تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

اسم جا قسم

ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته اسم، شئي، جاءِ، ساهواري، ماڻهو، ڪم، خاصيت ۽ حالت جي نالي کي چئبو آهي. هاڻي اچو ته ”اسم جا قسم“ سمجھون. ان لاءِ هيٺين جملن کي غور سان پڙهو.

1- الطاف ڪتاب پڙهي ٿو.
2- اشفاق خط لکي ٿو.
3- اُٺ گوار کائي ٿو.
4- اعجاز هوشياري سان پڙهي ٿو.
5- نِوڙت ڪر.
6- سَچائي هڪ وڏي خوبي آهي.

هاڻي، هنن جملن مان اسم چونڊينداسين ته هيٺيان لفظ نظر ايندا.
الطاف، ڪتاب، اشفاق، خط، اُٺ، گوار، اعجاز، هوشياري، نوڙت ۽ سچائي.
الطاف، اشفاق ۽ اعجاز خاص ماڻهن جا نالا آهن. ڪتاب، خط، اٺ ۽ گوار عام شين جا نالا آهن. نوڙت ۽ سَچائي اهڙين شين جا نالا آهن، جن کي اسين محسوس ڪري سگهون ٿا پر ڇهي ۽ ڏسي نه ٿا سگهون.
انهي لحاظ کان، اسم جا 3 قسم آهن.

1- خاص نالا،
2- عام نالا،
3- ذاتي يا خاصيت وارا نالا. گرامر ۾ پهرين کي اسم خاص. ٻئي کي اسم عام ۽ ٽئين کي اسم ذات چئبو آهي.

(الف) اسم خاص
هن کي سَمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.


1- شاهجهان تاج محل ٺهرايو.
2- حضرت علي رضي الله ذوالفقار سان وڙهيو.
3- سنڌوندي پاڪستان جي وڏي ندي آهي.

هنن جملن ۾ شاهجهان، هڪ خاص بادشاهه جو نالو آهي.جيڪو اسم خاص آهي. تاج محل به هڪ خاص جاءِ جو نالو آهي. جيڪو اسم خاص آهي. ذوالفقار حضرت عليرضي اللهجي تلوار جو نالو آهي، جيڪو پڻ اسم خاص آهي. ٽئين جملي ۾ سنڌوندي خاص درياءَ جو نالو آهي، ان ڪري اهو به اسم خاص آهي. پاڪستان خاص ملڪ جو نالو آهي. ان ڪري اهو اسم خاص آهي.
هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ ڪنهن ماڻهو، ساهواري، شئي ۽ جاءِ جو خاص نالو هجي ان کي اسم خاص چئبو آهي.

مثال: دلدل- رخش-ايران-چناب-اڪبر-نيل وغيره.

(ب) اسم عام:
هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.

1- گھوڙو ڊوڙي ٿو.
2- پين ۾ مس آهي.
3- نانگ ڀڄي ٿو.
4- اسڪول بند آهي.
5- سليٽ تي پيني سان لِک.

مٿين جملن ۾ گھوڙو-پين-مس-نانگ-اسڪول-سليٽ ۽ پيني اهڙا اسم آهن جن جھڙا ٻيا اسم به گھڻا آهن. گھوڙي جھڙو ٻيو گھوڙو به ٿي سگھي ٿو. اهڙي طرح پين، مس، نانگ، اسڪول، سليٽ ۽ پيني جهڙيون ٻيون شيون به ملي سگھن ٿيون. ان ڪري اهي انهن سڀني شين جا عام نالا آهن. انهيءَ ڪري انهن سڀني شين کي، اسم عام چئبو آهي.
هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ، جيڪو جملي ۾ ماڻهو ساهواري، شئي جو عام نالو هجي، ان کي اسم عام چئبو آهي.

مثال: ماڙي-ڪاريگر-ڪتو-ڪبوتر-ميز-ڇوڪري وغيره.

(ث) اسم ذات:
هن کي سمجھڻ لاءِ هي جملا پڙهو.

1- بيماري ۽ تندرستي لازم ملزوم آهن.
2- سياڻپ قدرتي ڏات آهي.
3- چريائپ ۾ انسان تي ميار ڪونھي.
4- آسمان ۾ ڪڪرن جي ڪاراڻ آهي.
5- هوشو جنگ ۾ بھادري سان وڙهيو.
6- ترڻ به ته سِکَ نه.

مٿين جملن ۾، بيماري، تندرستي، سياڻپ، ڏات، چريائپ، ڪاراڻ، جنگ، بھادري ۽ ترڻ اهڙا اسم آهن جيڪي خصلتن خوبين رنگن ۽ ڪمن جا نالا آهن، اسين انهن کي صرف ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھون ٿا، پر ڇُهي نه ٿا سگهون. ان ڪري انهن کي اسم ذات چئبو آهي.
ذات جي معنى آهي ته ٻي ڪنهن شئي ۾ سمايل خوبي. هاڻي ياد رکو ته اهو لفظ جيڪو جملي ۾ خاصيت، حالت ۽ ڪم جو نالو هجي، ان کي اسم ذات چئبو آهي. (يا) اهڙا نالا جن کي وجود ته هجي پر خيال ۾ اچي سگهن، تن کي اسم ذات چئبو آهي.

مثال: سُستي، اڇاڻ، پيلاڻ، رحم، ڪاوڙ، شرافت، کيڏڻ، سکڻ
وغيره.

مشق

1- اسم خاص ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم خاص ٻڌايو.
2- اسم عام ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم عام ٻڌايو.
3- اسم ذات ڇاکي چئجي؟ ڪي به پنج اسم ذات ٻڌايو.
4- هيٺين جملن مان اسم خاص، اسم عام ۽ اسم ذات جا لفظ چونڊيو.
1) اعجاز صوف ۽ فھميده ڪيلو کاڌو.
2) گھڻو گھمڻ معلومات وڌائي ٿو.
3) رُلڻ چڱو نه آهي.
4) ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺٽو اوج تي هو.
5) پڙهڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪر.
6) معصوم شاهه جو منارو سکر ۾ آهي.
7) مڪلي ۾ دريا خان جي مزار ڏس.
8) اڪبر بادشاهه سنڌ ۾ ڄائو هو.
9) شاليمار باغ لاهور ۾ آهي.