زمان مستقبل
مستقبل قبل لفظ مان نڪتل، آهي جنهن جي معنى آهي اڳيان. مستقبل جو به مطلب آهي ايندڙ يا آئينده وقت. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو.
مثال: مان خط لکندس.
هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو ان ڪري، لکندس فعل جو زمان مستقبل آهي.
ٺاهڻ جوقاعدو:
زمان مستقبل اسم حاليه پٺيان مختلف نشانين ملائڻ سان ٺهي ٿو. جن جي وضاحت هن ريت آهي.
لکندو+ سُ = لکندس
لکندي+ سَ = لکنديس (مونث)
لکنديون+ سين= لکنديوسين
لکندا+ سين = لکنداسين.
زمان مستقبل جو ڦيرو:
مان لکندس - اسين لکنداسين.
تون لکندين - توهين لکندا.
هو لکندو - هوءَ لکندي.
هي لکندو - هي لکندي.
اهي لکندا - اِهي لکنديون.
(الف) زمان مستقبل استمراري:
استمراري معنى جاري. فعل جي اها صورت ، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم ايندڙ وقت ۾، گهڻي وقت تائين جاري رکندو.
مثال: مان خط لکنديس پيو.
هن جملي ۾ مان فاعل خط لکڻ جو ڪم ايندڙ وقت ۾ گهڻي دير تائين جاري رکڻ جي معنى ڏيکاري ٿو. ان ڪري لکندس پيو فعل جو زمان، زمان مستقبل استمراري ٿيندو.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، زمان مستقبل پٺيان پيو، پئي ۽ پيا گڏڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
لکندس+ پيو = لکندس پيو.
لکنديس+ پئي = لکنديس پئي.
لکنداسين+ پيا = لکنداسين پيا.
زمان مستقبل استمراري جو ڦيرو:
مان لکندس پيو - اسين لکنداسين پيا.
تون لکندين پيو - توهين لکندا پيا.
هو لکندو پيو - هوءَ لکندي پيئي.
هي لکندو پيو - هيءَ لکندي پيئي.
اُهي لکندا پيا - اِهي لکنديون پيون.
مشق
1- زمان مضارع ڇاکي چئجي؟
2- زمان حال جا قسم ٻڌايو؟
3- زمان حال متشڪي ڪيئن ٺهي ٿو؟
4- زمان ماضي مطلق جي وصف ٻڌايو؟
5- زمان ماضي مدامي ڪيئن ٺهندو آهي؟
6- زمان ماضي قريب ۽ زمان ماضي بعيد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
7- زمان ماضي شرطيه ۽ زمان ماضي متشڪي ڪيئن ٺهندا آهن؟
8- زمان مستقبل استمراري مثالن سان سمجهايو؟
9- هيٺين ڏنل ٽڪرن ۽ شعرن مان فعل چونڊي انهن جا زمان ٻڌايو؟
1) ٽيون سبب بادشاهي جي بربادي جو هي آهي، قوم ۽ ملڪ مان بهادري جون وصفون نڪري وينديون. جهنگ جهر ۾ قسمين قسمين سختين سهڻ جي طاقت قوم ۾ ڪانه رهندي. عيش ۽ آرام ملڪ کي مردار بنائي ڇڏيندو. جنهن ڪري اندرئي اندر،حڪومت جون پاڙون پيون پٽبيون ۽ لاچار سرڪار کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ سرڪش قومن مان ڀرتي ڪري لشڪر ۽ فوج رکڻي پوندي ۽ سرڪار اهڙي طرح پيڙجي، آخر پوري ٿي ويندي.
2) جيڪڏهن هروڀرو، ڪجهه ناس ڪرڻو اٿيئي ته اوچي ڳاٽ وارين زبردست ۽ زور آور چوٽين کي تباهه ڪجائين. ڏسو ته سهي! ڪيئن نه ڌرتي ماتا اسان کي ڏسي بهار بهار پيئي ٿئي.
3) بُک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ حرام به حلال ٿيو پوي. ڪنهن ڪپ ڪڍيو، ڪنهن ماچيس ۽ ڪنهن وري ڪاٺي لاءِ اک ڦيرائي. ايتري ۾ ٺڪاءُ ٿيو. ڊوڙندا وڃون!
4) ڪٿي آهن منهنجا پٽڙا ته آسيس ڏيان.
5) ملڪن جاملڪ گهمندو رهيو ۽ عوام جي اصلاح جا آواز مٺي ۽ عام فهم زبان ۾ آلاپيندو رهيو. اهوئي سبب آهي جو لطيف جي من موهيندڙ شاعري، هر هڪ سنڌيءَ جي دل ۾ گهر ڪري ويئي آهي.
6) اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا ٿي ويئي آهي؟ آهي ڪا انسانيت هر هنڌ وٺ پڪڙ، ڦرمار لڳي پيئي آهي.
7) هڪ ڀيري، وتايو فقير ڪنهن پاسيري پيچري مان اڪيلي سر پئي ويو ۽سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪلدار روپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته ، متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي جو نه رڳو کانئس روپيو ڦري پر هڻي ڦٽي به وجهي.
8) ڪڄاڙو ڪَهان توکي معلوم سڀڪا.
9) جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو.
10) پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾.
11) هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻئي ڀُل.
12) کيسن کي خرابي رسي، گربيون گتيون گپ ۾،
13) هرگز نه مليو ٿان کي ڪوٿان پٿورا.