تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

حالتون

ٻارو! حالت اسم يا ضمير جي انهي لاڳاپي کي چئبو آهي. جيڪو جملي ۾ ، انجو ٻين لفظن سان هوندو آهي.
سنڌي ۾ حالتون پنج قسمن جون آهن.

1- حالت فاعلي، 2- حالت مفعولي، 3- حالت جري، 4- حالت اضافت، 5- حالت ندا.

1- حالت فاعلي:
جملي ۾ جيڪو اسم يا ضمير ڪنهن به فعل جو فاعل هوندو ته ان اسم يا ضمير جي حالت فاعلي ٿيندي.

مثال: الطاف خط لکيو.
هن جملي ۾ لکڻ جو ڪم الطاف ڪري ٿو. جيڪو ڪم جو ڪندڙ يعني فاعل آهي. ان ڪري الطاف جي حالت فاعلي ٿيندي.

2- حالت مفعولي:
جملي ۾، جيڪو اسم يا ضمير ڪنهن به فعل جو مفعول هوندو ته، ان اسم يا ضمير جي حالت، مفعولي ٿيندي.

مثال: الطاف خط لکيو.
هن جملي ۾ خط لکيو فعل جو مفعول آهي، ان ڪري خط جي حالت مفعولي ٿيندي.

3- حالت جري:
جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان، حرف جر جو ڪوبه لفظ اچي ته انجو واسطو ٻئي لفظ سان ظاهر ڪري ته ان اسم يا ضمير جي حالت، جري ٿيندي.

مثال: ڪتاب ميز تي رک.
هن جملي ۾ ”ميز“ اسم آهي ان جي پٺيان ”تي“ حرف جر آهي. ان ڪري ميز اسم جي حالت جري ٿيندي، ‘اتي’ ڪتاب جو ميز اسم سان لاڳاپو ڏيکاي ٿو. ڪڏهن وري جملن ۾، اسم يا ضمير جي لفظن پٺيان ڪي خاص نشانيون حرف جر جون ڪم اينديون آهن. تڏهن انهن اسمن يا ضميرن جي حالت جري ٿيندي آهي.

مثال: 1- انور ڳوٺان آيو. 2- رياض گَھرون آيو.
هنن جملن ۾ ڳوٺ اسم جي پويان آن ۽ گهر اسم جي پٺيان اون حرف جر جون نشانيون آهن. جيڪي ڳوٺ جو انور سان ۽ گهر جو رياض سان لاڳاپو ڏيکارين ٿيون. ان ڪري انهن اسمن جي حالت جري ٿيندي.

4- حالت اضافت:
جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير جي پٺيان اهڙو ڪوبه حرف اچي، جيڪو ان اسم يا ضمير جي نسبت يا مالڪي، ٻئي ڪنهن اسم يا ضمير سان ڏيکاري. ته انهيءَ اسم يا ضمير جي حالت اضافت ٿيندي.

مثال: مشتاق وارو ڪتاب اياز وٽ آهي.
هن جملي ۾ ‘وارو’ اهڙو لفظ آهي جيڪو، مشتاق اسم جي ڪتاب ڏانهن مالڪي ڏيکاري ٿو. ان ڪري مشتاق اسم جي حالت اضافت ٿيندي.

سنڌي ٻولي ۾ ‘وارو’ کانسواءِ ‘جو’ ۽ ‘سندو’ اهڙا لفظ آهن جيڪي پڻ ملڪيت جي معنى ڏيکارين ٿا.

مثال: هي منهنجو ڪتاب آهي.
هي سندو قلم آهي.

5- حالت ندا:
جملي ۾ انهيءَ اسم يا ضمير جي حالت ندا ٿيندي جنهن کي سڏ ڪيو ويو هجي.

مثال: او رياض! هيڏانهن اچ.
هن جملي ۾ ‘او’ حرف ندا آهي، ان ڪري رياض جي حالت، ندا ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن جملي ۾ لڪل حرف ندا به ڪم ايندو آهي.

مثال: اعجاز! هيڏانهن اچ.
هِن جملي ۾ اعجاز کي سَڏ ڪيو ويو آهي. ان ڪري اعجاز جي حالت ندا ٿيندي.

مشق

1- حالت فاعلي ڇاکي چئجي؟
2- حالت مفعولي ڇاکي چئجي؟
3- حالت جري ۽ حالت اضافت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
4- حالت ندا، ڪهڙي اسم يا ضمير جي ٿيندي؟
5- هيٺين اسمن يا ضميرن جون حالتون ٻڌايو.
1) ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٽ.
2) اشفاق جو گھوڙو تِکو آهي.
3) الطاف هيڏانهن اچ.
4) منهنجو ڪتاب ڪٿي آهي.
5) اسان راند ڪريون ٿا.
6) تو وٽ قلم آهي.
7) ڳوٺان ڪو آيو.