تعليم

سنڌيڪا سنڌي گرامر

دادا سنڌي نہ فقط ‘افسانوي ادب’ ۽ ‘تاريخ جو دادا’ آهي پر لسانيات جھڙي اوکي مضمون ۾ بہ هو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن قانونن جو بہ وڏو ڄاڻو آهي. ھي ڪتاب سنڌي گرامر سکندڙن کي وڏي مدد ڏئي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌيڪا سنڌي گرامر

ڳالھائڻ جا لفظ

ٻارو! اوهان اڳ سکي آيا آهيو ته ڳالھائڻ جا بنيادي جزا اکر، لفظ ۽ جملا آهن. اسين روزانو اهڙا اکر ۽ لفظ ڳالھائيندا آهيون. جيڪي ٻولي جي قاعدن موجب، ڌار ڌار قسمن ۽ جُزن ۾ ورهايل هوندا آهن.
اسان کي هت اِهو سکڻو آهي ته، اهي لفظ ڪهڙن جدا جدا ، جزن يا قسمن ۾ ورهايل آهن. ٻولي جي قاعدي مطابق اُهي قسم اَٺ آهن.

1- اسم
2- ضمير
3- صفت
4- فعل
5- ظرف
6- حرف جر
7- حرف جملو
8- حرف نِدا
هاڻي هيٺ انهن جون وصفون ۽ مثال ڏئي کولي سمجھائجي ٿو.