سهيڙيندڙ پاران
1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو آغاز ڪري اسان ان کي سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ جو هڪ محاذ بڻايو ۽ لڳاتار هر مهيني هڪ اهڙي ڪتاب جو انتخاب ڪري ڇاپڻ شروع ڪيو جيڪو تعليمي، فڪري ۽ شعوري طرح سنڌ جي ماڻهن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي. 1998ع ۾ جڏهن اسي ڪتابن جي اشاعت مڪمل ٿي ته ڪتابن سان گڏ، بهترين مضمونن کي پڙهندڙن تائين رسائڻ جي رٿا جوڙي وئي ۽ مارچ 1998ع کان علمي، فڪري ۽ سڌارڪ آواز طور منهنجي ادارت هيٺ ٽماهي ”سنڌ فورم“ جي اشاعت شروع ڪئي وئي ۽ 2003ع تائين ان جا 15 شمارا پڌرا ٿيا.
سنڌ فورم جي پهرين شماري ۾ ان جي جاري ٿيڻ متعلق لکيو ويو هو ته: ”ويجهڙائيءَ واري عرصي ۾ سنڌ اندر علمي روايتن جي خاتمي، فڪري بحران ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جا ڏکائيندڙ مظهر سامهون ايندا رهيا آهن، ان ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ واسطي سنڌ جي ضمير کي جهنجهوڙڻ ۽ علم دوست حلقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ سنجيده علمي پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ئي سنڌ فورم جي پڌري ٿيڻ جو اصل محرڪ آهي. اسان سنڌ فورم کي علمي ۽ ادبي حلقن جي لاءِ دليل ۽ استدلال جو هائيڊ پارڪ مهيا ڪرڻ جو مقصد سامهون رکي وک اڳتي وڌائي آهي.
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟ نقصان ته برابر ٿيو آهي پر ڇا ان جو ازالو ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن جي مسيحائي ڪري سگهجي ٿي؟ انهيءَ صورتحال ۾ خرابي ۽ بهتري جي سڀني امڪانن تي دليل ڀرين بحثن جي ضرورت آهي. ...... ساڳئي سلسلي ۾ ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته اسان پنهنجي ماڻهن جي ڏوجهڙن مان نڪرڻ جي لاءِ منڍ ۾ نعريبازيءَ سان جنهن طريقي تي پنهنجو سفر شروع ڪيوسين، انهيءَ اسٽائيل کي پنهنجي سفر ۾ آخر دم تائين رٽي رکيو سين. اسان نظريي ۽ ان جي عملي پروگرام ۾ فرق کي سمجهي نه سگهياسين. عملي پروگرام ۾ ترجيحات ۽ حڪمت عملين جي تبديلي کي نظريي تان هٿ کڻڻ برابر سمجهندا رهياسون. هينئر جڏهن اسان حالتن جي بي نشان منزل واري چودڳيءَ تي بيٺل آهيون، تڏهن به اسان جي انهن نعرن ۽ نڪتن واري حڪمت عمليءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ماڻهن اندر اڀريل سياسي ويڳاڻپ ۽ بيزاري به اسان کي ڪي سبق سيکاري نه سگهي آهي. اسان سنڌ فورم جي ذريعي ڪوشش ڪنداسين ته 1970ع يا ان کان اڳ ۽ پوءِ طئي ڪيل پنهنجي قومي ۽ سياسي مقصدن کي ڀليءَ ڀت مؤثرنتيجن جي حوالي سان پريڪٽيڪل حڪمت عملين جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيون...... ٽين ڳالهه هي ته اسان وٽ انسانن لاءِ خدا جي مرتب ڪيل ترقي يافته انساني فڪر ”اسلام“ سان ان جي نام نهاد مڃيندڙن ۽ ان جي مخالفن، ٻنهي طرفن کان ڏاڍايون ٿيون آهن. هڪڙن چريءَ کي ڄاول ٻار وانگر ان کي چمي ۽ چٽي نهوڙي ڇڏيو آهي ۽ ٻين ان کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ کانسواءِ ٻاهرين ٻني تي بيهي پنهنجي ڪدورتن جو نشانو بڻايو آهي...... اسان وٽ هيستائين پنهنجي نوجوانن کي ذهني طرح اپاهج بنائڻ جون ايتريون شعوري ڪوششون ٿيون آهن جو اسان جي وجود جا دشمن به اسان جو ايترو نقصان نه ڪري سگهيا آهن. اسان سنڌ فورم ذريعي ڪوشش ڪنداسين ته هينئر سنڌ ۾ اهڙين واهيات گيرين جي حوصله شڪني ٿئي.“
سنڌ فورم پنجن سالن کان پوءِ بند ٿي ويو، پر سنڌ فورم ۾ ڇپيل مواد سنڌ جي ساڃهه وند ۽ علمي طبقي لاءِ فڪر ۽ دانش جي هڪ ٿڌڙي هير ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي ان علمي طبقي جو سوچ ۽ فڪر جي وشالتا سان يونيورسل ڏاهپ جي سرچشمن سان ناتو جڙيو. انهن حلقن سنڌ فورم کي ڪتاب وانگرسانڍي رکيو. اهڙي ريت فڪر ۽ دانش سان لاڳاپيل دوست وري وري تقاضا ڪندا رهيا ته سنڌ فورم کي جاري ڪيو وڃي پر اسان ڪتابن جي اشاعت ۽ ان جي لاءِ وسيلن پيدا ڪرڻ لاءِ مسلسل سخت پورهئي ۾ مصروف هئڻ ڪري ان کي جاري رکي نه سگهياسين.
سنڌ فورم ۾ ڇپيل فڪري مضمونن جي دائمي اهميت کي سامهون رکي طئي ڪيو ويو ته ان جي چونڊ مضمونن کي ڪتاب جي شڪل ۾ ڇاپيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ ان کان پوءِ وري نئين نسل کي انهن فڪري سرچشمن مان ڪجهه حاصلات ٿئي. سچي ڳالهه هي آهي ته سنڌ فورم جو هڪ هڪ مضمون چونڊي ۽ توري تڪي ڇاپيو ويندو هو جنهن ڪري انهن مضمونن مان وري چونڊ ڪري هڪ وچٿري ڪتاب ۾ سمائڻ بيحد ڏکيو ڪم هو. پر صفحن جي پابنديءَ پٽاندڙ ائين ڪرڻ ضروري هو ۽ آخرڪار ٽن عنوانن هيٺ انهن مضمونن جو انتخاب ڪري هي ڪتاب ”فڪري تحريرون“ جي نالي سان ڇپائي اوهان جي هٿن ۾ پهچايو ويو آهي.
سنڌ فورم جي لاءِ مضمونن جي سهيڙ ۾ ان وقت محترم ثناءُ الله سومرو اسان جو ٻانهن ٻيلي رهيو هو، ان هن ڪتاب جي پروفن ڏسڻ ۾ به پاڻ ملهايو آهي. ان لاءِ آءٌ سندس بيحد ٿورائتو آهيان.
نور احمد ميمڻ