شاهه ولي الله رح جو اخلاقياتي تصور : طفيل احمد قريشي
انسان جي ڪردار جي هر دؤر ۾ جانچ پڙتال ٿيندي آهي ۽ ان جي سٺن يا برن عملن ۽ منجهائن پيدا ٿيندڙ نتيجن جو هميشه جائزو ورتو ويندو رهيو آهي. سماج سڌارڪ پنهنجي تعليمات ۾ ان کي بنيادي حيثيت ڏيندا رهيا آهن. عالم ان جي مختلف مسئلن ۽ مونجهارن جي ڇنڊڇاڻ ڪندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح اهو علم جنهن کي ”اخلاقيات“ چئبو آهي، انساني معاشري جي تاريخ جي شروعاتي دؤر کان ئي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ بحث هيٺ رهيو آهي.
يوناني ڏاهَن ۽ فيلسوفن جي ابتدائي دؤر ۾ هن علم جون نظرياتي جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون، جن جو ماخذ انهن ڏاهن جا مابعدالطبيعاتي افڪار هوندا هئا. ”هر قليتوس“ جنهن وٽ هيءَ ڪائنات باهه جي پيداوار آهي، ”رواقيت“ جو باني سڏجڻ لڳو. ساڳيءَ طرح ”ديمقراطيس“ پنهنجي مخصوص مابعدالطبيعاتي نظرين سبب ”لذتيت“ جو باني بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح يوناني ڏاهن جي افڪارن اخلاقيات جي مختلف مذهبن جو روپ ڌاري ورتو.
انساني ڪردار ڇا آهي؟ ان کان جيڪي عمل ٿين ٿا تن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ نيڪي يا بدي ڇا آهي؟ خير ۽ شر ڇو ضروري آهي؟ انسان جي حقيقي مسرت يا خوشيءَ جو راز ڪهڙي ڳالهه ۾ لڪل آهي؟ ڪردار جي تشڪيل لاءِ ڪهڙن جوهرن جو هئڻ اڻٽر آهي؟ مطلب ته اهڙن کوڙ سارن سوالن جو حل ڳولهڻ لاءِ يوناني مفڪرن سوچڻ شروع ڪيو، جنهن سان اخلاقيات اڳتي هلي معياري علم جي صورت اختيار ڪئي. هر قليتوس ۽ ديمقراطيس کان پوءِ ”پرمانيدس“ ۽ ”فيثاغورث“ انهن سوالن جي مختلف پهلوئن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جن کي اڳتي هلي سندن شاگردن مختلف نظرين جو روپ ڏنو. اڳتي هلي انهن جي ئي روشنيءَ ۾ سوفسطائيت اخلاقيات جي مختلف مسئلن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڏنو.
سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جي نظرين هن علم کي اڃا به وسيع ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سوين نظريا جڙي پيا. جن کي ٻن وڏن فڪري مڪتبن ”ڪلبيه ۽ سيرينه“ جون مختلف شاخون قرار ڏئي سگهجي ٿو. اخلاقيات جي تاريخ ۾ انهن ٻنهي فڪري مڪتبن جي نظرين جي جهلڪ هر دؤر ۾ نظر اچي ٿي.
ڪلبيه، جنهن کي ”رواقيت“ به چئي سگهجي ٿو، راهبن، جوڳين ۽ فقيرن اپنائي ورتو. جن جي نظر ۾ اخلاقيات ۽ ان جا مسئلا وجدان ۽ روحاني تعليمات مطابق حل ٿيندا آهن. انساني ڪردار جي تشڪيل ۽ روحاني سڪون هن مڪتب فڪر جي نظر ۾ مذهبي عبادتن ۽ رياضتن کي اپنائڻ سان حاصل ٿيندو آهي. سندس نظر ۾ حقيقي مسرت روح جي پاڪيزگيءَ جو نالو آهي. سيرنيه مڪتب فڪر جي نظر ۾، جنهن کي ”ايقوريت“ به چيو ويندو آهي، کي انهن ماڻهن اپنايو، جيڪي سقراط جي ”لذتيت ۽ تمتع“ واري نظريي جا قائل هئا. وري هڪ دؤر اهڙو به آيو جنهن ۾ اخلاقيات جي نئين نظريي بدران پراڻي ڍنگ تي هلڻ تي ئي ڀاڙيو ويو. ”اپيڪوري، دارتيابي“ ۽ ٻيا مذهب ارسطوءَ جي ”ڪتابِ اخلاق“ ۽ افلاطون جي ”فلسفهءِ تصوريت“ کي ئي ڪافي سمجهڻ لڳا. مسلم دؤر البت هن علم جي تاريخ جو سونهري باب آهي، جنهن ۾ يعقوب الڪندي، غزالي، ابن مسڪويه ۽ ٻين عالمن ڪافي ڪم ڪيو.
اخلاقيات جي جديد فلسفي جي بانين ۾ شاهه ولي اللهؓ جو نالو سرِ فهرست ليکي سگهجي ٿو. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته شاهه صاحب افراط ۽ تفريط (رجعت پسندي ۽ انتها پسندي) کان هٽي اخلاقيات جي مسئلن جو اهڙو حل پيش ڪري ٿو، جنهن سان انساني ڪردار جي تشڪيل ۾ روحاني ۽ مادي ٻئي عنصر شامل ٿي وڃن ٿا. روحانيءَ مان مراد مذهبي قدرن جو ٺوس هجڻ ۽ ماديءَ مان مراد طبعي فطرت جي روشنيءَ ۾ انساني ڪردار جي تڪميل جو بندوبست آهي. اهي عوامل ۽ ڪارڻ جيڪي ڪردار جي تشڪيل ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا، شاهه صاحب جي اصطلاح ۾ ”اخلاق فاضله“ سڏبا آهن. سندس نظر ۾ هر اهو عمل جيڪو انسان کي حيوان کان ممتاز ڪري ۽ ترقي ۽ تڪميل جي واٽ ڏيکاري، ”اخلاق فاضله“ ۾ شمار ٿيندو آهي.
[b]انساني جبلتون:
[/b] هن کان اڳ جو اخلاق فاضله تي ڳالهه ٿئي، حضرت شاهه صاحب جي بيان ڪيل ”اخلاق“ جي وصف پنهنجي جاءِ تي تشريح طلب آهي، جنهن جو دارومدار سندس بيان ڪيل اخلاقيات جي کوڙ سارن مسئلن تي آهي. شاهه صاحب جو خيال آهي ته، ”اخلاق فاضله“ حقيقت ۾ بنيادي طور تي انساني جبلتن جي ئي ارتقائي ۽ مڪمل صورت هوندا آهن، هي جبلتون انسانن ۽ حيوانن ۾ مشترڪ هونديون آهن.
وليم ميگڊو گل پنهنجي ڪتاب (Outline of Psyschology) ۾ ان جو ذڪر ڪيوآهي. هو چوي ٿو: ”متلون (غير مستقل) مزاجي ۽ ڪنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ جو شوق جنگ، ذاتي تذليل ۽ تعريف، مادري ۽ پدري جذبو ۽ جنس بنيادي جبلتون آهن.“ ۽ شاهه صاحب جي نظر ۾ ”غصو، انتقام، همت، احساس خوداعتمادي، برتريءَ جو جذبو، عشق، جنسيت سان لڳاءُ ۽ حسد بنيادي جبلتون آهن. جيئن جيئن هي جبلتون انسان جي امتيازي جوهرن کان متاثر ٿينديون آهن، جذبن ۽ عواطف جي صورت اختيار ڪنديون آهن، جن تي ڪنٽرول ڪرڻ يا انهن جو صحيح استعمال ۽ اظهار انساني ڪردار جي تشڪيل لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو.“
[b]انسان جون امتيازي خاصيتون:
[/b] انساني ۽ حيواني عمل انهن ئي جوهرن ۽ جبلتن جو مظهر آهن، پر اهي بنيادي شيون جيڪي هڪ انساني عمل کي حيواني عمل کان ممتاز ڪنديون آهن، شاهه صاحب جي خيال ۾ ٽي آهن. جن کي امتيازي ٽن جوهرن جو نالو به ڏئي سگهجي ٿو. شاهه صاحب جو خيال آهي ته، حيواني جبلتن سبب (جيڪي انسان ۾ هجن ٿيون) انسان ۽ حيوان ٻئي پنهنجن عملن ۾ مشترڪ آهن. پر اها پهرين شيءَ جنهن کي حد فاصل (الڳ ڪندڙ حد) قرار ڏئي سگهجي ٿو، اها ”ڪلي راءِ“ يا مقصديت آهي. حيوان جي آڏو تڪڙو نفعو ماڻڻ هوندو آهي، جنهن کي شاهه صاحب ”رائي الجزئي“ جو نالو ڏئي ٿو، تنهن ڪري شاهه صاحب جي بيان ڪيل اخلاق فاضله ۾ ”الرائي الڪلي“ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”حيوان جي ناراضگي يا غصو نقصان کان بچڻ يا فائدي ماڻڻ لاءِ هوندو آهي ۽ انسان ان کي شهري زندگيءَ ۾ هڪ سٺي نظام جي تشڪيل لاءِ استعمال ڪندوآهي. حيوان پنهنجي نفس جي ڳالهه صرف پنهنجي فوري ۽ تڪڙي غرض جي تڪميل لاءِ مڃيندو آهي، جڏهن ته انسان جي آڏو اخروي (مستقبل جا) نتيجا هوندا آهن.“ (البدورالبازغه، ص 28)
شاهه صاحب وٽ ٻي شيءِ جيڪا انسان کي حيوان کان ممتاز ڪندي آهي اها ”ظرافت“ (حُبّ جمال) آهي، جيڪا سندس طبيعت ۾ نفاست پسندي پيدا ڪندي آهي، جنهن سان هو هر شيءِ کي گندگيءَ کان پاڪ ۽ لطافت جي ويجهو ڏسڻ چاهيندو آهي. تهذيبن جي عروج ۽ ڪنهن سٺي معاشري جي تشڪيل لاءِ هيءَ خوبي نهايت اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. تنهنڪري انسان جي ان جوهر جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:
”جانور کاڌي مان صرف پنهنجي بک مٽائڻ چاهيندو آهي، پر انسان ان کاڌي جي لطافت ۽ نفاست مان (دل ۽ اکين سان) مزو وٺندو آهي.“ (البدورالبازغه ص: 28)
ٽين حد جيڪا انسان کي حيوان کان ممتاز ڪري ٿي، شاهه صاحب وٽ ”تڪميل“ حاصل ڪرڻ آهي. حيوان جنهن ماحول ۾ رهندو آهي، ان تي قناعت ڪندو آهي، پر انسان جي ”تڪميل“ جي اها خواهش کيس مادي ۽ روحاني ترقين جي تقليد ڪرڻ ۽ نت نين ايجادن تي اڀاريندي رهندي آهي. جنهن سان نه صرف سندس ڪرداربلڪه معاشرو پڻ ترقي ڪندو آهي.
شاهه صاحب رح لکي ٿو:
”ان لبهيه انماعلومها .... الخ“
”حيوانن جا علم ته رڳو انهن جي معاش جي ترقيءَ لاءِ هوندا آهن. پر انسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪندو آهي، اهو پنهنجي نفس (ڪردار) جي تڪميل لاءِ ڪندو آهي.“
[b]اخلاق فاضله:
[/b] الرائي الڪلي، ظرافه ۽ تڪميل (ايجاد ۽ تقليد جي ذريعي) کي انسان جي اخلاق جو بنياد قرار ڏئي حضرت شاهه صاحب ”اخلاق فاضله“ کي بيان ڪري ٿو. جنهن کي هو جامع انداز ۾ بيان ڪندي هيٺين ستن حصن ۾ ورهائي ٿو:
(1) حڪمت (2) شجاعت (3) عفت (4) سماحت / سخاوت (5) فصاحت يا فطانت / سمجهداري (6) ديانت يا ذڪاوت/ هوشيارپ (7) السمت الصالح.
(1) حڪمت
حضرت شاهه صاحب وٽ حڪمت صرف فيلسوفن جي خيالن ۽ صوفين جي وجدان جو نالو نه آهي.
جيئن فرمائي ٿو: ”ولسيت الحڪمه .... الخ“
يعني ”حڪمت مان مراد صوفين جو گهرو وجدان نه ، بلڪه ان مان مراد سليم الطبع ماڻهن کي سندن معاش ۽ علمن ۾ اهڙي هدايت آهي، جنهن سان هو ترقيءَ جي حڪمت عملي جوڙي سگهن. (البدورالبازغه)
ٻئي هنڌ حڪمت جي وضاحت هيئن ڪري ٿو:
”۽ جڏهن علمن ۾ رائي الڪلي (عام مفاد) ۽ اخلاق جي تڪميل داخل ٿي وڃن ٿا ته اهي حڪمت بڻجي پون ٿا.“ (البدوزالبازغه ص: 30)
(2) شجاعت:
شجاعت يا بهادريءَ جو تعلق قوت غضبيه (غصي جي قوت) سان آهي ان قوت کي ذاتي غرضن يا معاشري ۾ فساد پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شاهه صاحب وٽ شجاعت جي مفهوم جي قطعاً ابتڙ آهي. سندس نظر ۾ ان ۾ عام مفاد (رائي ڪلي) جو هئڻ ضروري آهي، لکي ٿو:
”الغضب اذا داخل الرائي الڪلي صارشجاعه“
”جڏهن ڪاوڙ جو اظهار عام مفاد جي حدن ۾ رهي ڪري ڪجي ته اها شجاعت / بهادري آهي.“
(3) عفت:
جنسيت جي باري ۾ شاهه صاحبؓ نه لذتيت واري مادي پرست نظريي سان سهمت آهي ۽ نه وري رواقي جوڳين ۽ راهبن سان متفق آهي. جنسيت کي هو انساني جبلت جو اهم حصو سمجهي ٿو. سندس نظر ۾ مخالف جنس سان وابستگيءَ جا رجحان بلڪل فطري آهن. ان وابستگيءَ ۾ ”رائي الڪلي“ يعني عام مفاد کي دخل هئڻ گهرجي جنهن کي ”عفت“ چئي سگهجي ٿو. هو لکي ٿو:
”عورتن سان محبت جو غلبو بشرطيڪ اهو آپي مان ڪڍي ڇڏيندڙ نه هجي ۽ ان مان مقصد سماجي فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ چاڪ ۽ چست رهڻ ۽ سٺا انسان پيدا ڪرڻ هجي ته اها عفت آهي.“ (البدورالبازغه، ص: 31-30)
(4) سماحت:
وقار ۽ وجاهت قائم رکڻ لاءِ غرور ۽ فخر کان ڪم ورتو ويندو آهي، پر اهوئي اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي ظلم ۽ آپيشاهيءَ ۾ باهوڙجي پوڻ جو به سبب بڻبو آهي. تنهن ڪري شاهه صاحب جو خيال آهي ته، نه ايترو هلڪو ٿجي، جنهن سان انساني وقار کي هاڃو رسي، نه وري ايترو انتها کان ڪم وٺجي جو انسان يا ته مغرور محسوس ٿئي يا آپي مان نڪتل. تنهن ڪري ”سماحت“ مان سندس مراد فخر ۽ سٺين ڳالهين جو انساني وقار لاءِ اهڙو استعمال آهي، جيڪو معاشري ۽ انساني قدرن جي حدن ۾ رهي ڪري ڪيو وڃي جيئن لکي ٿو:
”فخر ۽ جائز ڳالهين کي جڏهن عام مفاد جي حدن ۾ رهندي استعمال ڪيو وڃي ته اها سماحت آهي.“
(5) فصاحت:
فصاحت ۽ بلاغت جي سلسلي ۾ به شاه صاحب ” رائي الڪلي“ کي نظر انداز نه ٿو ڪري. سندس خيال آهي ته:
”جڏهن آواز ۾ ”ظرافه“ (لطافت يا حسن) شامل ٿي پوندو آهي ته، اهو ”ڪلام“ آهي ۽ جڏهن ان ۾ رائي الڪلي (عام مفاد) ۽ ”تڪميل“ به شامل هوندي آهي ته ان کي ”فصاحت“ چئبو آهي. (البدورالبازغه، ص: 30)
(6) ديانت يا ذڪاوت:
(7) السمت الصالح:
”ديانت“ ۽ ”السمت الصالح“ ۾ به پاڻ ”رائي الڪلي“ (عام مفاد) کي نظرانداز نه ٿو فرمائي. انساني قلب، فهم ۽ شعور جو (ديانت يا السمت الصالح) سان تمام گهرو لاڳاپو آهي، جنهن سبب انساني ڪردار ۾ انهيءَ اخلاق جي صحيح اؤسر تي شاهه صاحب تمام گهڻو زور ڏئي ٿو. سندس خيال آهي ته، خيالن ۽ قلب تي ڪنٽرول ئي اهو بهترين طريقو آهي، جنهن جي صدقي انساني ڪردار ۾ هي ٻئي اخلاق چٽا ڏسجن ٿا.
هنن ستن اخلاق فاضله کان ٻئي مرحلي ۾ شاهه صاحب اخبات، سماحت، طهارت ۽ عدالت جي عنوان سان چئن ٻين اخلاقن تي بحث ڪيو آهي، جن کي ”اخلاق عاليه“ چئي سگهجي ٿو. جيڪي انهن ستن اخلاقن جون ترقي يافته شڪليون آهن ۽ جن کي اسلام پنهنجي انسان دوستي ۽ مفاد پرستيءَ جي فڪر ۽ عمل جو بنياد قرار ڏنو آهي.
اخلاق فاضله جي هن اجمالي تذڪري جو مقصد هتي هي هو ته، هيءَ ڳالهه چٽي ٿي وڃي ته شاهه ولي اللهؓ جي اخلاقي فلسفي جو بنياد انسان جون اهي امتيازي خاصيتون (رائي الڪلي، ظرافت ۽ تڪميل) آهن، جن کي بنياد بڻائي هو پنهنجي ڪردار جي بهترين تشڪيل ۽ جوڙجڪ ڪري سگهي ٿو.
نيڪي ۽ بديءَ جو تصور (البروالاثم)
هونئن ته نيڪي ۽ بديءَ جو ٿورو گهڻو تصور اخلاقيات جي عالمن بيان ڪيو آهي، پر جيڪا شيءِ شاهه صاحب کي ٻين عالمن کان ممتاز بنائي ٿي، اها سندس نيڪي ۽ بدي يا سٺائي يا برائيءَ جو هڪ جامع تصور آهي. پاڻ ”البر“ يعني نيڪيءَ جي وصف بيان ڪندي هيئن فرمائي ٿو:
”نيڪي هر ان عمل جو نالو آهي جيڪا:
١. ملاءُ الاعليٰ جي اطاعت سان ڪجي. (يعني چئن ڪمالن کي مڃيو وڃي)
٢. الاهي الهام کي قبول ڪندي ڪئي وڃي (يعني چئن شعائر جي پاسداري ڪجي)
٣. جنهن جو بدلو دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ملي. (يعني چئن اخلاقن جو لحاظ هجي)
٤. جنهن سان نفعي وارين تدبيرن جي اصلاح ٿئي ۽ سوسائٽي ترقي ڪري (يعني ارتفاقات جو نظام قائم ڪجي) ۽ جيڪا ڄاڻايل اصولن جي ماڻڻ ۾ آئڙجندڙ رڪاوٽن کي هٽائڻ جو ذريعو بڻجي. (حجة الله البالغه،ص: 39)
ان جي ابتڙ بدي يا ”اثم“ جي وصف وٽس هيءَ آهي ته هر اهو عمل جيڪو:
١. شيطاني هلچل سبب ڪجي.
٢. جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ۾ ملي.
٣. جنهن سان فائدي وارين تدبيرن ۾ خرابي ۽ ابتري پيدا ٿئي.
٤. جيڪا تباهي ڦهلائيندڙ هجي.
ڄڻ ته ملاءُ الا عليٰ، جزا ۽ سزا، ارتفاقات، رڪاوٽون پنهنجي جاءِ تي مستقل موضوع آهن، جن تي شاهه صاحب پنهنجي تصنيفن ۾ لاڀائتو بحث فرمايو آهي. تنهن هوندي به هيءَ دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته، شاهه صاحب انسان جي وجداني، نفسياتي، روحاني ۽ معاشرتي پهلوئن کي نيڪيءَ جي مٿي ڄاڻايل وصف ۾ سموئي ڇڏيو آهي.
(سنڌيڪار: عبدالمؤمن ميمڻ)
(سنڌ فورم، جنوري 2006ع)