زمان حال
زمان حال کي سمجھڻ لاءِ هيٺيان جملا غور سان پڙهو.
(1) مان سبق پڙهان ٿو. (2) اشفاق خيرات ڏي ٿو.
(3) زينت اسڪول وڃي ٿي. (4) الطاف ماني کائي ٿو.
هنن جملن کي پڙهڻ سان، خبر پوندي ته مان ضمير سبق پڙهڻ جو ڪم، اشفاق خيرات ڏيڻ جو ڪم، زينت اسڪول وڃڻ جو ڪم ۽ الطاف ماني کائڻ جو ڪم هلندڙ ۾ وقت ڪن ٿا. ان ڪري پڙهان ٿو، ڏي ٿو، وڃي ٿي ۽ کائي ٿو فعلن جو زمان، زمان حال ٿيندو. يعني هلندڙ وقت جو ڪم. ان ڪري چئبو ته فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾ ڪري ٿو ته ان کي زمان حال چئبو آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
زمان حال ٺاهڻ لاءِ زمان مضارع پٺيان ٿو يا ٿي ملائڻو آهي.
مثال: پڙهان + ٿو= پڙهان ٿو.
ڏي + ٿو= ڏيان ٿو/ڏي ٿو.
وڃ/وڃي + ٿي= وڃي ٿي/وڃان ٿو.
کاءُ/ کائي + ٿي= کائي ٿي/کايان ٿو.
زمان حال جو ڦيرو:
مان پڙهان ٿو- اسين پڙهو ٿا. تون پڙهين ٿو. توهين پڙهو ٿا. هي پڙهي ٿو. هو پڙهي ٿو. هي پڙهي ٿي. هوءَ پڙهي ٿي. اهي پڙهن ٿا. اهي پڙهن ٿيون.
زمان حال جا قسم:
زمان حال جا ٻه قسم آهن.
(الف) زمان حال استمراري:
فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هلندڙ وقت ۾ جاري رکي ٿو. استمراري جي معنى آهي جاري يا هلندڙ.
مثال: اشفاق خط لکي پيو.
هن جملي ۾، اشفاق خط لکڻ جو ڪم،هلندڙ وقت ۾ جاري رکيو ٿو اچي- ان ڪري لکي پيو فعل جو زمان، زمان حال استمراري ٿيندو.
پيو/پئي/پيا ملائڻ سان زمان حال استمراري ٺھي ٿو.
مثال:
پڙهان+ پيو= پڙهان پيو.
وڃان+ پيو= وڃان پيو.
کايان+ پئي= کايان پئي.
زمان حال استمراري جو ڦيرو:
مان پڙهان پيو- اسين پڙهون پيا- تون پڙهين پيو-توهين پڙهو پيا-هو پڙهي پيو-هي پڙهي پيو-هوءَ پڙهي پيئي- هيءَ پڙهي پيئي –اهي پڙهن پيا-اهي پڙهن پيون.
نوٽ: سنڌي ٻولي ۾ ڪڏهن ڪڏهن زمان حال استمراري پيو، پئي يا پيا بدران هن صورت ۾ به استعمال ٿيندو آهي.
مان پڙهي رهيو آهيان - اسين پڙهي رهيا آهيون.
تون پڙهي رهيو آهين - توهين پڙهي رهيا آهيو.
هو پڙهي رهيو آهي - هي پڙهي رهيو آهي.
هوءَ پڙهي رهي آهي - اِهي پڙهي رهيون آهن.
اُهي پڙهي رهيا آهن - اُهي پڙهي رهيون آهن.
(ب) زمان حال مدامي:
مدام جي معنى آهي هميشھ يا سدائين. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم هميشھ يا سدائين، ڪندو رهي ٿو.
مثال: مان پڙهندو آهيان- اشفاق لکندو آهي.
هنن جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فاعل پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم سدائين ڪندو رهي ٿو، ان ڪري پڙهندو آهيان ۽ لکندو آهي جي فعلن جو زمان ”زمان حال مدامي“ آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي اسم حاليه پٺيان آهي، آهيان، آهيون ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهندو + آهيان = پڙهندو آهيان
ڏيندو + آهي = ڏيندو آهي.
ويندا + آهيون = ويندا آهيون.
کائيندي + آهي = کائيندي آهي.
زمان حال مدامي جو ڦيرو:
مان پڙهندو آهيان- اسين پڙهندا آهيون-تون پڙهندو آهين- توهين پڙهندا آهيو- هي پڙهندو آهي- هو پڙهندو آهي- هي پڙهندي آهي-هوءَ پڙهندي آهي-اهي پڙهندا آهن-اُهي پڙهنديون آهن.
(ث) زمان حال متشڪي:
متشڪي شڪ يا گمان مان نڪتل آهي. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل پنهنجي موجوده وقت ۾ ڪيل ڪم ۾، شڪ يا گمان ڏيکاري ٿو.
مثال: اشفاق پڙهندو هوندو-
مان خيرات ڏيندو هوندس-
مٿين جملن ۾ اشفاق فاعل جي پڙهڻ واري ڪم ۾ ۽ فاعل مان ضمير جي خيرات ڏيڻ واري ڪم ۾ شڪ ڏيکاريل آهي، ان ڪري پڙهندو ۽ ڏيندو هوندس فعل جا زمان، زمان حال متشڪي ٿيندا.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، اسم حاليه پٺيان هوندو، هوندس، هونداسين يا زمان مضارع جو هجان ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال: پڙهندو + هوندس = پڙهندو هوندس
ڏيندو + هجان = ڏيندو هجان. وغيره.
زمان حال متشڪي جو ڦيرو:
مان پڙهندو هوندس- اسين پڙهندا هونداسين- تون پڙهندو هوندين-توهين پڙهندا هوندا- هي پڙهندو هوندو- هو پڙهندو هوندو- هي پڙهندي هوندي- هوءَ پڙهندي هوندي-اُهي پڙهندا هوندا-اُهي پڙهنديون هونديون.
مثال:
مان پڙهندو هجان-
اسين پڙهندا هجون-
تون پڙهندو هجين-
توهين پڙهندا هجو-
هي پڙهندو هجي-
هو پڙهندو هجي-
هيءَ پڙهندي هجي-
هوءَ پڙهندي هجي-
اُهي پڙهندا هجن-
اُهي پڙهنديون هجن.