فعل جو اسم وارو ڪارج
اهڙي قسم جا لفظ، جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾، اسم يا صفت ٿي ڪم اچن، تن کي اسم فعل يا فعل جو اسم وارو ڪارج چئبو آهي.
مثال:
1- ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڪوبه نه ڏسي.
2- لهندڙ سج، وڌندڙ پاڇا.
مٿين جملن ۾، پهرئين سٽ ۾ ايندو ۽ ويندو الفاظ، بنياد فعل اچ ۽ وڃ مان نڪتل آهن پر هت اسم ٿي ڪم آيل آهن، ان ڪري اهي الفاظ اسم فعل آهن.
ٻي سٽ ۾ لهندڙ ۽ وڌندڙ، بنيادي فعل لَهه ۽ وَڌُ مان نڪتل آهن، پر هت صفت ٿي ڪم آيا آهن ان ڪري اسم فعل آهن.
اسم فعل جا قسم:
اسم فعل جا 4 قسم آهن.
(الف) اسم فاعل:
فعل جي اها صورت، جيڪا فاعل جو مفھوم ظاهر ڪري. اهو لفظ جملي ۾ اسم ۽ صفت ٿي ڪم ايندو آهي.
مثال:
لکندڙ انگ ايئن ئي لکبو.
هلڻهارا هليا ئي ويندا.
ڪينجهر جي هوا وڻندڙ آهي.
وهندڙ ڍور کي نه مار.
مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽن ۾لکندڙ، لک فعل مان ۽ هلڻهارا ۽ هل فعل مان نڪتل آهن ۽ هنن جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ فاعل جو مفهوم ظاهر ڪن ٿا، ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن.
ٽين ۽چوٿين سٽ ۾ وڻندڙ، وڻ فعل ۽ وهندڙ وهه فعل مان نڪتل آهن ۽ هت هوا ۽ ڍور جي صفت ڪن ٿا، ان ڪري اهي لفظ اسم فاعل آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
جنهن امر حال واحد واري لفظ جي پٺيان پيش ”اُ“ هوندي ته ان جي پٺيان ”ندڙ“ ۽ جنهن امر جي پڇاڙي واري اکر پٺيان زير ”اِ“ هوندي ته ان جي پٺيان ”يندڙ“ ملائڻ سان اسم فاعل ٺهي ٿو.
مثال:
پڙههُ پڙهندڙ – ڏي ڏيندڙ- وَڃِ ويندڙ- کاءِ کائيندڙ- مَارِ ماريندڙ
ڪي اسم فاعل بي قاعدي به آهن.
مثال: گهورو- ٽوٻو- ڳائڻو-واڍو-رهاڪو-پياڪ-ويڪائو-هيراڪ-جهيڙاڪ-وغيره.
(ب) اسم مفعول:
اهي لفظ جن جو بنياد فعل هجي پر جملي ۾ اسم سان لاڳاپو ظاهر ڪن ۽ ڏيکارين ته ان تي ڪو ڪم ٿيو آهي. اسم مفعول اسم فاعل وانگر ڪڏهن اسم ته ڪڏهن صفت ٿي جملي ۾ ڪم ايندو آهي.
مثال:
1- پنهنجو لکيو تو نه پڙهيو.
2- تنهنجو کٽيو گهوريو.
3- اٿيل اک ۾ دارون وجهه
4- پڪل انب کاءُ.
مٿين جملن ۾ پهرئين ۽ ٻي سٽ ۾ لکيو ۽ کٽيو، لک ۽ کٽ بنيادي فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن ۾ اسم ٿي ڪم آيا آهن. ٽئين ۽ چوٿين سٽن ۾ اٿيل ۽ پڪل اٿ ۽ ”پچ“ بنيادي فعلن مان نڪتل آهن ۽ جملن ۾ صفت ٿي ڪم آيا آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
امر حال واحد پٺيان ”يو“ ۽ ”يل“ گڏڻ سان اسم مفعول ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهه= پڙهيل-پڙهيو
لک =لکيل- لکيو
اٿ= اٿيل- اٿيو.
ڪي بي قاعدي اسم مفعول به آهن. مثال: اڀاميل- ٻڏو-لڪو-پيتو-ڊاٺو-مئو- وغيره.
(ث) اسم استقبال:
اهي لفظ، جن جو بنياد فعل هجي. پر جملي ۾ صفت ۽ اسم ٿي ڪم اچن ۽ ڏيکارين ته ڪم ايندڙ وقت ۾ٿيندو.
مثال:
مونکي امتحان ڏيڻو آهي.
هن کي اڄ اچڻو آهي.
روئڻي ٻار کي پرچاءِ.
مارڻي ڍڳي کان پري ڀڄ.
هنن جملن ۾ ڏيئو ڏي فعل مان، اچڻو اچ فعل مان نڪتل آهن پر هت اسم ٿي ڪم آيا آهن ۽ پوئين ٻن جملن ۾ رُئڻو روءَ فعل مان ۽ وڙهڻو وڙهه فعل مان نڪتل آهن پر هت صفت ٿي ڪم آيا آهن، ان ڪري اسم استقبال جا الفاظ آهن.
ٺاهڻ جو قاعدو:
امر حال واحد پٺيان ”ڻو“ ملائڻ سان اسم استقبال ٺهي ٿو.
مثال: پڙهه- پڙهڻو- ڏي- ڏيڻو – وڃ- وڃڻو-کاءُ-کائڻو وغيره.
(د) اسم حاليه:
اهو لفظ جنهن جو بنياد فعل وارا لفظ هجن پر جملي ۾ اسم سان لاڳو ٿي، ظاهر ڪري ته فاعل هڪ ڪم کي هلندي، ٻئي ڪم کي به پورو ڪري ٿو.
مثال: انور ڪاٺيون ڪندو گهر آيو.
هن جملي ۾ انور فاعل هڪئي وقت ٻه ڪم، ”ڪاٺيون ڪرڻ“ ۽ ”گهر اچڻ“ جا ڪري ٿو، ان ڪري ڪندو اسم حاليه آهي، جيڪو ”ڪر“ فعل جو بنيادي لفظ آهي.
ٺاهڻ جو قاعدو:
هي امر حال واحد پٺيان جي پيش ”اُ“ ڏنل هوندي ته ”نندو“ ملائڻ سان ۽ جيڪڏهن امرحال واحد پٺيان ”زير اِ هوندي ته . ”يندو“ ملائڻ سان ٺهندو آهي.
مثال:
پڙهه= پڙهندو- ڏي- ڏيندو-وڃ-ويندو.
کاءُ= کائيندو-ساڙ-ساڙيندو-ساڙيندي.
مشق
1- اسم فعل ڇاکي چئجي؟
2- اسم فعل جا پنج مثال ڏيو؟
3- اسم فاعل ٺاهڻ جو طريقو ٻڌايو؟
4- اسم مفعول جا پنج مثال ڏيو؟
5- اسم استقبال ڇاکي چئجي؟
6- اسم حاليه ڪيئن ٺهندو آهي.
7- هيٺين جملن مان اسم فعل، اسم فاعل، اسم مفعول ۽ استقبال ۽ اسم حاليه چونڊيو.
1) وٽ سوريندي وِلها ويو تيل ٻري.
2) آءُ تو وٽان ٿيندو گهر ويندس.
3) اڄ پڙهيل لکيل ماڻهو به ڪونه ٿو سمجهي.
4) سڙيل صوف ۽ داغيل انب نه کاءُ.
5) لڌل ڇوڪر ڪنهنجو هو؟
6) نچڻو ٻار ڏس.
7) ڇرڪڻو ٻار مُرڪڻو جوان.
8) عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهن گهڻو،
9) ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ.
10) ماريندڙ کان بچائيندڙ ويجهو آهي.
11) کٽائو پٽ پيارا آهن.
12) ٽڪر آخر ٽڪڻو پوندو.
13) چٻندي چڻا، ڏينڀو ڏٺئه ڏار ۾.
14) سا پروڙج ڳالهڙي وڻجارن وٽان.
15) محبت سندو من ۾،ماڻڪ ٻارج مچ
16) جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين
17) پاڻيٺ جي پرکڻا وياسي وينجھار
18) ويٺو پني پنڻو، ڪر ميرو مٿي پاکڙو