تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

زمانن جا بنيادي جزا

زمانن جو بنياد مصدر آهي، جنهن جي معنى آهي نڪرڻ، ظاهر يا صادر ٿيڻ جي جاءِ. هن مان ئي سڀني فعلن جي زمانن جي مختلف صورتن وارا لفظ ظاهر ٿين ٿا. پر جديد علم لسانيات جي روشني ۾ اهو غلط آهي. جيئن ته، اسان جي سنڌي ٻولي جو گرامر عام طور عربي ۽ فارسي مان ورتو ويو آهي، ان ڪري انهن ٻولين مان جيئن ته، سڀ فعل مصدر مان نڪرن ٿا، اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ به مصدر کي ڌاتو يا بنياد بنايو ويو آهي.
پر سنڌي ٻولي ۾ هر فعل جو ڌاتو امر حال واحد آهي. ڇو ته اسان جيڪڏهن لکڻ مصدر کي بنياد بنائينداسون، ته ان مان امر ”لِک“ ڪري پوءِ ٻيا زمان ٺاهينداسون، ته اهڙي طرح لکڻ مصدر خود لِک امر مان ئي نڪرندو ۽ بنياد لازمي طرح امرحال واحد ”لِک“ ٿيندو.
هاڻي ”جديد علم لسانيات“ جي روشني ۾ ”زمان“ امر کان ئي شروع ڪريون ٿا.

اَمُر:
امر زمانن جي پاڙ آهي. فعل جون سڀ صورتون، جيڪي زمانن کي واضح ڪن ٿيون، سي اَمُر مان ئي نڪرن ٿيون.
امر جي لفظي معنى حڪم آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن، جملي ۾ هي لفظ، انڪار، صفت، نوڙت، آسيس/تمنا ۽ دُعا جو مطلب به ڏيکاريندو آهي. امر کي سمجھڻ لاءِ هيٺين جملن تي نظر ڪريو.

1- ڇوڪرا! ماٺ ڪريو،
2- پاڻي ڍُڪ ته پيار!
3- شل! سکيو رهين،
4- ٻار کي نه مار!

پهرئين جملي ۾ ”ماٺ ڪر“ حڪم جي معنى ڏيکاري ٿو. ٻئي جملي ۾ پاڻي پيار، منت جي معنا ڏيکاري ٿو. ٽئين جملي ۾ سکيو رهين، دعا جي معنا ڏيکاري ٿو. ۽ چوٿين جملي ۾ نه مار نفي ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري ٿو. ان ڪري چئبو ته امر ، اهو لفظ آهي، جيڪو جملي ۾ حڪم، عرض، منت ۽ انڪار جي معنى ڏيکاري.

امر جا قسم
امر جا چار قسم آهن.

1- امُر حال واحد:
جملي ۾ ڪنهن به هڪ اسم يا ضمير کي، هلندڙ وقت ۾ امر ڪيل هجي.

مثال:- سبق پڙهه، پئسو ڏي، هوڏانهن وڃ، ماني کاءُ، وغيره.

2- امرحال جمع:
جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اسمن يا ضميرن کي امر ڪيل هجي.

مثال:- سبق پڙهو، پئسا ڏيو، هوڏانهن وڃو، ماني کائو.
ٺاهڻ جو قاعدو:

امر حال واحد پٺيان، ”او“ اچار ڪڍڻ سان امر حال جمع ٺهي ٿو.
مثال: لک+ او= لکو- پڙهه+ او= پڙهو- ڏي+ او= ڏيو- کاءُ+ او= کائو.

3- امُر استقبال واحد:
جملي ۾، ڪنهن به هڪ اسم يا ضمير کي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن ڪم لاءِ امر ڪيل هجي.

مثال: سبق پڙهج، پئسا ڏج، هوڏانهن وڃج، ماني کائج.

4- امر استقبال جمع:
جملي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ، اسمن يا ضميرن کي، ايندڙ وقت ۾ ، ڪنهن ڪم لاءِ امر ڪيل هجي.

مثال: سبق پڙهجو، پئسا ڏجو، هوڏانهن وڃجو، ماني کائجو.

ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان، ‘او’ جو اچار ملائڻ سان ٺهي ٿو.

مثال:
پڙهج او= پڙهجو- ڏج+ او= ڏجو
وڃج+ او= وڃجو – کائج+ او= کائجو.

نوٽ: امر استقبال کي امر ديونيو، امر نيازي ۽ امرتمنا به چئبو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ هيٺين چارٽ تي نظر ڪريو.

امر استقبال واحد ٺاهڻ جو طريقو:
هي امرحال واحد پٺيان اِج اچار ملائڻ سان ٺهي ٿو.
مثال: پڙهه+ اج= پڙهج- ڏي+ اج= ڏج يا ڏيج- وڃ+ اِج=
وڃج – کاءَ +اِج= کائج.

امر استقبال:
امر حال امر استقبال امر نيازي امر تمنا امر نفي
واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
پڙهه پڙهو پُڙهج پڙهجو پڙهج پڙهجو پڙهجان پڙهجو نه پڙهج نه پڙهجو
وڃ وڃو وڃج وڃجو وڃج وڃجو وڃجائين وڃجو نه وڃج نه وڃجو
ڏي ڏيو ڏج ڏيجو ڏج ڏيجو ڏجائين ڏيجو نه ڏج نه ڏجو
کاءُ کائو کائج کائجو کائج کائجو کائجائين کائجو نه کائج نه کائجو

مشق

1- امر ڇاکي چئجي؟
2- امر حال واحد ۽ امر حال جمع ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
3- امر استقبال واحد جي وصف ٻڌايو؟
4- امر استقبال جمع ڪيئن ٺهندو آهي؟
5- هيٺين جملن مان امرحال واحد، امرحال جمع، امر استقبال واحد ۽ امر استقبال جمع چونڊيو.
1- هيڪر اچجائين پوءِ موٽي وڃجائين.
2- منهنجا ڪپڙا ڌوءِ ۽ استري ڪج.
3- پنهنجا پيڪا نه وسار.
4- بيت نه ڀائنج ماڻهئان، ايءَ آيتون آهين.
5- ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائج.
6- الله لڳ اڏام تون موٽي محبوبن ڏي
7- وڃي ڏيج پرين کي هن پاڇي جا پيغام
8- بت منهنجو بند ۾ قيد مَ ڪريجاهه
9- منهنجي ڳالهه ٻڌجو ۽ ڌيان ڌرجو.
10- وساريج مَ ورکي ، پئج مَ، مُنڌ مري.