تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪري تحريرون

(آفاقي افڪار ۽ انساني سوچ ۽ ڏاهپ جي تاريخي تسلسل مان چونڊيل شاهڪار مضمون)
علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ موجوده بحران ڪٿان شروع ٿيو؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهيءَ تناظر ۾ ڪهڙا حل آهن جيڪي بحران يا ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا؟ هيستائين جيڪو به قومي سطح تي نقصان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ڇا اصلاح احوال جي گنجائش باقي آهي يا اسان واقعي وقت وڃائي چڪا آهيون؟ ۽ ڇا هينئر صورتحال واقعي اسان جي هٿ وس آهي ئي ڪونه، يا هينئر به ويل وئي ڪونهي؟
Title Cover of book فڪري تحريرون

قرآني اقتصاديات جا اصول: محمد انس راڄپر

انسانيت جي تاريخ ۾ دين اسلام انساني سماجن ۽ ان جي معاشرتي جوڙجڪ ۾ انقلابي تبديليون آڻيندڙ هڪ دين آهي، جنهن تاريخ ۾ پنهنجا بهترين نقش ڇڏيا آهن. جنهن جي ذريعي عرب جي پهاڙي ۽ صحرائي علائقن جي جاهل ۽ قبائلي ماڻهن هڪ اهڙو سماج قائم ڪيو جنهن جو هن کان اڳ انساني تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ان دين جو بنياد قرآن جي تعليم آهي. قرآني تعليم سڀ کان پهريائين انسان کي سندس مقام جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي ۽ کيس خود غرضين ۽ مفاد پرستين جي گهٽيا قسم جي عملن کان مٿاهون بڻائي ان کي سندس مقصد جي طرف گامزن ڪري ٿي. قرآني تعليم انسان کي انفرادي ۽ ذاتي مقام کان ڪڍي اجتماعي مقام تي آڻي بيهاري ٿي. قرآن انسان کي اهو سيکاري ٿو ته سڀ انسان هڪ جسم جي عضون جي مثال آهن. ان طرح قرآن جي تعليم جو بنيادي مقصد هڪ اهڙو سماج قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ سمورا انسان هڪ جسم جي عضون جيان هڪ ٻئي جو ڏک سور محسوس ڪن ۽ ان جو مقصد هڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ آهي جيڪا مڪمل عوامي ۽ فلاحي هجي. مطلب ته ماڻهو پاڻ ۾ هڪ جسم جي عضون جيان بڻجي هڪ ٻئي جي تعاون سان پنهنجو پاڻ ۾ ذميواريون تقسيم ڪري هڪ ٻئي جي گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. اهڙو معاشرو جنهن ۾ ڪابه شيءِ ذاتي نه هجي. مال، دولت ۽ پئداواري ذريعا ته ذاتي نه هجن پر خود ماڻهوءَ جو پنهنجو جسم به پنهنجو ذاتي نه هجي. قرآني پروگرام کي قبول ڪندڙ هر مؤمن لاءِ خدا فرمايو آهي ته ان الله اشتريٰ من المؤمنين انفسهم واموالهم بان لهم الجنته (خدا انهن کان سندن مال ۽ جان جنت جي عيوض خريد ڪري ورتي آهي.) مطلب ته قرآني معاشري ۾ ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال سوڌو خدا جو يعني خدا جي مخلوق لاءِ هوندو آهي. جڏهن هڪڙو ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال سوڌو خدا جي مخلوق جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندو آهي ته ان جي ثمر ۾ پاڻ به شريڪ هوندو ڇاڪاڻ ته پاڻ به مخلوق ۾ داخل آهي. ان طرح جڏهن هر ماڻهو معاشري لاءِ ڪم ڪندو ته سندس ضرورتون پڻ ان جي ضمن ۾ ازخود پوريون ٿينديون وينديون ۽ جنهن معاشري ۾ ماڻهن جون ضرورتون پنهنجو پاڻ پوريون ٿينديون وڃن ته جنت به ان کي چئبو آهي. قرآن چيو آهي ته يوثرون عليٰ انفسهم لو ڪان بهم خصاصه. (مؤمن هر ڳالهه ۾ پنهنجي مٿان ٻين کي ترجيح ڏيندو آهي ڀلي ان ۾ سندس نقصان ڇو نه هجي.) مطلب ته قرآن جو پڙهايل، سيکاريل، سنواريل ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪندو آهي اهو رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه بلڪ اجتماعي معاشري لاءِ، ڇو ته مؤمن سمجهي ٿو ته وڻ جون جڏهن ٽاريون سڪنديون آهن ته انهن ٽارين کي پاڻي ڏيڻ سان اهي سايون نه ٿينديون آهن، بلڪ بنياد يعني تڙ کي پاڻي ڏيڻ سان اهي سايون ٿينديون آهن، بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ فرد جي خوشحالي معاشري جي خوشحاليءَ کان سواءِ ممڪن نه آهي. مٿين تشريح موجب انسان جڏهن ته آهي ئي خدا جو، ان جي جان ۽ ان جو مال سڀ ڪجهه خدا جو، ان جون عملي ۽ ذهني صلاحيتون به خدا جون ته پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اتفاق سان پنهنجي ذهني ۽ اعصابي صلاحيتن جي زياده هجڻ جي ڪري وڌيڪ دولت ڪمائي سگهي ٿو ته اها دولت به سندس جي نه چئبي. ڇو ته خدا جي عطا ڪيل محنت ۽ عمل جي صلاحيتن سان هن اها دولت حاصل ڪئي آهي، ان ڪري اها دولت خدا جي آهي ۽ هي ماڻهو ان دولت مان ضرورت جيترو حصو کڻي باقي معاشري کي ضرورتن پٽاندڙ برابريءَ جي بنياد تي هلائيندڙ اداري فلاحي رياست (State) جي حوالي ڪري ته جيئن سندس دولت مان گهٽ صلاحيتن وارن ماڻهن جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهجي. (جيڪڏهن اهڙو مثالي ادارو يا State موجود نه هجي ته ان صورت ۾ ان پروگرام کي برپا ڪرڻ لاءِ سچائيءَ، ڏاهپ ۽ نظم و ضبط سان جدوجهد ۽ جهاد ڪندڙ تنظيم يا پارٽيءَ لاءِ بچت دولت وقف ڪجي.) ان مان ثابت ٿيو ته سرمائيدار دولت جي لاءِ جيڪو هي بهانو ڳوليندو آهي ته اها دولت منهنجي صلاحيتن جي پيداوار آهي، ان ڪري مون کي حلال آهي، سو به غلط آهي. سرمائيدار جي ان ذهن جو ذڪر قرآن به ڪيو آهي، ته سرمائيدار چوندو آهي ته انما اوتيته عليٰ علم عندي. يعني اها دولت مون پنهنجي قابليت جي آڌار تي حاصل ڪئي آهي. ان بنياد تي خدا قرآن فرمايو آهي ته ”اسباب پيداوار: زمين، بارش، هوا، پاڻي، باهه اُس وغيره سڀ منهنجا آهن.“ تون صرف ان جو استعمال ڪرين ٿو ان ڪري ان ۾ محنت ڪري تون دولت حاصل ڪرين ٿو ته ٺيڪ آهي، تون پنهنجي محنت جيترو حصو کڻ! ڇو ته تون مؤمن ڪونه آهين! خدا جي عبديت کان سرڪشي اختيار ڪندڙ آهين. نه ته تنهنجي محنت ۽ قابليت به ته خدا جي آهي، ۽ باقي خدا جي ڏنل اسباب ذرائع جو حصو خدا جي مخلوق کي ڏي. ان ڪري خدا قرآن ۾ هي قانون ڏنو ته وفي اموالهم حق للسائل والمحروم (انهن جي مال ۾ ضرورتمندن ۽ محرومن جو حق آهي.) اهو مٿيون جواب سرمائيدار جي ان دعويٰ ته ”مون دولت پنهنجي قابليت سان حاصل ڪئي آهي.“ جو تسليمي جواب آهي، ڇاڪاڻ ته سرمائيدار فقط پنهنجي محنت سان ايتري دولت ڪمائي ئي نه ٿو سگهي. ظاهر آهي ته هڪڙي سماج ۾ جڏهن سندس جهڙا ٻيا ماڻهو کانئس وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ اهي روزانو جي ضرورتن جيترو به نه ٿا ڪمائي سگهن ته سرمائيدار اها دولت محنت سان ڪيئن ڪمائي؟ ان مان ظاهر ٿيو ته سرمائيدار اها دولت محنت بجاءِ ڪن ٻين ذريعن سان حاصل ڪئي آهي. هن ضرور ڪنهن فريب ڪاريءَ، دوکي ۽ دولاب سان دولت حاصل ڪئي آهي ۽ هن بنا محنت جي، سرمائي تي سرمائي ڪمائڻ جي رسم اختيار ڪري پنهنجي دولت وڌائي آهي. قرآن ان کي وياج قرار ڏنو آهي ۽ وياج جي خلاف اعلان جنگ ڪيو آهي: ”فاذنوا بحرب من الله ورسوله“ وياج جي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم کي سرمائيدارن کان ڀاڙو وٺندڙن مسخ ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ قرآن جنهن شيءِ کي وياج قرار ڏنو آهي اها سرمائيدارانه نظام جو بنياد ۽ روح آهي. وياج سان اعلان جنگ جو مطلب سرمائيدارانه نظام سان اعلان جنگ آهي. جنهن نظام کي اسين سرمائيداري نظام ٿا چئون قرآن ان ئي نظام کي ”نظام ربا“ (وياج جو نظام) جو نالو ڏنو آهي. جڏهن وياج صحيح معنيٰ ۾ ختم ٿيندو ته سرمائيداري نظام پڻ ختم ٿيندو. اتاهون کان اسلام جو برابري وارو نظام شروع ٿئي ٿو. سرمائي جي ذريعي جيڪا به دولت حاصل ٿيندي اها وياج قرار ڏبي ڇو ته قرآني نڪته نگاهه کان دولت حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو محنت آهي. ”ليس للانسان الا ماسعيٰ.“ محنت کان علاوه هر صورت جنهن سان سرمايو ۽ دولت حاصل ٿئي اها وياج آهي. اهوئي اسلام جو معاشي اصول ۽ اهوئي سوشلزم جو اصول پڻ آهي. محنت جي صلاحيتن ۽ لياقتن ۾ خدا تعاليٰ طرفان تخليقي فرق رکيو ويو آهن، ان ڪري جيڪڏهن ڪي ماڻهو وڌيڪ صلاحيتن جي ڪري وڌيڪ محنت ڪري وڌيڪ دولت حاصل ڪري ٿا وٺن ته ان دولت مان انهن کي صرف اوترو مقدار رکڻو آهي جيترو ضرورت ۾ هجين. ڇو ته قرآن تي اعتقاد رکندڙ ماڻهو معاشري لاءِ محنت ڪندو ۽ ڪمائيندو آهي رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه. ان ڪري قرآن ۾ کيس حڪم ڪيو ويو آهي ته ضرورتن کان بچت دولت معاشري تي خرچ ڪري ڇڏ ”يسئلونک ماذا ينفقون قل العفو- معنيٰ بچت مال خرچ ڪري ڇڏيو.“ جيڪو مال ضرورتن کان وڌيڪ هوندو آهي ان ۾ ٻه صورتون ٿينديون آهن: يا ته اهو عياشين ۽ غيرضروري شين تي خرچ ٿيندو آهي يا اهو استعمال به نه ٿيندو آهي ۽ مالدارن جي ٽجوڙين ۾ محفوظ رکيل هوندو آهي. انهن ٻنهين صورتن کي اسراف چئبو آهي جيڪو حرام آهي. اسراف جي معنيٰ به عام طور غلط مشهور ڪئي وئي: مسجدن ۾ جڏهن ڪو ماڻهو وضوءَ تي زياده پاڻي استعمال ڪندو آهي ته چوندا آهن ته اهو اسراف آهي، ساڳئي وقت ڪروڙين عوام جي بک ۽ بيروزگاريءَ جي هوندي لکين رپيا هڪ هڪ مسجد جي فضول سينگار تي خرچ ڪيا ويندا آهن، ان کي اسراف نه چيو ويندو آهي. دولتمندن جي دولت عياشين تي پاڻيءَ وانگر وهندي رهي ٿي ته ان کي به اسراف نه ٿو چيو وڃي. خالي ڪنهن شيءِ جي زياده خرچ ڪرڻ کي اسراف نه چئبو آهي بلڪ ان جو مطلب آهي ته انساني توانائي، وقت، دولت يا ڪنهن ٻي صلاحيت جو اهڙي بي مقصد شيءِ تي خرچ ڪرڻ جنهن سان ڪوبه تعميري نتيجو نه ڪري. عربي ۾ ”سرف الماءَ“ اهڙي پاڻيءَ کي چوندا آهن جيڪو زمين تي اهڙي طرح وهي هليو وڃي جو ان مان ڪوبه فائدو نه ٿئي ۽ اهو بيڪار وهي وڃي. ان ڪري ڪنهن شيءِ کي ان جي مقام تي نه رکڻ جنهن لاءِ اها ٺهي آهي اهو به اسراف آهي. ان ڪري دولت کي خرچ کان روڪي رکڻ يا گڏ ڪرڻ به اسراف آهي. قرآن ۾ آهي ته ”ويل آهي ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو دولت گڏ ڪري ۽ ان کي ڳڻيندو ٿو وتي.“ (الذي جمع ماله وعدده) ان طرح دولت کي غير ضروري ۽ تخريبي مقصدن تي خرچ ڪرڻ به اسراف آهي ڇو ته ٻنهين صورتن ۾ دولت انساني فلاح ۽ بهبود تي خرچ نه ٿي ٿئي جنهن لاءِ اها وجود ۾ آئي آهي. اهڙي طرح پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون ۽ عملي توانائيون اجاين ڪمن ۽ بيجا خواهشن تي خرچ ڪرڻ به اسراف آهي. انهن کي عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ ۽ انساني معاشري جي خوشحاليءَ لاءِ خرچ ڪرڻ ضروري ۽ واجب آهي، ٻي صورت ۾ اسراف ٿيندو. سرمائيدار ٻن طريقن سان اسراف جو مرتڪب ٿيندو آهي: هڪ ته هو پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون عياشين تي خرچ ڪندو آهي، فلاحي ڪمن ۾ خرچ نه ڪندو آهي ٻيو ته هو پنهنجي دولت غير فلاحي ۽ عياشيءَ جي ڪمن ۾ خرچ ڪندو آهي يا ان کي استعمال کان روڪي رکندو آهي، جيڪو اسراف آهي. ان کان بچڻ جو واحد طريقو هي آهي ته دولت کي جمع ٿيڻ کان روڪي ان کي معاشري جي هر فرد تائين پهچائجي ته جيئن اها پنهنجي صحيح مصرف ۾ خرچ ٿئي. ان ڪري خدا قرآن ۾ ”دولت جي گڏ ٿيڻ ۽ جامد ٿي وڃڻ“ کي حرام قرار ڏنو آهي. خدا قرآن ۾ فرمايو آهي ته ”لکي لايکون دولته بين الاغنياءَ منکم“ (دولت کي اهڙي قانون موجب تقسيم ڪيو جنهن سان اها صرف شاهوڪارن ۾ گردش نه ڪندي رهي) هن آيت ۾ خدا فرمائي ٿو ته دولت جي گردش ٿئي سا به صرف شاهوڪارن ۾ نه، بلڪ ان کي صرف شاهوڪارن ۾ گردش ٿيڻ کان ئي بچائڻو آهي ۽ ان جي گردش کي هر فرد تائين کڻي وڃڻ قرآني معاشري جو فرض آهي. دولت جي اهڙي تقسيم لاءِ ضروري آهي ته پيداواري ذريعن کي به برابر تقسيم ڪيو وڃي. ان لاءِ خدا قرآن ۾ هي اصول ڏنو آهي ته لکم مافي الارض جميعا (جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي اهو توهان سڀني لاءِ آهي) سڀني لاءِ جو مطلب چند ماڻهن جي مالڪيءَ جو انڪار آهي. ٻئي هنڌ آهي ”قدر اقواتها في اربعه ايام سواءِ السائلين“ (زمين ۾ اسان چئن ڏينهن (دورن) ۾ ان جون قوتون معدنيات ۽ نباتات وغيره مقدر ڪيون آهن جيڪي ضرورتمندن لاءِ برابر آهن.) ڪنهن جو به انهن تي وڌيڪ حق ڪونهي، پر برابر حق آهي. ان ۾ لفظ سائلين مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ حق فقط ضرورتمندن جو آهي. جيڪي ضرورتمند ناهن انهن جون ضرورتون پوريون ٿي وڃڻ کان پوءِ ازخود انهن جو قدرتي شين تان حق ختم ٿي وڃي ٿو. ڇو ته اهي ذاتي ملڪيت ناهن هونديون، اهي سڀني جي گڏيل ملڪيت هونديون آهن. انهن شين تي ڪوبه ماڻهو ڪنٽرول ڪري انهن تي ماڻهن کان ڪم وٺي بنا محنت جي ناڻو ڪمائڻ جو حق نه ٿو رکي. اهوئي سبب آهي جو چئن وڏن فقيهن زمين کي اڌ بٽئيءَ تي ڏيڻ کي ناجائز قرار ڏنو آهي، ڇو ته ان سان محنت جو استحصال ٿيندو آهي. مطلب ته دولت جي تقسيم اهڙي نموني ڪرڻي آهي جنهن سان سڀني ضرورتمندن جون گهرجون پوريون ٿين ۽ دولت چند هٿن ۾ سميٽجي نه وڃي. ڇو ته دولت سميٽبي تڏهن آهي جڏهن ٻين جي محنت مان ”قدر زائد“ (Surplus Value) ورتو ويندو آهي. ان طرح هڪ پاسي دولت گهٽبي ته ٻئي پاسي دولت زياده ٿيندي، هڪ پاسي اسراف ٿيندو ته ٻئي پاسي معاشي تنگي ٿيندي. معاشي تنگي تباهيءَ جو ڪارڻ هوندي آهي. قرآن ۾ آهي ”کم من قريه اهلکناها بطرت معيشتها “ (ڪيترائي علائقا فقط ان ڪري تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن جو اتي ماڻهن جي معيشت تنگ ڪئي وئي هئي) ۽ جنهن پاسي اسراف ۽ عياشي ٿيندي آهي، ان جي طرفان ظلم ۽ فساد شروع ٿيندو آهي، الله تعاليٰ ظلم ۽ فساد کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ قرآن پنهنجي مڃيندڙن کي حڪم ڪندو آهي ته اٿو، تياري ڪري ظالمن ۽ فسادين کي ايتري تائين قتل ڪيو جيتري تائين ظلم، فساد ۽ فتنو ختم ٿي وڃي. قرآني اصطلاح ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي انتشار کي ”فساد“ چئبو آهي ۽ معاشري مان فساد ۽ ناهمواري کي ختم ڪرڻ کي ”اصلاح“ چئبو آهي. قرآن مصلحين جي جماعت تيار ڪندو آهي جيڪا مفسدين سان ٽڪر کائيندي آهي. قرآن معاشي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ سرمائيداري نظام جي بنيادي شيءِ وياج يعني سرمائي تي سرمايو ڪمائڻ جي طريقي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي محنت کي لازمي قرار ڏنو ۽ فردن جي خود غرضين، خواهشن ۽ مفاد پرستين واري رويي کي رد ڪري انهن کي قرآني معاشري لاءِ وقف ڪيو ۽ ارتڪاز دولت کي غلط قرار ڏئي صحتمند جسم ۾ خون جي گردش جيان دولت کي سمورن فردن ۾ گردش ڪرڻ وارو نظام زڪوات قائم ڪيو. زڪوات ضرورت کان واڌو مال معاشري جي هر فرد جي سنڀال ڪندڙ انتظاميه (State) جي حوالي ڪرڻ جو نالو آهي. سرمائيداري نظام خود پرستي، مفاد پرستي ۽ خود غرضي تي مبني هوندو آهي ۽ اسلام جو عدالتي نظام خدا پرستيءَ تي مبني هوندو آهي. سرمائيدارانه نظام ۾ هر شخص پنهنجي لاءِ ڪم ڪندو آهي، ان ڪري هو ٻئي ڪنهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ کان سواءِ غلط سلط طريقا اختيار ڪري سڀ ڪجهه پنهنجي لاءِ سميٽي رکندو آهي. جڏهن ته اسلام جي عدالتي نظام ۾ ڪوبه شخص پنهنجي لاءِ محنت نه ڪندو آهي بلڪ خدا ۽ ان جي مخلوق (معاشري) لاءِ ڪندو آهي. سرمائيدارانه نظام سڀ ڪجهه پاڻ وٽ سميٽي رکڻ جو نالو آهي، اسلامي معاشي نظام انفاق يعني خرچ ڪرڻ (ڏيڻ) نالو آهي. سرمائيداري نظام جو مقصد خاص ماڻهن کي عياشيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي ۽ اسلامي معاشي نظام جو مقصد هر فرد کي سندس گهرجون مهيا ڪري ڏيڻ هوندو آهي. سرمائيداري نظام حڪومت، مخصوص ٽولي جي مفادن جو محافظ ۽ قرآني معاشي نظام هر فرد جي مفادن جو محافظ هوندو آهي. سرمائيدار ٻين کي پنهنجي مفادن جي مقتل گاهه ۾ هميشه هميشه قتل ڪندو رهندو آهي، قرآني نظام ۾ هر فرد ٻئي جي فائدي ۽ ضرورت لاءِ قرباني ڏيندو رهندو آهي. سرمائيداري نظام ۾ جهنم کان وڌيڪ عذاب ۽ اسلامي معاشي نظام رحمت ۽ سڪون جي جنت هوندو آهي. ان ڪري قرآن مؤمن کي اها تعليم ڏئي ٿو ته هو خود غرضين، مفاد پرستين، لوڀ ۽ لالچ، حرص ۽ هوس ۽ نفس پرستيءَ کان بچي پاڻ ۾ ايثار ۽ قرباني جون خصلتون پيدا ڪري. ڄاڻڻ گهرجي ته خود پرستيءَ جون سڀ وصفون سرمائيداري نظام جو لازمي نتيجو هونديون آهن. ان ڪري طبقاتي نظام جي هوندي خود پرستيءَ جون عادتون ڪڍي خدا پرستيءَ جون عادتون پيدا ڪرڻ ناممڪن هوندو آهي. جيئن اسان جي موجوده طبقاتي معاشري جو حال آهي. ڪير پاڻ کي ڪيترو به خدا پرست سڏرائي تڏهن به شعوري يا لاشعوري طرح هو خود پرستيءَ جي روين ۽ عملن ۾ مبتلا هوندو آهي. ان ڪري اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن طبقاتي نظام جو خاتمو ٿئي ان جي جاءِ تي اسلام جو اقتصادي برابري وارو نظام نافذ ٿئي. پر اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان دين صرف پوڄا پاٺ کي چوندا آهيون يا وري صرف تعزيرات (سزائن) کي اسلام جو نظام سمجهندا آهيون، نه ته حقيقت ۾ جڏهن هڪ مڪمل اسلامي نظرياتي ۽ انقلابي معاشري جو قيام عمل ۾ اچي وڃي ۽ هڪ خوشحال سماج قائم ٿي وڃي جنهن ۾ ڪوبه ماڻهو زندگيءَ جي ضرورتن کان وانجهيل نه هجي تڏهن اهڙي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو معاشري کي نقصان پهچائڻ جي نيت سان ڪو ڏوهه ڪري ته ان کي معاشري جو باغي تصور ڪري ڏوهه جي مناسبت سان تعذيري سزا ڏني ويندي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل قرآني اقتصادي نظام جي خاڪي ۾ سڀ بنيادي اصول ڏنل آهن، جن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ تفصيلي قانون يا بائلاز (By Laws) ۽ طريقي ڪار هر دور جي حالتن پٽاندڙ خود متعين ڪرڻا پوندا آهن. قرآن صرف اصولي هدايتون ڏنيون آهن، تفصيلي قانون پاڻ کي ٺاهڻا پوندا. انهن اصولن جا فروعي مثال نبي عليه السلام جي زماني ۾ اتان جي حالتن پٽاندڙ عمل ۾ اچي چڪا آهن. هينئر جي حالتن پٽاندڙ اهي تفصيل ۽ فروع نئين سر مرتب ٿيندا، ليڪن اصول ساڳيا رهندا. پر جيڪڏهن ڪو دولتمندن جي دلالي ڪندڙ مٿين قرآني اصولن کي رد ڪندو ته پوءِ پيغمبر انقلاب حضرت محمد ﷺ جن جي ارشادات ۽ ان جي طرفان ان وقت نافذ ڪيل فروعي قانون کي مثال / دليل طور پيش ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڳالهه جيڪا هتي قابل ذڪر آهي اها هيءَ ته مٿين قرآني اصولن کان ڪوبه ماءُ جو پٽ انڪار ڪونه ڪري سگهندو، پر دولتمندن کان چندا وٺندڙ انهن اصولن جو اهڙو آپريشن ٿا ڪن جو سولائيءَ سان انهن جي افاديت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ئي اصول معاشري لاءِ خطرو بڻجي ٿا پون. مثال طور معاشي نابرابريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ قرآن دولت گڏ ڪرڻ کي ان لاءِ حرام قرار ڏنو آهي ته جيئن ان جي گردش ٿيندي رهي ۽ هر ڪنهن جون معاشي گهرجون پوريون ٿينديون رهن. هنن همراهن ڇا ڪيو جو ان اصول کي اجتماعي معاشي اصولن مان ڪڍي ان کي ذاتي اصول بنايائون ۽ چيائون ته ”بابا دولت حرام آهي، دنيا ڍونڍ آهي، تنهن ڪري دنيا کي ڇڏيو، غربت ۽ مسڪينيءَ تي اڪتفا ڪيو، دنيا شاهوڪارن لاءِ آهي، مؤمن لاءِ فقر ۽ فاقا آهن، ان ڪري شاهوڪارن ۽ سرمائيدارن کان دولت کسڻ جو حرص ۽ ريس حرام آهي، دولت انهن کي ڪمائڻ ڏيو، توهين مسجدن، مدرسن خانقاهن ۾ ويهي الله الله ڪيو ۽ خدا جي نالي جي خيرات تي گذر ڪيو، الله وارا ٿي وڃو، الله وارن جو ڌن ۽ دولت سان ڪهڙو ڪم! ان ڪري توهان سرمائيدارن کي دولت گڏ ڪرڻ ڏيو توهان نه ڪيو، مؤمن لاءِ ته دنيا قيدخانو آهي ان ڪري اهو بک ۾ تڙپي مرندو ته آخرت موچاري ٿيندس.“ هاڻي توهان ڏٺو ته ڪيئن نه هنن ان اصول جو اهڙو آپريشن ڪيو جنهن اصول سان خدا سرمائيدارن جي پنجوڙن مان سرمائي کي ڪڍي غريبن ۾ آندو ٿي، ان ئي اصول سان هنن غريبن جو کيسو ڪتري سرمائيدارن جي ٽجوڙين کي ڀرڻ جو ڪم ڪيو ۽ غريبن ۾ سرمائيدارن جي خلاف پيدا ٿيندڙ بغاوت کي پڻ ٿڌو ڪيو. خدا دولتمندن کي تنبيهه ڪئي ته توهان دولت تي نانگ بڻجي ويٺا آهيو، دولت گڏ ڪرڻ اسان وٽ ڏوهه آهي، تنهن ڪري اسان توهان جي خلاف قرآني جماعت تيار ڪئي آهي ته ان جي رد عمل ۾ سرمائيدارن جي ايجنٽن وري انهن غريبن کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا ته ”متان دولت لاءِ ڪنهن سان وڙهيا آهيو! دولت حرام آهي! دنيا ڍونڍ آهي ان جا طالب ڪتا آهن! ان ڪري اها جن وٽ آهي ان کي انهن وٽ رهڻ ڏيو.“ حالانڪه دنيا ۽ دولت جي طلب بابت آهي اقوال ماڻهن مان ان جي حرص ۽ هوس جي روش ختم ڪرڻ واري پسمنظر ۾ چيل آهن ته جيئن دولت سماج ۾ گردش ڪندي رهي.
مٿي ذڪر ڪيل قرآني اصولن جو ٿورو غور سان مطالعو ڪبو ته خبر پوندي ته اهي ئي اصول جيڪي قرآن جا ”معاشي ۽ اقتصادي اصول“ آهن جيڪي اٽل آهن، انهن کي ذاتي اصول جو درجو ڏئي، انهن جي اجتماعي حيثيت کي ختم ڪري انفرادي حيثيت ۾ کڻي اچو ته ازخود انهن جي افاديت ختم ٿي ويندي ۽ اهي اصول سرمائيداري نظام کي ختم ڪرڻ بجاءِ غريبن کي خدا جي نعمتن کان محروم ڪرڻ جو ڪم ڏيندا. اهوئي ڪم موجوده مذهبي اڳواڻن ڪيو آهي، جنهن کي دين جي تحريف چئبو آهي، جنهن لاءِ قرآن چيو آهي ته يحرفون الکلم عن مواضعہ (اهي خدا جي طرفان ڏنل اصولن (ڪلمن) کي انهن جي مقام کان هٽائن ۽ تحريف ڪن ٿا.)
دين جو اصل مقصد آهي ته انسانن جون معاشي حيواني گهرجون پوريون ڪري انهن کي اعليٰ انساني آدرشن ڏانهن متوجهه ڪجي. هڪ هنڌ الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آ هي ته ڇا توهان کي خبر آهي ته دين جو منڪر ۽ ان کي ڪوڙو مڃيندڙ ڪير آهي؟ اڳين آيت ۾ پاڻ ان جي نشاندهي ڪندي فرمائي ٿو ته هو اُهو آهي جيڪو يتيمن کي ڌڪاري ٿو ۽ مسڪينن جي کاڌي خوراڪ لاءِ ماڻهن کي اُڀاري، تلقين ڪري ۽ عوامي ماحول تيار نه ٿو ڪري. پوءِ ويل آهي اهڙن نمازين لاءِ جيڪي صلواة جي مقصد کان غافل آهن جيڪي نماز ڏيکاءَ خاطر پڙهن ٿا ۽ بنيادي گهرجن جي شين (اٽي لٽي اجهي دوا ۽ تعليم وغيره) کي ماڻهن کان روڪن ٿا. سورة الماعون جي مٿين آيتن مان خبر پوي ٿي ته نماز جو مقصد به اهڙي معاشرت قائم ڪرڻ آهي جنهن سان ماڻهن جي گهرجن جو جائزو وٺي اجتماعي طور انهن کي پورو ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. قرآن ۾ ٻئي هنڌ آهي ته حضرت شعيب عليه السلام جڏهن اهڙي معاشري لاءِ جدوجهد ڪئي تڏهن سندس قوم جي (مفت خور مالدارن ۽ سرمائيدارن) چيس ته اي شعيب ڇا تنهنجي نماز توکي اهو ٿي چوي ته اسين ابن ڏاڏن واريون عبادتون ڇڏيون ۽ پنهنجي مرضيءَ سان خرچ نه ڪيون. ٻئي هنڌ قرآن ۾ آهي ته جهنمين کان پڇيو ويندو ته جهنم ۾ ڇو پيا آهيو؟ ته چوندا ”اسين نماز ڪونه پڙهندا هياسين ۽ مسڪينن جي کاڌي جو انتظام نه ڪندا هياسين.“ اتي به طعام المسڪين ۽ نماز جو گڏ ذڪر آهي ان مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته نماز معاشي استحڪام قائم ڪرڻ جي مقصد جو هڪ ذريعو ۽ واٽ هئي. اسان وارين نمازن جيان، جيڪي نمازون اهڙي مقصد کان کوکليون آهن انهن کي خدا رد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهڙي بي مقصد نماز پڙهندڙن لاءِ ويل آهي. ڇاڪاڻ ته نماز ٻانهي جو پاڻ کي پنهنجي جسم جان سميت سڀ ڪجهه رب جي حوالي ڪرڻ جو علامتي اظهار آهي ۽ ان مان ڪيفيتون به اهي ئي پيدا ٿيڻ گهرجن.
دين جو هي بنيادي مقصد آهي ته مسڪينن جي کاڌي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورت جي شين (جنهن کي مٿين سورت ۾ ”ماعون“ چيو ويو آهي) جي بندوبست لاءِ هڪ جماعت تيار ڪري جدوجهد ڪجي. ”يحض“ جي لفظ جو اهوئي مطلب آهي ته جيڪو ايئن نه ٿو ڪري اهو دين جو انڪاري آهي. پر اسان جا عبادت گذار سادا مذهبي ماڻهو چوندا آهن ته رزق روزي خدا جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي گهرندو ان کي پاڻ ڏيندو، جيڪي غريب آهن انهن کي خدا غريب ڪيو آهي، اسين انهن کي ڇا ٿا ڪري سگهون. (حالانڪ ان مفهوم واري قرآني آيت جو مطلب هي آهي ته رزق ۽ روزي جا سڀ ذريعا الله تعايٰ جا پيدا ڪيل آهن ان ڪري انهن تي اله جي ٻانهن جو هڪجيترو حق آهي، پوءِ اهڙي خدائي نظام برپا ڪرڻ سان ئي هر ڪنهن کي رزق روزي حاصل ٿي سگهندي.) قرآن ۾ آهي ته جڏهن سرمائيدارن کي چيو ويندو هيو ته غريبن لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو انتظام ڪيو ته چوندا هيا: ”انطعم من لويشاءَ الله اطعمه“ (جن کي خدا چاهي ها ته کارائي ٿي سگهيو تن کي خدا ڪونه کارايو ته اسين ڇو کارايون.) هي جواب اڳي اهي ماڻهو ڏيندا هيا جن کي ڪافر ۽ مشرڪ چئبو هيو پر هاڻي مسجد جي ممبرتي ويهي خطبو ڏيندڙ واعظي ٿا چون، ته ڇا اهي پوءِ به اسلام جا علمبردار چئبا؟
هن موضوع تي قرآن جون ڪئين آيتون پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر مختصر مضمون ۾ انهن کي سميٽڻ مشڪل آهي. آخر ۾ هي ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته جيئن اسان وٽ غريبن ۽ مجبورن جي معاشي خوشحاليءَ لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جي اصطلاح وارو نعرو هنيو ويندو آهي جيئن ڀٽي صاحب هنيو هيو، اهڙي طرح قرآن ۾ ان لاءِ ”طعام المسڪين“ جي اصطلاح ڪتب آندي وئي آهي جنهن جو مقصد اجتماعي معاشي نظام جي ذريعي غريبن جون گهرجون پوريون ڪرڻ آهي. پر دين جي ستيا ناس ڪندڙن ان کي به انفرادي عمل بڻائي خيرات جي مانيءَ ۾ تبديل ڪري ان جي اجتماعي اهميت کي بي اثر بنائي ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي مذڪوره نعري هڻڻ وقت جيڪڏهن ڪنهن به اهو ڪونه سمجهيو ته ڪو هو ”قريبن کي ثواب پهچائڻ لاءِ پاءُ اٽي جو ۽ وال ڪپڙي“ جو غريبن کي ڏئي ايندو ته پوءِ قرآن جي طعام المسڪين جي اصطلاح مان غريبن کي خيرات جي ماني ڏيڻ جي مراد وٺڻ قرآن جي عظيم پروگرام سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ٿورو سوچڻ جو مقام آهي ته دين سان ڪهڙي نه مڪروهه قسم جي مذاق کي روا رکيو ويو آهي. انهن جي انهن مڪروهه حرڪتن دين کي اهڙي پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو آهي جو اسين جڏهن دين جي معاشي ۽ اقتصادي اصولن کي سوشلسٽ يا نئين سوچ رکندڙ ڪنهن به دوست جي سامهون پيش ڪندا آهيون ته اهي چوندا آهن ته انهن ڳالهين جو دين ۾ ڪوبه وجود ڪونهي، توهان سوشلزم کي ڏسي ايئن ٿا چئو، انهن دوستن جي سامهون مٿيون واضح حقيقتون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ عرض آهي ته توهان رڳو دين جي مسخ ٿيل صورت کي سامهون رکي ان لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ کان پهريائين دين جو مطالعو ڪيو. ڪارل مارڪس ته گهڻو پوءِ جو آهي، شاه ولي الله ان کان پهريائين پنهنجي فلسفي ۾ قرآن جي معاشي برابري واري نظام کي پيش ڪيو آهي. صدين جي ڊگهي بادشاهي نظام ۽ جاگيرداري نظام جي اثرن اسان مان اسلام جي اصل صورت گم ڪري ڇڏي آهي، تنهن هوندي به قرآن مجيد اسان واٽ اڃا به اصل صورت ۾ موجود آهي ۽ مٿان نبي عليه السلام جن جو عملي نمونو ثابتي لاءِ پڻ موجود آهي. ان ڪري مروج روايتي اصطلاحن کان پنهنجي ذهن کي صاف ڪري خالي الذهن ٿي جيڪڏهن ڪو ماڻهو قرآن کي پڙهندو ته سولائيءَ سان قرآن کي سمجهي سگهندو.

(سنڌ فورم، نومبر 1998ع)