تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

انقلابين کي موت کان نه ڊڄڻ گهرجي : مهاتما گانڌي

هڪ ڏينهن آئون آزاديءَ جي شرطن تي نظر ڪري رهيو هوس ته آزادي ڪهڙي شرط سان حاصل ڪري سگهجي ٿي؟ منهنجي من ۾ صرف هڪ ۽ آخري ڳالهه آئي ته ان لاءِ هڪ شرط آهي: ” موت کان نه ڊڄڻ“ ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم موت کان ڊڄندي آهي سا آزادي هرگز نه ماڻي سگهندي آهي. پر جيڪڏهن اهڙي قوم کي آزادي ڪڏهن کڻي حاصل به ٿي هجي ته اها قوم ان جي حفاظت نه ڪري سگهندي آهي.
انگريز، پنهنجي زندگيءَ کي تريءَ تي کڻي گهمندا آهن. عرب ۽ افغان قوم وارا موت کي هڪ هلڪي ڦلڪي مرض کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ڏيندا آهن تنهن ڪري ته اهي پنهنجي ڪنهن پياري عزيز جي موت تي روڄ راڙو نه ڪندا آهن.
اهڙي طرح بوئر قوم جون عورتون موت ته ٺهيو پر موت کان ڊڄڻ جي معنيٰ به نه ڄاڻينديون آهن. بوئر قوم جون آزاديءَ جي لڙائي ۾ هزارين عورتون بيوه بنجي ويون، تڏهن به ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪيائون. نه پنهنجي مڙسن جي موت تي ڌاڙ گهوڙا ڪيائون ۽ نه وري پنهنجي اولاد جي موت تي روڄ راڙو ڪيائون. هو چونديون هيون ته خدانخواسته جيڪڏهن ملڪ ۽ وطن غلامي جي کڏ ۾ ڪري پيا ته پوءِ مڙسن ۽ پٽن جو ڪهڙو فائدو؟ انهيءَ کان هي بهتر نه آهي جو اسان پنهنجي اولاد کي غلامي جي ذلت واري زندگي ۾ زنده رهڻ بجاءِ انهن جي فاني جسم کي قربان ڪري انهن جي لافانيءَ ۽ جاوداني نالي کي زندهه رکون. انهيءَ ڪري ته اهي عورتون پنهنجي زندگي کي موت جي استقبال لاءِ خوشي خوشيءَ سان پيش ڪندي ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
آءٌ هي انهن شخصن جي باري ۾ چئي رهيو آهيان جن لڙائي ۾ حصو ورتو ۽ جام شهادت نوش فرمايو هاڻي انهن جا ڳڻ ڳايا ٿا وڃن ڇاڪاڻ ته اهڙن شخصن موت جي پرواهه نه ڪئي.
اهڙي طرح انهن شخصن بابت به ٻيو ڇا چوڻ گهرجي جيڪي ميدان ڪار زار ۾ شهيد نه ٿيا آهن پر پنهنجي زندگين کي موت جي آڏو هر وقت کليل دل ۽ کلندڙ چهرن سان پيش ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، بي شڪ اهي به تعريف جا لائق آهن. ۽ اُهي ئي زمين ۽ ڌرتيءَ جا نمڪ حلال آهن.
اسين هرگز آزادي نه ماڻي سگهنداسين جيستائين موت جي خوف کي هڪ طرف رکي ڇڏيون. اسان کي آزادي ايستائين حاصل نه ٿي سگهندي جيستائين اسان جا کوڙ جوان پنهنجي زندگين جي قرباني آزادي لاءِ نه ڏيندا. اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اسان جو ڪو ٻار يا ڪو نوجوان جڏهن مري ويندو آهي ته اسان کي پريشان ٿيڻ نه گهرجي. ڇا هيءَ دنيا ” اچڻ ۽ وڃڻ“ وارو مثال نه آهي؟ اهڙي ڪابه گهڙي نه ٿي گذري جنهن ۾ ڪيترائي روح هن دنيا ۾ اچن ٿا ۽ ڪيترائي وڃن ٿا. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اهڙي بيوقوفيءَ کان پاڻ بچايون، جو ڪنهن ٻار جي ڄمڻ تي بي حد خوشيءَ جو اظهار ڪريون ۽ ڪنهن قريب جي فوتيءَ تي بي انتها غم ۽ ماتم ڪريون. هندن، مسلمانن، نصارن ۽ مجوسين ۾ اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن کي روح جي دائمي ۽ غير فاني هجڻ جو يقين نه آهي؟هر ڪنهن کي پڪ آهي ته روح ڪڏهن به نه مرندو آهي، بلڪه اهو جسماني موت کان بعد به ائين زندهه رهندو آهي جيئن جسماني زندگيءَ ۾ زنده هوندو آهي. رڳو اهو روح هڪڙي حالت کان ٻي حالت ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو آهي. حالتن کي اسان موت ۽ زندگيءَ جي نالي سان تعبير ڪندا رهندا آهيون. تعمير ۽ تخريب، تخليق ۽ مٽجڻ جو وارو، واري واري سان ايندو رهندو آهي، جيئن دنيا ۾ اسان جي سامهون هر وقت مشاهدي ۾ آهي. انهيءَ ۾ اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي جنهن جي ڪري اسان کي خوشي يا غمگين ٿيڻ گهرجي.
اسان کي ڪجهه سوچڻ گهرجي ته جنهن وطن ۾ اسين زندگي گذاري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ اهو وطن اسان جو هڪ خانداني گهر آهي ۽ ان جا رهاڪو اسان جا قريب ۽ رشتيدار آهن، انهيءَ وطن ۾ هر روز ڪيترا ڄمن ٿا ۽ ڪيترا مرن ٿا پوءِ اسين جيڪڏهن هر ايندڙ ۽ هر ويندڙ شخص جي ڄمڻ ۽ مرڻ تي هر روز ويٺا خوشيءَ جو اظهار ۽ غم جو نماءُ ڪريون ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو! سڄي عمر اهڙين حالتن ۾ اسان جي چپن تان تبسم ختم ٿي ويندو يا وري اسان جي اکين مان ڳوڙها بند ٿي سگهندا؟
اسان کي ڪجهه سوچ کان ڪم وٺي موت جو خطرو دل مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ مشهور آهي ته هندستان فلاسفرن ۽ سمجهدار ماڻهن جو ملڪ آهي. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته اسان کي ان ڳالهه تي خوش ٿيڻ گهرجي، مگر ان جي باوجود اسان سڀني قومن کان وڌيڪ موت کان ڊڄي رهيا آهيون، ” جيڪا ڳالهه اسان ۾ نه هئڻ گهرجي“. ان جو ثبوت هي آهي ته اسان ڪنهن ٻار جي ڄمڻ وقت خوشيءَ جي اظهار ۾ حد کان وڌي ويندا آهيون ۽ ڪنهن ماڻهوءَ جي وفات تي غم ۾ اعتدال واري حد کي لتاڙي ويندا آهيون، جو پنهنجي روڄ ۽ راڙي سان پاڙيسرين جي ننڊ ۽ آرام حرام ڪري ڇڏيندا آهيون.
تنهن ڪري جيڪڏهن حقيقت ۾ اسان کي آزادي درڪار آهي ۽ ان کي اهڙي حالت ۾ رکڻ چاهيون ٿا جو دنيا ۾ فخر ڪري سگهون ته اسان کي پنهنجي دلين مان موت جي خوف جي پاڙ پٽڻي پوندي.
پوءِ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته پوءِ جيل يا قيد ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪو شخص موت جي پرواهه نه ڪندو اهو جيل کان ڪيئن ڊڄندو؟ اسان کان جي آزادي پري رهي آهي، هن وقت تائين حاصل نه ٿي سگهي آهي تنهن جو سبب رڳو هي آهي ته اسان موت جي تياري بلڪل ڪانه ڪئي آهي يا هن ڪري جو انهن مصيبتن برداشت ڪرڻ جي تياري نه ڪئي آهي جيڪي موت کان به گهٽ آهن.
جيئن جيئن آزادي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ انهن معصوم ديس واسين جو تعداد وڌندو ويندو جيڪي آزادي ۽ حصول لاءِ موت کي مرحبا چون ٿا تيئن تيئن انهن جي قربانيءَ جي تڪليف آسان ٿيندي ويندي. ڇاڪاڻ ته جيڪا مصيبت صبر ۽ خوشي سان برداشت ڪبي آهي، حقيقت ۾ اها مصيبت نه رهندي آهي بلڪه اها اڃان پاڻ وڏي خوشي بنجي ويندي آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو شخص ڪنهن مصيبت کان ڀڄڻ جي ڪندو آهي اهو شخص مصيبت جي اچڻ کان اڳ مصيبتن جي اهڙي زنجير ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي، جنهن جون ڪڙيون اڻ کٽ هونديون آهن، اهڙي حالت ۾ اهو شخص پنهنجي گهٽ ۾ گهٽ اڌ زندگي وڃائي ويهندو آهي.
اهو شخص جيڪو ايندڙ مصيبتن کي مردانه وار خوشيءَ سان منهن ڏيندو آهي اهو هر مصيبت کان بچي ويندو آهي.
آئون هي مقالو هن ڪري لکي رهيو آهيان جو منهنجي دل ۾ هي ڳالهه چڀي ته جيڪڏهن اسان کي هن سال جي اندر ئي اندر آزادي حاصل ڪرڻي آهي ته بي شڪ اسان کي موت جي منهن ۾ بيهي اکيون اکين ۾ ملائڻيون آهن. ڇاڪاڻ ته وقت اچڻ کان اڳ تياري ڪرڻ وارو انسان گهڻين مصيبتن کان بچي ويندو آهي. تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي موت جي اوچتي اچڻ کان اڳ ئي ان سان انس پيدا ڪري ڇڏيون ته جيئن اسان کي ان جي آڏو ڀڄڻو يا سست نه ٿيڻو پوي.
آءٌ تاڪيد ڪريان ٿو ته عدم تعاون وارو عمل ئي صرف اسان جي ڪاميابيءَ جو ضامن آهي. ڪابه حڪومت ۽ ڪابه طاقت اسان کي ڪاميابيءَ کان محروم نه ٿي ڪري سگهي يا وري ڪنهن ٻي آزمائش ۽ امتحان ۾ وجهي نٿي سگهي. البته اسان تي واجب آهي ته اسين هر ايندڙ مصيبت ۽ وقت لاءِ تياري ڪري ڇڏيون . ڇاڪاڻ ته اسان جي خلاف مادي قوت پنهنجن زورن تي انڌي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي. ممڪن آهي ته حڪومت انهيءَ مادي قوت جي نشي ۾ اسان جي خلاف اهي عمل صادر ڪري جنهن کان اسان بلڪل بي خبر ۽ غير منتظر هجون.
ان ڪري آءُ چاهيان ٿو ته منهنجا ديس واسي موت جي ملاقات يا قيدو بند جي هر مصيبت لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪري ڇڏين.
پهلوان ۽ بهادر انسان عزت جو موت مرندو آهي ۽ اهڙي موت ۾ خوشي ۽ فرحَت محسوس ڪندو آهي. کيس هيءَ پرواهه نه هوندي آهي ته موت ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿو نازل ٿئي. بهرحال موت جي تياري ۽ ان سان انس پيدا ڪرڻ ۾ غفلت شعار نه بنجڻ گهرجي.
”پرامن عدم تعاون واري تحريڪ جنهن جي تڪليف کي برداشت ڪري رهيا آهيون ان ۾ بدنظميءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي.“
اسين نه ٿا چاهيون ته بي عزتي جي موت مرون. يا ڪنهن غير شريفانه ڪم جي ڪري قيد ٿي وڃون. جيڪڏهن اسان جي تقدير ۾ آريءَ ۾ چيرجڻ مقدر آهي ته اها اسان کي انتهائي، خوشيءَ سان قبول آهي مگر ان تي چڙهنداسين ته پهلوان وانگر پاڪدامن ٿي چڙهنداسين ۽ موجوده فرنگي حڪومت جي قانونن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏينداسين.

(هي مقالو تاريخ 15 مئي 1923ع تي ”الجامعه“ (عربي) ڪلڪتي ۾ شايع ٿيو هو.)

(سنڌيڪار: حفيظ الله ” آزاد“)
(سنڌ فورم، ڊسمبر 1999ع)