تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 117
  • 28
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

ضمير جا قسم

ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته ضمير اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچي.
هاڻي اچو ته ضمير جا قسم سِکون.

ضمير جا جملي ست قسم آهن.

1- ضمير خالص
2- ضمير اشارو،
3- ضمير مشترڪ،
4- ضمير استفھام،
5- ضمير موصول
6- ضمير جواب موصول،
7- ضمير مبھم.
1- ضمير خالص:

خالص جي معنى نج آهي. هي اهي ضمير آهن جيڪي جملي ۾ صرف ماڻهن لاءِ ڪم اچن ٿا.
مثال:
مان لکان ٿو.
توهين راند ڪريو پيا.
اهي سبق ياد ڪندا پيا.
هنن جملن ۾، ‘مان’، ‘توهين’ ۽ ‘اهي’ خالص ضمير آهن. جيڪي خاص ماڻهن لاءِ ڪم آيا آهن.

ضمير خالص جا 3 قسم آهن.

(الف) ضمير متڪلم:
متڪلم جي معنى آهي ڳالهائيندڙ. اُهي لفظ، جيڪي جملي ۾، ڳالهائيندڙ پنهنجي لاءِ ڪم آڻي.

مثال:
مان هي خط لکيو هو.
اسين پاڻ ا تامرا آهيون.
آءٌ سچ ڳالهائيندس پيو.
هنن جملن ۾ ‘مان’، ‘اسين’ ۽ آءٌ ضمير متڪلم جا لفظ آهن.

(ب) ضمير حاضر:
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ روبرو (سامھون ڳالھائيندڙ) حاضر اسم جي بدران ڪم آڻجن.

مثال:
تون ڇو نه ٿو لکين؟
توهان ڪوڙ نه ڳالهايو.
هنن جملن ۾ ‘تون’ ۽ ‘توهان’، ضمير حاضر جا لفظ آهن.

(ث) ضمير غائب:
اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ انهي اسم بدران ڳالهايا وڃن جيڪي موجود نه، پر غائب يا گم هجن.

مثال:
اُهي اڄ ايندا.
سُڀاڻي انهن کي وڃڻو آهي.
هُنن وٽ ڪتاب ئي ڪين آهن.
مٿين جملن ۾ ‘اُهي’، ‘انهن’ ۽ ‘هنن’ ضمير غائب جا لفظ آهن.

2- ضمير اشارو:
اهي لفظ، جيڪي جملي ۾ ڪنهن اسم ڏانهن خاص اشاري طور ڪم اچن.

مثال:
هي منهنجو ڪتاب آهي.
هو تنهنجو ڪتاب آهي.
مٿين جملن ۾ ‘هي’، ۽ ‘هو’ ضمير اشاري جا لفظ آهن. جيڪي ”ڪتاب“ اسم ڏانهن اشارو /ڪن ٿا.

ضمير اشاري جا 2 قسم آهن:

(الف) ضمير اشارو ويجهو:
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن ويجهي اسم ڏانهن اشاري لاءِ ڪم اچن.

مثال:
هِي منهنجو ڪتاب آهي.
اِهي هن جا ڪتاب آهن.
مٿين جملن ۾ ‘هي’، ‘اهي’ ضمير اشاري ويجهي جا لفظ آهن.

(ب) ضمير اشارو ڏور:-
اهي لفظ جيڪي جملي ۾ ڪنهن پري واري اسم ڏانهن اشاري طور ڪم اچن.

مثال:
هو هُن جا ڪتاب آهن.
اُهي هنن جا ڪتاب آهن.
مٿين جملن ۾ ‘هو’، ‘اُهي’ ضمير اشاري ڏور جا لفظ آهن. جيڪي ڪتاب اسم ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

3- ضمير مشترڪ:
مشترڪ جي معنى آهي گڏيل. اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ اسم جي بدران ڳالهايل هجن ۽ ٻئي ضمير سان گڏيل هجن.

مثال:
مان خود کيس ڏٺو.
تون پنهنجي پين وٺ.
هي باغ اسان پاڻ پوکيو آهي.
مٿين جملن ۾ ‘خود’، ‘پنهنجي’ ۽ ‘پاڻ’ ضمير مشترڪ جا لفظ آهن.

4- ضمير استفھام:
اُهي لفظ جيڪي جملي ۾ اهڙي اسم جي بدران ڪم اچن، جن لاءِ ڪا پُڇا ڪرڻي هجي.

مثال:
اندر ڪير آهي؟
توکي ڪنهن ماريو آهي؟
ڪڄاڙو کپيئي؟
ڇا ٿو چوين؟
هنن جملن ۾ ‘ڪير’، ‘ڪنهن’، ‘ڪڄاڙو’ ۽ ‘ڇا’ ضمير استفھام جا لفظ آهن. هنجا ٻيا لفظ هي آهن.
ڪھڙو - ڪِن

5- ضمير موصول:
موصول جي معنى ڳنڍيندڙ آهي. جيڪي لفظ جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچن ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍين.

مثال:
هي اهو ڪتاب آهي جيڪو تو گهريو هو.
انور آيو هو جنهن وٽ تنهنجي پين هئي.
مٿين جملن ۾ ‘جيڪو’ ۽ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي. لفظ ‘جيڪو’ ڪتاب اسم، بدران ڪم آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ٻئي جملي ۾ لفظ ‘جنهن’ ضمير موصول آهي. جيڪو انور اسم، لاءِ ڪم آيو آهي ۽ جملي جي ٻن ڀاڱن کي ڳنڍي ٿو. ضمير موصول جا لفظ هي آهن، جا، جيڪي، جن وغيره.

6- ضمير جواب موصول:
اهي لفظ، جيڪي جملي ۾ ضمير موصول جي جواب ۾ اسم بدران ڪم اچن.

مثال:
جيڪو ڪتاب تو ڏنو هو، سو هي آهي.
جن گهريو تن ورتو.
مٿين جملي ۾ ‘سو’ ضمير جواب موصول آهي. جيڪو ضمير موصول جي جواب ۾، ڪتاب اسم، بدران ڪم آيو آهي. ٻئي جملي ۾ ‘تن’ ضمير موصول آهي جيڪو جَن ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم آيو آهي.
هن جا ٻيا لفظ هي آهن: سو ، سا، سي، تن، تنهن وغيره.

7- ضمير مبھم:
مبھم جي معنى ڳجھو آهي. اهڙا لفظ جيڪي ڳجھي اسم لاءِ ڪم آيل هجن ۽ خبر نه پوي ته اهي ڪھڙي اسم لاءِ ڪم آيا آهن.

مثال:
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي.
ڪير، آيو آهي.
توکي ڪنهن، ڏنو.
ڪا، ڳالهه ته ڪر.
هنن جملن ۾ ڪو ، ڪا، ڪير، ڪنهن ضمير مبھم آهن. ٻيا لفظ هي آهن. ڪجھه، ڪن.