فعل جا قسم
ٻارو! اوهان پڙهي آيا آهيو ته فعل اهو لفظ آهي. جيڪو جملي ۾ اسم جي ڪم بابت ٻڌائي يا اهو ٻڌائي ته اسم ۽ ضمير تي ڪم جو ڪهڙو اثر ٿيو آهي. جملي ۾ فعل سان گڏ ٻه شيون ٻيون به هونديون آهن. هڪ ڪم جو ڪندڙ ۽ ٻيو جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي.
مثال: الطاف چانھه پيئي ٿو.
هن جملي ۾ ڪم جو ڪندڙ الطاف آهي. جنهن کي گرامر جي زبان ۾ فاعل چئجي ٿو ۽ اسم چانهه آهي جنهن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو. هن کي گرامر جي زبان ۾ مفعول چئجي ٿو ۽ ٽيون پيئي ٿو ، ڪم بابت ٻڌائي ٿو. جيڪو فعل سڏبو.
ٻارو! ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته جملي ۾ فاعل ته هوندو آهي پر مفعول نه هوندو آهي. تڏهن به جملو پورو هوندو آهي.
مثال:
الطاف مضمون لکي ٿو.
الطاف لکي ٿو.
مشتاق بيت پڙهي ٿو.
مشتاق پڙهي ٿو.
مٿين پهرين ۽ ٽين جملي ۾ الطاف ۽ مشتاق فاعل آهن. مضمون ۽ بيت خط مفعول آهن. ٻئين ۽ چوٿين جملي ۾ فاعل ته برابر آهي. پر مفعول نه آهن. اهڙن جملن ۾ فعل تي اثر ضرور پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته فاعل ۽ مفعول جو لاڳاپو فعل سان ضرور هوندو آهي. ان ڪري فعل جا مکيه قسم ٻه آهن.
1- فعل لازمي، 2- فعل متعدي.
1- فعل لازمي:
لازمي جي معنى آهي ٺهرايل حد تي قائم رهڻ. اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي نه پوي. يعني هن ۾ فاعل سان گڏ مفعول نه هوندو.
مثال:
اشفاق ڳائي ٿو.
فھميده ڌوئي ٿي.
اياز کائي ٿو.
2- فعل متعدي:
متعدي جي معنى آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ. اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري پر ان جو اثر ٻئي تي به پوي. يعني هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا آهن.
مثال:
اشفاق را ڳ ڳائي ٿو.
فھميده ڪپڙا ڌوئي ٿي.
اياز ماني کائي ٿو.
فعل جو ٽيون قسم به آهي. جنهن کي فعل معاون چئبو آهي. هن کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان جملا پڙهو.
1- سبق پڙهه،
2- سبق پڙهان ٿو،
3- سبق پڙهيو هو،
4- سبق پڙهيو پئي.
هن جملن ۾ بنيادي ڪم ”پڙهڻ“ جو آهي. جن ۾ فعل پڙهه، پڙهان ٿو ، پڙهيو هو ۽ پڙهيو پئي آهي.
پهرين جملي ۾ پڙهڻ جو حڪم آيل آهي پر وقت ڪونه ڏنل آهي ته ڪهڙي وقت ۾ پڙهڻو آهي. ٻئي جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم هاڻي ڪري ٿو. ٽئين جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو ويو ۽ چوٿين جملي ۾ پڙهڻ جو ڪم گذريل وقت ۾، گهڻي تائين جاري رکيو ويو. هن مان معلوم ٿيو ته هڪ فعل سان ٻيا فعل گڏجي، جيڪي فعل جي وقت جي معنى ڏيکارين ٿا. انهن فعلن کي گرامر ۾ فعل معاون چئبو آهي. جنهن جي معنى مددگار آهي. يعني اهڙا فعل، جيڪي ٻين فعلن سان گڏجي ان جو وقت ڏيکارين. هي فعل هئڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ مصدر مان ٺهي ٿو.
مثال: هئڻ، هو، ٿيڻ، ٿيو، پوڻ ، پيو، پئي
فعل متعدي جا قسم
(الف) فعل متعدي معروف:
معروف معنى آهي ڄاتل سڃاتل، اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل ڄاتل سڃاتل ۽ چٽو پٽو ظاهر هوندو آهي.
مثال: مان خط لکان ٿو.
هن جملي ۾ ”مان“ فاعل پڌرو ۽ صاف ظاهر آهي.
(ب) فعل متعدي مجھول:
جھل معنى اڻڄاڻائي اهڙو فعل، جنهن ۾ فاعل گم ٿي وڃي ۽ مفعول چٽو هجي .
مثال: خط لکجي ٿو، انب وڍجي ٿو.
هن جملي ۾ خط جو لکندڙ ۽ انب جو وڍيندڙ يعني انهن ڪمن جا ڪندڙ گم آهن پر خط ۽ انب جن تي ڪم جو اثر ٿئي ٿو (مفعول) سي فاعل جي جاءِ تي آيل آهن ۽ چٽا مفعول آهن. ان ڪري لکجي ٿو ۽ وڍجي ٿو، فعل متعدي مجھول آهن.
(ث) فعل متعدي باالواسطه:
باالواسطه جي معنى آهي ٻئي جي معرفت، فعل جي اها صورت جا ڏيکاري ته فاعل ڪو ڪم پاڻ نه ٿو ڪري، پر ٻئي کان ڪرائي ٿو.
مثال:
مشتاق خط لکرايو.
ماني پچرائي ويئي.
پهرين جملي ۾ مشتاق خط لکڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرائي ٿو پر پاڻ نه ٿو ڪري. اِهو ٻٽو فعل متعدي باالواسطه آهي. ٻئي جملي ۾ ماني پچرائڻ جو ڪم ٻئي کان ڪرايو وڃي ٿو. هنن ٻنهي جملن ۾ اصلي فاعل گم آهن.
(ج) فعل لازمي جا قسم:
فعل اڪرترڪ: اَ معنى نه ڪر معنى فاعل. اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽ مفعول جو ڪم صاف ڏيکاريل نه هجي. هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي گم هوندا آهن.
مثال: ڳوٺ وڃبو. ڀڄبو نه ٿڪبو.
مٿين جملن ۾ وڃبو، ڀڄبو ۽ ٿڪبو فعل اڪرترڪ آهن. جن جا فاعل ۽ مفعول گم ٿيل آهن ۽ اهي واضح يا چٽا نه آهن.
استعمالي سوال
1- فعل گهڻن قسمن جا آهن؟
2- فعل متعدي ڇاکي چئجي؟
3- فعل متعدي مجھول مثالن سان سمجھايو.
4- فعل اڪرترڪ کولي سمجهايو.
5- هيٺين جملن مان فعل چونڊي سندن قسم ٻڌايو.
1) انور انب کائي ٿو.
2) مشتاق کلي ٿو.
3) صوف وڍيو ويو.
4) ماني پچرائي ويئي.
5) گھوڙو ڊوڙي ٿو.
6) مٿي چڙهبو ته ڪربو.
7) ڊوڙبو ته پگھربو.
8) وڻ پوکجي ٿو.
9) پين ۾ مس وجهي اچ.
10) رياض راند ڪئي.