تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

اسلامي سيڪيولرزم (هڪ بحث) : سڪندر علي عباسي

فڪر ۽ علم جي دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مقام به ايندا آهن، جو ڪن خاص تصورات کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙا اصطلاح استعمال ڪرڻا پئجي وڃن ٿا، جيڪي Paradoxical يعني ظاهري طور ٽڪراءَ ۽ تضاد رکندڙ هوندا آهن، پر ٿوري غور ۽ فڪر سان اهي بلڪل صحيح سمجهه ۾ ايندا آهن. ڪجهه سال اڳ منهنجي نظر مان هڪ ڪتاب گذريو، جنهن جو ٽائيٽل به ڪجهه اهڙي ظاهري ابتڙائپ رکندڙ هو. ڪتاب هو: ‘Thank God, I am an atheist’ يعني، ”شڪر خدا جو ته مان دهريو آهيان.“ (يعني دهريي هجڻ تي خدا جو شڪر) ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر رڊولف براسڪ (Dr. R. Brasch) ارڙهن ڪتابن جو مصنف هو. هو نه رڳو خدا پرست هو، پر سندس تعارف جي حوالي سان ڪتاب جي پهرئين صفحي تي هن لاءِ ٻڌايل آهي ته، ”هو دنيا جي سمورن مذهبن جي پيروڪارن ۾ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ ۾ سخت ويساهه رکندڙ هو. ڪتاب جو ٽائيٽل پنهنجي ظاهر ۾ جيتري ابتڙائپ رکي ٿو، اوترو پنهنجي معنويت جي لحاظ کان فڪر ۽ خيال کي مهميز ڏيندڙ (Thought Provoking) آهي. هن ڪتاب جي تعارفي پيش لفظ ۾ مصنف لکي ٿو ته:
”هن ڪتاب ۾ دهرين ۽ اگنان- وادين (يعني خدا جي باري ۾ ٻڏتر جو شڪار ماڻهن) کي اهو معلوم ٿي ويندو ته اسان جي جديد تهذيب ڪيتري حد تائين مذهب جي احسانمند آهي ۽ ”خدا تي ويساهه“ سندن زندگيءَ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻئي طرف ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب جو عنوان يعني ”شڪر خدا جو ته مان دهريو آهيان.“ مذهبي ماڻهن کي پهرين نظر وجهڻ تي ڇرڪائي ڇڏي. پر ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اُهي ان کي ضرور ساراهيندا.
بلڪ اها ئي ڳالهه ”اسلامي سيڪيولرازم“ واري بظاهر ٽڪرائجندڙ اصطلاح لاءِ به چئي سگهجي ٿي.
ممڪن آهي ته، انهن دوستن کي پڻ سيڪيولرازم جو ”اسلامي“ هجڻ نه رڳو ”ٻن ابتڙن جي يڪجائي“ محسوس ٿي هجي، جيڪي هڪ خاص معنيٰ ۾ ترقي پسند چورائڻ جي بجاءِ فخريه انداز ۾ پاڻ کي ”بنياد پرست“ Fundamentalist چون ٿا، ڇو ته انهن جي نظر ۾ سيڪيولرازم جي معنيٰ ئي ”لادينيت“ هجي ٿي. پر ان کان وڌيڪ غير علمي ڳالهه اها ٿيندي جو سيڪيولرازم جو ترجمو ئي ”لادينيت“ ڪيو وڃي. مان نه ئي سيڪيولرازم کي لادينيت سمجهان ٿو ۽ نه ئي اسلام کي ڪو تاريڪ خيال قسم جو مذهب. جيڪڏهن مغرب وارن جي سرمائيداراڻي سيڪيولرازم جو وجود ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اشتراڪي دنيا جو ڪو سيڪيولرازم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪو ٻيو سيڪيولرازم به ٿي سگهي ٿو. سيڪيولرازم کي ”لادينيت“ سان بريڪيٽ ڪرڻ وارن جو قلم جيڪڏهن تعصب ۽ علمي خيانت جي مَسُ (Ink) ۾ ٻڏل نه هجي ته اهو Encylopaedia Americana کي مرتب ڪندڙن جي قلم جيان هيئن به لکي ٿو ته:
‘Secularism does not maintain that there is no other good but the good of the present life.’ (Vol. 24, P521)
مطلب واضح آهي: يعني سيڪيولرازم هڪ اهڙو نظريو نه آهي، جيڪو اها راءِ رکندو هجي ته موجود زندگي جي بهتري ۽ ڀلائيءَ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي خير (Good) جو وجود نه آهي. سيڪيولرازم جو زور صرف ان ڳالهه تي هجي ٿو ته مادي ۽ دنياوي قانونن جي روشنيءَ ۾ انسان جي مادي ۽ موجوده زندگيءَ لاءِ اهڙا قائدا ۽ قانون دريافت ڪجن، بلڪ اهڙا مادي حالات پيدا ڪيا وڃن، جن سان فردن جي زندگي محرومي ۽ افلاس جو شڪار نه ٿئي. ها ايئن ضرور آهي ته هي نظريو پنهنجا سماجي ۽ اخلاقي اصول مرتب ڪرڻ وقت خالص سائنسي اپروچ اختيار ڪرڻ تي زور ڀري ٿو ۽ ان حوالي سان اهو پاڻ کي الهامي مذهبن کان الڳ رکي ٿو. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته، دنيا جو ڪو اهڙو فلسفو يا نظريو جيڪو الهامي هجڻ جو مدعي هجڻ سان گڏ دنياوي معاملات کي ٺيڪ رکڻ لاءِ فڪر، شعور ۽ سائنسي اپروچ ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ زور ڀريندڙ پڻ هجي ۽ پنهنجي پيروڪارن کي دنياوي زندگي (Worldly Life) ۽ ان جي سماجي پاسن کي سمجهڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ خالص عقل ۽ شعور کان ڪم وٺڻ جي ڳالهه ڪندو هجي، تنهن کي رد ڪري ڇڏجي. سيڪيولرازم ڪنهن به اهڙي روشن خيال ۽ مادي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ واري الهامي نظريي جو مخالف ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته، بقول سبط حسن جي:
”سيڪيولرازم ڪنهن گندي ذهن جي ڪنهن اهڙي گندي منصوبي جو نالو نه آهي، جيڪو اسان جي سماجي ۽ اخلاقي زندگيءَ جون پاڙون پٽڻ جو مقصد رکندو هجي يا جيڪو ملڪ اندر ڪنهن خلفشار ۽ ابتري پيدا ڪرڻ جي سازش ڪندو هجي، بلڪ ان جي ابتڙ هي هڪ ترقي ۽ آزاديءَ جهڙن انساني آدرشن جو اتساهه رکندڙ روشن خيال سماجي فلسفو آهي. اهو ڪائنات ۽ ان جي ارتقائي قانونن کي سمجهڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش جو نالو آهي. هن کي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن ۽ عقيدن ڏانهن عقلي اپروچ سمجهڻ گهرجي.“ (Battle of Ideas in Pakistan P.9)
سبط حسن پنهنجي مذڪوره انگريزي ڪتاب ۾ سيڪيولرازم جي وڌيڪ تشريح ڪندي لکي ٿو ته:
”سيڪيولرازم انساني ذهن کي هر قسم جي بندشن ۽ ٻنڌڻن کان آزادي عطا ڪري ٿو. اهو هڪ فرد جي ان حق کي برقرار رکي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ سچ جي تلاش ڪري ۽ ڪنهن به ڳالهه جي تصديق يا ترديد هو پنهنجي ذاتي روشنيءَ سان ڪري ۽ بغير ڪنهن دٻاءَ يا ڌؤنس جي ڪري. سيڪيولرازم نه رڳو سائنسي قانونن ۽ دريافتن ڏانهن زبردست جهڪاءُ رکي ٿو، پر زندگيءَ جي سڀني مسئلن ڏانهن سائنسي رويو اختيار ڪرڻ تي وڏو زور ڏئي ٿو تنهن ڪري هي ڪو ماٺيڻو متو يا نظريو (Passive Doctrine) نه آهي، پر فڪر ۽ عمل جو هڪ متحرڪ نظام آهي، جنهن جو مکيه مقصد انسان کي مدي خارج عقيدن ۽ اعمالن جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ آهي.“ (P.10)
سبط حسن صاحب ”سيڪيولرازم“ جو هي تعارف پنهنجي طور تي نه ٿو ڪرائي، پر اُهي سيڪيولر فلاسفر جن سڀ کان پهريائين سيڪيولرازم کي هڪ نظريي جي طور تي دنيا آڏو پيش ڪيو، مثلاً: جارج جيڪب هولي اوڪ جنهن 1840ع ۾ ان فڪر کي ”سيڪيولرازم“ جو نالو ڏنو، جنهن پنهنجي ”سيڪيولر نظريي (Doctrine) کي جن پنجن نڪتن تي مشتمل رکيو آهي. اُهي نڪتا هي آهن:
1- سائنس (علم): انسان جو سچو رهنما.
2- عقلي ۽ مادي بنياد رکندڙ اخلاقيات.
3- عقل ۽ شعور جي اٿارٽي.
4- فڪر ۽ اظهار خيال جي آزادي....
5- انساني زندگيءَ جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ تي فڪر ۽ عمل جو ارتڪاز...
(حوالي لاءِ ڏسو سبط حسن جي مذڪوره ڪتاب جو صفحو 9)
”سيڪيولر ڊاڪٽرائين“ جي انهن پنجن نڪتن کي سامهون رکندي ۽ ان کان پوءِ جناب سبط حسن جي سيڪيولرازم جي تشريح کي آڏو آڻيندي جڏهن اسين خالص قرآن جي تعليم کي ڏسون ٿا ته، اسان کي اُتي اهڙي قسم جو سيڪيولرازم نظر اچي ٿو جيڪو:
الف- علم ۽ سائنس جي روشنيءَ ۾ انسان جي اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
ب- عقل ۽ شعور جي اٿارٽيءَ کي تسليم ڪري ٿو.
ت- فڪر ۽ اظهارِ خيال جي آزادي عطا ڪري ٿو.
ث- انسان جي دنياوي زندگي (Secular Life) کي بهتر بنائڻ تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو.
پيغمبر اسلام جو حجازي انقلاب پنهنجي مزاج (Nature) ۽ رنگ روپ جي حوالي سان ايترو ته ”دنياوي قسم“ جو انقلاب هو جو هڪ جرمن مفڪر Deussen جيڪو فلسفي ۽ سنسڪرت جو وڏو عالم هو، تنهن اسلام کي هڪ مذهب تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته:
‘It should not be called a religion, because it asserts the reality of life and World and Sanctifies human instincts and desires.’
”اسلام کي هڪ مذهب نه سمجهڻ گهرجي، ڇو ته هي دنيا ۽ دنياوي زندگيءَ جي حقيقت تي زور ڏئي ٿو ۽ انساني جبلتن ۽ خواهشن کي جائز قرار ڏئي ٿو. (حوالي لاءِ ڏسو خليفه عبدالحڪيم جو ڪتاب Islamic Ideology, P221)
اهوئي سبب آهي جو جڏهن ‘The 100’ جو مصنف مائيڪل ايڇ هارٽ پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگيءَ متعلق ڪتاب جي پهرئين باب ۾ هو پيغمبر اسلام لاءِ هي لفظ لکي ٿو ته:
‘….. He was the only man in history who was supremely successful on both religious and secular level.’ (p33)
يعني پاڻ سڳورا ﷺ تاريخ جي واحد شخصيت آهن، جيڪي مذهبي ۽ سيڪيولر سطح تي تمام گهڻو ڪامياب ٿيا ۽ مون ڄاڻي واڻي ‘Secular Level’ جو ترجمو سيڪيولر سطح ڪيو آهي. اهي علمي ” لال بجهڪڙ“ جيڪي سيڪيولرازم جو ترجمو ”لادينيت“ ڪن ٿا، اُهي ٻڌائين ته اهو ڪهڙو ”سيڪيولرازم“ هو جنهن تي مائيڪل ايڇ هارٽ کي پاڻ سڳورا ﷺ ڪامياب نظر اچن ٿا. پاڪستان جو مشهور بنياد پرست عالم ڊاڪٽر اسرار احمد صاحب، 1986ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”استحڪام پاڪستان“ ۾ مائيڪل ايڇ هارٽ جي انهن لفظن جو ترجمو ڪندي لکيو آهي ته:
”پاڻ سڳورا نسل انساني جي واحد شخصيت هئا، جيڪي هڪ ئي وقت مذهب ۽ سياست جي ٻنهي ميدانن ۾ انتهائي ڪامياب ويا.“ (ص 32)
يعني، ”سيڪيولر ليول“ جو مطلب ٿيو ته سياسي ميدان، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر اسرار احمد صاحب جهڙا بنياد پرست مذهب ۽ سياست کي الڳ الڳ ميدانن ۾ ورهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ۽ پنهنجي بنياد پرستي واري مذهبي سياست جي هلڙبازي ۾ سيڪيولرازم کي بدنام ڪندي ان کي ”لادينيت“ ئي مشهور ڪندا آهن، پر مائيڪل هارٽ جي لفظن جو ترجمو ڪندي مجبوراً ”سيڪيولر“ جو ترجمو سياسي ڪيو ويو، ڇو ته ڳالهه حضور ﷺ جي ذات جي حوالي سان هئي.
خير هيءَ ڳالهه بهرحال ثابت ٿي وئي ته، پيغمبر اسلامﷺ جي برپا ڪيل انقلاب ۽ ان جي نظرياتي بنيادن ۾ سيڪيولر روين جو وڏو عمل دخل هو. Deussen کي ته اسلام اندر ”مذهبيت“ نالي ڪا شيءِ نظر ئي نه ٿي اچي ۽ مائيڪل هارٽ کي وري اسلام ۽ پيغمبر اسلام اندر فڪر و عمل جون ٻئي سطحون يعني رليجس ليول ۽ سيڪيولر ليول نظر اچن ٿيون؛ ان مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ بي تعصب ۽ علم دوست ماڻهوءَ لاءِ هيءَ ڳالهه واضح ٿي وڃڻ گهرجي ته اهي مغربي مفڪر جن مذهب ۽ سيڪيولرازم جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو آهي ۽ جيڪي سيڪيولرازم جي لغوي معنيٰ ۽ مفهوم کي اسان کان بهتر طور تي سمجهي سگهن ٿا، اهي اسلام کي ان جي عملي ۽ انقلابي مزاج جي حوالي سان ڇا ٿا سمجهن.
اهو عجيب الميو آهي جو علمي اصطلاحن کي بدنام ڪرڻ يا خوش نام بنائڻ ۾ جهالت ۽ تعصب جو اڍنگو مظاهرو ڪندي جيترو اسان مشرق وارا اڳتي آهيون، اوترو شايد ئي ڪو ٻيو هجي. بنياد پرستن سان گڏ اسان جا ترقي پسند پڻ حيرت ۾ ٻڏل آهن ته، سيڪيولرازم ”وري اسلامي ڪيئن ٿيو؟“ اهي ترقي پسند دوست جن کي سوشلزم کي ڪيترن ئي قسمن جهڙوڪ اسڪينڊينوين سوشلزم، فيبين سوشلزم، بالشويڪزم، مارڪسزم، پرولتاري سوشلزم، روس جو بالشويڪي سوشلزم، چين جو سوشلزم (مائوزم) جي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائين ٿا. کين سوشلزم جا اهي سڀ قسم منظور آهن، پر اعتراض انهن کي صرف اسلام جي سوشلزم ۽ سيڪيولرازم تي آهي. شايد هو به ٻين وانگر ماسڪو ۽ بيجنگ جي ”نظرياتي دائرن“ جي تقليد کان ٻاهر سوچ ۽ فڪر کي ”گناهه ۽ ڪفر“ سان تعبير ڪن ٿا.
انهن ترقي پسند دوستن کي آمريڪا جو ٻن پارٽين تي مشتمل سياسي نظام به جمهوري نظر اچي ٿو، ان سان گڏ کين آئيني بادشاهت جي ڇٽيءَ هيٺ قائم ٿيل برطانيا جي سياسي سيٽ اپ ۾ به جمهوريت نظر اچي ٿي ايستائين جو انهن کي روس يا چين جو ”پرولتاري آمريت“ جي نالي تي قائم ٿيل سياسي نظام به، ”سوشل ڊيموڪريسي“ جي طور تي قبول آهي، پر اعتراض انهن کي صرف اسلامي جمهوريت جي اصطلاح تي آهي.
اهڙيءَ طرح انهن پاران اسلامي سيڪيولرازم جي اصطلاح تي به اعتراض ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو بدقسمتيءَ سان سيڪيولرازم کي ان جي اصلي معنيٰ ۽ مفهوم کان الڳ ڪري ڏٺو پيو وڃي. مغرب جي سيڪيولر مفڪرن جي علمي ۽ سائنسي روين آڏو جيئن ته يورپ جي مذهبي پيشوائيت (Cleargy) پنهنجي جاهلاڻي عقيدن جي حوالن سان رڪاوٽ ٿي پيد اڪئي، انهيءَ ڪري اُتي سيڪيولرازم ۽ مذهب جو ٽڪراءُ ٿيو، جنهن ۾ مذهبي پيشوائيت جي هٺ ڌرميءَ کي پسپائي ملي ۽ سيڪيولرازم پنهنجي سائنسي ۽ عقلي روين سبب سوڀارو ٿيو. اسلام پنهنجي قرآني متن جي حوالي سان، مغرب جي مذهبي پيشوائيت ۽ انهن جي بگڙيل مذهبي تعليمات جي مقابلي ۾ سيڪيولرازم جي سائنسي، علمي، عقلي ۽ دنياوي زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بنائڻ وارن آدرشن جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿو، ڇو ته اسلام پنهنجي مزاج ۾ صرف پوڄا پاٽ ۽ اخروي زندگيءَ تي زور ڏيندڙ مذهب نه آهي، بلڪ اهو هڪ اهڙو دين آهي، جيڪو انسان جي سيڪيولر ليول تي رهنمائي ڪري ٿو ۽ دنياوي زندگيءَ جي مادي ۽ موجود مسئلن (Immediate Problems) کي حل ڪرڻ لاءِ فڪر ۽ شعور کان ڪم وٺڻ جي تعليم ڏئي ٿو. خالص علمي ۽ عقلي راءِ قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اقبال جي لفظن ۾ هو ايئن چوي ٿو:
جب تک نہ ہو سہل تجھ پہ زمین کی ہنگامی
بُری ہے مستیءِ اندیشہ ہاءِ افلاکی۔
يعني، ”اي انسان جيستائين تو پنهنجي زمين جي هنگامن کي پنهنجي لاءِ آسان نه بنايو آهي، دنياوي زندگيءَ جا مسئلا حل نه ڪيا آهن، تيستائين تنهنجي آسماني عقيدن ۽ انديشن جي مستي بيڪار ئي نه پر خطرناڪ پڻ آهي.“ جرمن فلاسفر نيطشي (Nietzsche) مذهبن کي ٻن خانن ۾ ورهايو آهي. هڪڙا اهي جيڪي مادي ۽ دنياوي زندگيءَ جو انڪار ڪن ٿا ۽ ان جي مسئلن کان منهن موڙي صرف ”انديشه هاءِ افلاڪي“ ۾ مست رهن ٿا. ٻيا اهي جيڪي دنياوي زندگي (Secular Life) کي مثبت موٽ ڏين ٿا ۽ ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي عقلي ۽ عملي ڪوشش وٺن ٿا. اسلام جو فڪر ۽ فلسفو سيڪيولر لائيف کي هاڪاري موٽ ڏيڻ وارو فلسفو آهي. بدقسمتيءَ سان ارڙهين، اڻويهين صديءَ جي سيڪيولرازم واري تحريڪ جو واسطو يورپ جي بگڙيل مسيحيت سان پيو. انهيءَ صديءَ جي اسلامي دنيا ۾ به بگڙيل مذهبيت جو راڄ هيو. جنهن ڪري سيڪيولرازم ۽ ٻين روشن خيال ۽ ترقي پسند تحريڪن کي ”مذهبي حلقن“ کان معقول ۽ علمي موٽي نه ملي، جنهن ڪري ترقي پسند فڪر جا ماڻهو مذهبن جي بنياد پرستيءَ جا ڪٽر مخالف ٿي پيا. پر ان حوالي سان عيسائيت ۽ اسلام جي اصلي تعليمات ۾ ڀيٽ ڪرڻ گهرجي. اسلام جو قرآن ۽ سنت مسلمانن جي عمومي بنياد پرستي ۽ تاريڪ خياليءَ جي تائيد ڪندي نظر نٿو اچي. جڏهن ته مسيحيت جو مروج بائبل وارو متن پادرين جي بنياد پرستي ۽ تاريڪ خياليءَ جي تائيد ڪندي نظر اچي ٿو. منهنجي ان نقطه نظر جي تائيد ڪندي ”بائبل، قرآن ۽ سائنس“ جو فرانسيسي مصنف Maurice Bucaille لکي ٿو ته:
‘The Quran deals with many subjects of interst to science, far more in fact than the Bible.’ (P-13)
يعني، قرآن ۾ بائبل جي ڀيٽ ۾ سائنسي دلچسپيءَ جا مضامين گهڻي قدر زير بحث آيل آهن. مذڪوره مصنف اڳتي لکي ٿو ته، بائبل ۾ ”اول ته ٿوري مقدار ۾ سائنسي سوغات سان بحث ٿيل آهي ۽ اهو به اهڙو جو ثابت ٿيل سائنسي حقيقتن بابت بائبل جو ٽڪراءُ ثابت ٿئي ٿو، جڏهن ته قرآن ۾ سائنسي موضوعات سان گهڻي قدر بحث ٿيل آهي ۽ سڀ جا سڀ بحث واقعي به سائنسي نوعيت جا آهن.“ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، قرآني متن واري اسلام جو سيڪيولر ۽ سائنسي فڪر ڪنهن به صورت ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جو مخالف نه آهي.
مون مٿي جيڪي بحث ڪيو آهي، ان مان اهو نتيجو مرتب ٿئي ٿو ته، مسيحي پادرين جي سائنس دشمني ۽ تاريڪ خياليءَ جو سرچشمو خود ”بائبل“ هيو، جڏهن ته اسلامي ملان جي تاريڪ خياليءَ جو بنياد ان غير قرآني تعليمات تي بيٺل هو، جيڪي اسلام دشمن ردِ انقلاب مذهبي قوتن انتهائي منافقانه طور تي (تشريحن ۽ حاشين جي نالي ۾) مسلمانن ۽ اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيون. جنهن کان پوءِ اسلام جو علم پرور ۽ عقلي انقلاب روبه زوال ٿيڻ لڳو. عالم اسلام بعد ۾ جنهن تاريڪ خيالي ۽ بنياد پرستيءَ ۾ مبتلا نظر اچي ٿو، تنهن جو ذميوار ”قرآني متن“ وارو اسلام نه آهي، پر عيسائي مشنريز ۽ سياستدانن انتهائي چالاڪيءَ سان اها پروپيگنڊا شروع ڪئي ته مسلمان انهيءَ ڪري جمود ۽ تنزل جو شڪار آهن ڇاڪاڻ ته انهن جو اسلام ئي اهڙو آهي جيڪا ڳالهه حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. گهٽ ۾ گهٽ قرآني متن وارو اسلام ان الزام کان پاڪ آهي. ملائيت جو اسلام، قرآني متن واري اسلام جو ائنٽي ٿيسز يعني (Flagrant negation of it) کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته، سيڪيولرازم سائنس، (علم) عقل ۽ شعور جي فروغ، فڪر ۽ اظهارِ خيال جي آزادي ۽ دنياوي زندگيءَ جي بهتريءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. اچو ته ڏسون ته قرآني متن واري اسلام ۽ پيغمبر اسلام جي فڪري ۽ عملي زندگيءَ ۾ سيڪيولرازم جون اهي خصوصيتون موجود آهن يا نه. جي آهن ته پوءِ ”اسلامي سيڪيولرازم“ به هڪ علمي سچائي آهي، جنهن کان ترقي پسنديءَ جي شوق ۾ ۽ بنياد پرستيءَ جي جنون ۾ انڪار نه ڪرڻ گهرجي.
اسين ڏسون ٿا ته، عيسائيت وٽ مروج بائبل (ڪتاب مقدس) جو پهريون باب ”ڪتاب پيدائش“ اسان کي ٻڌائي ٿو ته، ”انسان کي نيڪ ۽ بد جي ڄاڻ واري وڻ (Tree of Knowledge of Good and Evil) جي ميوي کائڻ کان جهليو ويو هو. پر انسان ان ”علم جي وڻ“ جو ميوو کاڌو، جنهن سان سندس زوال شروع ٿيو. قرآن جو نقطه نظر ان کان بلڪل مختلف آهي. قرآن جو چوڻ آهي ته، انسان کي ”علم الاشياءَ“ (شين جو علم) عطا ڪيو ويو ۽ ان علم جي ئي بنياد تي کيس ڌرتيءَ جي خلافت عطا ڪئي وئي.
هاڻي ظاهر آهي ته، جڏهن بگڙيل مسيحيت جو Biblec version پهرئين ئي مرحلي تي شين جي خوبي ۽ خرابي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري علم جي وڻ جي ميوو کائڻ کان منع ڪندو هجي، تنهن سان تجربي ۽ مشاهدي واري سائنسي علم جو گذارو ڪيئن ممڪن ٿي پئي سگهيو. اهوئي سبب آهي جو مسيحيت يورپ کي Dark Age کان سواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهي، جڏهن ته اسلام پنهنجي آغاز ۾ ئي علمي ترقيءَ جو پيشرو (Vanguard) ثابت ٿيو. رابرٽ بريفالٽ جو ڪتاب ”مئڪنگ آف هيومنٽي“ ۽ ايم اين راءِ جو ڪتاب ”هسٽاريڪل رول آف اسلام“ اهو ئي ڪجهه ٻڌائين ٿا.
قرآن پنهنجي آغاز ۾ ئي اهو ٻڌائي ٿو ته، انسان کي علم عطا ڪيو ويو. يعني علم حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ڏني وئي. انسان حواسن ۽ نتيجا اخذ ڪرڻ واري فڪري ۽ عقلي صلاحيت سان نوازيل آهي. قرآن اعلان ڪري ٿو ته، علم رکندڙ ۽ علم نه رکندڙ ٻئي برابر ٿي نه ٿا سگهن، بلڪل ايئن جيئن انڌو ۽ اکين وارو ڪابه برابري نه ٿا رکن. قرآن اهو به ٻڌائي ٿو ته، اهي ماڻهو جهنم رسيد ڪيا ويندا، جيڪي دل ۽ دماغ کان ڪم نه ٿا وٺن. (لايفقهون بها) اکين هوندي به ڏسن نٿا (لايبصرون بها) ۽ ڪنن هوندي به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. (لايسمعون بها) يعني پنهنجي حواسن کي استعمال نه ٿا ڪن ۽ نه غور فڪر کان ڪم وٺن ٿا. اهي حيوانن کان به بدتر غفلت جو شڪار آهن. (الاعراف 179)
ٻئي هنڌ سورة السبا ۾ قرآن پنهنجي پيروڪارن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته، اسين توهان کي صرف هڪ ڳالهه جي نصيحت ڪريون ٿا (اعظڪم بواحده) ۽ اُها اِها ته الله تعاليٰ جي عظيم مقصد جي تڪميل لاءِ اُٿي کڙا ٿيو. ٻه ٻه ٿي يا هڪ هڪ ٿي ۽ پوءِ فڪر ڪرڻ شروع ڪيو. (ثم تتفڪروا) يعني، ڪائنات جي فطري مظاهر ۽ انساني زندگيءَ جي سماجي سٽاءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ شروع ڪيو.
قرآن جنهن شيءِ کي فڪر چوي ٿو ته، ان جو مطلب شين ۽ لقائن (Phenomena) جي اندر گهرائيءَ ۾ وڃي سوچڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو پاڻ سڳورا هيءَ دعا به گهرندا هئا ته:
”اللهم ارني حقائق الاشياءَ ڪما هي“
”اي الله مون کي شين جي حقيقتن کان ايئن واقف ڪر جيئن اُهي اصل ۾ آهن.“
سائنس شين جي ”ڪما هي“ مطالعي جو نالو ئي ته آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته، پيغمبر اسلام ۽ قرآن مادي شين، فطري مظاهر ۽ انساني سماج تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ سڀني حواسن کي استعمال ڪندي پنهنجي علم ۾ اضافي آڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. ٻئي هنڌ قرآن ۾ اسان کي هيءَ تعليم به ملي ٿي ته:
”بغير علم جي ڪنهن به ڳالهه تي نه بيهو. بيشڪ! اوهان جي حواسن يعني ٻڌڻ ۽ ڏسڻ واري صلاحيت ۽ توهان جي دل دماغ کان پڇيو ويندو. (الاسراءَ 36)
يعني، علم اُهو جيڪو حواسن ۽ فهم فراست جي بنياد تي هجي ٿو، انهيءَ علم کي نئين دور جي اصطلاح ۾ Scientific Knowledge چيو وڃي ٿو. مان نه ٿو سمجهان ته، جديد دور جو سيڪيولرازم هن کان وڌيڪ سائنسي علم تي زور ڏيندو هجي. قرآن حڪيم ته ”عالم“ ئي انهن کي سڏي ٿو جيڪي فطرت جي مظاهر ۽ انساني سماج جو علم رکن ٿا. مثلاً هي آيت ڏسو:
”ڇا تو ان ڳالهه تي غور ڪيو ته، ڪيئن مينهن وسي ٿو ۽ پوءِ ڪيئن اسان جو قانون فطرت زمين ۾ مختلف رنگن جا ميوا پيدا ڪري ٿو ۽ ڪهڙيءَ طرح پهاڙن جا مختلف رنگن وارا ٽِڪڙا آهن، ڪي سفيد، ڪي ڳاڙها ۽ ڪي بلڪل ئي ڪارا ۽ اهڙيءَ طرح انسانن، جانورن ۽ مختلف چوپاين جا مختلف رنگ آهن. انهن ڳالهين تي غور و فڪر ڪندڙ ٻانها ئي عالم هوندا آهن ۽ اهڙن ئي علم وارن ٻانهن جي دل ۾ خدا جي ڪبريائي جي هيبت ويهي ٿي. (مفهوم سورت فاطر آيت 26-27)
مٿين آيت جي مفهوم مان واضح آهي ته، علماءَ اُهي آهن جيڪي فطرت جي مظاهر جو علم رکن ٿا ۽ جن کي اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ سائنسدان چيو وڃي ٿو.
قرآن حڪيم پنهنجي عبارتن کي ئي آيات نه ٿو سڏي، پر خود ڪائنات جي مختلف مظاهر کي به آيات سڏي ٿو. سورة حم سجده جي هيءَ آيت غور لائق آهي:
”جلد ئي اسان پنهنجون آيتون ماڻهن کي آفاق (Horizons) ۾ ۽ خود ماڻهن جي نفس ۾ ڏيکارينداسين.“
”آيات في الافاق“ جو اشارو خارجي ڪائنات جي مظاهر طرف آهي. يعني ڪائنات بذات خود هڪ ڪتاب آهي جنهن ۾ موجود هر خارجي (آفاقي) ۽ داخلي (نفسي) مظهر آيتن جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. سائنسدان انهن آيتن جا عالم آهن. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته فطرت جي خارجي ۽ داخلي مطالعي ۾ سائنسي اپروچ اختيار ڪرڻ جي تائيد ۾ قرآن اڃا ٻيو ڪهڙو اسلوب بيان اختيار ڪندو.
جيستائين عقل ۽ شعور ذريعي دنياوي زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو تعلق آهي ته، قرآن ان ڏس ۾ به صاف اعلان ڪري ٿو ته، بدترين مخلوق اها آهي جيڪا انڌي ٻوڙي ٿي زندگي گذاري ٿي ۽ عقل کان ڪم نه ٿي وٺي. (الانفال 22) نه رڳو ايترو پر ايئن به چيو ويو ته جيڪو عقل کان ڪم نه وٺندو الله تعاليٰ ان تي رجس يعني فڪري ناپاڪي مسلط ڪري ڇڏي ٿو. (يونس 100) قرآن حڪيم حڪمت ۽ دانائي (Wisdom) کي ”خير ڪثير“ سڏي ٿو. (سورة البقره) عقلي ۽ مادي بنياد رکندڙ سماجي سٽاءُ ۽ اخلاقيات جي حوالي سان به قرآن حڪيم وٽ پنهنجو هڪ سيڪيولرازم آهي. قرآن حڪيم ٻڌائي ٿو ته، هر اها شيءِ جيڪا ڌرتيءَ تي انسانذات کي نفعو ڏئي ٿي سا قائم رهڻ گهرجي. (الرعد 17)
پيغمبر اسلام جي هڪ ٻي حديث مبارڪ به مشهور آهي ته، هر اها ڳالهه جيڪا انسان کي نفعو ڏئي ٿي سا خير آهي، پوءِ اهو انسان جو ڪو قول هجي يا ان جو ڪو عمل. اسلام ڪنهن به شيءِ جي بري يا ڀلي هجڻ لاءِ اها ڪسوٽي مقرر ڪري ٿو ته، اهو ڏٺو وڃي ته اُها شيءِ ماڻهن لاءِ آساني پيدا ڪري ٿي يا نه؟ ۽ ان سان ماڻهن کي مسرت يا خوشي ميسر ٿئي ٿي يا نه، (هتي اها ڳالهه پڻ ذهنن ۾ رکڻ گهرجي ته اسلام انسانذات لاءِ خوشيءَ ۽ مسرت جا دائمي ۽ اجتماعي تصورات ڏئي ٿو.) تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ مبتلا ڪرڻ واري ڳالهه کي اسلام Evil سڏي ٿو ۽ آساني ۽ مسرت سان همنڪار ڪندڙ ڳالهه کي اسلام Good قرار ڏئي ٿو. ان کان وڌيڪ اخلاقيات جا مادي ۽ عقلي بنياد ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.
هاڻي اچون ٿا فڪر ۽ اظهارِ خيال جي آزاديءَ واري سيڪيولر سوچ جي طرف. قرآني متن وارو اسلام ان حوالي سان به مڪمل طور تي سيڪيولرازم جو علمبردار نظر اچي ٿو. جديد دور جا سيڪيولر معاشرا نظري طور تي ته فڪر ۽ ان جي اظهار جي آزاديءَ جا حامي هجن ٿا، پر عملي طور تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اُهي ان آزاديءَ کي ڪجهه نه ڪجهه پابند به ضرور رکن ٿا. ڪميونسٽ معاشرا ان حوالي سان ته ڪا گهڻي سٺي شهرت به نه ٿا رکن. قرآن حڪيم ان حوالي سان بدڪلامي ۽ بدزباني واري اظهار جي آزادي نه ٿو ڏئي ۽ نڪي بدتهذيبي ۽ ڇڙواڳيءَ جي اجازت ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾ ٻين انسانن جي دل آزاريءَ ۽ انسان ذات جي تخليقي مقصدن جي خاتمي جو امڪان موجود هجي ٿو. ها البته، معقول، مدلل ۽ فضيلت ڀرئي انداز سان هر قسم جي اختلاف راءِ جي اظهار لاءِ قرآن حڪيم انسان کي آزاد ڇڏيو آهي. قرآن حڪيم ”شرڪ“ کي ظلم قرار ڏنو آهي. پر قرآن پنهنجي حاڪميت واري معاشري اندر ببانگ دهل اعلان ڪري ٿو ته، (لااڪراه في الدين) دين ۾ ڪابه ڏاڍائي ناهي. اسلام پنهنجي سيڪيولرازم جي حوالي سان پنهنجي دائري کان ٻاهر رهڻ وارن نانِ مسلم کي عقيدي ۽ فڪر جي مڪمل آزادي عطا ڪرڻ سان گڏ اِهو پڻ اعلان ڪري ٿو ته، هر اهو غيرمسلم جيڪو خدا پرستي ۽ نيڪوڪاري واري زندگي گذاري ٿو، سو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏهن به غم ناڪ ۽ اجر کان محروم نه رهندو. ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم جي لفظن ۾: ”قرآن واضح ۽ قطعي طور تي نجات ۽ سچائيءَ تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ وارن سمورن نظرين جي ترديد ڪري ٿو. نجات ۽ سلامتي هتي يا هُتي (دنيا ۽آ خرت) صرف ان لاءِ مخصوص آهي، جيڪو خدا جي آڏو جهڪي ٿو ۽ نيڪ اعمال ڪري ٿو. قرآن جي نظر ۾ مذهب جا بنياد بس اِهي آهن.“ (اسلامڪ آئڊيولوجي- تعارف)
ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته اسلام هڪ خاص نموني تي سماج جي جوڙجڪ ڪري ٿو ۽ پنهنجون ڪي ريتون رسمون به جوڙي ٿو. پر هو انهن ماڻهن جي زندگيءَ کي به مڪمل مڃتا ڏئي ٿو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري اُن جي دائري کان ٻاهر هوندي به مذهب جي بنيادي ڳالهين يعني خدا پرستي ۽ نيڪوڪاري تي ڪاربند آهن. (ص 13)
ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب سورة بقره جي آيت 62 جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته، بيشڪ مؤمن، ۽ اهي يهودي، نصاريٰ ۽ صابئين جيڪي الله تي ايمان رکڻ سان گڏ نيڪ ڪم ڪن ٿا، تن کي خدا جي طرفان ضرور اجر ملڻو آهي. ”لاخوف عليهم ولاهم يحزون“ انهن کي ڪنهن به خوف ۽ حُزن ۾ مبتلا نه ڪيو ويندو.
مٿئين بحث مان اهو ڀليءَ ڀت واضح ٿيو ته اسلام دنياوي زندگي (Secular Life) کي اهميت ڏيڻ جي حوالي سان به مڪمل طور تي سيڪيولر رويو رکي ٿو. هو پنهنجي پيروڪار کي ”اٰتنا في الدنيا حسنه“ جي دعا سيکاري ٿو ۽ ان جي لازمي نتيجي طور ”وفي الآخر حسنة“ جي آفاقي تصور ڏيڻ سان دنياوي زندگيءَ کي وڌيڪ بامقصد بنائي ڇڏي ٿو. هڪ سيڪيولر تحريڪ جي طور تي اسلام جو آدرش اهو قطعي نه آهي ته هر فرد خود غرضيءَ جو مظاهرو ڪندي صرف پنهنجي ذاتي دنيا کي حسين بنائي. بلڪه اسلام جي آڏو اجتماعي دنيا جي خوبي آهي. اسلام دنيا کي آخرت جي کيتي ۽ پُل (Bridge) سڏي ٿو. اسلام معيشت جي تنگي، بک ۽ دنياوي خوف کي قانون فطرت ۽ قانونِ اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جو نتيجو قرار ڏ ئي ٿو. جيئن فرمايو: دنيا جا انڌا آخرت ۾ به انڌا ئي رهجي ويندا. (الاسراءَ 72) اسلام دنياوي امن کي هڪ صحتمند انساني معاشري جي لاءِ بيحد اهم قرار ڏئي ٿو. ان لاءِ هو قومي، سياسي ۽ مذهبي شاونزم جي بنياد تي بالادستي، استحصال ۽ مسلح جارحيت جي مذمت ڪري ٿو. اسلام دنياوي زندگي اندر ڪنهن به باضابطه ملائيت (Priest Class) جو قطعي حامي نه آهي. ان ڪري Theocracy کي قائم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي اسلام تائيد نه ٿو ڪري سگهي.

(سنڌ فورم، جنوري 2006ع)