پيش لفظ
لسانيات ۾، وياڪرڻ جي علم وارو موضوع، علم رياضيءَ جهڙو حقيقتتي مبني ۽ اوکو علم آهي، جنهن ۾ نه فقط 2+2 چار ٿيندا آهن پر جيئن علم رياضيءَ جو ماهر، پنهنجي موضوع،مضمون ۽ رياضيءَ جي علم جي اثر ڪري مستقل مزاج، ساين سان سچو، سابق قدم ۽ هر حال ۾ حال ڀائي ۽ همدرد رهندو آهي، تيئن لسانيات جي علم يا لسانيات جي عالم ۾ به اهڙيون ئي خوبيون نظر اينديون آهن، جهڙيون رياضيءَ جي علم يا رياضيءَ جي عالم ۾. جڏهن آءٌ رياضيدار يا لسانيات جي ڪنهن ماهر/ماهرن متعلق سوچي هي لفظ لکي رهيو آهيان تڏهن انهن علمن جن ڪي شخصيتون منهنجي اکين جي سامهون براجمال آهن. انهن شخصيتن مون سان ڏاڍا ڀال ڀلايا آهن. ۽ وڏو وڙڪيو آهي. اهي ڌاڍا وڙائتال ثابت ٿيا.
لسانيات جو علم به حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ٻوليءَ جي پئراگرافن، جملن، لفظن ۽ آواز جي جوڙجڪ، بيهڪ ۽ سٽاءُ اندر پيهي، انهن جي حقيقت بيان ڪري ٿو؛ انهن آواز جي اُچارجڻ، اُچار ڪرڻ واري هنڌ، لفظن جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ ۽ بيهڪ بابت ڪجهه بيان ڪري ٿو؛ ٻوليءَ ۾ جملن اندر لفظن جي ‘ڍار’ (Introatin) جي اُتار ۽ چڙهاءُ جي خبر ڏئي ٿو. بهرحال لسانيات، ٻوليءَ جي سٽاءُ، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ لاءِ قانونن جي اڀياس جو علم آهي.
ٻولي، انسان ذات جي وجود سان گڏ، پيراتي ۽ وجود ۾ آئي، اُن جي وياڪرڻ جا اصول ۽ قانون به ٻوليءَ جي وجود سان گڏ ٺهندا ويا، جڙندا ويا ۽ مقرر ٿيندا ويا. اهي اصول ڪنهن ماهر ويهي ڪونه ٺاهيا يا مقرر ڪيا. ماهرن فقط اُنهن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي. انهن کي لکيو آهي، يعني لکت جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪي دوست ايئن سمجهندا آهن ته ٻولين جا وياڪرڻي اصول، قاعدا ۽ قانون پهرين ٺهيا ۽ پوءِ انهن قانونن پٽاندر ٻوليون جُڙيون، اهو صحيح نه آهي.
ٻوليون، جيئن اڳ ۾ عرض ڪيوويو آهي ته انسان سان گڏ وجود ۾ آيون ۽وياڪرڻن جا اصول ته هئا پر انهن کي گهڻو پوءِ لکي، پڌرو ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل مقالو مطالعو ڪري سگهجي ٿو جنهن جو عنوان آهي: ٻولي، اُن جي ابتدا ۽ اوسر.
هن ڪتاب ۾ محترم دادا سنڌي صاحب اهو ئي ڪم ڪيو آھي، يعني سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ تي نئين سر نظر وڌي اٿس. دادا سنڌي صاحب هڪ اهم نقطي طرف اشارو ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”جيئن ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو گرامر عام طور عربي ۽ فارسي مان ورتو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته سڀ فعل مصدر مان نڪرن ٿا، اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به مصدر کي ڌاتو يا بنياد بنايو ويو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ هر فعل جوڌاتو امر حال واحد آهي.“
هن موضوع تي ‘سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب اڀياس’ ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.
اسان جي مانوارن وياڪرڻنين، جيئن دادا سنڌي صاحب فرمايو آهي، عربي ۽ فارسي وياڪرڻن جي بنياد يا زمين تي سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ لکيو، جنهن ڪري اهي وياڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ جا گهٽ ۽ فارسيءَ جا زياده ٿا لڳن. دادا سنڌي صاحب مبارڪن جو مستحق آهي جو هن سنڌي ٻوليءَ جيوياڪرڻ تي نئين نظر سان، جديد لسانيات جي اصولن پٽاندر، روشني وڌي آهي. ’سنڌيڪا سنڌي گرامر’ لکيو آهي. هن سلسلي ۾ هن، امر ۽ اُن جي وصف، مصدر جي وصف، امر جا قسم، زمان، زمانن جا بنياد ۽ زمانن جو چارٽ ڏنو آهي ۽ ڪردنتن تي روشني وجهي، نه صرف وياڪرڻ جي شائقن جو ڌيان ڇڪايو آهي، پر وياڪرڻ واري علم جي ماهرن کي، سنڌ ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي، نئين سر لکڻ لاءِ آڀاريو آهي.
هي ڪتاب، بيشڪ آهي ته ننڍڙو، پر منهنجي نظر ۾ املهه آهي ۽ نون نقطن سان ڀريل آهي، اُميد اٿم ته سنڌي زبان جا ڄاڻو ۽ وياڪرڻي، دادا سنڌي صاحب جي محنت جو قدر ڪندا.
سنڌي زبان جو فدائي
غلام علي الانا