تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

حرف ندا

اسين ڏک، غم، خوشي، خواهش ۽ سڏ ڪرڻ لاءِ ڪي خاص لفظ ڪم آڻيندا آهيون اچو ته ڏسون اهي لفظ ڪهڙا آهن. هي جملا پڙهو.

1- افسوس! منھنجو گهوڙو مري ويو.
2- هاءِ هاءِ! منهنجو ٻٽون گم ٿي ويو.
3- او ظفر! هيڏانهن اچ.
4- اڙي ڪمال! ڇا ٿو ڪرين.
5- شال! وڏي ڄمار ماڻين.
6- من! ڪڏهن سُڌري پوي.
7- بلي! اڄ ته سٺا ڪپڙا پاتا اٿيئي.
8- وڃ! مڙس جي آڪڙ ته ڏِس.
9- واهه واهه! اکر ته ڏاڍا سُٺا لکيا اٿيئي.
10- هون هون! خيال ڪر.

مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاءِ هاءِ’ ارمان ۽ ڏک جو اظهار ڪن ٿا. ‘او’ ۽ ‘اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنا ڏيکارين ٿا. ‘شال’ ۽ ‘من’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا.
مٿين جملن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ‘افسوس’ ۽ ‘هاءِ هاءِ’ ارمان ۽ ڏک جو اظھار ڪن ٿا. ‘او ۽ اڙي’ سڏ ڪرڻ جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘شال’ ۽ ‘مَن’ خواهش جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘بَلي’، ‘وڃ’ ۽ ‘واهه واهه’ خوشيءَ جي معنى ڏيکارين ٿا. ‘هون هون’ ڌڪار ۽ منع جي معنى ظاهر ڪن ٿا.
بس ياد رکو ته اهڙا لفظ جيڪي جملن کان الڳ بيٺل هجن، جن مان سَڏ، سُڌ، عجب، ارمان، خوشي ۽ دِلي جوش ظاهر ٿئي، ان کي حرف ندا چئبو آهي. ندا جي معنى آهي سَڏ يا دانهن ڪرڻ.

حرف ندا جو چارٽ

سَڏ ڪرڻ وارا لفظ: او- ڙي-اڙي-اي
سُڌ يا خواهش وارا لفظ: شال- مَن- جيڪر
ارمان وارا لفظ خوشي وارا لفظ: ارمان- افسوس- هاءِ هاءِ- الا-مُٺيس واهه واهه-بيشڪ بيشڪ-بلي-اَهَا-شاباس
حرف ندا جا وڌيڪ لفظ: هَي-هون-مَر-خيرئي خير-متان- اَلاجي- گهوڙا ڙي- الاڙي-اباڙي

مشق

1- حرف نِدا ڇاکي چئجي؟
2- حرف ندا جا پنج لفظ ٻڌايو؟
3- هيٺين جملن مان حرف ندا جا لفظ چونڊيو.
1- واهه واهه! تو سُٺي راند ڏيکاري.
2- شاباس! تون پاس ٿئين.
3- گهوڙاڙي! منهنجو ڀاءُ مري ويو.
4- الا! مون سان قھر ٿي ويو.
5- مٺيس! منهنجو پُٽ بيمار ٿي پيو.
6- متان! ايئن ڪڏهن نه ڪج.
7- مَر-کائي ڍؤ ڪر.
8- بلي! درياءَ موج ۾ آهي.