تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

قرآن سمجهڻ ۾ فرقيوارانه تنگ نظري رڪاوٽ آهي : مولانا عبيدالله سنڌي

قرآن حڪيم جو معجزو هجڻ ته سڀني مسلمانن وٽ مڃيل آهي، پر قرآني اعجاز بابت هر گروهه جو پنهنجو پنهنجو نظريو آهي. فلسفي مزاج وارن اسلامي عالمن گهڻو اڳي قرآني اعجاز جي ان پهلوءَ کي جيڪو صرف عربي بلاغت سان ڳنڍيل آهي ڪنهن حد تائين اهميت ڪانه ڏني هئي. انهيءَ تي انهن جي مخالفن طرفان گهڻي ڏي وٺ به ٿي، پر جيڪڏهن انهن فلسفي مزاج اسلامي عالمن جي نظرين جي هيءَ توجيهه ڪئي وڃي ته عجمي قومون جيئن ته عربي بلاغت جي اعجاز کي ان جي معيار مطابق سمجهي نه پيون سگهن ان ڪري انهن لاءِ قرآن جي اعجاز جو معيار عربي بلاغت ئي پئي ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري اهي فلسفي مجبور هئا ته اعجاز جو معيار ڪنهن ٻي شيءِ ۾ ڳولين، جنهن سان کين مسئلي جو حل به نڪري ملي. عبدالرحيم خياط معتزلي عالم پنهنجي ڪتاب ”الانتصار“ ۾ لکي ٿو ته نظام جي راءِ هئي ته قرآن پنهنجي انداز بيان جي بنياد تي اعجاز جي حيثيت نه ٿو رکي، جيڪڏهن ماڻهو چاهين ته اهڙو انداز بيان پيش ڪري سگهن ٿا. ابوالعلاء معريٰ ته ان سلسلي ۾ هڪڙو نظريو ”الصرفه“ جي نالي سان پيش ڪيو آهي، جنهن جو مطلب هي آهي ته خدا تعاليٰ پاڻ انساني قوتن کي قرآن سان مقابلي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نه ته انسان اهڙو قرآن بنائي سگهن ها ۽ ”معجم الادباء“ ۾ ياقوت حمويءَ انهيءَ سلسلي ۾ نقل ڪيو آهي ته ابوالعلاء معريٰ جي نظر ۾ قرآن پنهنجي فصاحت ۾ اعجاز جو درجو نه ٿو رکي، نه ئي نبي ڪريم ﷺ لاءِ قرآن انهيءَ شڪل ۾ معجزو آهي. ڇو ته اهو ته هر فصيح ۽ بليغ جي سگهه مطابق آهي ته هو انهيءَ جهڙو قرآن آڻي سگهي، پر الله تعاليٰ انهن کي انهيءَ کان روڪي ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪري اهڙي نموني قرآن پنهنجي فصاحت جي لحاظ سان معجزو بنجي ويو آهي. ياقوت لکي ٿو ته اهل ڪلام ۽ شيعن جي هڪڙي جماعت به انهيءَ طرح جو عقيدو رکن ٿا، جن ۾ بشر المريسي ۽ مرتضيٰ ابوالقاسم خصوصي طور تي قابل ذڪر آهن.
بيشڪ قرآن مجيد جي اعجاز جا گهڻا ئي ڪارڻ آهن. انهيءَ جو انداز بيان ۽ فن بديع، گذريل ۽ اڳوڻين امتن جي حالتن جو بيان ۽ ان جون پيشن گوئيون ۽ ان جي بلاغت اهي سڀ ان جي مڙني اعجازن (معجزن) مان ڪجهه آهن پر قرآن مجيد جو اصل اعجاز (معجزو) ان جي تعليم ۽ انسانن جي هدايت جو اهو نظام آهي، جيڪو انهيءَ پيش ڪيو آهي. چئجي کڻي ته قرآن مجيد جي علمي ۽ عملي افاديت ئي ان جو سڀ کان وڏو معجزو آهي، جنهن مان هر ماڻهو پوءِ اهو عربي هجي يا عجمي، عام ماڻهو هجي يا عالم، فلسفي هجي يا سادي طبيعت وارو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ قرآن جي انهيءَ اعجاز کي سمجهي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن قرآن جو اعجاز صرف عربي ٻولي جي فصاحت ۽ بلاغت جو پابند ٿي وڃي ته انهيءَ صورت ۾ ڳڻ ڳڻين ۽ ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا ماڻهو قرآن جي اعجازي خوبين کان محروم رهجي ويندا. قرآن عظيم هڪ انقلابي نظام جي دعوت ڏئي ٿو. اهو انقلابي نظام بين الاقوامي ۽ سموري انسانيت تي مشتمل آهي. ايندڙ دنيا ۽ جڏهن به مسلمانن جي ڪا جماعت انهيءَ تي عمل ڪندي ته انهيءَ مان اهي ئي نتيجا پيدا ٿيندا جيڪي اسلامي تاريخ جي پهرئين دور يعني خلافت راشده ۾ دنيا وارن ڏٺا هئا. اهو قرآن جو اثر آهي.
مسيحي دنيا قرآن جي انهيءَ اثر بخشڻ واري صلاحيت کي عوام جي نظرن کان لڪائڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪندي اچي پئي. جيئن مثال طور مصر جي مشهور عيسائي مورخ ۽ مصنف جرجي زيدان لکيو آهي ته ”حضرت ابوبڪررضي الله ۽ حضرت عمر رضي الله جي خلافت جو نظام صرف اتفاقي ڳالهه هئي يعني گذريل زماني ۾ اسلام جي عظيم الشان انقلاب جو سبب قرآن جي تعليم نه هئي پر اتفاق سان ڪجهه فرد اهڙا پيدا ٿيا، جن هڪڙو دفعو ايئن ڪري ڏيکاريو پر اهو سدائين ايئن ٿئي اهو غلط آهي.“ انهيءَ کان سواءِ قرآن جي وڏن وڏن سماجي ۽ معاشرتي انقلابي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ ٻيا به حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. جن مان هلندڙ زماني ۾ هڪ حربو روايتي سيرت وارن جلسن جو نظام آهي. انهيءَ سان ماڻهن جو توجهه قرآن مجيد جي تعليم کان هٽي شخصيت پرستيءَ طرف لڙي وڃي ٿو ۽ هيئن سمجهيو وڃي ٿو ته اسلام جو سمورو تاثير قرآن بدران نبي ڪريم ﷺ جي بيمثال شخصيت ۾ لڪل آهي. جيڪڏهن آئنده به ڪا معجزاتي شخصيت ظاهر ٿي پوي ته ممڪن آهي ته اهو اثر ٻيهر پيدا ٿي سگهي. امام مهدي جو ظهور ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ جو عقيدو به اهڙي ذهنيت جو نتيجو آهي.
قرآن مجيد سموري انسانيت جي بنيادي فڪر جو ترجمان آهي. اهو بنيادي فڪر نه ڪڏهن بدليو آهي، نه ئي آئنده ڪڏهن بدلبو ۽ سڀني دينن، مذهبن ۽ فلسفين جو بنياد ۽ اصول اهو ئي فڪر آهي. انهيءَ بنيادي فڪر کي الله جي فطرت چئو، انهيءَ کي دين جو نالو ڏيو يا انهيءَ کي انساني ضمير سان تعبير ڪيو. انهيءَ انساني ضمير جي ترجماني انبياءَ، صالح (سڌارڪ) ۽ حڪيم (روشن فڪر دانشور) ڪندا آيا آهن. زماني سان هلندي هلندي اصل فڪر ۾ ٻاهران مغالطا شامل ٿيندا ويا ۽ وري وري نئين نذير ۽ بشير جي ضرورت پئي. قرآن مجيد انهيءَ بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر عالمگير، ازلي، ابدي ۽ لازوال آهي. قرآن ۾ بيشڪ انهيءَ فڪر جو لباس عربي آهي. پر لفظن ۽ ترتيبن ۾ جيڪي معنائون آهن اهي اهل نظر کان لڪل ڪونهن. خالص ۽ نج انسانيت جو قيام قرآن جو نصب العين آهي. انهيءَ ان ڳالهه جو رستو ڏيکاريو ۽ هڪ دفعو انهيءَ کي وجود ۾ آڻي ڏيکاريائين.
قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته ”شرع لکم من الدين مان وصيٰ به نوحا والذي اوحينا اليڪ وما وصينا به ابراهيم وموسيٰ وعيسيٰ ان اقيموالدين ولا تتفرقوا فيه-“ (ان توهان جي دين جو اهو رستو مقرر ڪيو آهي جنهن جي نوح کي وصيت ڪئي هئائين ۽ اي پيغمبر! جيڪا توکي وحي ڪئي آهي. اها ئي وحي ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي اسان ڪئي هئي. ۽ اها هيءَ ته هن دين کي قائم ڪيو ۽ ان ۾ تفرقو نه وجهو) حضرت مجاهد کان هن آيت جي تفسير ۾ روايت آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي محمد اسان توهان کي ۽ انهن کي هڪڙي ئي دين جي وصيت ڪئي آهي. قرآن جو هڪڙو ٻيو ارشاد آهي: ”وان هذه امتکم امته واحدة وانا ربکم فاتقون فتقطعوا امرهم بينهم زبرا کل حزب بما لديهم فرحون-“ (۽ هيءَ توهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ توهان جو رب آهيان ته توهان مون کان ڊڄو، پوءِ ماڻهن پاڻ ۾ فيٽارو وجهي پنهنجا پنهنجا دين جدا ڪيا، ۽ جيڪو جنهن وٽ آهي، اهو انهيءَ ۾ خوش آهي.) هڪ ٻئي جاءِ تي قرآن حڪيم فرمائي ٿو: ”لکل جعلنا منهم شرعه ومنهاجا“ (اسان توهان مان هر هڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ خاص رستو بڻايو) ابن عباس کان روايت آهي ته شريعت ۽ منهاج جي معنيٰ واٽ ۽ رستي جي آهي ۽ ٻئي هنڌ ارشاد آهي ته، ”لکل امت جعلنا منسکا....“ (اسان هر هڪ امت لاءِ عبادت جا طريقا مقرر ڪيا آهن ته اهي ان تي هلن) شاهه ولي الله انهن قرآن جي آيتن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ فرمائن ٿا ته معلوم هئڻ گهرجي ته دين اصل ۾ هڪ آهي، ۽ سمورا انبياء ڪرام عليهم الصلواة والسلام ان تي متفق آهن. سڀني جو اتفاق آهي ته خدا کي هڪ مڃيو وڃي ۽ ان جي عبادت ڪئي وڃي، ان کان هر قسم جي مدد گهري وڃي ۽ جيڪي ڳالهيون ان جي بارگاهه جي مناسب نه آهن انهن کان ان کي پاڪ مڃيو وڃي. هي مڃيو وڃي ته الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ان تي پنهنجو ڪتاب نازل فرمائي. هن تي به سڀئي متفق آهن ته قيامت حق آهي، مرڻ کان پوءِ زنده ٿيڻ حق آهي. اهڙي نموني سمورا انبياء ڪرام ”بر“ يعني نيڪيءَ جي اصولي قسمن تي متفق آهي ۽ مخصوص صورتن ۽ هيئتن، جن تي مختلف قسم جي نيڪين، فائديمند تدبيرن، معاش ۽ معاشرت جي سهولتن جو دارومدار آهي، ان جو نالو شريعت ۽ منهاج آهي. شاهه ولي الله صاحب لکي ٿو ته معلوم هجڻ گهرجي ته اهي اطاعتون ۽ عبادتون، جنهن جو حڪم الله تعاليٰ سڀني دينن ۽ مذهبن ۾ هڪ جهڙي نموني تي ڏنو آهي، اهي انساني نفسن ۾ خاص اثر پيدا ڪن ٿيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان انساني نفسن ۾ ڪشادگي ۽ فرحت ۽ انهن کي ڇڏي ڏيڻ سان تنگي ۽ مونجهه پيدا ٿئي ٿي. انبياءَ ڪرام جي شريعتن ۽ رستن وانگر انهن جي تلقين ڪيل عبادتن ۽ اطاعتن ۽ انهن جي ارڪان ۽ آداب ۾ به جيتوڻيڪ ظاهري طور اختلاف هوندو آهي پر انهن سڀني جو اصل روح هڪ هوندو آهي.
منهنجي نظر ۾ اسلامي تعليمات جو خلاصو قرآن جي هن آيت: ”هوالذي ارسل رسوله باالهديٰ ودين الحق ليظهره علي الدين کلھ ولو کره المشرڪون“ ۾ ڏنو ويو آهي. يعني قرآن جو اصلي مقصد سڀني دينن کان اعليٰ دين، سڀني فڪرن کان بلند تر فڪر يا سڀني کان بلند بين الاقوامي نظريو، جيڪو گهڻي کان گهڻي انسانيت تي لاڳو هجي پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي. هي دين ٻين دينن کي غلط نه ٿو ڪري بلڪ انهن سڀني جي بنيادي سچائين کي تسليم ڪري ٿو. ان جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ هي ٿيندو آيو آهي ته هڪ قوم هڪ مذهب کي اختيار ڪري ٿي ۽ جيئن جيئن زمانو گذري ٿو، اها دين کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱيندي وڃي ٿي. اهڙي طرح انساني دين قومي دين بڻجي وڃي ٿو. پر انهيءَ جي باوجود ان قوم جو ضد هجي ٿو ته ان جو دين ئي سڄي انسانيت جو دين آهي ۽ صرف سندن قوم ئي انسانيت جي علمبردار ۽ نمائنده آهي. بيشڪ شروع ۾ انهن جو دين انساني دين هوندو آهي ۽ ان ۾ هر رنگ ۽ هر نسل واري کي فائدو ملي ويندو آهي، پر آهستي آهستي انهن جو اهو دين قومي دين بڻجي ويندو آهي. ۽ پڇاڙيءَ ۾ ته نوبت اتي وڃي پهچندي آهي ته هر فرد هي سمجهڻ لڳندو آهي ته مان ۽ صرف مان ئي حق تي آهيان باقي ماڻهو سڀ گمراهه ۽ ڪافر آهن. پوءِ نتيجو هي نڪرندو آهي ته جيڪو دين سموري انسانيت کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ وارو بڻجي ايندو آهي، ان تي هڪ اهڙو وقت اچي ويندو آهي جو اهو انتهائي انتشار ۽ جهڳڙن جو سبب بڻجي ويندو آهي. قرآن مجيد جي نظر ۾ اهوئي ڪفر آهي. قرآن هي ڪيو ته انهن سڀني قومي مذهبن کي جيڪي انسانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا هئا، مردود قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هيءَ تلقين ڪيائين ته خدا جو سچو مذهب اهو آهي جيڪو خدا جي زياده ويجهو هجي ۽ خدا کي ويجهي هئڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته اهو فرقن ۽ قومن کان مٿي ٿي ڪري سموري انسانيت کي پنهنجي دامن ۾ سمائي وٺي. قرآن سڀني قومن، دينن ۽ مذهبن جي مرڪزي نقطن کي جيڪي سموري انسانيت تي لاڳو ٿي سگهن پيا، هڪ جاءِ تي ڪيو ۽ سڄي دنيا کي هيءَ دعوت ڏني ته صرف هيءُ هڪڙو بنياد آهي، جنهن تي صحيح انسانيت جي تعمير ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن يهودين جي قوم ۾ انهيءَ انسانيت جو فقدان آهي ته پوءِ توڙي کڻي هو پنهنجي منهن سان پاڻ کي ابناء الله ۽ احبائه (يعني خدا جو پٽ ۽ دوست) بنائين تڏهن به گمراهه آهن، جيڪڏهن عيسائي به انهيءَ معيار کان خالي آهن ته انهن جو ابن الله سڏائڻ به کين ڪنهن ڪم نه ايندو. اهڙي نموني مسلمانن تي به اهو حڪم لاڳو ٿي سگهي ٿو. قرآن هڪڙي ساهمي آهي، جنهن ۾ سڀئي توري سگهجن ٿا. يهودي، عيسائي، مسلمان جي هن ۾ ڪابه تميز ڪانهي. جيڪو سرهن جي داڻي جيترو به گهٽ ٿيندو ته ان جي پڇا ٿيندي. اصل دين اهوئي آهي، باقي سڀ ان جا ذريعا ۽ وسيلا آهن جن کي اصطلاح جي طور تي ”شريعتون ۽ رسمون“ چيو ويو آهي. اهي شريعتون ۽ رسمون اصل دين تائين پهچڻ جو ذريعو آهن. انهن جي وجود ۽ انهن جي فائديمند هجڻ کان انڪار ناهي. پر جيڪڏهن اهي شريعتون ۽ رسمون بي روح بڻجي وڃن ۽ انهن سان اهو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهي ته پوءِ انهن جي ڪابه معنيٰ نه ٿي رهي. قرآن مجيد انهن بي روح رسمن جي خلاف جهاد جي تلقين ڪري ٿو ۽ يهودين جي انهيءَ ظاهري دين داري تي ان سڀني کان زياده تنقيد ڪئي آهي. قرآن مجيد فطري دين جو علمبردار آهي. ان جي معنيٰ هيءَ آهي ته اهو اهڙي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا انسانيت جي صحيح فطرت جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سڄي انسان ذات جي فائدي لاءِ آهي. پر جيڪڏهن قرآن کي هڪ فرقي يا گروهه جو ڪتاب بڻايو وڃي ته پوءِ هي ثابت ڪرڻ ته ”اهو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ ان جون تعليمات سڀني لاءِ ۽ هر زماني لاءِ آهن“ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. ڇو ته قرآن جي عالمگيريت صرف هن بنياد تي آهي ته هو سموري انسانيت جو ڪتاب آهي.
بيشڪ قرآن مجيد جي تعليم جو نتيجو هڪڙي زماني ۾ ۽ هڪڙي خاص مظهر ۾ جلوه نما ٿيو، هاڻي ضروري ڪونهي ته ٻئي زماني ۾ به بعينه ساڳي صورت ۾ ظاهر ٿئي. جيڪو زمانو گذري ويو اهو وري واپس نه ايندو. جيڪو پاڻي وهي وڃي ٿو، اهو موٽندو ناهي. قرآن مجيد تي عمل ڪري خلافت راشده جي پهرئين دور ۾ اصحابن جيڪا حڪومت ٺاهي، هاڻي بلڪل ساڳي اهڙي حڪومت نه ٺهي سگهندي. يقينن خلافت راشده جي حڪومت قرآني حڪومت جو هڪ نمونو هئي. پر اهو نمونو ساڳيو جو ساڳيو هر دور ۾ منتقل نه ٿو ٿي سگهي. البت ان جي بنيادن ۽ اصولن تي قرآني حڪومت جو نئون نظام ٺهي سگهي ٿو. قرآن مجيد اڄ به پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ اجتهاد سان سمجهيو وڃي ۽ ان جي تعليم جي عالمگيريت جي جڙ معلوم ڪئي وڃي. نه ته جيڪڏهن قرآن فهميءَ جي حد صرف لفظن تائين رهي ۽ انساني فڪر جي گهرائين ۽ زماني جي ڦيرن کان قرآن پڙهڻ وارا اڻڄاڻ رهيا ته پوءِ نتيجو سمجهي سگهو ٿا.
مطلب ته قرآن جو اصلي مقصد عام انسانن جو سڌارو ۽ ترقي آهي. اهو سموري انسانيت کي انهن بنيادي اصولن ۽ مقصدن طرف موٽائڻ آيو هو. ان جو پيغام هي هو ته سڀ انسان هڪ آهن، رنگ، نسل ۽ قوم جو فرق حقيقي ناهي. ارشاد آهي ته ”يا ايهاالناس انا خلقناکم من ذڪر وانثيٰ وجعلناکم شعوبا وقبائل لتعارفوا ان اکرمکم عندالله اتقاکم.“ قرآن مجيد زندگيءَ جا اهي عالمگير ۽ نه بدلجندڙ اصول پيش ڪيا آهن، انهن کي جيڪڏهن غور سان سمجهجي ته ذهن انساني وحدت جي صحيح روح کي حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ بنياد تي اسلام شروع زماني ۾ قيصريت ۽ ڪسرويت کي، جيڪي ان وقت جبري استحصال جا بڇڙا نشان هئا، ختم ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو جنهن ۾ انساني برابري، هر هڪ سان انصاف ۽ ڀائپي بنيادي اصول هئا. قرآن جي سڀني تعليمن جو دارومدار انهن نيڪ عملن تي آهي. جيستائين اعليٰ نصب العين انسان جي سامهون متعين (مقرر) نه هجي ته ان مان صالح عملن جو ظاهر ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪري قرآن مجيد بار بار الله تي ايمان آڻڻ جو زور ڏنو آهي. يعني ايمان باالله نصب العين آهي ۽ عمومي انسانيت جي فلاح ۽ بهبود انهيءَ نصب العين کي عمل ۾ آڻڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي. جيڪڏهن بصيرت واري نظر سان ڏٺو وڃي ته ايمان بالله جو عقيدو انسانيت لاءِ هڪ اعليٰ نصب العين جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ بلند تصور ممڪن ڪونهي. الله جي تصور ۾ وحدت انسانيت ۽ وحدت ڪائنات سڀ اچي وڃن ٿا ۽ ذهن جي سامهون لامحدود آفاق ۽ بنا ڪنڌي جي ڪشادگيون حاصل ٿي وڃن ٿيون. الله جو صحيح تصور سڀني گهرائين کي پنهنجي اندر سموهي ورتو آهي ۽ ڪابه اهڙي بلندي ۽ وسعت ڪانهي جيڪا انهيءَ تصور کان بلند ۽ وسيع تر سوچي سگهجي. صحيح خدا پرستي اڳتي هلي لازمي طور انسان دوستيءَ جو سبب بڻجي ٿي. قرآن مجيد انهيءَ خدا پرستيءَ جي تعليم ڏئي ٿو. اهو چوي ٿو ته سڀني انسانن کي هڪ سمجهو ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي توهان کي ايمان آهي ته اها حق آهي، اها هر هڪ کي چئو ۽ وري وري ان کي ذهن نشين ڪرايو ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه ان جي دل ۾ نه ٿي اچي سگهي ته کيس نرميءَ سان سمجهايو (وجادلهم بالتي هي احسن) ۽ جيڪڏهن نرميءَ سان ڪم نه هلي ته رستي ۾ جيڪي غيرفطري رڪاوٽون آهن انهن کي طاقت سان هٽايو، ڇو ته اهي رڪاوٽون انسانن کي انهن جي صحيح انسانيت کان پري رکڻ جو سبب آهن. حق لاءِ جهاد جي اها ئي معنيٰ آهي. بيشڪ جهاد بڇڙن عملن جي خلاف هوندو آهي، پر حقيقت ۾ ان مان مقصد بڇڙائيءَ جي پاڙ پٽڻ آهي. بڇڙائي سان جنگ ڪرڻ سموري انسانيت جي سڀ کان وڏي خدمت آهي. اهوئي قرآن مجيد جو ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله آهي. هڪڙو عقيدو آهي ۽ ٻيو عمل. هڪڙو نصب العين آهي، ٻيو انهيءَ جو مسلڪ. اهي ٻئي لازم ملزوم آهن. جيڪڏهن هڪڙو ناقص هوندو ته ان جو مطلب هي ٿيو ته ٻئي ۾ به ڪجهه ڪمي آهي.
ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله انهن معنائن ۾ هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي هر فرد، هر جماعت، هر قوم، هر نظام ۽ قانون کي پرکي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪنهن به روءِ رعايت جي گنجائش ناهي. هڪ زماني ۾ مسلمان انهن ٻنهي خصلتن جا مالڪ هئا. تنهن ڪري قرآن مجيد انهن کي ”امت وسطا“ جو خطاب ڏنو. جيئن ارشاد آهي ته امتياز صرف هن بنياد تي هو ته اهي ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معنائن ۾ مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا هئا.

(سنڌ فورم، ڊسمبر 2000ع)