تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

فعل

ٻارو، فعل جي معنى ”ڪم“ آهي. پوءِ اهو ڪهڙو به ڪم هجي. فعل جملي ۾، اهو ڏيکاريندو آهي ته اسم يا ضمير ڪهڙو ڪم ڪن ٿا. اچو ته ان کي سمجهون.

1- اياز لکي ٿو.
2- ڪاسائي ٻڪر ڪُٺو.
3- هِن ڪتاب پڙهيو.
4- مون کي ٻه ڀائر آهن.
5- اسان راند ڪئي.
6- شاگرد نانگ ماريو.
7- بورچي کير ڪاڙهيو.
8- لوهه ڪٽجي ٿو.
9- مونکي سيءَ ٿئي ٿو.

هنن جملن ۾ ڏسندا ته ‘اياز’ لکڻ جو ڪم ڪري ٿو. ‘ڪاسائي’ ڪهڻ جو ڪم ڪري ٿو. ‘هن’ ڪتاب پڙهڻ جو ڪم ڪيو. ‘آهن’ ڀائرن جي هجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪئي’ راند ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ماريو’ نانگ مارڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪاڙهيو’ ڪاڙهڻ يعني سَهڻ جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ڪٽجي ٿو’ ڪٽڻ يعني سهڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ‘ٿئي ٿو’ ٿيڻ جي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
هاڻي اسان هيئن چونداسون ته فعل اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ ڪرڻ، پوڻ، ٿيڻ،هئڻ ۽ سهڻ جي معنى ڏيکاري.
ٻارو، فعل کانسواءِ جملو اڻپورو هوندو آهي ۽ واضح به نه هوندو آهي.

مثال:
اسان چئون ته ڪمال خط............ ته هي جملو اڻپورو ٿيندو. پر جيڪڏهن چونداسون ته ڪمال خط لکي پيو ته جملو واضح ٿيندو. يعني فعل کانسواءِ جملو اڻپورو هوندو آهي.

فعل جو چارٽ

1- ڪرڻ جي معنى وارا لفظ: ڊوڙيو-ويو-ٽُٽو-اٿيو-ويٺو-گهميو-ڦريو-چڙهيو-سمجهيو-ڊنو-وغيره
2- پوڻ ۽ ٿيڻ جي معنى وارا لفظ: پيو-پئي-پوندو- ٿئي ٿو- ٿيوٿي - ٿيندو- وغيره
3- هئڻ جي معنى وارا لفظ: آهي-هوندو- هيو- هجي- هو – وغيره 
4- سَهڻ جي معنى وارا لفظ: ڪٺو- وڍيو- چيريو-ڏاريو-ڦاڙيو-ڪاڙهيو- ماريو- لکيو- وغيره

مشق

1- فعل ڇاکي چئجي؟
2- هيٺين جملن مان فعل چونڊيو.
1) مشتاق راند ڪئي.
2) اسان سبق ياد ڪريون پيا.
3) پينگهو لوڏجي ٿو.
4) مان خط لکيو.
5) پٽيوالي گهنڊ وڄايو.
6) پين ۾ مَس آهي.
7) دروازو بند هو ۽ دري کليل هئي.
8) انهن ماني کاڌي.
9) اسڪول ڪڏهن کلندو؟
10) امڙ لَسي ولوڙي مکڻ ڪڍيو.
11) بورچي کان ماني پچرائي ويئي.
3- هيٺيان فعل جملن ۾ ڪم آڻيو.
ڪيو آهي-ڊوڙيو-پڙهان ٿو-پيتو-ويو-ماريان ٿو-ڪري ڪٺو-ياد ڪيو