زمان ماضي
مثال:
مون خط لکيو-
مون خط لکيو آهي-
مون خط لکيو هو-
مون خط لکيو پئي-
مون خط لکيو هوندو- وغيره.
زمان ماضي جا قسم:
زمان ماضي جا اٺ قسم آهن.
(الف) زمان ماضي مطلق:
فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو. مطلق جي معنى به آهي بنهه گذريل وقت.
مثال: مون سبق پڙهيو- اشفاق گهر ويو. وغيره.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يا“ ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهه + يو = پڙهيو-
وڃ + يو = ويو-
ڏي + يو = ڏيو/ڏنو-
کاءُ + يو = کايو. وغيره.
زمان ماضي جو ڦيرو:
مان پڙهيو- اسين/اسان پڙهيو- تو/تون پڙهيو. توهين پڙهيو – هي پڙهيو- هُن پڙهيو-هن (مونث) پڙهيو- هُنن پڙهيو- هِنن (مونث) پڙهيو.
(ب) زمان ماضي استمراري:
استمراري جي معنى آهي هلندڙ يا جاري. فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪنهن ڪم کي گذريل وقت دير تائين جاري رکيو آهي.
مثال: مون سبق پڙهيو پئي- مون خط لکيو ٿي.
اتر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو پيو به ڪم آڻبو آهي، مثال مون خط لکيو ٿي پئي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم مفعول پٺيان پئي، پيو ۽ پيا. ملائڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهيو + پئي= پڙهيو پئي.
لکيو + پئي= لکيو پئي.
ڊوڙيو + پئي= ڊوڙيو پئي.
زمان ماضي استمراري جو گردان:
مان پڙهيو پئي-اسين پڙهيو پئي-تو پڙهيو پئي-توهين پڙهيو پئي-هِنن پڙهيو پئي-هُن پڙهيو پئي-هِن پڙهيو پئي-هُن پڙهيو پئي-هُنن پڙهيو پئي-هِنن پڙهيو پئي.
ڪڏهن ڪڏهن ”ويٺي“ لفظ به استعمال ٿيندو آهي.
مثال:
مان پڙهيو ويٺي.
اسين پڙهيو ويٺي.
تو پڙهيو ويٺي.
توهين پڙهيو ويٺي.
هُن پڙهيو ويٺي.
هِن پڙهيو ويٺي.
هُن پڙهيو ويٺي.
هُنن پڙهيو ويٺي.
هِنن پڙهيو ويٺي.
(ث) زمان ماضي مدامي:
مُدام، معنى هميشھ- روزانو-فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته، فاعل ڪو ڪم، گذريل وقت ۾ هميشھ يا روزانو ڪندو هو.
مثال:
مان سبق پڙهندو هوس-هو لکندو هو.
هي زمان، عادت، رواج ۽ قانون جي معنى به ڏيکاريندو آهي.
مثال: اڳي جيڪو چوري ڪندو هو، ان جا هٿ وڍيندا هئا.
هن جملي ۾ ڪندو هو ۽ ويندا هئا زمان ماضي مدامي جا لَفظ آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم حاليه پٺيان هو، هو س يا هيس گڏڻ سان ٺھي ٿو .
مثال:
لکندو + هو= لکندو هو.
پڙهندو + هوس= پڙهندو هوس.
پچائيندي+ هيس= پچائيندي هيس.
زمان ماضي مدامي جو ڦيرو:
مان پڙهندو هوس- اسين پڙهندا هئاسين- تون پڙهندو هئين- توهين پڙهندا هئا- هيءَ پڙهندو هو- هيءَ پڙهندي هئي- هو پڙهندو هو- هوءَ پڙهندي هئي- اُهي پڙهندا هئا- اِهي پڙهنديون هيون.
(ج) زمان ماضي قريب:
قريب معنى ويجهو- فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل کي گذريل وقت ۾، ڪو ڪم پورو ڪئي ٿورو وقت ٿيو آهي.
مثال:
مون خط لکيو آهي.
زينت ماني پچائي آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان اسم مفعول پٺيان ”آهي“ گڏڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهيو+ آهي = پڙهيو آهي.
لکيو + آهي = لکيو آهي.
ڊوڙيو+ آهي = ڊوڙيو آهي. وغيره.
زمان ماضي قريب جو گردان:
مان لکيو آهي-اسين لکيو آهي- تو لکيو آهي- توهين لکيو آهي- هِن لکيو آهي- هُن لکيو آهي- هِنن لکيو آهي- هُنن لکيو آهي.
(د) زمان ماضي بعيد:
بعد معنى پوءِ. ۽ بعيد معنى پري يعني فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته فاعل کي، گذريل وقت ۾، ڪو ڪم پورو ڪئي، گهڻو عرصو ٿيو آهي.
مثال:
مون خط لکيو هو.
زينت ماني پچائي هئي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
ماضي بعيد، اسم مفعول پٺيان ”هو“ يا ”هوس“ يا ”هئا“ ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهيو+ هو = پڙهيو هو.
لکيو + هوس = لکيو هوس
کيڏيا+ هئا = کيڏيا هئا.
زمان ماضي بعيد جو ڦيرو:
مون لکيو هو-اسين لکيو هو-تو لکيو هو-توهين لکيو هو-هُن لکيو هو-هِن لکيو هو-هُنن (مونث) لکيو هو-هِنن لکيو هو.
(ح) زمان ماضي متشڪي:
متشڪي، شڪ مان نڪتل آهي. يعني جنهن ۾ جملي ۾ پڪ نه هجي. فعل جي اها صورت، جا ڏيکاري ته ، فاعل جي گذريل وقت ۾ ڪنهن به ڪيل ڪم ۾ شڪ آهي.
مثال:
اشفاق خط لکيو هوندو.
زينت ماني پچائي هوندي.
الطاف ڪراچي ويو هجي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي زمان، اسم مفعول پٺيان هوندو يا هجي گڏڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
پڙهيو+ هوندو = پڙهيو هوندو
لکيو + هجي = لکيو هجي
کيڏيو+ هوندو = کيڏيو هوندو.
زمان ماضي متشڪي جو ڦيرو:
مون لکيو هوندو-اسين لکيو هوندو-تو لکيو هوندو-توهين لکيو هوندو-هُن لکيو هوندو- هِن لکيو هوندُو-هِنن (مونث) لکيو هوندو- هُن (مونث) لکيو هوندو-هنن لکيو هوندو-هُننَ (مونث) لکيو هوندو. مؤنث ۾ گهڻو ڪري هونديس ڪم ايندو آهي.
مثال: مان ڊوڙي هونديس.
(خ) زمان ماضي شرطيه:
شرطيه معنى شرط وارو. يعني فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل گذريل وقت ۾ ڪنهن ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ شرط رکيو هو.
مثال:
مان اسڪول وڃان ها جي کليل هجي ها.
يعني مان فاعل اسڪول وڃڻ جو ڪم تڏهن ڪري ها جڏهن اسڪول کلڻ وارو شرط پورو ٿيل هجي ها.
ٺاهڻ جو قاعدو:
زمان ماضي شرطيه زمان مضارع پٺيان ”ها“ لفظ گڏڻ سان ٺهي ٿو.
مثال:
لکان+ ها = لکان ها
وڃان+ ها = وڃان ها
کيڏان+ ها= کيڏان ها.
ماضي شرطيه جو ڦيرو
مان لکان ها-اسين لکون ها-تون لکين ها-توهين لکو ها- هو لکي ها-هي لکي ها-هوءَ (مونث) لکي ها-هيءَ (مؤنث) لکي ها-اهي لکن ها-اُهي (مونث) لکن ها.