تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

صِفت

صِفت جي معنى آهي ساراهه، واکاڻ، تعريف.
جڏهن اسان کي ڪا شيءِ وڻندي يا نه وڻندي آهي ته اسان ان شيءِ جي پٺيان ان جي وڻڻ يا نه وڻڻ جو لفظ ڪم آڻيندا آهيون. يا اهڙو لفظ ڪم آڻيندا آهيون جيڪو ان کي کولي ظاهر ڪري ۽ اها شئي ضرور
اسم يا اسم جي بدران ڪم ايندڙ لفظ (ضمير) هوندو. اچو ته ان کي چڱي طرح سمجهون.

1- هوشيار ڇوڪر پڙهي ٿو.
2- منڊو گھوڙو بيٺو آهي.
3- کٽو انب کڻي اچ.
4- فقير کي ٻه روپيا ڏي.
5- ٽيون شاگرد هيڏانهن اچي.
6- شڪارپوري آچار وٺ.
7- اوٻاوڙائي پيڙا کاءُ
8- عالم چنو ڊگهو آهي.
9- ننڍو ڇوڪر وڏو وات.

هنن جملن ۾ هوشيار لفظ ڇوڪر جو گُڻ ڏيکاري ٿو. ”کٽو“ لفظ انب جو عيب ظاهر ڪري ٿو. ٻه، لفظ روپين جو انداز ڏيکاري ٿو. ”شڪارپوري“ آچار جو قسم ڏيکاري ٿو. ”ٽيون“ لفظ شاگرد جو نمبر يا عدد ڏيکاري ٿو. ”ڊگھو“ لفظ عالم چني جو قد ڏيکاري ٿو. ”ننڍو“ لفظ ڇوڪر جو ۽ ”وڏو“ لفظ وات جو مقدار ڏيکاري ٿو.
هاڻي صاف ظاهر ٿيو ته ”صفت“ اهو لفظ آهي، جيڪو جملي ۾ اسم يا ضمير جو گُڻ، اوگڻ، انداز، مقدار، قسم ۽ تعداد ڏيکاري.
نوٽ: جڏهن جملي ۾ اسم جي بدران ضمير اچي ته صفت انجي به ساڳي طرح وضاحت ڪندي آهي.

صِفت جو چارٽ

1- گڻ ڏيکاريندڙ لفظ: ڀلو-سٺو-بهترين-مِٺو-تکو-چالاڪ-هوشيار-بهادر-سچار-چڱو-وغيره

2- اوگڻ ڏيکاريندڙ لفظ:  ڍِلو-مَٺو-خراب-ڪمتر-سُڌو-رول-ڪنو-چريو-سُست-موڳو-وغيره

3- قِسم ڏيکاريندڙ لفظ: پهاڙي-شڪارپوري سرحدي-پاڪستاني- ساکرو-اٻاوڙائي-ميرپوري

4- انداز ڏيکاريندڙ لفظ:  ڏهه-پندرهن-ويهه-سؤ-هزار-اڌ-منو-سوا-چوٿو-وغيره

5- مقدار ڏيکاريندڙ لفظ: وڏو-ڊگهو-بندرو-ننڍو-ٿلهو-اوچو-اتاهون-ويڪرو-سوڙهو-وغيره

مشق

1- صفت ڇاکي چئجي؟
2- گڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
3- اوگڻ ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
4- قسم ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
5- مقدار ڏيکاريندڙ پنج لفظ ٻڌايو؟
6- هيٺين اسمن جي پُٺيان صفت وجهو؟
گڏهه-اُٺ-گدرو-ڪپ-ڪتاب-سَليٽ-ٻار-شينهن-استاد-شاگرد
7- هيٺيون صِفتون اسمن سان لڳايو.
خراب-ڪنو-طوطاپوري-سنڌي-گجراتي-ٽيون-بندرو-اَٺ-ٽيهه-پنجاهه
8- هيٺين جملن مان صفتون چونڊيو
1) بڇڙو ڪتو ڌڻي پٽائي.
2) نيڪ نوڪر مالڪ جي سونهن.
3) مونکي پنجاهه روپيا گهرجن.
4) اٺون گهوڙو ڏٻرو آهي.
5) مهربان ماءُ ۽ صالح پُٽ ڏس.
6) سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو.
7) سلو انگورون ڀَلو.
8) ڪني آڱر وڍي چڱي.