بيٺڪيت جو سياسي نظام ۽ سست قومن جو تصور : ڊاڪٽر مبارڪ علي
جڏهن ڪنهن قوم جي باري ۾ چيو وڃي ته اها سست ۽ ڪاهل آهي ته ان مان اها مراد ورتي ويندي آهي ته ان قوم کي محنت سان محبت نه آهي، ڪم ڪرڻ جي خواهش نه آهي۽ ڪم ڪرڻ دوران ان ۾ توانائي، جوش ۽ جذبو نه آهي.
هتي هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪا پوري قوم فطري طور سست ۽ ڪاهل هوندي آهي يا چند طبقا؟ ۽ جيڪي طبقا سستي ۽ ڪاهلي جو شڪار ٿيندا آهن، ان جا سبب ڇا هوندا آهن؟ ڇا هي فطري طور سست پيدا ٿيندا آهن يا سماجي ۽ معاشرتي نظام انهن کي سست ڪري ڇڏيندو آهي؟ ظاهر آهي ته ڪا قوم يا ان جا سماجي ۽ معاشرتي طبقا پيدائشي طور سست ۽ نڪما نه هوندا آهن پر حالتون ۽ معاشرتي نظام انهن جي ڪردار، عادتن ۽ عمل جي تشڪيل ڪندو آهي. جاگيردارانه سماج ۾ جتي سڄي قوت ۽ طاقت هڪ طبقي وٽ جمع ٿي ويندي آهي ۽ ٻين ماڻهن کي فقط ايترو ملندو آهي جو هو مشڪل سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، ته اهڙي صورت ۾ محض پيٽ جي ڀرڻ لاءِ، انهن جي سموري توانائي صرف ٿي ويندي آهي، جيڪا انهن جي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي حالت ۾ انهن ماڻهن کي ڪم سان به ڪا دلچسپي نه رهندي آهي. اها ساڳي صورتحال ملن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جي هوندي آهي. هو جن شين کي پنهنجي هٿن سان ٺاهيندو آهي، انهن کي پنهنجي ڪتب آڻي نه سگهندو آهي. جنهن ڪري هن ۽ محنت جي وچ ۾ ويجهڙائپ پيدا ٿي نه سگهندي آهي، ۽ ڪم مان سندس دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي ۽ هو فقط هڪ مشين بنجي ويندو آهي، جيڪا ڪم ڪرڻ لاءِ حرڪت ڪندي آهي.
الاتاس، ”مقامي ماڻهو جي ڪهاوت“ ڪتاب (The myth of lazy native man-london 1982) ۾ هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته:
”ماڻهو فطري طور سست ۽ ڪاهل نه هوندو آهي، جڏهن هو پنهنجون بنيادي ضرورتون حاصل ڪري وٺندو آهي ته ان جي خواهش هوندي آهي ته هو اضافي شيون به حاصل ڪري ۽ تحفظ جي حال ۾ انهن مان لطف اندوز ٿئي. پر جيڪڏهن ڏاڍ جي مضبوط جڪڙ ان کان ان جي ڪمائي کسي وٺي ۽ ان جي بدلي ۾ کيس ڪجهه به نه ملي ته پوءِ هو سست ۽ ڪاهل ٿي پوندو آهي. هو فقط پنهنجون روزمره جون ضرورتون حاصل ڪندو آهي. اها بيحسي ايندڙ نسلن ۾ دائمي ٿي ويندي آهي. ان حد تائين جو اها انهن جي عادت بنجي ويندي آهي.“
هر ان معاشري ۾ جتي جسماني پورهيو ڪندڙن کي نفرت جي اک سان ڏٺو ويندو آهي، اتي هاري، هنرمند ۽ ڪاريگر جو سماجي مرتبو هيٺئين سطح تائين ڪري پوندو آهي ۽ ان کي ذات پات ۽ مورثي طور ڌنڌن ۾ ورهايو ويندو آهي، جيڪو نسل در نسل منتقل ٿيندو رهندو آهي. ان کان پوءِ انهن ذاتن ۽ ڌنڌن وارن لاءِ ترقي جا سڀ رستا بند ٿي ويندا آهن ۽ هو پنهنجي صلاحيتن باوجود به سماجي جوڙجڪ کان ٻاهر نه نڪري سگهندا آهن. ان ڪري جيڪڏهن معاشرو فردن کي سندن صلاحيتن آهر بامقصد ۽ ڪارائتو ڌنڌو نه ڏيندو، ته ان سماج ۾ بيڪار فرد ئي پيدا ٿيندا. رذال (Rizal) چيو آهي ته:
”سسستي پٺتي پيل هئڻ جي ڪري نه ٿيندي آهي پر اها خراب حالتن ۽ انتشار جو نتيجو هوندي آهي.“
يورپي قومن جڏهن ايشيا جي ملڪن کي پنهنجي بيٺڪيت بنايو ته ان وقت هتي جو معاشرو جاگيردارانه هو. ان معاشري ۾ حڪومت ۽ اقتدار جا مالڪ طبقا پنهنجي خدمت ۽ ذاتي ڪمن لاءِ لاتعداد ملازم ۽ خدمتگار رکندا هئا. انهن مان هر هڪ جي ذمي صرف هڪ مخصوص ڪم هوندو هو. هٿ سان ڪم ڪرڻ، وزن کڻڻ يا محنت ڪرڻ جاگيردار طبقي لاءِ صحيح نه سمجهيو ويندو هو. ان ڪري جيڪڏهن يورپي قومن ان مخصوص طبقي جي لاءِ اهو تاثر قائم ڪيو ته سست، ڪاهل، نڪما ۽ ڪم چور هئا ته اهو چوڻ ان حد تائين ته صحيح هو، پر اهو تاثر سڄي معاشري ۽ ٻين طبقن لاءِ درست نه هو. ڇو ته ٻيا طبقا جن ۾ هاري، هنرمند، دستڪار، ڪاريگر ۽ مزدور اچي وڃن ٿا، انهن کي پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ سخت محنت ۽ مزدوري ڪرڻي پوندي هئي. اهو سندن محنت جو نتيجو هو، جو انهن ماضي ۾ شاندار تخليقون ڪيون. جن جون يادگار عظيم عمارتون، خوبصورت شيون، نادر ۽ ناياب هٿ جي هنرن جا نمونا آهن، جيڪي دنيا جي عجائب گهرن ۾ اڄ به سندن محنت جي عظمت کي سلام ڪري رهيا آهن.
لاتاس فلپائن، ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ اسپين، برطانيه ۽ هالينڊ جي بيٺڪي نظام تي تبصرو ڪندي، ان مفروضي جو تاريخي ۽ سماجي نقطه نظر سان جائزو ورتو آهي. هن جو چوڻ آهي ته: جيئن بيٺڪيت جا ماڻهو ڪالونئيل ڪيپٽلزم (نوآبادياتي سرمائيداري) جي پيداواري نظام ۾ انهن لاءِ هٿيار طور استعمال نه ٿيا، ان ڪري هنن مقامي ماڻهن کي سست ۽ ڪاهل چوڻ شروع ڪيو. هنن جي نظر ۾ محنتي جو مطلب اهو هو ته انسان عظمت کان هيٺ ڪري نوآبادياتي سرمائيداري جي لاءِ ڪم ڪري، ان جي پيداوار ۾ اضافو ڪري. جڏهن انهن ان کان انڪار ڪيو ته ان ڏوهه جي نتيجي ۾ کين سست ۽ ڪاهل چيو ويو.
سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جو تصور هڪ اضافي تصور آهي، جيڪو يورپ جي قومن پنهنجي نقطه نگاهه کان پيش ڪيو. مثلن هندستان ۾ انگريزن هن خطي جي ماڻهن کي پنهنجي مخصوص انداز سان ڏٺو. جن قومن ساڻن مهاڏو اٽڪايو اهي ”شرپسند“ ۽ ”باغي“ سڏيا ويا. جن انگريزن جي پيداوار ۾ اضافي کان انڪار ڪيو، اهي ”نشئي“ ۽ ” ڪم چور“ ٿيا ۽ جن انهن جي اقتدار کي تسليم ڪري ورتو، اهي ”نرم مزاج“ جا قرار ڏنا ويا.
اهڙا ڪيئي مثال آهن ته جڏهن مقامي باشندن مغرب جي قومن جي مقصدن لاءِ ڪم نه ڪيو ته انهن مقامي ماڻهن جي جڳهه تي ٻين قومن جي ماڻهن کي بطور ٻيليءَ ۽ مزدور گهرايو. جيئن افريڪا ۽ غرب الهند جي ٻيٽن ۾ هندستان مان مزدورن کي وٺي ۽ اتي انهن کان هيٺئين درجي جا ڪم ڪرايا ويا. اهي مزدور اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور هئا جو انهن ملڪن ۾ سندن پاڙون نه هيون. انهن جي بقا ان ۾ هئي ته هو هر ڪم محنت سان ڪن.
آمريڪا ۾ شروعات ۾ يورپ جي آبادڪارن اها ڪوشش ڪئي ته هو مقامي ريڊ انڊين (امريڪا جي اصل رهواسين) کان پنهنجي ٻنين ۽ دڪانن تي ڪم ڪرائين پر جڏهن انهن مزاحمت ڪئي، تڏهن وڏي تعداد ۾ افريڪا مان غلامن کي آندو ويو ۽ انهن کان تشدد جي ذريعي ڪم ورتو ويو، ڇو ته انهن کي بحيثيت غلام ڪم ڪرڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي.
ملايا ۾ جتي هاري ٻنين ۾ ڪم ڪندو هو ۽ بچيل وقت ۾ ٻين ڪمن ۾ مصروف رهندو هو، ان هاري بيٺڪي نظام ۾ اقتدار جي مالڪن لاءِ سندن فيڪٽرين ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان سبب ڪري اهي هاري، انهن جي خيال ۾ سست هئا، تنهن ڪري هندستان مان مزدورن کي آندو ويو. بيٺڪيت جي نظام جي هڪ خاصيت اها رهي ته اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انهن سمورا اختيار پاڻ سنڀاليا ۽ مقامي ماڻهن کي فقط هٿيار طور استعمال ڪيو. اهڙي طرح جڏهن هڪ قوم جا سمورا اختيار کسيا وڃن ته ان جون ذهني ۽ تخليقي صلاحيتون پنهنجو پاڻ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن . ان کان سواءِ انهن پنهنجي اقتدار کي مضبوط رکڻ خاطر تشدد کان ڪم ورتو. هر قسم جي مزاحمت کي سختيءَ سان چٿي ڇڏيو ۽ ٿوري به شڪ پوڻ تي ماڻهن کي اذيتون ڏنيون. تنهن ڪري اهڙي ماحول ۾ مقامي ماڻهو ڊڄ ۽ خوف ۾ رهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري نه سگهيا.
حقيقت ۾ بيٺڪيت جي نظام ۾ سست ۽ ڪاهل طبقو انهن يورپين جو هو، جيڪي ان ملڪن ۾ حڪمران جي حيثيت سان آيا هئا. پنهنجي سماجي ۽ سياسي حيثيت مان فائدو وٺندي ان مغربي خاندانن پنهنجي ذاتي آسائش ۽ آرام خاطر اڻ ڳڻيا ملازم رکيا هئا، جيڪي سندن هر ضرورت کي پورو ڪندا هئا. حڪمرانن جي اها خواهش هوندي هئي ته ٻيا هنن جو ٻيلهپو ڏين ۽ جيڪڏهن ڪو انڪار ڪري ته هو ان کي سست ۽ ڪاهل جي لقب سان نوازين. مثلن هندستان ۾ هڪ يورپي خاندان جي خدمت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٥٧ ملازم ۽ خدمتگار هوندا هئا. جن ۾ خانسمان، بورچي، درزي، بيرا، مالهي، قلي، ڪوچ مين، ٽانڊي ٽوپي ڇنڊڻ وارا، چوڪيدار ۽ ڀنگي اچي وڃن ٿا. هڪ معمولي فوج جو ڪپتان جڏهن ڪنهن مهم تي روانو ٿيندو هو ته ان سان گڏ گهوڙي کي کرکڙو هڻندڙ، حجم، ڌوٻي ۽ ١٥ قلي، سامان کڻڻ لاءِ هوندا هئا.
ان ڪري سست ۽ ڪاهل مقامي ماڻهن جي چوڻي فقط بيٺڪيت جي استحصال لاءِ پيدا ڪئي وئي، نه ته جيڪا دولت انهن ڪالونين مان لٽ ڦر جي ذريعي يورپ ويندي رهي، اها هتي جي مقامي ماڻهن جي محنت ۽ مشقت جو نتيجو هوندي هئي.
(سنڌيڪار: عبدالستار ابڙو)
(سنڌ فورم، نومبر 1998ع)