فعل وارا اسم
اهي لفظ، جيڪي فعل جي پاڙ يا بنياد مان نڪرن ٿا، تن کي مشتق يا ڪردنت چيو وڃي ٿو . زمان شروع ڪرڻ کان اڳ هن جو سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته سڀ زمان انهن مان ئي نڪرن ٿا.
1- اسم مصدر:
اسم جي معنى نالو آهي. صرف شئي، جاءِ، ساهواري يا ڪنهن خاصيت ۽ حالت جو نالو نه هوندو آهي، پر ڪنهن خاص ڪم جو نالو به هوندو آهي. هن کي سمجهڻ لاءِ،هيٺين جملن کي غور سان پڙهو.
1- صبح جو گھمڻ صحت لاءِ ضروري آهي.
2- ڪچي ۾، ننڍڙن ٻارن کي ترڻ سيکاربو آهي.
3- ٻار کي، گهڻو مارڻ چڱو نه آهي.
4- هو ڳالهائڻ سکيو آهي.
مٿين جملن ۾ گھمڻ، ترڻ، مارڻ ۽ ڳالھائڻ ڪمن جا خاص نالا آهن ان ڪري اسم آهن ۽ سندن بنياد گهم، تر، مار ۽ ڳالهاءِ فعل آهن. اهوئي سبب آهي جو اهڙن لفظن کي گرامر ۾ اسم مصدر چئجي ٿو.
2- ٺاهڻ جو قاعدو:
امُر حال واحد پٺيان ‘اڻ’ آواز ۽ ‘ڻ’ اکر ملائڻ سان اسم مصدر ٺهي ٿو.
مثال:
گهم+ ڻ= گھمڻ- پڙهه+ ڻ= پڙهڻ- ڏي+ ڻ= ڏيڻ- وڃ+ ڻ= وڃڻ- کاءُ+ ڻ= کائڻ.
مشق
1- اسم مصدر ڇاکي چئجي؟
2- اسم مصدر ڪيئن ٺهي ٿو؟
3- اسم مصدر جا ڪي به پنج مثال ڏيو.
4- هيٺين جملن مان اسم مصدر چونڊيو.
1) پڙهڻ-ترڻ-تير هڻڻ چوٿين سواري
2) ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.
3) هو باغ ۾ هوا کائڻ ويو.
4) تنهنجو هلڻ منهنجي لاءِ ڪارائتو آهي.
5) منهنجي ڦُرائڻ ۾ تنهنجو هٿ آهي.
6) هي ٻارڻ تنهنجو ئي ٻاريل آهي.
7) لغڙ اڏارڻ جو کائتو ڪم آهي.
8) ملھه وڙهڻ سنڌ جي ثقافت آهي.
9) شام جو کيڏڻ چڱو آهي.