ساٿ جي وڳ وڳ ۾ آ- ساهه ڪرين ٿو ڇا لئه سور
    فاضل ڏور نه آهي مور
    راهو روح جي رڳ رڳ ۾ آ


    ڪربلا

    ڪربلا ڪربلا ڪربلا
    سنڌ بڻجي وئي ڪربلا

    ڇو رهياسين ڍرا- ڇو نه لوچيو اسان؟
    ورهيه ويا ڪيترا،ڏ ک نه ويا ديس مان!
    پيار کان اوپرا، يار آهيون اڃان!
    پاڻ ۾ ٿا رهن فاصلا
    سنڌ بڻجي وئي ڪربلا

    جابرن جي هٿان ڇو جُهڪي ٿا جيئو؟
    سنڌ کي ساهه جو، ڪو سهارو ڏيو،
    منهن موڙيو متان، مڙس ماڻهو ٿيو،
    ڪجهه ڪيو ڀونءِ جا ڀرجهلا
    سنڌ بڻجي وئي ڪربلا

    پُٽَ يزيد جا بند پاڻي ٿا ڪن
    ظلم جي هو شروع نئين ڪهاڻي ٿا ڪن
    پير کوڙي هلو، هيل جوڙي هلو
    قوم جي ساٿ جا قافلا
    سنڌ بڻجي وئي ڪربلا

    سور زاهد سهي، سوچ کي سوربو،
    ڏڍ دل کي ڏئي، چاهه کي چوربو،
    واٽ پنهنجي وٺي، ڏيهه لئه ڏوربو،
    طئه ڪبا جيت جا مرحلا
    سنڌ بڻجي وئي ڪربلا


    پاپي

    پاپي آ پاپي آ ڏاڍي دنيا مولا تنهنجي پاپي آ
    دنيا مولا تنهنجي پاپي آ ڪري ظلم اڃان نه ڍاپي آ

    ڪو زنجيرن ۾ جڪڙيل آ، ڪوئي ڦاسيءَ تي لٽڪيل آ
    ماڻهن جا هٿ بم ۽ گوليون مائن جون ٿيون خالي جهوليون،
    نوٽن تي انسان ٿو وِڪجي، اندر جو ايمان ٿو وڪجي،
    ڌرتي ڪيڏي سهڻي آ پر، سورن منجهه حياتي آ
    پاپي آ پاپي آ ڏاڍي دنيا مولا تنهنجي پاپي آ

    انسانن جي پيار تي ڪاتي، جذبن جي اظهار تي ڪاتي،
    هن ڌرتيءَ جون ڪيئي نياڻيون گهر جي کوليءَ ۾ قيدياڻيون
    جيڪا ڪڇندي ماري ويندي، بي ڏوهي ٿي ڪاري ويندي،
    رسمن جي ڪوٽن مان لڪندي، پاتي نيڻن جهاتي آ،
    پاپي آ پاپي آ ڏاڍي دنيا مولا تنهنجي پاپي آ

    زاهد جيسين زندهه آهيان، جنت جهڙو جڳ ٿو چاهيان،
    منهنجون سوچون ٻيڙيون آهن، ٻڏندن کيي ٿيون پار پڄائن
    مون پنهنجو رت هاريو ناهي، جنهن تنهن کي پيئاريو ناهي،
    مون دل وارن جي ذهنن ۾ سوچ سفر جي تاتي آ،
    پاپي آ پاپي آ ڏاڍي دنيا مولا تنهنجي پاپي آ


    مٺاڻا اباڻا

    هٿن ۾ ڏاٽا، ڪلهي تي ڪوڏر
    چپن تي مرڪون، سچا سٻاجها
    اهي ته منهنجا مٺا اباڻا
    اهي ته منهنجا پرين پيارا

    محبتون، عشق پيار جن وٽ، پريت جوپنڌ پارجن وٽ
    نه عيب جن ۾، نه عارجن وٽ، نڀائي ڄاڻن ٿا نينهن نيارا.
    اهي ته منهنجا مٺا اباڻا
    اهي ته منهنجا پرين پيارا

    اهي ئي ڌرتيءَ جي دل جا دلبر- انهن جي دم سان جيئن ٿا جهنگ جهر
    مٽيءَ سان مُرڪي پيا گذارن- سڀئي سيارا، سڀئي اونهارا،
    اهي ته منهنجا مٺا اباڻا
    اهي ته منهنجا پرين پيارا

    انهن جي هٿڙن هَڻي ڀلاري، انهن جي پيرن پَڻي به پياري،
    انهن کي باغن ڏنيون بهارون، انهن سان ٻهڪيا ٻنيون ۽ ٻارا،
    اهي ته منهنجا مٺا اباڻا
    اهي ته منهنجا پرين پيارا

    انهن سان آ منهنجو پيار زاهد انهن سان ئي منهنجي زندگي آ
    هي جيڪي جالن ٿا جهوپڙين ۾ اهي وطن جا وڏا سهارا
    اهي ته منهنجا مٺا اباڻا
    اهي ته منهنجا پرين پيارا


    دوستي

    قرب ۽ پيار جو نانءُ آ دوستي
    هيانوَن جي ٺار جو نانءُ آ دوستي.

    دوستي ساهه ۾ چاهه جو نانءُ آ
    دوستي رڻ منجهان راهه جو نانءُ آ
    دوستي مُرڪندڙ ساک جو نانءُ آ
    دوستي جرڪندڙ باک جو نانءُ آ
    ٿر ۾ ٿڌڪارن جو نانءُ آ دوستي.
    هيانوَ ن جي ٺار جو نانءُ آ دوستي.

    دوستي ڄڻ پگهر تي آ ٿڌڙي هوا
    دوستي دل جي دردن جي آهي دوا
    دوستي جيُ سان جيُ سان ڳنڍي ٿي پرين
    دوستي ساٿ سورن ۾ ڏي ٿي پرين
    مند مهڪار جو نانءُ آ دوستي.
    هيانوَ ن جي ٺار جو نانءُ آ دوستي.

    دوستي آهي زاهد سُکن جو سفر
    دوستي سان ئي آباد آ هر شهر
    ساري دنيا جي پياري هي ڌرتي جيئي
    دوستي شل زماني ۾ زندهه رهي
    دل جي هر سار جو نانءُ آ دوستي
    هيانوَن جي ٺار جو نانءُ آ دوستي.


    امن جو مسافر

    مسافر مان آهيان
    امن جو مسافر

    هي ٻنيون هي ٻارا،
    هي دريا ڪنارا،
    پهاڙن جا چارا،
    سڀئي مون کي پيارا
    جتي پير پايان
    سي راهون سجايان،
    مسافر مان آهيان
    امن جو مسافر

    اجالا ڪريان ٿو،
    نوان رنگ ڀريان ٿو،
    سڀن محفلين ۾
    ڏکويل دلين م،
    اُميدون ورهايان
    محبت ٿو چاهيان
    مسافر مان آهيان
    امن جو مسافر

    نظارا نظر ۾،
    سدائين سفر ۾،
    ڪڏهن ڪنهن شهر ۾،
    ڪڏهن جهنگ جهر ۾،
    جَبُر کي جُهڪايان،
    امن لاءِ ڳايان،
    مسافر مان آهيان
    امن جو مسافر


    وصيعت نامو

    جي وڙهندي وڙهندي آنءُ مران،
    لکجو منهنجي قبر مٿان،
    سنڌ جيئي هيءَ سنڌ جيئي.

    ڪُل ساٿي سهڪاري
    ايندا پورهيت هاري
    ڪنهن ٻالڪ جي هٿڙن سان
    لکجو منهنجي قبر مٿان
    سنڌ جيئي هيءَ سنڌ جيئي.

    اجرڪ جو ڪفن ته ڏجو
    ڳاڙهي چادر ڍڪجو،
    او بابا، منهنجي امان،
    لکجو منهنجي قبر مٿان،
    سنڌ جيئي هيءَ سنڌ جيئي.

    اي يارو ياد ڪجو.
    هي عرض آ زاهد جو،
    قلم ڀري منهنجي خون منجهان،
    لکجو منهنجي قبر مٿان،
    سنڌ جيئي هيءَ سنڌ جيئي.


    ماروئڙا

    ماروئڙا هي جهانگيئڙا دلدار به منهنجا-
    ڪردار به منهنجي گيتن جا

    هي جهوپا جهوپا ڪينجهر تي- شل مينهن وسن ڪارونجهر تي
    منهنجون مُرڪون، منهنجون خوشيون، منهنجا هينئڙا هي جهانگيئڙا
    دلدار به منهنجا- ڪردار به منهنجي گيتن جا

    هي جيڪو منهنجو اندر آ- ڪشمور کان ڪيٽي بندر آ
    جيون سارو هي ساٿيئڙا منهنجا ٿيئڙا- هي جهانگيئڙا
    دلدار به منهنجا- ڪردار به منهنجي گيتن جا

    هي موهن جا آثار الا- آ منهنجي ڪُل ڄمار الا
    هن زاهد جي ڪُل ڏات جا هي ڏيئڙا ڏيئڙا- هي جهانگيئڙا
    دلدار به منهنجا- ڪردار به منهنجي گيتن جا


    او! قاتل

    او قاتل او قاتل بدلو وٺنداسين
    هر خون جي قطري قطري جو

    جو توسان جوٽيندو جهيڙا- سو خون شهيد جو زندهه آ،
    شهيد ڀٽي جهڙن سورهيه سرواڻن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.

    جاڳيا آهيون جاڳيا آهيون، تون چور اسين ڀاڳيا آهيون
    هن ديس ڌڻين جي ننڍڙن ننڍڙن ٻچڙن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.

    تو خون وهايو بي ڏوهي، او ڏوهي ڏوهي، او ڏوهي
    موري ميهڙ۽ دادوءَ جي منٺارن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.

    مظلومن جي ٻولي ٻولي، بڻبي تولئه گولي گولي
    هن دنيا جي مظلوم سمورين قومن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.

    تو شهرن ۾ شهزور ڪٺا، ڪن مائن جا پُٽ مور ڪٺا،
    سنڌي هارين مزدورن ۽ شاگردن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو.

    جنهن سوليءَ منهنجا مور چڙهيا، تنهن سوليءَ تنهنجو وارو آ.
    هوشوءَ هيمونءَ جهڙن پيارن دلدارن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.

    تون ڪيڏا ڪيس ڪرائين ٿو مٺڙا ماڻهو مارائين ٿو
    فاضل جهڙن پورهيت هاري اڳواڻن جا او قاتل
    بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو

    ڦٽڪا سٽڪا ته سهي ڇڏبا پر زاهد حق وڙهي وٺبا
    قانونن جا، انصافن جا، انسانن جا او قاتل،
    بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو.


    قومي غيرت

    قومي غيرت زندهه آباد، قومي غيرت زندهه آباد
    پنهنجي مُڙسي، پنهنجي همت، پنهنجي طاقت زندهه آباد

    تون آن دولت جو ديوانو، منهنجي ڌرتيءَ سان دل آ
    تنهنجو پنهنجو مقصد آهي، منهنجي پنهنجي منزل آ
    موتين جهڙا ماڻهو ميڙي، مون سينگاري محفل آ
    شيش محل جي رهواسين تي، ڀونگي ڀونگي ڀڙڪيل آ
    پَرُ به اسان هو پاڻ پتوڙيو، هيل به جاري هلچل آ
    غيرن ۽ غدارن جي لئه ڌرتي پنهنجي دلدل آ
    قوم جا هيرا، ديس جا هاري، مل جا پورهيت زندهه آباد
    قومي غيرت زندهه آباد، قومي غيرت زندهه آباد

    ديس جو نالو دل ۾ سانڍي، جاني جڳ ۾ جيئڻو آ
    جيون تنهنجي لاءِ مليو آ، ڌرتي توکي ڏيڻو آهي.
    پل پل مون کي سنڌو تنهنجي، پيار جو امرت پيئڻو آ
    لاڙ، اتر، ڪاڇي ۽ ٿر کي رلجي سلجي رهڻو آ
    ٽڪر سان آ ٽڪر پنهنجو، جبل بڻجي بيهڻو آ
    مات نه مڃبي موذيءَ آڏو، موڳو مور نه ٿيڻو آ
    ايڪو عظمت، جذبو جرئت، پيار محبت زندهه آباد
    قومي غيرت زندهه آباد، قومي غيرت زندهه آباد

    ذهن ضمير جي دروازي تي هلڪا کڙڪا جاڳن ٿا
    ٽوپيون چمڪيون اجرڪ مُرڪيا، پنهنجا پٽڪا جاڳن ٿا
    هر پاڃاريون، پيها، پوکون، رنبا، ڏاٽا جاڳن ٿا
    رهزن تنهنجي رت لئه پياسا آهن رستا جاڳن ٿا
    ڪاهون، ڪڙڪا، داٻا، دڙڪا، شعلا ڀڙڪا جاڳن ٿا
    مرڻا ناهن زاهد منهنجا، زندهه جذبا جاڳن ٿا
    پيءُ جو پٽڪو، ماءُ جي پوتي، ڀيڻ جي عزت زندهه آباد
    قومي غيرت زندهه آباد، قومي غيرت زندهه آباد


    شاعر

    مان شاعر سهڻيءَ سرتيءَ جو،
    مان شاعر جيجل ڌرتيءَ جو
    منهنجي سوچن مان جي گيت بڻيا
    سي گيت ئي منهنجا ميت بڻيا
    مان شاعر زلفن ڪارن جو- مان شاعر نيڻ خمارن جو
    مان شاعر ٿڌڙين هيرن جو- مان شاعر سمنڊ جي ويرن جو
    مان شاعر نينهن نصابن جو- مان شاعر زندهه خوابن جو
    مان شاعر سونهن پرستيءَ جو- مان شاعر عشق الستيءَ جو
    منهنجي سوچن مان جي گيت بڻيا
    سي گيت ئي منهنجا ميت بڻيا
    مان شاعر ٿر وسڪارن جو- مان شاعر ڌڻ ڌنارن جو
    مان شاعر جُنگ جوانن جو- مان شاعر ديس ديوانن جو
    مان شاعر سورن سُڏڪن جو- مان شاعر جڳ جي لڙڪن جو
    مان شاعر دل جي هستيءَ جو- مان شاعر وستيءَ وستيءَ جو
    منهنجي سوچن مان جي گيت بڻيا
    سي گيت ئي منهنجا ميت بڻيا
    مان شاعر لُنگيءَ لوئيءَ جو- مان ويري ديس دروهيءَ جو
    مان جنهن پل جهومي ڳايان ٿو- سڀ جيءَ جُهريل جهومايان ٿو
    مون جيڪا سوچ ڏني آهي- تنهن ساڻ ئي باک ڀني آهي
    قائم دائم رستا رکجو- روشن دل جا ڏيئا رکجو.
    منهنجي سوچن مان جي گيت بڻيا
    سي گيت ئي منهنجا ميت بڻيا


    سنڌ

    مان سنڌ سان- تون سنڌ سان
    سڀ سنڌ سان- دل سنڌ سان

    پنهنجو هي سِرُ پنهنجا ٻچا
    سنڌ جي مٿان گهوري ڇڏيان
    ڌرتيءَ جي دشمن جا سوين
    ٽڪرا ڪري ساڙي ڇڏيان
    مان سنڌ سان- تون سنڌ سان
    سڀ سنڌ سان- دل سنڌ سان

    جيجل جي دردن جون سڀئي
    گيتن ۾ گونجارون ڀري،
    ڳوٺن ڳلين ۾ ڳائيان
    در در وڃي دانهون ڪيان
    مان سنڌ سان- تون سنڌ سان
    سڀ سنڌ سان- دل سنڌ سان

    منهنجي امان پياري امان
    سانئڻ امان سنڌو امان
    جيسين جيئان تو لئه جيئان
    جنهن پل مران ٿو لئه مران
    مان سنڌ سان- تون سنڌ سان
    سڀ سنڌ سان- دل سنڌ سان

    سوچن ۾ ساڳي لوچ آ
    منهنجو اندر ناهي مئو
    هالار جيڏيون همتون
    جاڳن پيون زاهد اڃان
    مان سنڌ سان- تون سنڌ سان
    سڀ سنڌ سان- دل سنڌ سان


    ساٿ جوڙيون

    ساٿ جوڙيون وکون ڪي وڌايون پرين
    سنڌ برباد ٿيڻ کان بچايون پرين.

    پنهنجي غدار ماڻهن کي گوليون هڻو
    پنهنجا ڪنڌار ساٿي سُڃاڻي کڻو
    سنڌ ڳالهين سان آزاد ٿيڻي نه آ
    ديس جي دل ائين شاد ٿيڻي نه آ
    ساٿ جوڙيون وکون ڪي وڌايون پرين
    سنڌ برباد ٿيڻ کان بچايون پرين.

    ڪو پريشر نه آ ڪو به پاور نه آ
    اڄ اسان جو رهيو سنڌ ساگر نه آ
    هيل ڏاڍن کان ڏاڍا به هو ٿي ويا
    ۽ اسان جي سفا دو بدو ٿي ويا
    ساٿ جوڙيون وکون ڪي وڌايون پرين
    سنڌ برباد ٿيڻ کان بچايون پرين.

    پاڻ پنهنجن جا قاتل بڻيا ٿا وتون
    غير سارا ڦٻائي ويا گهر گهٽيون
    سنڌ زاهد سڄي آجپو ٿي گُهري،
    پنهنجي اولاد جو راضپو ٿي گُهري،
    ساٿ جوڙيون وکون ڪي وڌايون پرين
    سنڌ برباد ٿيڻ کان بچايون پرين.


    سورهيه بادشاهه

    سنڌ سموري سورن ۾ آ
    سنڌ کي سورهيه بادشاهه گهرجي

    ڪاري رات دڳن ۾ آهي
    ڪيڏي چُپ چپن ۾ آهي
    هر ڪو پنهنجي لاءِ ٿو روئي
    ڳڻتين ۾ ٿو ساهه کي ڳوهي
    ڪوئي آهي سنڌ جيئاري
    جيئڻ جي لئه ٻارڻ ٻاري
    اهڙو سائين بابا گهرجي
    سچو من سراپا گهرجي
    سنڌ سموري سورن ۾ آ
    سنڌ کي سورهيه بادشاهه گهرجي

    ڏاهر لشڪر سوڌو گهرجي
    دولهه گهرجي دودو گهرجي
    هيمون گهرجي هوشو گهرجي
    حيدر بخش ۽ فاضل گهرجي،
    بختاور ۽ ٻاگهل گهرجي
    پر سڀني جو رهبر بڻجي
    سورهيه جهڙو راجا گهرجي
    آئيندي جي آشا گهرجي
    سنڌ سموري سورن ۾ آ
    سنڌ کي سورهيه بادشاهه گهرجي

    آزادي انسان جو حق آ
    دل کي دين ايمان جو هق آ
    سارو جڳ سُٺو آ زاهد
    پنهنجو ماڳ مِٺو آ زاهد
    ساري دنيا پنهنجي ناهي
    پنهنجي ڌرتي پنهنجي آهي
    پاڻ کي سنڌو ماتا گهرجي
    پنهنجي مٺڙي ڀاشا گهرجي
    سنڌ سموري سورن ۾ آ
    سنڌ کي سورهيه بادشاهه گهرجي


    قيدي

    انسان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ

    هر ساهه بندن ۾ قيدي آ
    هر چاهه چمن ۾ قيدي آ
    هر ديس دڳن ۾ قيدي آ
    هر جان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ

    پوڙهين ريتن ۽ رسمن ۾
    ڪن پٿر جهڙن جسمن ۾
    ۽ ڪوڙن ڪوڙن قسمن ۾
    ايمان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ

    هي جيون آهي، جيل پرين
    هر واٽ ۾ زاهد ويل پرين
    ڪيئن پنهنجو ٿيندو ميل پرين
    جيئدان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ
    انسان ازل کان قيدي آ


    ڀٽائي

    ڀٽائي وو ڀٽائي وو
    ڀٽائي وو ڀٽائي وو

    جن جهانگين جو تون رهبر آن
    جن ماروئڙن جو مُرشد آن
    تن سانگيئڙن جي سار ته لهه
    منهنجا مارو سورن ۾ ٿئي
    منهنجا سانگي سورن ۾ ٿئي

    هر قاتل جون هت ڪاهون ٿئي
    هر پاسي آهون دانهون ٿئي
    رَتُ ۾ ڳاڙهيون سڀ راهون ٿئي
    مون تو در ٻَڌيون ٻانهون ٿئي
    اچ دانهن سُڻي دلگيرن جي
    مجبورن جي مسڪينن جي
    ڪا واهر ڪر ويڙهيچن جي
    منهنجا مارو سورن ۾ ٿئي
    منهنجا سانگي سورن ۾ ٿئي.

    ذهنن جو وڪرو جاري آ
    هر ذهن بڻيو واپاري آ
    وڪجي وئي ڌرتي ساري آ
    غداريءَ جي بيماري آ
    هتي لکين هٿ لُٽيرن جا
    هتي حُڪم هلن ٿا غيرن جا
    هتي آهن راڄ انڌيرن جا
    منهنجا مارو سورن ۾ ٿئي
    منهنجا سانگي سورن ۾ ٿئي

    هن سنڌ سڄيءَ جو مان به تون
    سنڌي ٻوليءَ جو شان به تون
    دردن جو آن درمان به تون
    منهنجن گيتن جي جان به تون
    هن مٽيءَ جي ميهارن سان
    زاهد جي سنڌ سهارن سان
    ٿا ڪيس ٿين ڪو هيارن سان
    منهنجا مارو سورن ۾ ٿئي
    منهنجا سانگي سورن ۾ ٿئي.


    اجرڪ

    ستارن جي دُنيا مان اجرڪ جو منظر
    هوائن جي سنگم سان ڌرتيءَ تي آيو
    ته مهراڻ موجن ۾ مستي مچي وئي.
    ۽ اجرڪ جي خوشبو سان مهڪي سڄي سنڌ سرهاڻ ٿي وئي
    هي امڙ جو پردو ۽ بابل جي پڳ آ
    هي ڀيڻن جي عزت جو اهڃاڻ آهي
    زماني ۾ ڪيڏو نيارو لڳي ٿو.
    ۽ ڀائن جي ڪُلهڙن تي پيارو لڳي ٿو
    هي ظلمن جا قصه ڏُکن جون ڪهاڻيون
    اسان پنهنجي اجرڪ جا مشتاق ماڻهو
    زماني جي هر حق سان ساڻ آهيون
    اسان ساري دُنيا جي دردن ۽ سورن عذابن ۽ سُڏڪن جو آواز آهيون
    اسان جي محبت سندو قافلو هي
    سموري دنيا کي سموري سفر ۾
    امن ۽ محبت جو پيغام ڏيندو
    اسان جو هي اجرڪ
    اسان جو هي اجرڪ
    زماني جي مظلوم ماڻهن سان گڏ آ
    ۽ ظلمن جي آڏو سچائيءَ جو سَڏُ آ


    آءُ ته پنهنجي سنڌ ڳوليون

    آءُ ته پنهنجي سنڌ ڳوليون
    جا خدا کان
    پنهنجي وڏڙن کي مُقدر ۾ ملي هئي!
    سا ڪٿي آ؟
    سنڌ جيڪا پاڻ کي وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي
    سا ڪٿي آ؟
    سنڌ جنهن ۾ سُک سان گڏ سونهن جي سُرهاڻ هئي
    سنڌ جيڪا سورمن ۽ سورهين جو راڄ هئي!
    سنڌ جنهن ۾ همتون ۽ جرئتون جيئنديون هيو!
    سي سڀئي ڪاڏي ويون؟
    سنڌ جون ساريون خوشيون ڪي چور چورائي ويا
    يا خدا جي فرشتن سڀ سونهن سنڌوءَ جي کڻي
    پنهنجي جنت جو اڌورو حُسن آ پورو ڪيو!
    ڏوهه ڪهڙو آ ڪيو؟
    جو اسان جي سنڌ کي هر ڪو لٽيندو ٿو رهي
    جو اچي ٿو سنڌ جي گردن ڪٽيندو ٿو رهي.
    هيل ڪجهه سوچي وٺون
    يا ڪفن سر سان ٻڌي پنهنجي قبر ڳولي وٺونڍ
    يا ته جيڪا سنڌ کي سمجهي نظر ڳولي وٺون
    پوءِ اهڙي هر نظر سان گڏ نظر اهڙي رکون
    جنهن نظر سان آجپي جي راهه ڪا ڳولي وٺون
    جنهن تي پنهنجي زندگيءَ جو نئون سفر سوچي وٺون
    جنهن سفر سان سونهن پنهنجي سنڌ جي موٽي ملي
    سو سفر سُرهاڻ جو آ پاڻ کي ڪرڻو پرين
    آءُ ته پنهنجي سنڌ ڳوليون
    آءُ ته پنهنجي سنڌ ڳوليون


    ڪراچيءَ جي نانءِ

    اي زخمي شهر جي خاموشي
    مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو
    من مون کان وڇڙي ويو آهي
    جهيريل آهي منهنجو جيئڙو
    ڪجهه ڏينهن تائين پيار ڏئي
    دلجيت کڻي ويو آهي دل
    هو جيڪو سهڻو ميت به آ
    سو منهنجو زندهه گيت به آ
    مان اُن جي ڳولا ۾ آهيان
    اي زخمي شهر جي خاموشي
    ڪجهه يادون آهن سرمايو
    ڪيڏي ته نرالي شام هئي
    ها! سمنڊ ڪناري تي هُن سان
    مون جيڪا شام گذاري هئي
    اُن شام جا عڪس اکين آڏو
    هر ساهه جيان زندهه آهن
    هن سمنڊ ڪناري واريءَ تي
    ڪُجهه پيرن جا ها نقش ٺهيا
    هڪ ڇولي تن کي ڊاهي وئي
    ٻن جذبن کي ايذائي وئي
    ۽ ڇوليءَ ۾ آلا آلا
    هي نيڻ تڪيندا رهجي ويا
    اي زخمي شهر جي خاموشي
    مون وٽ ڪيئي يادون آهن
    هي شهر جئين هاڻي آهي
    هي شهر اڳي ايئن ڪو نه هيو
    هن شهر جي هر ڪا سحر اڳي
    حورن جهڙي ته حَسين هئي
    ۽ هر ڪا رات رنگين هئي
    پر هڪڙي ڪاري آنڌيءَ سان
    هن شهر ۾ اوندهه آئي آ
    ليڪن چاهت جي جذبن جا
    اظهار اڃان زندهه آهن
    ۽ ڪافي پيار ڪرڻ وارا
    ڪردار اڃان زندهه آهن
    اي زخمي شهر جي خاموشي
    هن شهر جا دل وارا ماڻهو
    ٿي تنگ ويا آهن تو مان
    اي ڪاش چڙهن سڀئي ماڻهو
    پنهنجي پنهنجي گهر ڇت مٿان
    ۽ ڪن اعلان محبت جو
    نئين چاهت جي هڪ ساعت ۾
    هر چهرو بڻجي چنڊ پوي
    ۽ سڀ ايندڙ ويندڙ راتيون
    چاهت چانڊوڪيون ٿي چمڪن
    ماڻهو مُرڪن ماڻهو مهڪن
    ماڻهو جرڪن ماڻهو جهومن
    ۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾
    ڪي گيت محبت جاڳائن
    اي زخمي شهر جي خاموشي
    مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو


    ڪي ڪي ماڻهو

    دل ۾ ويهارڻ جهڙا ماڻهو
    ڪنهن ڪنهن ويلي
    ڀاڳ ڀَلي ۾
    راهن منجهه ملي ويندا هن
    دل ۾ ويهجي ويندا آهن
    پر هو من جا ميت مسافر
    پل جا ساٿي هوندا آهن
    پنهنجي ماڳ تي پنهنجڻ سان ئي
    مُرڪي ساٿ ڇڏي ويندا هن
    ڪنهن جا ڪنهن جا ٽهڪ به هوندا سمند جي ڇولين جهڙا آهن
    ڪنهن جي لفظن منجهه سمايل گُلڙن جي خوشبو هوندي آ
    ڪي ڪي ماڻهو خاموشيءَ سان دل جي ڳالهه چئي ويندا هن
    ڪي ڪي ماڻهو نٽهڻ اُس ۾ وڻ جو ٿڌڙو سايو بڻجي پوندا آهن
    ڪي ڪي ماڻهو هير ٿڌيءَ جان گُهلندي گهلندي
    ڇولين وانگر ڇُلندي ڇلندي،
    مينهن ڪڻين جان وسندي وسندي
    نينهن نظر جا جام پيئاري
    ٻانهن ۾ هڪ شام گذاري
    گهور انڌيرن جي دنيا ۾
    وڇڙي گُم ٿي ويندا آهن
    ۽ تحفي ۾ ڏئي ويندا هن
    ڪاريون ڪاريون ڪو جهيون راتيون
    ڪي ڪي ماڻهو اهڙا آهن
    جن جي دم سان ڏينهن به روشن رات به روشن
    اهڙا ماڻهو سج به آهن چنڊ به آهن
    جن جي هوندي جيون جي هر جذبي کي جَرڪاءُ ملي ٿو
    پر سي ماڻهو
    جنهن پل وڇڙي ويندا آهن
    ساهه نچوڙي ويندا آهن
    راحت روڙي ويندا آهن.


    يادون

    نٿا وسرن اُهي لمحا نٿا وسرن
    جڏهن ڪنهن وڻ جي ٿڌڙي ڇانون ۾ ويٺا هئاسين
    ملائي ڪنهن گهڙيءَ نظرون ٻئي مُرڪيا هئاسين
    سچايون پيار جون هڪ ٻئي کي آڇيندا هئاسين
    سدائين گڏ رهڻ جي لاءِ سوچيندا هئاسين
    نٿا وسرن اهي لمحا نٿا وسرن
    جڏهن تو آخري ڀيرو هو مون کان موڪلايو
    تڏهن مون کان هيو ڄڻ ساهه منهنجي موڪلايو
    وڃڻ تنهنجو قيامت جي گهڙي هئي.
    وڇوڙي جو پهروههُ جي ڳڙي هئي
    نٿا وسرن اُهي لمحا نٿا وسرن
    جڏهن پهريون دفعو مون پاڻ کي پاتو هو تنها
    مون هر انسان کي اُن ڏينهن ئي ڄاتو هو تنها
    جڏهن کان پير تنهنجا ٿي ويا پابند آهن
    تڏهن کان ئي ته مون لئه در خوشين جا بند آهن
    مگر توساڻ جيڪي زندگيءَ جا ڏينهن گهاريم
    نٿا وسرن انهن ڏينهن جا سڀ لمحا نٿا وسرن.


    پهرين چُمي

    چيٽ جي مُند ۾
    رات شاديءَ جي
    منهنجي خوابن جي تعبير منهنجي اڳيان
    سَڏُ سامهون ٿيو آهي ساڻيهه جو
    منهنجي پهرين چُمي آهي بندوق کي
    پر جڏهن مان ڪراچيءَ کان موٽي ايندس
    ٻي چُمي تنهنجي ڳاڙهن ڳٽن کي ڏبي
    تون چئي ڇڏ گُلابي چپن کي اِهو
    تيسين ترسن!
    مان جيسين رُڳو حيدرآباد مان ٿي اچان!
    ڇا چيو تو!؟
    تون به هلنديئن مون ساڻ گڏجي!!
    ڇا چيو تو!؟
    تون به کڻنديئن بندوق نازڪ هٿن ۾!!
    ته پوءِ مان به اڳ ۾ ها! اڳ ۾ اي جانان
    همت ڀرين تنهنجي هٿڙن کي چُمندس
    جنين منجهه کڻنديئن بندوق تون!
    ۽ نازڪ نرم تنهنجي پيرن کي چُمندس
    جنين ساڻ هلنديئن امن لاءِ جنگ ۾
    چڱو هاڻي گڏجي وکون ٿا کڻون
    وڏي وير بڻجي وڌي ٿا هلون
    اندر منجهه آهن گهڻيون ئي مگر محبت جون ڳالهيون سي موٽي ڪبيون.


    (نوٽ: هي نظم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ
    سنڌي ماڻهن جي قتل عام کان متاثر ٿي لکيم)


    خوشين جي ڳولا

    مان سوچيان ٿو ويٺومان سوچيان ٿو ويٺو
    سڄي رات سوچن ئي سوچن ۾ گذري وڃي ٿي
    پرهه جا پهر ٿا اڳُرن تي لهن
    کيپ ٽوڙي سموريون کُلن ٿيون اکيون
    گهر جا گُلڙا به جاڳن ٿا مهٽي اکيون
    ماءُ کان ٿا گُهرن ٻار مانيءَ ڳڀو
    گهر ڌياڻيءَ جون ڀر جي اچن ٿيون اکيون
    گهرجي سڏڪن کي لڙڪن کي آٿت ڏئي
    مان وڏي شهر جي
    اُن پورهيت پِڙيءَ تي وڃي ٿو ويهان
    جتي ڪيئي مون جهڙا مزدور ماڻهو
    ماني ٻڌي روز ايندا رهن ٿا
    جتي ماڻهو هڪ ڏينهن لئه
    هفتي لئه
    يا هڪ مهيني تائين ٿا وڪامي وڃن
    سموري شهر جا وڏا محل ماڙيون
    اسان جي هٿن همتن جون اِهي يادگارون
    اسان لئه اَجهو ڪو نه بڻجي سگهن ٿيون
    اوهان لئه حياتيءَ جو ٿڌڪار آهن
    مان سوچيان ٿو آخر ائين ڇو ٿئي ٿو؟
    هي جوڀن جون مُرڪون جوانيءَ جا جلوه
    اسان کي وڻن ٿا
    اسان کي به گُهرجن
    خوشيون زندگيءَ جون مليون جي اسان کي
    ته هر صبح کي صبح پنهنجو ئي چئبو
    ۽ هر شام جي هير ۾ چين ملندو
    مگر پاڻ سائين
    اڃان ڌر تتيءَ جي نٽهڻين ندورين اُسن ۾ سڙون ٿا
    سوين پنهنجا سُڏڪا ته مرڪون گُهرن ٿا
    لکين لُڙڪ ٽهڪن جون ڪن ٿا پڇائون
    مگر مان ۽ مون جهڙا مزدور ماڻهو
    اڃان پنهنجي خوشين جي ڳولا ۾ آهيون
    خبر ناهي ڳولا جو ڪيڏو سفر آ
    ملي زندگي ڪيتري مختصر آ
    مگر پوءِ به هر آدميءَ جي اندر ۾
    اُميدن جا ڪيڏا ته انبار آهن
    اميدن جا احساس جذبا اسان کي
    نسل کان نسل تئين بيهاريون اچن ٿا
    صدين کان ائين ئي جيئاريون اچن ٿا
    صدين کان ائين ئي جيئاريون اچن ٿا.


    ڪنهن کي پُڪاريون

    جفائن جي دُنيا
    هي مٽيءَ جا ماڻهو
    هي پٿر جا پُتلا
    محبت جو جن ۾ نه احساس ڪوئي
    اُنهن کان محبت جون ڪهڙيون پُڇائون
    اسان پيار خاطر سڄي زندگاني
    رڳو ڏينهن راتيون رُليائي ته آهيون
    مگر هر قدم تي
    مليو ڇا اسان کي
    نه چاهت جي ساعت
    نه راحت جي راڻي
    سموري حياتي ويڳاڻي ويڳاڻي
    گهڙيءَ جي به ڪائي ملي مُرڪ ناهي
    اسان عمر ساري رُنا ئي ته آهيون
    بڻيا بي حسيءَ جا آهن بُت ماڻهو
    اسان جي نهاريون ته ڪنهن ڏي نهاريون
    اسان جي پڪاريون ته ڪنهن کي پڪاريون.


    وقت مٽجي پيو

    وقت مٽجي پيو
    وقت مٽجي پيو
    عشق ۽ پيار جا ڍنگ مٽجن پيا
    ڏينهن ۽ رات جا رنگ مٽجن پيا
    اچ زماني سان ڏئي هَٿُ هٿن ۾ هلون
    موت کان بي خبر
    زندگي مختصر
    هر گهڙي هر پهر هڪ دفعو ٿو ملي
    ڇو نه پنهنجا سڀئي پَلَ ماڻي وٺون
    پيار ۽ پريت جي جيت آڏو اچي
    رسم ۽ ريت جا بند ڇو ٿا ٻڌو
    ها! اچو
    ها! اچو
    پنهنجي سارين حسين خواهشن سان جيئون
    چاهتن سان ڀريل راحتن ۾ رهون
    ڪل ڪائي سڀاڻي جي ڪونهي پرين
    وقت مٽجي پيو
    وقت مٽجي پيو
    وقت جي پير سان پير گڏجي کڻون
    موت آهي پُٺيان۽ اڳيان زندگي
    ديد آڏو رهي
    پوئتي ڇو ڏسون
    جيترو ٿي سگهي وک اڳتي وڌون
    وک اڳتي وڌون
    وک اڳتي وڌون


    نوڪري ۽ ڇوڪري

    نوڪريءَ ۽ ڇوڪريءَ پويان پيا آهن سڀئي
    نوڪري ڪُجهه آهي ليڪن
    نوڪري سڀ ڪُجهه ته ناهي
    ڇوڪري ڪُجهه آهي ليڪن
    ڇوڪري سڀ ڪُجهه ته ناهي
    نوڪري جن کي نه آهي
    ڇا اُهي جيئن نٿا؟
    ڇوڪري جي ڪو نه ملندي
    ڇا مري وڃبو ڀلا؟
    نوڪري انسان جي مرضيءَ کي ماري ٿي ڇڏي
    ڇوڪري ڳڻتيون ڏئي ماڻهوءَ کي ڳاري ٿي ڇڏي
    ڪي وڏا انسان ها
    ساري عمر تنها رهيا
    نوڪر به ڪنهن جا ڪو نه ٿيا
    پنهنجي حياتي سي سڀئي
    من موج سان گهاري ويا
    دنيا کي سينگاري ويا.
    هو روح سان هر راز جي انداز کي ڄاڻي ويا
    ۽ هر گهڙيءَ کي پنهنجي مرضيءَ ساڻ سي ماڻي ويا


    جانِ من

    ڪلفٽن جي محل ۾ رهندڙ اڪيلي جانِ من
    تون ڪروڙن جي محل کي جيل سمجهي ٿي رهين
    پيار آڏو ڪارِ کي تون ويل سمجهي ٿي رهين
    نوٽ توکي نينهن آڏو نانگ جهڙا ٿا لڳن
    تنهنجي اندر جي سڀن اڌمن ائين دانهون ڪيون
    سمنڊ ويُرن جيئن ڪنارن ڏي پئي ڪاهون ڪيون
    تنهنجا سڀ احساس ڪنهن واريءَ جا گهر بڻجي ويا
    ڪنهن وڏيءَ دولت جي هڪ طوفان ۾ اُڏري ويا
    خواب تُنهنجا لڙڪ ٿي اکڙين منجهان نڪري ويا
    رات جهڙي ماٺ تنهنجي زندگي بڻجي وئي
    پنهنجي جيون لاءِ تو ڇو نانگ جو نالو وتو
    پاڻ تو پنهنجن هٿن سان زهر جو پيالو وتو
    پاڻ کي هاڻي نئين ڪا آس ڏي اُميد ڏي
    تنهنجي در تي عشق ايندو باهه جا شعله کڻي
    نينهن تُنهنجا نيڻ چُمندو جيءَ جا جذبا کڻي
    ڪنهن جوانيءَ ساڻ جوڀن کي ملي جيئڻ ته ڏي
    پاڻ چُسڪي چاهه جي تون پيءُ ۽ پيئڻ به ڏي
    ڪلفٽن جي محل ۾ رهندڙ اڪيلي جانِ من-!!!


    وسڪي

    وسڪيءَ جي باري ۾ زاهد
    مون کان ڪهڙي ڳالهه پُڇين ٿو
    وسڪيءَ جي ٻن پيگن کانپوءِ
    ساهه سمندر ٿي ويندو آ
    ساري جڳ جي ساري ڌرتي
    منهنجي ٻک ۾ هوندي آهي
    ۽ مان ڏاڍي چاهه منجهاران
    ساري جڳ جي سونهن سموري چُمندو آهيان
    پاڻ کي پيارو لڳندو آهيان
    وسڪيءَ جي ٻن پيگن کانپوءِ
    منهنجي اندر جو آئينو
    منهنجي آڏو ايندو آهي
    ۽ مون کي چوندو آ سائين
    ساري دنيا تنهنجي آهي
    تون ساري دنيا جو آهين
    ۽ مون کي ائين لڳندو آهي
    پنهنجي اندر جي آڏو مان
    نئين سِر پيدا ٿيندو آهيان
    پنهنجي هوش ۾ ايندو آهيان
    ۽ ويهي سوچيندو آهيان
    مان ڪجهه آهيان
    مان ڪجهه آهيان
    وسڪيءَ جي ٻن پيگن کانپوءِ
    وسڪيءَ جي ٻن پيگن کانپوءِ


    مٺي ڇوڪري

    اي سُهڻي سٻاجهي مِٺي ڇوڪري
    ڪچيءَ ميڻ جهڙي نرم دل کڻي
    اڪيلي اڪيلي ٿي ڪيڏانهن وڃين
    شهر تي پيل رات جي سانت آ
    تنهنجا نيڻ خوابن سان کيڏي اُٿيا
    اُميدن جا ڀرپور آرس ڀڃي
    تنهنجا انگ انمول نکري پيا
    اُڃايل چپن ۾ کڻي آرزو
    سمندر جي سيني کي آڇين پئي
    مگر سمنڊ ۾ سگهه ايڏي ڪٿي
    سڄي اُڃ تنهنجي اُجهائي سگهي
    چپن منجهه تنهنجي وڏو چاهُه آ
    سمندر ۾ ايڏو ڪٿي ساهُه آ
    سمندر کي لڙڪن جون ڇوليون ڏئي
    وڃين ٿي نراليون پروليون ڏئي
    اي سُهڻي سٻاجهي مِٺي ڇوڪري
    اي سُهڻي سٻاجهي مِٺي ڇوڪري


    تون ڇا آهين

    صبح جي هير تنهنجي پيار جي احساس جهڙي آ
    تنهنجي پاسي ۾ هر ڪا شام وسڪيءَ جام جهڙي آ
    تنهنجي هر مرڪ منهنجي شاعريءَ جو روح بڻجي وئي
    حياتيءَ جا سڀئي پل پهر مون توکي ڏنا آهن
    ۽ هر ڪا رات جيڪا تنهنجي ٻانهن ۾ ملي آهي
    اُها مون کي سوين ورهين جي جيون کان مٺي آهي
    نه پُڇندي ڪر مون کان جانان
    ته منهنجي لاءِ تون ڇا هين؟
    سڄي دنيا جي ڌرتيءَ جي
    سموري سونهن تون آهين
    جي تون آهين ته سڀ ڪُجهه آ
    جي تون ناهين ته ڪجهه ناهي
    سوا تنهنجي سڄي ڌرتي
    مٽيءَ جي ڍير جهڙي آ
    دنيا ڏاڍي حَسين آ پر
    تنهنجي هڪ پير جهڙي آ
    تنهنجي هڪ پير جهڙي آ


    مرضي

    هر ماڻهوءَ جو من ٿو چاهي،
    جهڙو تهڙو پنهنجو جيون
    پنهنجي مرضيءَ ساڻ گُذاريان
    مرضي جيڪا سگهه به آهي،
    سونهن به آهي، سَچُ به آهي،
    تُنهنجو منهنجو پيار آ مرضي
    نفرت جو اظهار آ مرضي
    رشتن جو سينگار آ مرضي
    دُنيا جو وهنوار آ مرضي
    جنهن مرضيءَ کي ماريو ويو آ
    هر ماڻهوءَ جو حق آ مرضي
    مرضي پر ها! اهڙي مرضي
    جيڪا ڪنهن جو جيءُ نه جوکي،
    پيار محبت جو ٻجُ پوکي
    هر من اهڙي مرضي بڻجي
    جنهن سان جنت ڌرتي بڻجي
    اهڙيءَ مرضيءَ جي لئه جاني
    پنهنجو سِرُ تريءَ تي آڻي،
    اناالحق جو نعرو هڻجي
    پوءِ ڀلي سوليءَ تي چڙهجي
    پوءِ ڀلي سوليءَ تي چڙهجي


    مُنافقي

    اڳيان منافق
    پُٺيان منافق
    وڃئون ته ڪاڏي وڃئون او سائين!
    دڳن ۾ چهرا منافقن جا
    گلاب جا گُل بڻيا اچن ٿا!!
    اندر ۾ ڪنڊن جا ڍير سانڍي
    هو مُرڪندا اَڻ ڳڻيا اچن ٿا!!
    اسان اڪيلا
    سفا اڪيلا
    منافقن جا هزار ميلا!!
    ملئون ته ڪنهن سان مِلئون او سائين
    کلئون ته ڪنهن سان کلئون او سائين
    دلين منجهان ڌوڙ پئي اُڏامي
    مري ويو ماڻهن جو ماڻهپو آ
    نه ڪائي چاهت نه ڪا محبت
    نه ڪائي اُلفت نه عاشقي آ
    نه ڪوئي سجدو سچو ڪرن ٿا
    نه ڪائي پوڄا پڪي ڪرن ٿا
    هتي جيئڻ آ عذاب زاهد
    هتان جي هر دين سان آ دوکو
    هتان جو مذهب منافقي آ
    هتان جو مذهب منافقي آ


    جواني

    هر ڏينهن جوانيءَ جو
    رنگين ڪهاڻي آ
    ڪنهن ڇير جو ڇَمڪو آ
    سُر تال جي سنگم سان
    هر ٽهڪ ترنم آ
    هر مُرڪ ۾ جادو آ
    احساس افق جيڏا
    جذبا نه جُهڪڻ جهڙا
    جلوه به جواني جا اهڙا ته عجب جهڙا
    هر صبح هوائن جي هُٻڪار چُميون ڏي ٿي
    هر شام جي رنگن ۾ ڪنهن جام سان گڏ آهيون
    ۽ رات جي ٻانهن ۾ ڪنهن رام سان گڏ آهيون
    هر مهل اسان جي آ مخمور گذاريون ٿا
    ڀرپور جواني آ ڀرپور گذاريون ٿا
    ڀرپور گذاريون ٿا
    مخمور گُذاريون ٿا


    اسان جي منزل

    لکن ڪروڙن
    شديد زخمن
    سهي وڃڻ کان به پوءِ پيرن
    چيو ته هلبو اڃان به اڳتي
    نه موٽجان اي مٺا مسافر
    پهاڙ پاسو ڪندا اسان کي
    رڻن مان رستا ڪڍي سگهون ٿا
    نه زلزله ڪُجهه ڪري سهن ٿا
    نه ڪنهن به طوفان کان ڊڄون ٿا
    جڏهن کان جهوميو جنون جيءَ ۾
    اچي ويو اهڙو مزاج من ۾
    محبتن ۾ کڻي وياسين
    قدم قدم ڪائنات جيڏو
    هي عشق جو معجزو آ سائين
    قيامتون گڏ کڻي هلون ٿا
    سَچين ۽ سُهڻين- مٺين ۽ پيارين
    دلين جا بڻجي ڌڻي هلون ٿا
    اسان جي پيرن جا زخم هر پل
    ڪنهن مچ وانگر مچي چون ٿا
    ۽ مست ماڻهو نچي چون ٿا
    اسان جي منزل پري آ ليڪن
    اسان جي منزل اسان لئه آهي
    اسان کي منزل ضرور ملندي
    اسان کي منزل ضرور ملندي


    مئخانو

    هر ڪنهن جو من مئخانو آ
    هر ڪنهن من ۾ پنهنجي مئه آ
    سارا ساههَ سُڪون گُهرن ٿا
    جام سوا آرام ڪٿي آ
    هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي
    جهومي جام پيئڻ ٿو چاهي
    جيڪو جهومڻ کان روڪي ٿو
    سو جذبن جو قاتل آهي
    جيڪو جيئڻ کان روڪي ٿو
    اُن کي ڇو انسان چئو ٿا!!
    اُن کي ڇو انسان چئو ٿا!!
    جيڪو جيئڻ کان روڪي ٿو!!!
    جيڪو پيئڻ کان روڪي ٿو!!!.


    امُيدن جو رستو

    دل کي دل جي ديد سُڃاڻي
    رشتن جي راهن ۾ هاڻي
    اهڙو راڻو
    نينهن نماڻو
    ڪو به ته ڪونهي
    جيڪو جاني
    پنهنجو سمجهي
    منهنجي من کي
    پنهنجي اندر ۾ ترسائي
    ڪو به ته ڪونهي
    چئني پاسي
    ڪو به ته ڪونهي
    آنءُ مافسر اُميدن جو
    پنهنجي من ۾ پنهنجي ڳولا
    ڪيڏو ڏور وٺي وئي آهي.
    جيڏي سگهه اندر ۾ آهي
    تيڏي سونهن سفر ۾ آهي
    ويندي ويندي هر اندر کي
    پنهنجي اندر ساڻ ڏسان ٿو
    من جو ميرو
    گهور انڌيرو
    ڪيڏا اندر اونداهي ٿو
    جيءَ جتي جلاد سمورا
    گهر گهر قيد جو پڃرو آهي
    جيون ڄڻ ڪو جيل ڪٽيوسين
    پوءِ به اُميدُن جو رستو
    ڪو نه مٽيوسين
    ڪو نه مٽيوسين
    پنهنجي اُميدن جو رستو
    پنهنجي اميدن جو رستو.


    پنهنجو گهر

    جو کپي توکي ۽ مون کي
    سو ڪٿي آ گهر هتي
    هل پرين هلندا هلون
    هي دُنيا ڪيڏي وڏي آ
    هل سڄي دُنيا گهمون
    من ڪٿي ڪو گهر ملي
    گهر اُهو اهڙو هُجي
    جو سفا پنهنجو هُجي
    حاڪم جي هر ڪنهن حُڪم کان
    ظالم جي هر ڪنهن ظلم کان
    ساري عُمر آجو هُجي.
    هل پرين ڳولي ڏسون
    من دُنيا ۾ توکي مون کي
    اهڙو ڪوئي گهر ملي
    اهڙو ڪوئي گهر ملي


    غربت

    غربت اهڙي ڏائڻ آهي
    ماڻهوءَ کي مُردار ڪري ٿي
    بي همت بيڪار ڪري ٿي
    ذهنن کي ٿي زنگ لڳائي
    ڪيڏا جسم جلائي ويٺي
    ساري سونهن جي قاتل آهي
    رَتُ جي رشتن کي رستن ۾ روز رُلائي ويٺي غربت
    ها! پر غربت اُن ماڻهوءَ جو ڪنڌ جُهڪائي ڪو نه سگهي ٿي
    جيڪو ماڻهو پنهنجي من ۾ سمنڊ جيان ڪاوير رکي ٿو
    ۽ زندهه ضمير رکي ٿو
    اهڙي ماڻهوءَ آڏو غربت ڪارونجهر جي سگهه جيان آ
    اهڙو ماڻهو مجبورين کي
    پنهنجن پيرن ۾ چيڀاٽي
    موٽي مور نه ڏسندو آهي
    اڳتي اڳتي وڌندو آهي
    جيڪو ماڻهو ساروجيون
    دردن سورن ۽ صدمن سان
    جنگيون جوٽي جيئندو آهي
    سوئي سونهن سڃاڻيندو آ
    نيٺ سو منزل ماڻيندو آ
    نيٺ سو منزل ماڻيندو آ


    ملڪ نديم جي ياد ۾

    هم ظرف هم خيال همسفر همضمير
    سوچن ۾ شهنشاهه طبيعت ۾ هو فقير
    محبوب منهنجو سنڌ جي مِٽيءَ جو هو خمير
    ساري عمر هو قوم جو سچو رهيو سفير
    تجريدي نظم جنهن لکيا هر سال بي مثال
    ماڻهو به هو منٺار ۽ شاعر به باڪمال
    چُپ چاپ علم ادب جي خدمت ڪندو رهيو
    پنهنجي حصي جو بي حساب ڪم ڪري ويو
    اَڄُ دوستن جي وچ ۾ دلبر اُهو نه آ
    محفل ته اَڄُ به آهي پر منظر اُهو نه آ
    وڇڙي ته ويو آ ليڪن وسري نٿو سگهي
    ايئن ٿو لڳي ته اڄ به هو ڪئمپس ۾ آ ڪٿي
    وسري ته ڪيئن وسري انسان هو عظيم
    يارن جو سچو يار هو مٺڙو ملڪ نديم
    يارن جو سچو يار هو مٺڙو ملڪ نديم


    پياري حَسن شيخ جي لاءِ

    اي مُنهنجا دوست
    اي دلبر
    مِٺا مَنٺارَ حسن
    مون تو ۾ حُسن شناسيءَ جي وڏي سَگههَ ڏِٺي
    مون تو ۾ سنڌ سان چاهت جي نه ڪا حد ڏِٺي
    قوم جي هر سچي ڪردار جو تون عاشق آن
    سنڌ سان گڏ سڄي سنسار جو تون عاشق آن
    تون جڏهن سچ سندي سوچ کڻي سوچين ٿو
    روح رهبر سان مِلي رهزنن کي روڪين ٿو
    واٽ بڻجي ٿو وڃين سچ جي سرواڻن جي
    باک بڻجي ٿو بيهين راڄ سندن راڻن جي
    خوب سَمجهين ٿو پرين ادب جي اوچائيءَ کي
    بيت وائيءَ غزل گيت جي گهرائيءَ کي
    تو سچي روح سان سنسار کي سمجهو آهي
    پنهنجو مذهب تو پرين پيار کي سمجهو آهي
    پيار کي پيار سان ڀيٽا به ڏيڻ ڄاڻين ٿو
    تون سچي پيار جي پوڄا به ڪرڻ ڄاڻين ٿو
    ان ڪري هڪ نه زماني ۾ هزارين زاهد
    پيار جي موٽ توکي پيار سان ڏيندا رهندا
    اي مُنهنجا دوست
    اي دلبر
    مِٺا مَنٺارَ حَسنَ-


    شرابين جو ميلو

    اچو مست مخمور مئه جا موالي
    سنڌوءَ جي ڪناري ڪا محفل سجايون
    لڳايون وڏو ڪو شرابين جو ميلو
    ۽ ساري دنيا جا شرابي گُهرايون
    سڄي جڳ ۾ جيڪو پيو آ شراب
    اُهو سڀ سکر جي شهر ۾ پُڄايون
    ۽ روهڙيءَ جي پُل تان وڏي جوش سان
    کولي بوتلون سڀ سنڌوءَ ۾ مِلايون
    ۽ پوءِ منهنجا جاني سڄي عمر پيئون
    پنهنجي موت کي مات ڏئي پاڻ جيئون
    ۽ جيئون سچا صاف انسان بڻجي
    اجايو نسل رنگ مذهب جي نفرت
    سموري دنيا کي وڪوڙي وئي آ
    موالين جي دل ۾ ڪوئي مير ڪونهي
    اسان لاءِ انسان ڪو غير ڪونهي
    هزارين ڏکن ۽ عذابن جي هوندي
    سموري دنيا جي سُکن لئه ٿا سوچيون
    متان ڪو موالين کي مدهوش سمجهي
    وڏا هوش ۽ جوش جذبا رکئون ٿا
    محبت موالين جو مذهب آ سائين
    محبت ۽ مئه کي ملائي پيئون ٿا
    اسان جا فرشتا اسان ساڻ آهن
    فرشتن سان گڏجي پيئڻ ڏيو پيئڻ ڏيو
    فرشتن سان گڏجي جيئڻ ڏيو جيئڻ ڏيو


    سمنڊ جو اولاد

    سمنڊ کان ڇو ٿا ڇنو هن سمنڊ جي اولاد کي
    هي مڇيرا
    توڙي ميرا
    پر صدين کان هيل تائين سمنڊ جا آهن سويرا
    سمنڊ ۾ راتيون هنن لئه زندگيءَ جون چاهتون
    سمنڊ جون ڇوليون هنن لئه عمر ڀرجون راحتون
    سمنڊ جي هر وير جا هي وير بڻجي ٿا رهن
    ۽ هي ورهن کان رهيا هيراڪ ٿڌڙي هير جا
    سمنڊ جو پاڻي هنن جي زندگيءَ جو نانءُ آ
    سمنڊ کان ٿيندا پري جاني نه منهنجا جيئندا
    زندگيءَ جي هر پهر کي زهر سمجهي پيئندا
    سمنڊ جي جهولي ٿي گهرجي سمنڊ جي اولاد کي
    سمنڊ کان ڇو ٿا ڇنو هن سمنڊ جي اولاد کي


    (نوٽ: هي نظم سنڌي سمنڊجي ٻيٽن جي
    وڪامڻ واري واقعي کان متاثر ٿي لکيم)


    جيون کي جرڪايون

    هر ڪو ماڻهو
    پنهنجي پنهنجي
    اندر کي ميدان بڻائي
    جيئڻ جي ٿو جنگ لڙي
    جيئڻ ڪيڏو اوکو آهي
    اندر منجهه عذابن هوندي
    منهن تي مٺڙي مُرڪ سجائي
    پاڻ کي ڏيڻو دوکو آهي
    هر ڪنهن من ۾ پنهنجي پنهنجي دردن جي ٿي باهه ٻري
    باهه ۾ ڀڙڪي
    هڪ ٻئي جي لئه
    دوزخ جهڙا ٿي ويا آهيون
    ڇو نه ٿا سوچن کي سمجهايون
    پاڻ ته سڀ هڪ ٻئي جا آهيون
    پيار جو ٿڌڙو پاڻي بڻجئون
    هڪ ٻئي جي اندر ۾ ڀڙڪيل دوزخ جهڙي باهه وِسايو
    هر جيون جرڪڻ ٿو چاهي،
    هر ڪنهن جيون کي جرڪايون
    هر جيون جهومڻ ٿو چاهي
    هر ڪنهن جيون کي جهومايون.
    هر ڪنهن جيون کي جهومايون


    ماني

    پيٽ بُکايل ماڻهو جڳ ۾ ماني ڳولي ٿو
    بُک جي آڏو
    عشق به ماني
    پيار به ماني
    سونهن به ماني
    ساهه به ماني
    سج به ماني
    چنڊ به ماني
    ڌرتي ۽ آڪاش به ماني
    دين ڌرم ڀڳوان به ماني
    ماڻهوءَ جو ايمان به ماني
    جيئن ڪو پوڙهو يادن مَنجهه جواني ڳولي ٿو
    بيوس ماڻهو سوچن ۾ ايئن ماني ڳولي ٿو
    بيوس ماڻهو سوچن ۾ ايئن ماني ڳولي ٿو.

    انصاف جو ڳاٽو
    گِذريءَ ۾ هڪ محل جي آڏو
    مِل مالڪ جو ضدي ڇورو
    پوڙهي چوڪندار جي ٽوپي
    لتل ۾ لوئاڙي بيٺو
    پوڙهو ڳوڙها ڳاڙي بيٺو
    هٿ ٻَڌي اُڇنگارون ڏيئي
    ضديءَ ڇوري جي پيرن تي
    هر هر پنهنجا هٿ رکي ٿو
    پر هو مل مالڪ جو ڇورو
    ڏاڏي جيڏي هن پوڙهي کي
    ڪنهن هڪڙي ننڍڙي غلطيءَ تي
    مُڪن سان ٿو ماري بيٺو
    چوڪيدار جو ننڍڙو نينگر
    ڪاوڙ ۾ مُٺيون ڀيڪوڙي ۽ ڏند ڪرٽي
    مل مالڪ جي پاپي پُٽ جو
    پٿر سان ٿو مٿو ڦاڙي
    فون ٿئي ٿو
    سائرن جو آواز اچي ٿو
    منٽن منجهه پوليس ٿي پهچي
    پُٽ ٿو ٻڌجي- پيءُ ٿو ٻڌجي
    ماءُ ٿي ٻڌجي- ڌيءُ ٿي ٻڌجي
    ٿاڻي تي قانون جو بوتو
    ايس ايڇ او جي پيرن ۾ آ
    ڪورٽ ۾ انصاف جو ڳاٽو
    جج ڀڃي ڪُتن کي اُڇليون
    مسڪينن جي برباديءَ تي
    وحشي ويٺا ٽهڪ ڏين ٿا.
    جاڏي تاڏي نوٽ نچن ٿا
    ڪو به ڪُڇڻ وارو هت ڪونهي
    ڪو به پُڇڻ وارو هت ڪونهي.


    ڪارا وحشي

    منهنجي مٺڙي ديس ۾ سائين
    ڪيڏا ڪارا ڪارا وَحشي
    ساري هن عوام جي خاطر
    نالي ۾ ته محافظ آهن
    پر هي سارا ڪارا وحشي
    ايندي ويندي هر ماڻهوءَ جو
    بي ڏوهي پياماس پٽن ٿا
    ڌاڙيلن جا يار پُراڻا
    چورن جا ساٿاري آهن
    ديس ۾ ٿيندڙ ننڍي وڏي
    ڪُڌي ڪم جا ڪرتا ڌرتا
    لوگهن کان وڌ لوگها آهن
    مسڪينن جو رَت پيئن ٿا
    حيرت جهڙي ڳالهه ته آهي
    ماڻهوءَ جهڙا ماڻهو هوندي
    وحشين وانگر ڪيئن جيئن ٿا!!
    وحشين وانگر ڪيئن جيئن ٿا!!


    بي حسي

    ڪتا ڀئونڪي
    پنهنجي در تان
    چور ڀَڄائن ٿا
    پاڻ ته ڪُتن جهڙو ڪم ڀي ڪو نه ڪيو سائين!!
    گهري گهري ننڊ ڪئي سين!!
    وکريل وکريل خواب ڏٺاسين!!
    ساري عُمر سُتي گُذري وئي!!
    اڄ پنهنجي ساري ڌرتيءَ کي
    ڪيڏا ويا ڌاڙيل وڪوڙي!!
    پاڻ ڦُرائي ويٺا آهيون!!
    پوءِ به ڪيڏا بي حس آهيون!
    پنهنجون پنهنجون مڇون مهٽي،
    سينا تاڻي ايئن هلون ٿا
    پاڻ سان ڄڻ ڪُجهه ٿيو ئي ڪونهي!!
    پنهنجن شهرن جا رکوالا ڇو نه ٿيا آهيون
    غيرن جي لئه بڙڇون ڀالا ڇو نه ٿا آهيون
    ڪتا ڀئونڪي پنهنجي در تان چور- ڀڄائن ٿا
    پاڻ ته ڪتن جهڙو ڪم ڀي ڪو نه ڪيو سائين!!


    آسمان روئي ٿو

    بارشن جي موسم ۾
    ها! جڏهن جڏهن جانان
    تيز مينهن وسندو
    مون کي ايئن لڳندو آ
    ڄڻ سموري ڌرتيءَ تي
    ظلم ۽ عذابن جي
    باهه کي وسائڻ لئه
    آسمان روئي ٿو!!
    هيڏي ساري دنيا ۾
    بي قصور ماڻهن جو
    خون ڪيئن وهيو آهي
    درد ڪيترا آهن
    زخم ٿا ڪُرن ڪيڏا
    جيءَ ٿا جُهرن ڪيڏا
    هيل تئين سڄي ڌرتي
    ڪيئن تڙپندي آئي
    آسمان ڄاڻي ٿو
    سور کي سُڃاڻي ٿو
    هن سڄي زماني جي
    بي شُمار ظلمن تي
    بارشتن جي موسم ۾
    ها! جڏهن جڏهن جانان
    تيز مينهن وسندو آ
    مون کي ايئن لڳندو آ
    آسمان روئي ٿو
    آسمان روئي ٿو


    ڪلاڪار

    هر ڪلاڪار جي سوچ ۾ سونهن آ
    سمجهه ۾ سگهه آ
    جنهن وڏيءَ سگهه سان
    هو صدين کان وٺي
    ساري سنسار کي
    ايئن سنواري پيو
    جيئن هر ماءُ هر صبح ۽ شام جو
    ڪنهن وڏي چاهه سان
    پنهنجي پيارن ٻچن کي
    سينگاري سنواري
    چُميون ٿي ڏئي
    هر ڪلاڪار دنيا جو دلدار آ
    هن جي ٻولي ڪلا
    هن جو مذهب ڪلا
    هن جي اندر ۾ ساري زماني جي لئه
    پيار ئي پيار آ
    هي ڪلاڪار آ
    ها! ڪلاڪار آ
    جنهن جي دم ساڻ سهڻو هي سنسار آ


    عزت وارو

    سو ڪيئن ڪنهن جو سورُ سڃاڻي
    جنهن جي دل آ دانگيءَ جهڙي
    سو ڪنهن جي لئه ڇو سوچيندو
    سوچ آ جنهن جي گندي اهڙي
    ڇتي ڪُتي نانگيءَ جهڙي!
    سو ماڻهوءَ جو روپ ته آ پر
    سوئر جهڙو ساهه رکي ٿو!!
    اهڙو من جو گندو ماڻهو
    ڇو نه ڀلي سو شاهه هُجي
    توڙي سڳو ڀاءُ هجي
    عزت وارو مور نه هوندو
    ڪنهن کي پيارو مور نه هوندو
    ڪنهن کي پيارو مور نه هوندو


    دين ۽ ڌرم

    اهڙو مذهب ڪو نه گهرجي
    جيڪو ماڻهن جي دلين ۾
    نفرتن جي پوک پوکي
    جنگ جو ميدان جيڪو
    ساري دنيا کي بڻائي
    دين اهڙو ڌوڙ ۾ پئي
    مون کي اهڙو ڌرم گهرجي
    مون کي اهڙو دين گهرجي
    جيڪو ساري جڳ جي اندر
    هر قدم تي هر نظر ۾
    زندگين ۾ چاهتن جي
    روشنين ۽ راحتن جي
    نور جهڙي لاٽ ٻاري
    پيار جي پيغام سان گڏ
    امن۽ انصاف آڻي
    مون کي اهڙو ڌرم گُهرجي
    مون کي اهڙو دين گهرجي.


    روزائتن ڏانهن

    ڏٺوسين ته آڪاش تي ڪالهه اُڀريو
    مگر چنڊ چهرن تي اُڀريون ته ناهي
    مها مان وارا اي روزائتو
    اوهان جا رڳو هڪ مهيني جا روزا
    اسان جي سڄي زندگي آهي روزو
    اوهان جي ته هر سال نئين عيد آهي
    اسان جي الائي ڪڏهن عيد ايندي
    مگر آس آهي ڪڏهن نيٺ ايندي
    ها ايندي
    ها ايندي
    ۽ ايندي ته اهڙي
    گلابن جي من موهه سُرهاڻ جهڙي
    ۽ چوڏهينءَ جي شفاف چانڊاڻ جهڙي
    ڪوئي گهر به اوندهه ۾ ورتل نه هوندو
    ڪائي چُلهه ڪُنيءَ کان به خالي نه هوندي
    اسان جون اميدون پُڪارن ٿيون جنهن کي
    اُها عيد جوڀن تي آخر ته ايندي
    ها ايندي
    ها ايندي
    ۽ ايندي ته اهڙي
    سچائن جي مجموعي احساس جهڙي
    دنيا جي وساريل ڪنهن انصاف جهڙي
    اُها عيد ايندي
    اُها عيد ايندي
    اسان جون اُميدون پڪارن ٿيون جنهن کي


    هيمون ڪالاڻيءَ جو ماءُ ڏانهن خط

    بند کوليءَ ۾ امان
    ڳاٽ اوچو آ اڃان
    آڻ مون ناهي مڃي
    اڄ به جابر جي اڳيان
    تنهنجي عزت جي ڪري
    مان ڀلي ڦاهيءَ چڙهان
    ديس لئه جي دم ويو
    ڀاڳ ڀريو آهيان
    قيد ڪڙين ۾ ڏسي
    آسرو لاهين متان
    ساٿ جي پهچي پيو
    جيل ٽوڙي ٿو اچان
    راڄ پنهنجي سان ملي
    ڏاڍ سان ڏاڍو وڙها
    ماٺ مَرڻي کان ڀلو
    جي مران وڙهندي مران
    او امان منهنجي امان
    مٺڙي امان پياري امان
    هانءُ تون هارين مَتان
    مان ڪڏهن مرڻو ناهيان
    مان ڪو دشمن جي دڳن ۾
    عارضي ڌرڻو ناهيان
    مان تنهنجو هيمون آهيان
    مان تنهنجو هيمون آهيان
    هيمون ڪڏهن مرندا ناهن
    پرجي مان وحشين هٿان مُنهنجي امان ماريو ويس
    هن ئي مٽيءَ مان وري ملندو مون کي هر هر جنم
    جيستائين ظلم جو راڪاس رهندو ديس ۾
    هر جنم ۾ تنهنجو هيمون سر ڏيندو نئين ويس ۾


    شهيدن جو سپنو

    سچائن جا قاتل
    حقيقت جا مُنڪر
    هزارين اکين کان لڪي ڪين سگهندا
    عوامي هٿن کان بچي ڪين سگهندا
    غريبن اپيپن يتيمن جون دانهون
    هي ڀيڻ ۽ مائن جي اندر جون آهون
    ۽ مسڪين مظلوم ٻارن جا سُڏڪا
    ٻُڌي عرش جو روح روئي پيو آ
    وڏيءَ ويڙهه لئه فرش واسين چيو آ
    جبر جي اڳيان ڪنڌ ڇا لئه جهُڪايون
    اسين ديس ڌرتيءَ جا دلدار آهيون
    اوهان ۾ غداريءَ جي عادت پُراڻي
    اسان جي رڳن ۾ وفائن جو رت آ
    ٻئي ڪن کولي ٻڌو حڪمرانو
    اسين پنهنجي منزل تي پهچڻ ٿا چاهيون
    اسان کي هٽائي هيستائي نه سگهندئو
    رُلي پاڻ ويندئو رُلائي نه سگهندئو
    اسان جي ارادن منجهان پڪ سمجهو
    اوهان جون ته پاڙون اکيڙيئي ڇڏبيون
    اسان جي ته هالار جهڙن هٿن سان
    جڏهن ڏيهه ۾ ڏاڍا کي موت ملندو
    تڏهن هر سسئيءَ کي پنهنجو هوت ملندو
    شهر جي بازارين ۽ ڳوٺن ڳلين مان
    امن ۽ مُحبت جي هُٻڪار ايندي
    برن ۾ بهارن جي ٿڌڪار ٿيندي
    مون هر جيءَ ۾ آس جو گهر اڏيو آ
    مون هر موت کي زندگيءَ لئه سڏيو آ
    جمهوريت جي سارن شهيدن جو سپنو
    پرين پنهنجي تعبير سان نيٺ ملندو
    ڪوٺهندو ڪو ڊهندو
    ڪو جيئندو ڪو مرندو
    ازل کان ائين ئي ته ٿيندو رهي ٿو
    نئين روپ ۾ وقت ايندو رهي ٿو
    نئين روپ ۾ وقت ايندو رهي ٿو.


    سنڌ امڙ جو ساهه

    مَرسون مَرسون
    سنڌ نه ڏيسون
    پوريءَ سگهه سان اهڙو نعرو
    آزاديءَ جي جنگ ۾ هوشوءَ
    جنهن پل ۾ گونجاريو هوندو
    مان سمجهان ٿو اهڙي نعري
    ساري اُڀ کي ڏاريون هوندو
    وقت وري موٽي آيو آ
    سنڌ امڙ جو ساهه گُهري ٿو
    هوشوءَ وارو نعرو گهرجي
    جنهن سان اهڙو مچ مچي پئي
    سنڌ امڙ جو ساهُه بچي پئي
    سنڌ امڙ جو ساهُه بچي پئي


    سنڌي ميڊيا چينل

    سنڌي ٻوليءَ جا سڀ چينل
    چٻرن جي چنبن ۾ آهن
    چٻرا جيڪي چر چر ڪن ٿا
    ڌرتيءَ جو سي درد نه ڄاڻن
    چٻرا چٻرن جا ساٿاري
    جن کي ڪاري رات آ پياري
    سي ڪيئن خواب صبح جا ڏسندا
    جن جي اکين ۾ اوندهه آ
    جيڪي دَلي دل رکن ٿا
    جن جو ذهن به زهريلو آ
    سي ڪيئن سونهن سُڃاڻي سگهندا
    ڪا نه محبت ماڻي سگهندا
    ڌرتيءَ جي تاريخ اُنهن کي
    دانگيءَ جو نذرانو ڏيندي
    اهڙو وقت به اچڻو آهي
    سَچُ نگر ۾ نچڻو آهي!
    سنڌ امڙ جي غدارن لئه
    هڪڙي هڪڙي گولي هوندي
    جن جيجل جي ٿڃ ملهائي
    تن لئه سنڌ جي جهولي هوندي
    تن لئه سنڌ جي جهولي هوندي


    اسان خالي هٿين ناهيون

    اسان خالي هٿين ناهيون
    اسان خالي هٿين ناهيون
    اسان جا روح زخمي ٿي پيا آهن ته ڇاٿي پيو
    اسان جا ذهن تنهنجي زندگيءَ ۾ زهر اوتيندا
    اسان جي سوچ ئي تنهنجي قهر جو موت آڻيندي
    اُميدن آبِ ڪِوثر جا ڀري ڪي جام پيتا هن
    اکين ۾ انتظارن جي صدين جا ساهه جاڳن ٿا
    دلين جون ڌڙڪنون خنجر بڻيون آهن خزائن لئه
    سفر جيڏو اڻانگو آ عزم اُن کان به آ اوچو
    جبل رستا جُهڪي ڏيندا اسان جي موج مستيءَ کي
    اسان جا قافلا هر ڪربلا سان مُنهن ڏئي ويندا
    سنيها سج آهن موڪليا پنهنجي وفائن جا
    اوهان جي رهزنيءَ جي رات جا پويان پهر آهن
    اسان جي باهه جهڙي جاڳ ڀڙڪي ڀاڳ ٺاهيندي
    اسان پنهنجن ارادن خواهشن جا خود خدا آهيون
    اسان خالي هٿين ناهيون
    اسان خالي هٿين ناهيون


    ڪارونجهر جي اُڃ

    هي ڪارونجهر هي ڪارونجهر
    سنڌ جي هر شاعر جو دلبر
    هن ڪارونجهر جي آ ڇاتي
    موسم برساتيءَ لئه آتي
    اوسيئڙا آڙاهه لڳن ٿا
    بادل هاڻي برسي پئه تون
    ڪارونجهر کي اُڃ لڳي آ
    ڪارونجهر جا مور نماڻا
    سارو سال سُتائي ناهن
    پهر پهر ۾ ڪو ڪارن ٿا
    سارنگ ۾ سُڏڪن کي پوئي،
    وڏ ڦُڙي کي سَڏَ ڪرن ٿا
    ڪهڙو ڏوهه ڪيوسين تنهنجو
    ايڏو ڏور هليو ويو آهين
    بادل ٻيلي ايئن نه ڪر تون
    ٿر جي سانگيئڙن جا سائين
    ٿر جو جيءَ جيئاپو آهين
    اوسيئڙا آڙاهه لڳن ٿا
    بادل هاڻي برسي پَئه تون
    ڪارونجهر کي اُڃ لڳي آ


    ڪا سنڌ به هئي

    نارائڻ تو سَچُ چيو هو
    مون کي هاڻي ايئن لڳي ٿو
    شايد اهڙا ڏينهن به ايندا
    هن دنيا جا ماڻهو چوندا
    دنيا ۾ ڪا سنڌ به هئي
    جنهن ۾ ڪي سنڌي رهندا ها
    ۽ جن جي سنڌي ٻولي هئي
    هو ڪهڙا ها ۽ ڪيئن هئا؟
    تاريخ اُٿي چَپَ چوريندي
    ۽ ماضيءَ جا سارا قصه
    دنيا آڏو ورجائيندي
    هو جيڪي سنڌي ماڻهو ها
    آرام پسند عياش هئا
    بي همت ۽ بيڪار هئا
    ٿورا ماڻهو سچار هئا
    باقي سارا غدار هئا
    رهبر به اُنهن جا رهزن ها
    هو پنهنجن سان گڏجي نه سگهيا
    ۽ ڌارين سان اٽڪي نه سگهيا
    هو غيرن کان غافل ٿي ويا
    ۽ پنهنجن جا قاتل ٿي ويا
    دنيا پُڇندي هو ڪيئن مُئا
    تاريخ جواب تڏهن ڏيندي
    غلطين جا وسائي مينهن مُئا
    ھو ايئن مُئا
    ٻيو ڪيئن مئا !


    مُلان ۽ مسلمان

    ملان تنهنجي سَڏَ وڏي ۾
    ايڏي ڪائي سگهه به ڪونهي
    مان ڌرتيءَ جو گيت ڳائيندس
    ساري دُنيا جاڳي پوندي
    ڌرتيءَ جي گولي کي هر پل
    امن ٿو گهرجي پيار ٿو گهرجي
    سونهن ٿي گهرجي
    سچ ٿو گُهرجي
    پر تون سونهن ۽ پيار امن جو
    ماري آهين
    ماري رهندين
    مان اسلام سان پيار ڪيان ٿو
    تنهنجو منهنجو رَبُ آ ساڳيو
    اهڙو منهنجو دين ته ڪونهي
    جهڙو تون سمجهائين ويٺو
    تنهنجي سمجهه کان سچ مٿي آ
    مان ته مسلمان آهيان ليڪن
    تون مُلان آن مُلان رهندين
    تو ۾ مون ۾ فرق وڏو آ
    مان انسانن جو عاشق هان
    تون انسانن جو قاتل آن
    هر ڪنهن رنگ نسل جو ماڻهو
    مُنهنجي من جو راڻو آهي
    تون دل ۾ ساري دنيا لئه
    ڇو زهريلا نانگ ٿو پالين
    جيئن ھر زاھد کي سجدي ۾
    هر ويلي الله ٿو گهرجي
    تيئن هن ڌرتيءَ کي ماڻهن جو
    امن محبت چاهه ٿو گهرجي
    امن محبت چاهه ٿو گهرجي


    انتهاپسندي

    انتهاپسندن جي
    انتها ٿيڻ گهرجي
    جي نه انتها ٿيندي
    انتهاپسندن جي
    پوءِ ساري دنيا ۾
    نفرتن جي سوچن جو
    زهر ڦهلجي ويندو
    سج جا اِهي قاتل
    چنڊ کي نٿا چاهن
    هي سڄي زماني ۾
    ڪاري رات چاهن ٿا
    حد آ جهالت جي
    هن حَسين ڌرتيءَ تي
    هو عجيب سسٽم جي
    حاصلات چاهن ٿا
    دين جي بهاني سان
    درسگاهه ۾ ويهي
    ذهن ذهن ۾ ڪيڏو
    گند ٿا ڀَرِن ويٺا
    فيصلي ڪرڻ وارو
    وقت اڄ اچي ويو آ
    هاڻي هن جهالت سان
    جنگ ڪا ٿيڻ گُهرجي
    انتها پسندن جي
    انتها ٿيڻ گهرجي
    انتها ٿيڻ گهرجي


    ذهنن جا ڪاريگر

    جيڪر ذهنن جا ڪاريگر
    جوڳي بڻجي گهر مان نڪرن
    شهر شهر ۾
    ڳوٺ ڳوٺ ۾
    ڀڳل ڀُريل ذهنن کي جوڙن
    ذهن ذهن ۾ سوچ آ پنهنجي
    سوچ جيڪا سُقراط به آهي
    ۽ وحشي ذهنن جي اندر
    سوچ انڌيري رات به آهي
    سوچن ۾ ٽڪراءُ رهي ٿو
    جنهن سان جيون ۾ وک وک تي
    دوزخ جو آڙاهه رهي ٿو
    هي آڙاهه اُجهائڻ گهرجي
    موت کي جيون جي جذبن سان
    هيسائي هارائڻ گهرجي
    ذهنن کي سُلجهائڻ گهرجي
    سوچن کي سمجهائڻ گُهرجي
    سوچن کي سمجهائڻ گُهرجي.


    مستيءَ جو موسم

    در در آڏو دهشتگردي
    ڏاڙهيءَ ڏاڙهيءَ هٿ ۾ ڏنڊو
    مذهب جي نالي تي ڪيڏو
    انسانن جو خون وهي ٿو
    روشن ڏاهپ جا سڀ راهي
    منڊا بڻجي چئو واٽي تي
    ماڻهن جو ماتام ڏسن ٿا!
    حيرت جهڙي ڳالهه ته آهي!!
    جن جي دل کي ساري جڳ جو
    درد سدائين ڌو ڏيندو هو
    سي اڄ ننڊ سُتا پيا آهن
    ۽ هو انسانن جا دشمن
    سازن ۽ راڳن جا قاتل
    ساري جڳ جي سونهن جا ويري
    اوندهه خياليءَ جا رکوالا
    وحشي ٿي نڪري پيا آهن
    روشن خياليءَ جا متوالو
    مستيءَ جو موسم آيو آ
    رندن کي هڪ راهه تي آڻيو
    مئخانا مخمور بڻايو
    مستانا منصور بڻايو
    مستانا منصور بڻايو


    شيخ اياز جي ياد ۾

    ڀٽائيءَ جي بيتن جي خوشبوءِ جو عاشق
    ڀٽائيءَ جي سائي ۾ آهي سُتو
    تنبوري جي تارن چيو شيخ اياز
    هُيو سنڌ جي سوز جو هڪڙو ساز
    فڪر جي سچائيءَ جو سينگار هو
    وڏيءَ سونهن جو هڪڙو سنسار هو
    هو مشتاق هو سنڌ جي سمنڊ جو
    هو دلدار هو ديس جي درد جو
    ڏئي سنڌ کي چاهه واريون چميون
    ۽ پائي وڏيون پيار جون ڀاڪڙيون
    مٽي پنهنجي ماتا جي ماٿي هڻي
    ۽ ڌرتيءَ امڙ جون دُعائون کڻي
    اسان کان پرين موڪلائي ويو
    مگر جوش جيءَ ۾ جاڳائي ويو
    وڏا جوش جيءَ ۾ جاڳائي ويو


    اُستاد بُخاريءَ جي ياد ۾

    سنڌ جو عاشق بُخاري
    عشق جو اُستاد هو
    شاعريءَ جو شان هو
    ۽ شاعرن جي جان هو
    ديس جو دلدار هو
    محبوب هو منٺار هو
    ڇا چوان ڇا ڇا هيو
    هر جيءَ جا جذبا هيو
    هر سونهن جا جلوه هيو
    ساري زماني لاءِ هو
    هڪ پيار جا رستا هيو
    ۽ روح جا رشته هيو
    سنڌ جي مٺڙي مٽيءَ کي
    جنهن چيو جيجل امان
    اڄ بخاري اُن مٽيءَ جي هنج ۾ آهي سُتل
    پر بخاريءَ جي سموري شاعري جاڳي پئي
    ايئن لڳي ٿو
    ڄڻ ته جنت جون سڀئي حورون اچي
    پنهنجي هٿڙن سان ويهي پنهنجي مٺي استاد کي
    آبِ ڪِوثر جا ڀري ڪي جام ڏينديون ٿيون رهيون
    ۽ پنهنجي استاد کي دلبر سڏينديون ٿيون رهن
    پيار سان شاعر جو مٺڙو روح ريجهائن پيون
    ۽ بُخاريءَ جا سمورا گيت هو ڳائڻ پيون
    ها! بخاريءَ جا سمورا گيت هو ڳائڻ پيون
    ۽ فرشتن جا مقدس جيءَ جهومائن پيون
    ۽ فرشتن جا مقدس جيءَ جهومائن پيون


    تنوير عباسيءَ جي ياد ۾

    خيرپور جي هير ۾
    تنوير جي خوشبو اڃان
    سنڌ جي سُرهاڻ لئه
    سرواڻ ٿي جاڳي پئي
    خيرپور جون محفلون
    محبوب سوڳولين پيون
    جو محبت ساڻ هر محفل کي موهيندو هيو
    پنهنجي ڳالهين منجهه لفظن جا سچا موتي جڙي
    دوستن لئه گفتگو جا هارپوئيندو هيو
    اڄ به اُن جي سوچ سان هن خيرپور جي سونهن آ
    هو شهر کي پنهنجي يادن جون هوائون ڏئي ويو
    دوستن کي دوستيءَ جي لئه دعائون ڏئي ويو
    دوستن کي دوستيءَ جي لئه دعائون ڏئي ويو


    شيما ڪرماڻي

    ڪَٿڪ جي رنگن جي راڻي
    اي راڻي شيما ڪرماڻي
    ناچ نگر ۾ خاموشي آ
    تبلي جي ٿي تال پُڪاري
    سارنگيءَ ۾ سار آ تنهنجي
    تو لئه سُر سِتار جا ماندا
    ڪيڏي سانت وڪوڙي وئي آ
    خاموشيءَ کي ٽوڙ! هلي آ
    پنهنجي پائل جي ڇن ڇن سان
    يا ڪنهن ڇير سندن ڇمڪن سان
    تن من جي سارن انگن سان
    سچي جيءَ سندن جذبن سان
    ۽ دل جي ڌڪ ڌڪ ڌڙڪن سان
    سنبارا ۾ ساهُه وجهي ڏي
    سنڌ سڄي جهومڻ ٿي چاهي
    ورهين کان هن ديس جا ماڻهو
    ويڳاڻا ويڳاڻا آهن
    سُک جي لاءِ سِڪايَل ماڻهو
    مُرجهايل مُرجهايل آهن
    هي سارا ايذايل ماڻهو
    مُرڪن جي ڳولا ۾ آهن
    شاعر جي سوچن کي سمجهي
    سا زنده سازن کي ڇيڙيو
    من اندر جي گهرائيءَ سان
    روح جي ساري سچائيءَ سان
    ڪو راڳي آلاپ لڳائي
    جنهن تي سمبارا جهومي پئي
    ۽ پنهنجا هٿ پير هلائي
    اهڙي پياري جُهمر پائي
    جنهن جُهمر جو جادو پل ۾
    سنڌ سموريءَ کي جهومائي
    ۽ پوءِ سنڌ سموري گڏجي
    ساري دُنيا کي جهومائي
    ساري دُنيا کي جهومائي


    شاعر ۽ موسيقار

    اهڙو موسيقار هُجي ڪو
    جيڪو پنهنجي ساز سُرن ۾
    ساري جڳ جا سور سمائي
    پيار پريت جامن موهيندڙ
    ڪي مِٺڙا آواز لڳائي
    ساري دنيا کي چاهت جي
    هر ڪنهن روح سنديءَ راحت جي
    سُر ۾ سچي راهه ٻُڌائي
    اهڙي موسيقار کي هڪڙو
    اهڙو پيارو شاعر گهرجي
    جيڪو هن ساري دنيا جي
    ڌرتيءَ کي پنهنجي دل سمجهي
    هڪڙو اهڙو گيت لکي ڏي
    جنهن کي ساري دنيا پنهنجي اندر جو آواز بڻائي
    ۽ پوءِ هڪڙي سوچ اُڏامي
    امن محبت جي جذبن سان
    هر ڪنهن جيون کي جرڪائي
    جڳ کي اهڙو شاعر گُهرجي
    اهڙو موسيقار به گُهرجي
    جيڪو ساري جڳ جي خاطر
    ساري جڳ سان گڏجي ڳائي-
    ساري جڳ سان گڏجي ڳائي-


    شاعر جو گهر

    لاوارث ۽ بي گهر ماڻهو
    روئي مُنهنجو دڳ جهلي ٿو
    سُڏڪي مون کان سوال پڇي ٿو
    هن ڌرتيءَ جي ڏک جا شاعر
    سنڌ م تنهنجو گَهرُ ڪٿي آ
    مان هُن سان ڀاڪُر پايان ٿو
    پنهنجي سيني سان لايان ٿو
    ڏاڍي پيار سان پرچايان ٿو
    ۽ هُن کي هڪ ڳالهه چوان ٿو
    روءُ نه من جا سچا ماڻهو
    پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جا آهيون
    تنهنجو مُنهنجو رشتو اهڙو
    سچي هيري موتيءَ جهڙو
    منهنجو گهر آ تنهنجي دل ۾
    تنهنجو گهر آ منهنجي من ۾
    ها! پر هر ماڻهوءَ کي سائين
    جيون گهڙيون گهارڻ جي لئه
    هڪڙو گهر ڌرتيءَ تي گُهرجي
    پر هڪڙي شاعر کي سائين
    هن دنيا ۾ جيئڻ جي لئه
    هڪڙو گهر هر دل ۾ گهرجي
    هڪڙو گهر هر دل ۾ گهرجي


    پنهنجو ڳوٺ

    سانئڻ منهنجي سنڌ سڄي پر
    پنهنجو ڳوٺ پرين آ مُنهنجو
    ڳوٺ! جتي مون هوش سنڀاليو
    جڙجي ويو اُن جوءِ سان نالو
    پهرين پل ۾ هن دُنيا کي
    پنهنجي ڳوٺ ڏٺو مون سائين
    پهريون ڏک به پنهنجن کان ئي
    پنهنجي ڳوٺ مليو هو مون کي
    الف به پهريون عشق به پهريون
    ۽ پهريون اُستاد به مون کي
    پنهنجي ڳوٺ مليو هو سائين
    پهرين پيار کي پهرين چُمي
    پنهنجي ڳوٺ ڏني مون سائين
    سا ڪيئن مون کان وسري سگهندي
    ٻالڪپڻ جا رشته ناتا
    روح ۾ رهجي ويندا آهن
    بس قسمت جي ڳالهه آ سائين
    پنهنجن ايڏا ڏک ڏنا جو روئڻ لئه مجبور ٿياسين
    پنهنجي ڳوٺ کان ڏور ٿياسين
    پنهنجي ڳوٺ کان ڏور ٿياسين


    فيض واهه

    ورِهَه ٿي ويا آهن
    ڪا وڏي اُڪير کڻي
    مان وري وريو آهيان
    فيض واهه جي پُل تي
    شاندار ماضيءَ جي
    بي شمار يادن کي
    مان ائين پيو ڳوليان
    جيئن ڪوئي ننڍو ٻالڪ
    گم ٿيڻ کان پوءِ روئي
    ماءُ کي ڳوليندو آ
    فيض واهه جا ماڻهو
    ايترا ويا مٽجي
    اڄ هتي، اڳي واريون ڇو محبتون ناهن
    فيض واهه جون هاڻي
    ساڳيون رونقون ناهن
    پوءِ ڀي مون کي پنهنجو فيض واهه پيارو آ
    هي ته منهنجي ماضيءَ جو چمڪندڙ ستارو آ
    فيض واهه پيارو آ
    فيض واهه پيارو آ


    خيرپور ميرس

    خيرپور ميرس مُنهنهجي دل جي دُعائن جو شهر
    مُنهنجي جيون جي حسين پهرين بهارُن جو شهر

    خيرپور جي دوستن جون دوستيون ايڏيون مِٺيون
    جيئن هتي بيٺل کجين جون کارڪون ڏاڍيون مِٺيون

    مُنهنجي هر اُميد جي ٿي ابتدا هن شهر کان
    مون وتا ڪيئي محبت جا مزا هن شهر کان

    منهنجي پهرين عاشقيءَ جي دلربا آ خيرپور
    منهنجي من جي چاهتن جي انتها آ خيرپور

    منهنجي لئه ڪنهن مست مئه جو جام آهي خيرپور
    منهنجي دل جو چين۽ آرام آهي خيرپور

    هي شهر دل جي سچن سُهڻن سڀن يارن جو آ
    هي شهر منهنجن مٺن ماڻهن پرين پيارن جو آ

    هي شهر سورهيه جو آ سچل جو آ تاجل جو آ
    هي شهر حاميءَ جو آ مختيار ۽ زائر جو آ
    هي شهر تنوير ۽ زاهد جو آ ڪوثر جو آ


    سکر شهر

    سکر مونکي
    پنهنجن پيارن
    سنگتين جهڙو پيارو آهي
    سکر جون سڀ سُهڻيون يادون
    منهنجي ساهه ۾ سانڍيل آهن
    ڀل ڪيڏو پر ديس وڃان پر
    سکر ڪو نه وساري سگهندس
    سکر جي هر سونهن نرالي
    هاءِ نشيلي نيم ڪي چاڙهي
    شام لبِ مهراڻ جي اهڙي
    جوڀن واري خوشبوءِ جهڙي
    ڦوهُه جواني جون سڀ يادون
    تنهنجي ڀاڪر ۾ برساتون
    ڪيئن وساري سگهبيون جانان
    سکر جي رستن تي گهاريل
    جوڀن وارا ڏينهن سمورا
    منهنجي من جي ملڪيت آهن
    ۽ چاهت جون ساريون راتيون
    منهنجي دل جي دولت آهن
    منهنجي دل جي دولت آهن


    زندگي

    زندگي جهڙي ملي آ
    جيئن به آهي
    ٺيڪ آ
    زندگيءَ کان ڪا شڪايت ڇوڪريون
    ساهه ٿڌڙا ڇو ڀريون
    لُڙڪ ڇو لاڙيون اسان
    هانءُ ڇو هاريون اسان
    ڇا روئڻ سان زندگيءَ جو روپ مٽجي ٿو سگهي
    ڇا اُداسيءَ سان اسان جو درد گهٽجي ٿو سگهي
    پر اِهو افسوس آهي
    سفر ۾ ڪيئي مسافر
    زندگيءَ جي هر قدم تي
    لُڙڪ لاڙي، ٿا ويهن
    هانءُ هاري ٿا ويهن
    هانءُ هاري ٿا ويهن


    آتم ڪٿا

    ڇا ٻُڌايان مون کي ساري زندگيءَ ۾ ڇا مليو
    ڪيترن سارن منافق دوستن جون دوستون
    ٿورڙن ڪن چاهه وارن دلبرن جون دلبريون
    رَت جا رشتا ٿي وَيا ويا سڀ راهه مقتل گاهه جي
    ديس پنهنجو هو مگر پنهنجو نه ڪوئي گهر هيو
    پيار جي ڳولا ۾ هينئڙو ڀٽڪندو در در رهيو
    مان عمر ڀر ديس ۾ پرديس جو پنڇي رهيس
    ڇو ته منهنجي ديس جا ماڻهو گهڻا مُرده هئا
    ڏيک ۾ سُهڻا سٻاجها سوچ ۾ لوگها هئا
    اِن ڪري ڌرتيءَ مٿان غيرن جو غلبو ٿي ويو
    روح مُنهنجو سنڌ کي ڀاڪر وجهي روئي پيو
    درد ڌرتيءَ جو ڏسي مون جيتريون دانهون ڪيون
    سي سڀئي دانهون پڙاڏا گيت ٿي گونجي پيون
    منهنجي آهي مختصر زاهد اِها آتم ڪٿا
    بس اِهو افسوس آ بي ڏوهه آزاريو ويس
    مان ته پنهنجن جي نڀاڳي سوچ سان ماريو ويس


    ڏيئو

    رات کي ڏيئو چوي ٿو
    توکي چمڪڻ لاءِ گُهرجي
    کير جهڙي روشني
    مان ڀَلا ايڏي سگهاري روشني آڻيان ڪٿان
    مان ته هڪ ننڍڙو ڏيئو هان
    بس رُڳو هڪ جهوپڙيءَ کي
    روشنيءَ ڏئي ٿو سگهان
    رات کي روشن رکڻ لئه
    چنڊ چوڏهينءَ جو کپي ٿو
    صبح کي پنهنجي سفر لئه
    صاف سُٿرو سِجُ گهرجي
    سِجُ گرهڻ ۾ وتل آ
    چنڊ ڪڪرن ۾ لڪيل آ
    ها! مگر ڏيئو چوي ٿو
    مان ڪيئي ڏيئا جلائي
    رات کي روشن رکڻ جون همتون ڏئي ٿو سگهان
    صبح کي پنهنجي سفر جون آٿتون ڏئي ٿو سگهان
    آٿتون ڏئي ٿو سگهان
    همتون ڏئي ٿو سگهان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388387
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610185
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ